گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
“ سنڌي ادبي سنگت بابت گل حيات اداري ۾ گڏ ٿيل مواد“
جڏھن گل حيات ادارو ٺاھيو ويو تہ سنڌ جي تاريخ جا سمورا رخ ذھن ۾ رکيا ويا ۽ زندگيءَ جا اھم شعبا جھڙوڪ سياست، علم ادب،ثقافت، تعليم وغيره توجه جو مرڪز بڻايا ويا. علم ادب جي حوالي سان قلم ڌڻين جي ولادتن وفاتن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ويا. اديبن شاعرن ۽ صحافين کان سندن لکڻين جون ھارڊ ڪاپيون وٺي گل حيات ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويون.
ادبي حوالي سان ادبي تنظيمون ۽ جماعتون وڏي اھميت رکن ٿيون. ادبي تاريخن ۾ تنظيمن ۽ سندن ڪارڪردگين کي ھن وقت تائين ڪا مناسب جاء نہ ڏني وئي آھي.جڏھن تہ ادبي تنظيمون ۽ جماعتون قلم ڌڻين کي پنهنجي ادبي صلاحيتن ۽ لياقتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪن ٿيون.
سنڌ ۾ “ ميڪس ڊينسو ھال لٽرري سوسائٽي“پھرين ادبي سوسائٽي آھي، جيڪا آگسٽ 1885 ۾ قائم ٿي. انهي کان پوءِ ھن وقت تائين سوين سوسائٽيون جڙيون جن ٻولي جي جھولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي. 55 ادبي جماعتن جو تعارف اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.انهن مان جيڪڏھن ڪي نالا ھتي وٺجن تہ مناسب ٿيندو: “ اداره روح ادب“،“ انجمن آفتاب ادب“،“ انجمن علم وادب“ “ انجمن فروغ ادب“ “ بزم ادب“ “ بزم طالب المولا“،“ بزم سچل“،“ بزم سروري“ ،“ بزم فردوس“،“ بزم ناز“ ،“ جميعت الشعراء“،“ سنڌ سگهڙ سنگت“،“ سنڌي ادبي سوسائٽي“ ۽ سنڌي ادبي سنگت.
سنڌي ادبي سنگت بابت اسان گل حيات اداري ۾ وڏي محبت ۽ محنت سان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ھڪ “ گذارش نامو“ ڇپرائي سنڌ ادبي سنگت جي سمورن شاخن ۽ عھديدارن ڏانهن ڏياري موڪليو.جنهن ۾ لکيو ويو تہ اسان سنڌي ادبي سنگت جي ھر ھڪ شاخ جي سيڪريٽري،سنگت جي موجوده خواه سابق ميمبر ۽ عھديدار کي التجا ٿا ڪريون تہ اھي گهربل مواد ۽معلومات فراھم ڪرڻ ۾ اسان سان تعاون ڪن. اسان کي ڇا گهرجي؟ان جو تفصيل ھن ريت آھي.
1. سابق ۽ موجوده عھديدارن ۽ ميمبرن جا ڪوائف: ( نالو،ولديت،ذات، ڄمڻ جي تاريخ، ڄمڻ جو ھنڌ،تعليمي لياقتون، ادبي کيتر، سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيڻ جو سال، سنگت ۾ عھدو ۽ ڪڏھن کان ڪيستائين، شايع ٿيل ڪتابن جي لسٽ، موجوده ايڊريس ۽ مستقل ايڊريس)
2. اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن، مضمونن،تجزين ۽ رپورٽن جي فوٽو ڪاپي.( ھر ڪنهن شاخ بابت اخبارن ۾ ڪجه نہ ڪجه شايع ٿيندورھي ٿو.اھو رڪارڊ ھر شاخ وٽ موجود ھوندو آھي.)
3. منٽس بڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
سنڌي ادبي سنگت سان بابا سائين جو گهرو ادبي واسطو رھيو آھي پاڻ جڏھن ڪراچي ۾ ھوندو ھو تہ انور پيرزادي جي سنگت ۽ صحبت ۾ سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر سرگرم بڻائڻ واري تحريڪ جو حصو بڻيو. اتي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ لڳاتار شريڪ ٿيندو ھو. بابا جڏھن گل حيات ٺاھي تہ سنڌي ادبي سنگت بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس جتان ڪٿان چڱي موٽ ملي ۽ اھو سمورو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. انهي ساڳي مواد کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ رکيو آھي جنهن ۾ 1970 کان وٺي ويندي 1999 تائين سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جا تفصيل موجود آھن. جيڪا آخري انٽري ويب سائيٽ تي آھي اھا انور ڏنگڙائي جي ڪتاب “ ڏوٿي انهي ڏيھ جا“ جي مھورت واري تقريب جي خبر آھي. جڏھن تہ پھرين انٽري جو متن آھي: “ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي راشد مورائي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سوني خان ملاح،محمد حسين ڪيرائي،عبدالرحمان منگي،مير محمد پير زادي ۽ راشد مورائيءَ شعر پڙھي ٻڌايا ۽ ولڻ ملاح ڪھاڻي پيش ڪئي“. سوين صفحا آھن جيڪي گل حيات جي ويب تي رکيا ويا آھن.ھر ھڪ انٽري جو حوالو پڻ ڏنو ويو آھي تہ اھا خبر ڪھڙي اخبار مان ورتي وئي ۽ اخبار جي پرچي جي تاريخ ڪھڙي ھئي.
گل حيات ۾ تقريبن سال 2000 تائين سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن ۽ عھديدارن جا ڪوائف پڻ موجود آھن. سنڌ جي نامور مشھور ۽ مقبول شاعر ڊاڪٽر ادل سومري سنڌي ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي ۽ بابا سائين هن جو اگزيمنر ھيو. ان ڪري سندس اھا ٿيسز پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
مان سنڌي ادبي سنگت جي عھديدارن ۽ ميمبرن کي گذارش ٿو ڪريان تہ بابا سائين گل حيات ۾ واپس موٽي اچي وري محنت ۽ محبت سان سنڌ جي تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو آھي ۽ انهي ڪم ۾ اسان سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آھيون. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين کي مواد ۽ معلومات موڪلڻ جي مھر ڪرڻ گهرجي.( ممتاز پٺاڻ)