“گل حيات جي ميڙي چونڊي مان“
“ سنڌ سورھيه بادشاھ کي ھميشه ياد ڪندي“
اڄ انٽرنيٽ گروپن تي ۽ اخبارن ۾ سنڌ واسي وڏي ادب ۽ احترام سان سورھيه بادشاھ کي ياد ڪري رھيا آھن،جنهن آزادي جي تحريڪ کي پنهنجي رت سان لکيو ۽ 20 مارچ 1943 تي ھي جهان ڇڏي ويو. ھي سانحو تڏھن ٿيو جڏھن سنڌ ۾ سنڌين جي صوبائي حڪومت ھئي، پر ان تي انگريزن جو ڪنٽرول ۽ دھشت ايڏو تہ اثر وڌو جو سرڪاري حلقن ۾ انهي جبر،ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڪو بہ ٻڙڪ ٻاھر ڪڍي نہ سگهيو.
سورھيه بادشاھ تي ڪن محققن ڪم ڪيو آھي، ۽ کين جس ڏيڻ کان رھي نہ ٿو سگهجي. ڊاڪٽر عمر چنڊ جي لکڻ جو انداز محققانہ آھي ۽ ھن سرڪاري ڪاڳرن جون ڳوڻيون کولي سورھيہ بادشاھ تي ھڪ اڌ ڪتاب لکيو آھي.ٻين محققن ھن موضوع تي لکڻ کان ڪنهن حد تائين لنوايو آھيو ،يا وري ٻن سببن جي ڪري لکي نہ سگهيا آھن. انهن مان پھريون سبب ھي آھي تہ جيئن سورھيه بادشاھ جي تدفين کي مخفي رکيو ويو، اھڙي ريت ھن عظيم انسان بابت سرڪاري لک پڙھ کي بہ عوام جي آڏو آڻڻ جي ڪوشش نہ ڪئي وئي.ٻيو سبب ھي آھي تہ محققن کي شايد لاڳاپيل ڌرين طرفان گهربل موٽ نہ ملي.سورھيه بادشاھ تي منظم نموني سان تحقيق نہ ٿيڻ پوءِ بہ اسان جي بي حسي ئي چئبي.
اسان جڏھن گل حيات ادارو ٺاھيو تہ ان ۾ “پير پاڳارا ڪارنر“بہ وقت وڃائڻ کان سواءِ قائم ڪري ورتو.اسان پاڳارن جا مريد نہ ٿيئون، پر پاڳارا اسان جي تاريخ جا اھم ڪردار آھن.پاڳاري خاندان سيد احمد شھيد جي سندس جهاد ۾ افرادي ۽ مالي مدد ڪري،پنهنجي سياسي بصيرت ۽ ڪارڪردگي جو آغاز ڪيو. ھن خاندان 1843 کان وٺي 1943 تائين، پوري ھڪ صدي برطانوي حڪمرانن خلاف جنگ جوٽي. قربانين جي صديءَ جي انهي سفر تي گهڻو ڪجه لکي سگهجي ٿو.گڏيل ھندستان ۾ “ حر تحريڪ“ جو ڪو بدل ۽ مثال ڪونهي.سورھيه بادشاھ ۽ سندن مريدن انگريزن کي اھڙا تہ ٽوٽا چٻرايا جو فيل مست ھاٿي جھڙي انگريز حڪومت بہ وائڙي ٿي وئي. 16 مئي 1942 تي “ لاھور ميل “ کي پٽڙي تان لاھڻ ۽ هندين ماڳين حڪومت جي تنصيبات تي حملا ڪرڻ حڪومت کي ٽوٽا چٻرائڻ جي برابر ھيا .انگريز ايڏو تہ وائڙا ۽ پريشان ٿيا جو انهن کي 26 مئي 1943 تي گڙنگ بنگلي تي بمباري ڪرڻي پئي ۽ ساڳئي ئي سال پير ڳوٺ واري درگاه کي ڊاھڻو پيو.
گل حيات ۾ قائم ٿيل “پاڳارا ڪارنر“ ۾ اسان ججهو مواد ميڙيو آھي. مثال طور سورھيه بادشاھ ۽ حر تحريڪ بابت “مخفي“ رپورٽون، انگريز سرڪار جا مخفي حڪم ناما ۽ سنڌ اسيمبلي طرفان پاس ڪيل حرن بابت ايڪٽس وغيره. سنڌ 1936 ۾ ممبئي کان الڳ ٿي صوبائي خود مختياري ورتي ان کان پوءِ حڪومت تہ سنڌي سياستدانن جي قائم ٿي ليڪن گورنر انگريز ئي رکيا ويندا ھئا. اھي انگريز گورنر مھيني ۾ ٻہ دفعا سنڌ جي سياسي صورتحال بابت ھندستان جي وائسراءِ کي مخفي “رپورٽون “ موڪليندا ھئا. جن ۾ حر تحريڪ ۽ سورھيه بادشاھ بابت تفصيل سان لکيو ويندو ھيو. اھا لکپڙھ گل حيات ۾ موجود آھي. مان اھا سموري لکپڙھ تہ ھتي ڏئي نٿو سگهان، پر 19اپريل 1941 تي سنڌ جي تڏھوڪي گورنر ھگ ڊو جيڪو خط لکيو انهي جو تت ڏيان ٿو. ھو لکي ٿو“ تہ سنڌ وزارت،چيف سيڪريٽري ۽ ضلعي آفيسرن جو خيال آھي تہ پير پاڳاري کي آزاد ڪيو وڃي پر مان اھڙي تڪڙ نہ ڪندس ۽ اھو چاھيندس تہ سندس آزادي انهي ڳالھ جي ضمانت ھجي تہ ھن جا مريد ڏوھي ڪاروايون نہ ڪندا. گراھم ان حوالي سان اوھان کي گوش گزار ڪري چڪو آھي.
پير پاڳاري جا مريد وڏي عرصي کان وٺي سنڌ ۾ ڏوھن ڪرڻ ۾ ملوث رھيا آھن ۽ اسان وقتائتي ڪاروائي ڪري خاص طور تي ٿرپارڪر ضلعي منجهان ڪيترن حرن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڪن کي پڪڙي ممبئي پرڳڻي جي جيلن ۾ موڪليو ۽ ڪن لاءِ وري “حر ڪئمپون“ ٺاھي انهن کي سنڌ ۾ نظر ھيٺ رکيو. حر جيڪا بہ ڀڃ ڊاھ ڪن ٿا،حملا ۽ قتل غارت ڪن ٿا ،انهي پٺيان سندن پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ محبت جو جذبو شامل آھي.پير پاڳاري کي 25 نومبر 1936 تي جيڪو آزاد ڪيو ويو ھو ان منجهان حڪومت کي ڪو فائدو نہ ٿيو. ھاڻي متاثر علائقن جي ضلعي ماجسٽريٽرن تان جو ويندي خير پور رياست جي ايڊمنسٽريٽر جو چوڻ آھي تہ حرن جون ڪاروايون روز بروز وڌنديون وڃن ٿيون جن تي سرڪار ھر حالت ۾ ضابطو آڻي. ان سلسلي ۾ سکر جو ضلعي ماجسٽريٽ ھڪ اھڙو ڪيس تيار ڪري رھيو آھي جنهن جي بنياد تي پير پاڳاري خلاف سخت قدم کنيو ويندو.
سنڌ جا اڪثر وزير پير پاڳاري سان سياسي الحاق رکن ٿا ۽ ان کاسواءِ پير پاڳارو وري ڪانگريس جون ھمدرديون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. سنڌ جو وڏو وزير پاڳاري خلاف سخت انتظامي قدم کڻڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڀلي صوبائي حڪومت طرفان ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو وڃي، پر سکر جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽَ رڊلي جي رپورٽ اچي ۽ آئون ان جي روشني ۾ ڪي قدم ضرور کڻندس.“
گورنر ڌاريا ھئا ان ڪري سندن لکڻين ۾ نفرت جي زھر کانسواءِ ٻيو رنگ چڙھيل نظر نٿو اچي. پر انهن دشمنن جي اھڙين تحريرن مان اسان ڪيتريون ڪم جون ڳالھيون ۽ حڪمرانن جون بدنيتون سمجهي سگهئون ٿا.ان ڪري اھڙي مواد جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت ۽ افاديت آھي. اھا ڳالھ ڳڻيندي اسان انهن گورن گورنرن جون ڪاريون تحريرون گڏ ڪري گل حيات ۾ رکيون آھن. جيتوڻيڪ شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ “ پاڳارا چيئر“ قائم ٿيل آھي ۽ اھا مليل سھولتن، ذريعن ۽ وسيلن مطابق تعريف جوڳو ڪم ڪري ٿي، پر پوءِ بہ ھڪ غير جانبدارانه نوعيت واري اھڙي اداري جي ضرورت آھي جنهن ۾ پاڳارا خاندان جي سياسي خدمتن ۽ “حر تحريڪ“ تي تحقيقي ڪم ڪري سگهي. انهي سلسلي ۾ اسان جي جيڪڏھن سھڪار جي ضرورت محسوس ڪئي وئي تہ پٺتي قدم نہ رکنداسين.( ممتاز پٺاڻ)