“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“
“ اسان جي تاريخ ٽڙي پکڙي پئي آھي.“
سنڌ جا قلم ڌڻي ،پوء اھي اديب ھجن يا صحافي،ايڏو تہ سٺو لکن ٿا ۽ سنڌ جي سورن جا مذڪور بيان ڪن ٿا، جو اھو پڙھي دل چوندي آھي تہ ھر ڪنهن اديب ۽ ھرڪنهن صحافي جا ھٿ چمجن.موجوده سنڌي شاعري جو ڳچ حصو سنڌ جي ماجرا آھي ۽ اھڙي ريت وري صحافت سنڌ جي زبان آھي.پر جا ڳالھ مون کي عرض رکڻي آھي، اھا ھي آھي تہ اسان پنهنجي تاريخ ۽ ماضي کي ايترو وقت ڏئي نہ سگهيا آھيون.ماضي قوم جو “ گڏيل حافظو“ ٿيندو آھي ۽ انهي حافظي ۾ اسان ڏاڍا ڪمزور آھيون. ان جا اسان جي سوچن ۽ لوچن تي ڏاڍا منفي اثر پيا آھن.اسان جا ڪيترا ھيروز تاريخ جي ورقن ۾ اوجهل ٿي ويا ۽ ڪيترن سنڌ سان چڱائي ڪانہ ڪئي پر انهن جو نالو عظيم اڳواڻن طور چوٽ چڙھي ويو.
سنڌي ماڻھو تاريخ ساز آھي ۽ انهي جي اھڙي عظمت کان دشمن بہ اختلاف نہ ڪندو. پر اهو عظيم سنڌي انسان تاريخ نويسيءَ ۾ ايترو اڳرو ڪونهي.اسان پنهنجو ذھني ڪلچر ئي اھڙو نہ ٺاھيو آھي جو ماضيءَ ۽ تاريخ سان ڪا محبت ڪيون. انهي ڪم کي اسان “ قبرن کوٽڻ وارو ڌنڌو“ چوندا آھيون.
اسان گل حيات ادارو ٺاھيو ئي ان ڪري تہ جيئن موجوده دور جي نسل جي پنهنجي تاريخ ۽ ماضي سان ياراني ڪرائي سگهئون. ان ڪري اھڙي مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪيون ٿا ۽ وڏي واڪ دوستن کي ٻڌايون ٿا تہ اسان ڇا ڇا گڏ ڪيو آھي. نہ فقط ايترو پر مان اھڙن موضوعن جي نشاندھي بہ ڪندو آھيان جن تي ڪم ٿيڻ گهرجي. ان کان سواءِ مان اھو بہ ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سنڌ جي ماضي ۽ تاريخ بابت مواد ۽ معلومات ڪٿي ڪٿي ملي سگهندا.
اڄ مون ضلعي دفترن ۾ موجود مواد تي ويچار ونڊڻ لاء جيڪا ھڪ ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي،اھا منهنجي ڳالھ کي وڏوٽيڪو ڏيندي. انگريز حڪومت جي اھا انتظامي حڪمت عملي ھوندي ھئي تہ ڪليڪٽرن سان جيڪا بہ لک پڙھ ڪيائون، انهي جي ڪاپي باقي ڪليڪٽرن ڏانهن بہ موڪلي ڏنائون. ان ڪري ڪنهن بہ ڪليڪٽري ۾ اسان کي پنهنجي ماضي ۽ تاريخ بابت ٻن قسمن جو مواد ملندو. پھرين قسم ۾ اھو مواد اچي وڃي ٿو جيڪو انهي ضلعي جي سياست، سماج، انتظام ۽ امن امان بابت ھوندو. ٻئي قسم جو مواد سنڌ سطح جي مسئلن،مامرن ۽ صورتحال بابت ھوندو. منهنجي ھٿ ۾ جيڪو فائيل آھي ۽ جنهن جي تصوير ھن پوسٽنگ ۾ موجود آھي، ان ۾ “سنڌ ۾ امن امان جي ويچارڻ لاء ڪانفرنس “ جو مواد موجود آھي. اھا ڪانفرنس 19ڊسمبر 1944 تي ڪراچي ۾ ٿي.
سنڌ سرڪار “ ستيارٿ پرڪاش“ جي چيپٽر نمبر 14 تي پابندي وڌي ھئي. انهي خلاف سنڌ ۽ ھند ۾ تمام وڏو سخت ردعمل ٿيو .ھيءَ گڏجاڻي انهي سلسلي ۾ ٿي.
6 ڊسمبر 1944 تي سنڌ جي سي آء ڊي شعبي طرفان مختلف ضلعي عملدارن ڏانهن مخفي خط لکيو ويو تہ “ سنڌ جا آريا سماجي، ستيارٿ پرڪاش جي 14 بابي تي پابندي خلاف وڏي تحريڪ ھلائيندا ۽ ان سلسلي ۾ انهن سنڌ کان ٻاھران مالي ۽ سياسي مدد ورتي آھي ۽ ھو سنڌ جي مختلف ھنڌن تي احتجاج ڪندا ۽ گرفتاريون پيش ڪندا“ ان ڪري واسطيدار عملدارن کي ھوشياري وٺڻ گهرجي.
ھر ھڪ ضلعي مان پوليس کاتي جي سي آء ڊي برانچ طرفان سرڪار کي ھفتي وار مخفي ڊائري موڪلي ويندي ھئي. انهي ھفتي دوران امن امان سياست ۽ ٻين ڳالھين جي حوالي سان ضلعي ۾ جيڪو ٿي گذريو اھا معلومات ڊائري ۾ پڻ موجود ھوندي ھئي. حڪومت ڪڏھن ڪنهن واقعي بابت ڪنهن ضلعي مان معلومات گهرائيندي ھئي تہ ان تي ضلعي انتظاميا تفصيلي رپورٽ موڪليندي ھئي. جنهن فائيل جو مون ذڪر ڪيو آھي ان ۾ ٻنهي قسمن جي معلومات آھي. پھرين سرڪار ڏانهن موڪليل مخفي ڊائري ۽ سرڪار کان پڇيل سوالن جا جواب . ھن فائيل مان خبر پوي ٿي تہ 10 ڊسمبر 1944 تي شھداد پور ۾ “ھندو سڀا“ جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ديال سنگ اتم سنگ، ھرومل لوڪومل ،نھال چند پارو مل، گگو مل ٽوپڻ داس ۽ ڏيو مل پارو مل سخت لفظن ۾ سرڪار تي تنقيد ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ “ستيارت پرڪاش“ جي چوڏھين باب تي لڳايل پابندي ھڪدم ھٽائي وڃي.ھن فائيل ۾ ضلعي نوابشاھ بابت رپورٽ بہ موجود آھي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ ستيارٿ پرڪاش جي تحريڪ کي روڪڻ جي لاءِ اتي ڪيتري پوليس انهي ڪم لاءِ مقرر ڪئي وئي آھي.
مون ھڪڙي فائيل کي ۽ ھڪ واقعي کي آڏو رکي ھڪ اڌ مثال پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن فقط ستيارٿ پرڪاش تحريڪ جي حوالي سان سموري سنڌ مان مواد گڏ ڪري ڇپرائجي تہ اھو ڪيترن جلدن ۾ ٿي ويندو. اسان جي تاريخ جو اھم مواد ائين ڪليڪٽرن جي دفترن ۾،ماجسٽريٽن جي دفترن ۾ ۽ مختيارڪار جي دفترن ۾ موجود آھي. جڏھن بہ آزادي جي تحريڪ ۽ ھندو مسلم لاڳاپن ۽ ڪنهن سياسي پارٽيءَ تي تحقيق ڪبي تہ اھڙي قسم جو مواد مستند تاريخ لکڻ ۾ وڏي مدد ڪندو. گل حيات ادارو اھڙي قسم جو چڱو خاصو مواد پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)