گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
“ ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي زرعي کاتي جون خدمتون“
انگريزن جي زماني ۾ حڪومت پنهنجي ڪم ۽ انتظام ھلائڻ لاءِ کاتا قائم ڪيا. ھر ڪنهن کاتي کي پابند بڻايو ويو تہ اھو سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ٺاھي تہ جيئن اھا ڇپائي ماڻھن کي باخبر رکيو وڃي تہ سرڪار انهن لاءَ ڇا پئي ڪري ۽ انهي کاتي ۾ سڄي سال دوران ڇا وھيو واپريو. زرعي کاتو بہ انهن مان ھڪ ھيو،جيڪو نہ فقط ساليانيون رپورٽون شايع ڪرائيندو ھيو پر وقت بہ وقت خاص پرچا ڪڍي سنڌ جي فصلن ۽ ٻين ڳالھين تي ماڻھن کي تنهن دور جي تحقيق ۽ جديد معلومات کان باخبر رکندو ايندو ھو.
سنڌ بنيادي طور تي ھڪ زرعي پرڳڻو آھي. ان ڪري انگريزن سنڌ جي زرعي ڪچي مال کي حاصل ڪري پنهنجي ملڪ يا اھڙن ھنڌن تي موڪليو جيڪي سندن حڪمراني ھيٺ ھئا، جنهن ڪچي مال مان ڪي ڪارائتي شيون ٺاھي ٿي سگهيا. ان ڪري انگريزن روڊ ۽ رستا ٺھرايا ۽ پليون جوڙايون.انهن ريلوي کي مانوس ڪرايو ۽ انهي کان اڳ ڪوٽڙي ۽ ٻين ھنڌن تي آگبوٽ سروس شروع ڪئي .
مئي 1843 ۾ نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن جي درٻار سڏائي ھئي ۽ جن اچي حاضر ٿي سرڪار جي آڻ مڃي انهن کي زمينون ۽ جاگيرون واپس ڏيڻ لاءِ جاگيرداريءَ جو کاتو کوليو ويو ۽ جاگيرن خواه زمينن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي ۽ جاگيرن ڏيڻ جا پروانا ڪڍيا ويا .انهي کان گهڻو پوءِ سنڌ ۾ زرعي کاتو ٺاھيو ويو ۽ سکر بئراج ۽ سنڌو ندي مان نڪرندڙ ڪئنالن تي ڪم ڪيو ويو پر اھو ڪم ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي حوالي ھيو .ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جا ڪم تہ الڳ ھئا پر مقصد ساڳيا ھئا. انهن کاتن جي ڪارڪردگي “سنڌ آفيشل گزيٽ“ ۾ ڇپبي رھندي ھئي. شروع ۾ سڪرنڊ سرڪاري زرعي سرگرمين ۽ تحقيق جو مرڪز رھيو. مختلف ضلعن ۾ زرعي فارم پڻ کوليا ويا جن مان لاڙڪاڻو ۽ ٽنڊوڄام بہ ھوندا ھئا. ٽنڊي ڄام ۾ زرعي ڪاليج هئو جنهن 1972 ۾ يونيورسٽي جي حيثيت ورتي.
انگريزن جي زماني ۾ زرعي کاتي ماڻھن کي تنهن دور جي جديد زرعي معلومات ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي خاص پرچا ۽ پمفليٽ ڪڍيا، انهن منجهان ھڪڙي پرچي جي تصوير مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي.
اسان جي دور ۾ زرعي فارم ڏوڪري ۽ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي زرعي تحقيق ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن،جن جي اھڙن تحقيقي خدمتن تي اسان جي دل واري نظر ڪو نہ پئي آھي.ٽنڊي ڄام جي زرعي يونيورسٽي مان زراعت تي نڪتل رسالي جون ڪيتريو ڪاپيون گل حيات ۾ موجود آھن .
مون کي ھن پوسٽ ۾ اھو ٻڌائڻو آھي تہ انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي زرعي کاتي عوام کي جديد زرعي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪھڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ھن کاتي طرفان جيڪي انهي قسم جا پرچا شايع ٿيا اھي گهڻي تعداد ۾ گل حيات ۾ موجود آھن.انهن پرچن ۾ عوام کي ڪھڙي زرعي آگاهي ڏني وئي؟ انهي جي اندازي لڳائڻ لاءِ اچو تہ ڪن پرچن جي عنوانن تي نظر وجهئون، جيڪي ھن ريت آھن:
“سنڌ ۾ برسيم جي پوک ۽ اُنجو استعمال“.( پرچو نمبر 13 فيبروري 1932)، “سائو ڀاڻ ڏيڻ“( آگسٽ 1932 پرچو نمبر 14)، “باغ ۽ باغبانيءَ بابت“.( فيبروري 1933 پرچو نمبر 20)، “ساريالي زمين کي خشڪ پوک جي آباديءَ لاءِ لائق ڪرڻ جي ترتيب“.( مئي 1933 پرچو نمبر 25)، “ربيع جي موسم ۾ سال جي چاري لاءِ جوي ( اوٽ) جي پوک“.( پرچو نمبر 26 1933)، “سنڌ جي براج وارين ٻنين ۾ ربيع جي تيلي ٻجن جي پوک“( پرچو نمبر 30 آگسٽ 1933) ، “وؤئڻ جي پوک درياھہ جي ساڄي پاسي تي“.( پرچو نمبر 31 مئي 1936)، “ڪراچي ضلعي ۾ ڪنگڻي سارين جي پوک“( پرچو نمبر 32 -ڊسمبر 1933)، “ٽن نڙن جي ناڙي“ ( پرچو نمبر 33- جنوري 1934)، “سنڌ ۾ پوسا نمبر 114 ڪڻڪ پوکڻ جا فائدا“.( پرچو نمبر 38 - سيپٽمبر 1934)، “جنڪنس ڀترن ڀڃڻ جي ليٿڻ“( پرچو نمبر 45 - نومبر 1934)،“براج جي ايراضين ۾ ڪڻڪ جي فصل پوکڻ لاءِ آڪٽوبر مھيني جي پاڻي ڪم آڻڻ جو آسان عمل طريقو“( پرچو نمبر 47 - جولاءِ 1930)، “ساريالي فصل کي رتيءَ جو مرض“.( مارچ 1936) وغيره.
ھنن پرچن ۾ ڏنل مواد ڪافي پراڻو آھي ۽ ان کان پوءِ ساڳن موضوعن تي گهڻو تحقيقي ڪم ٿي چڪو آھي.پوءِ بہ ھن مواد جي تحقيق ۾ ھڪ خاص اھميت آھي ۽ زرعي محققن کي ماضيءَ ۾ ٿيل تحقيقي ڪم جي ڄاڻ ملي ٿي.ڪو زرعي ادارو يا زرعي يونيورسٽي چاھي تہ اسان گل حيات ۾ گڏ ٿيل اھڙي مواد جي ڪاپي انهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آھيون.( ممتاز پٺاڻ)