“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ ڪي سرڪاري مگر اھم رسالا“
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ٻاھرين ملڪن جي مدد سان جيڪي پروگرام ٻاهرين ملڪن جي مالي مدد سان ٺھيا ۽ ملڪ ۾ ھليا،انهن مان“ وليج ايڊ“ پروگرام بہ ھڪ ھيو، جيڪو 1956 ڌاري شروع ٿيو. تنهن وقت جي سرڪار اھو مناسب ڄاتو ۽ انهي پروگرام جي حوالي سان ڪي رپورٽون لکي پڌريون ڪجن ۽ ماڻھن کي انهي پروگرام کان واقف رکڻ لاءِ ۽ سندن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪي رسالا جاري ڪيا وڃن.عجيب اتفاق آھي تہ “ نئين زندگي“ ۽“ پيغام“ بہ سرڪاري رسالن جي حيثيت ۾ نڪتا ۽ انهن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي بہ بھتر خدمت ڪئي. “ڳوٺ سڌار“ رسالو بہ اھڙي طرح جاري ٿيو ۽ وليج ايڊ پروگرام جي ختم ٿيڻ تائين نڪرندو رھيو.مون اڄوڪي پوسٽ ۾ انهي رسالي جي “سالنامه 1958“ جي تصوير ڏني آھي. گل حيات ۾ رسالي جا ان سموري سال وارس پرچا موجود آھن. ھي رسالو “ڳوٺ سڌار“ وليج ايڊ پروگرام جي ڊائريڪٽر جي ايڊيٽري ۾ نڪرندو ھيو ۽ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ پريس ڪراچي مان ڇپبو ھيو. ان جو پهريون پرچو جنوري 1956 ۾ نڪتو.
وليج ايڊ پروگرام بابت انگريزي ۾ ساليانيون رپورٽون بہ ڇپبيون ھيون پر اھي سرڪاري مقصدن لاءِ ھونديون ھيون.جڏھن تہ “ڳوٺ سڌار“ رسالو عوام لاءِ ھوندو ھيو. شروعات ۾ اھو رسالو مفت ۾ ورھايو ويندو ھيو.ليڪن جنوري 1959 کان وٺي في پرچي جي قيمت 4 آنا رکي وئي.ھن رسالي جي ورقن ورائڻ مان خبر پوي ٿي تہ لڳ ڀڳ 10 ھزار ماڻھون اھو رسالو وٺي پڙھندا ھئا. رسالو اڪثر ڪري 40 صفحن تي مشتمل ھوندو ھيو.
ھن رسالي ۾ “ڳوٺ سڌار“ تحريڪ جي ڪارڪردگيءَ ۽ سرگرمين جي احوال ڏيڻ سان گڏ زراعت، اقتصاديات، ادب، (نثر خواه نظم) ،صحت ،صنعت ۽ ٻاراڻي ادب تي مواد ڏنو ويندو ھيو. رسالي ۾ تنهن دور جي ثقافتي حوالي سان نھايت اھم تصويرون پڻ ڏنيون وينديون ھيون. ھي رسالو محققن جي نظر کان اوجهل رھيو آھي، نہ تہ جيئن “ الوحيد“ ۽ “ اخبار تعليم“ تي پي ايڇ ڊيون ڪيون ويون آھن تيئن ھن رسالي تي پڻ پي ايڇ ڊي يا ايم فل ڪري سگهجي ٿي.
ھي رسالو ڳوٺ سڌار پروگرام جو ترجمان ھيو، ان ڪري ھر ھڪ پرچي ۾ 10 صفحا ڳوٺ سڌار سرگرمين جي تفصيل ڏيڻ لاءِ ڏنا ويندا ھيا. ھن رسالي جي ليکڪن جي جيڪڏھن لسٽ ٺاھينداسين تہ اھا وڏي ٿي ويندي پر ڪجه نالا ھتي ڏيڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. اھو وچور ملاحظه فرمايو: سليم ھالائي(ھن رسالي جو ايڊيٽر)، سليم ڳاڙھوي،حافظ محمد احسن چنه، احمد خان مصراڻي، منو تولارام گدواڻي، محمد يعقوب چانگ، منوھرداس ڪوڙومل، انيس انصاري، محمد اسماعيل عرساڻي، عبدالغفور چانگ،نارائڻ شيام،قاضي محمد سليمان مورائي، ثناءُاللہ سومرو، غلام محمد شاھواڻي، ٻانھون خان شيخ، عثمان علي انصاري، پرسرام ضيا، ڊاڪٽر محمد ابراھيم خليل، منگهارام ملڪاڻي، عبدالرحمان شوق، موتي لال جوتواڻي، شعبان بخت ۽ حبيب اللہ ڀٽو وغيره.
ھن رسالي ۾ ڏاڍيون دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالھيون لکيون وينديون ھيون.مثال طور آڪٽوبر 1958 واري پرچي ۾ قاضي محمد سليمان مورائيءَ جانورن ۽ پکين جي سراسري عمر ٻڌائي آھي.ھو لکي ٿو تہ گھوڙو 32سال، گڏھ 25 سال، اُٺ 25 سال، مينهن 24 سال، ٻڪري 16 سال، رڍ 16 سال، ڪتو 12 سال، ڪبوتر 8 سال، ڪانوَ ھڪ ھزار سال، چتون ھڪ ھزار سال، ڳجه ھڪ ھزار سال، رڇ 300 سال، ڀولڙو 300 سال، ڏيڏر 300 سال، نانگ 300 سال جي زندگي ماڻن ٿا. ساڳي پرچي ۾ موتي لال جوتواڻيءَ ڪي ٽوٽڪا ڏنا آھن جيئن، * نم جي پنن کي پيھي ڇاڻي کنڊ ملائي پيئڻ سان دست بند ٿي ويندا. * نم جي پنن جي رس ۾ مصري ملائي گهٽ ۾ گھٽ ھفتو صبح شام ٻئي وقت پيئڻ سان سخت گرمي بہ لھي ويندي. *
نم جي تيل جا چار پنج ٽيپا ھر روز ڪن ۾ وجهڻ سان ٻوڙاڻ گم ٿي ويندي.
ھن رسالي ۾ ڏاڍا معياري مضمون ۽ بھترين شاعري ڇپي آھي. آئون سمورن مضمونن جي لسٽ تہ ھتي ڏئي نہ ٿو سگهان البته رسالي ۾ ڇپيل شاعريءَ جو نمونو عرض رکي سگهان ٿو .مئي 1958 واري پرچي ۾ حاجي احمد ملاح جو جيڪو ڪلام ڇپيو آھي ان جون ڪجه مصرئون ھن ريت آھن:
نہ پالي ٿو پرور تہ پالي ٿو ڪير؟
سنڀالي سو نہ پوءِ، سنڀالي ٿو ڪير؟
کڻي پاٽ مان جو وجهين پيٽ ۾،
تون نالين مان، نڪالي ٿو ڪير.
ڪڪر ريت ڪھڙي ولھارن وسن،
بيھن دم وري دم، ڌڪالي ٿو ڪير.
گل حيات جي گنج ۾ جيڪو ڪجه شامل آھي مان ڪوشش ڪري اھو سنگت سان شيئر ڪندو رھان ٿو تہ من نہ من اھا ميڙي چونڊي ڪنهن جي ڪم اچي.(ممتاز پٺاڻ)