“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“
“لطيف جو زمانو ۽ لطيفات“ تي گل حيات ۾ ٿيندڙ ڪم“
شاھ،سچل ۽ ساميءَ جي ٽہ مورتي سنڌ جي فلسفي،نظرئي ۽ پيغام جي ٽہ مورتي آھي. ھنن کان اڳ ۽ پوءَ سوين شاعر پيدا ٿيا.جن ڏاڍي معياري ۽ لاجواب شاعري ڪئي، پر ھنن ٽنهي عظيم شاعرن جو زمانو ۽ وقت جون حالتون ٻين کان نہ فقط مختلف آھن پر اھم بہ آھن. انهي زماني ۾ ڪلھوڙن سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت جو بنياد رکيو، انهي دور ۾ ٺٽي جي مغل نواب شاھ عنايت شھيد کي ڏيھي حڪمران ۽ اپر ڪلاس جي مدد سان بي گناھ شھيد ڪرايو، ۽ ھن ئي دور ۾ نادر شاھ ظلم ۽ جبر جي شامت بڻجي سنڌ کي پنهنجي گهوڙن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو. ھي اھو زمانو آھي جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حڪومت سنڌ ۾ دلچسپي ورتي، پنهنجا پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ ۾ مقرر ڪيا، سنڌ ۾ تجارتي ۽ واپاري ڪم پوئتان جاسوسي ڪئي ۽ پوء ويساھ گهاتيءَ سان سنڌ کي ڳڙڪائي ويا ۽ اھا سنڌ، جنهن ڪلھوڙن جي دور ۾ ملڪ جو تشخص ورتو سا انگريزن جي ھٿان پنهنجي آزادي ۽ خومختياري وڃائي ويٺي. شاھ،سچل ۽ سامي جي ٽہ مورتي جو اھو دور آھي جڏھن سنڌ جي سياست سازشن جو شڪار ٿي. ھن دور ۾ ڪلھوڙن اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجن جون خونريزيون ڪيون. ھي اھو دور آھي جڏھن فوجي اڳواڻن،يعني ٽالپرن حڪومت خلاف بغاوت ڪري اقتدار پنهنجي قبضي ۾ ورتو. ھي اھو دور آھي جڏھن ملڪي سياست اھڙي موڙ تي پھتي جو اقتدار ڌڻين کان اختيار کسجي ويو ۽ اھا چوڻي مشھور ٿي تہ “ ميرن کي گهران لڳي“. انهي دور جي حالتن شاھ،سچل ۽ ساميءَ جي شعور ۽ شاعريءَ کي سوچڻ ۽ لوچڻ جا پنهنجا رنگ ڏنا ۽ نتيجي ۾ ڏکين حالتن جي ڪک مان سندن امر شاعريءَ جنم ورتو.
انهي ٽہ مورتي مان لاکيڻي لطيف جي حيثيت منفرد ۽ اهم آھي.سندس شخصيت ۽ پيغام تي ھند توڙي سنڌ ۾ تمام وڏو تحقيقي ڪم ٿيو آھي. سنڌين کان سواءِ ٻين بہ ڀٽ ڌڻي جي شخصيت ۽ ڪلام تي مثالي ڪم ڪيو آھي.عجيب ڳالھ آھي تہ سنڌ جي ھن عظيم شاعر جو ڪلام ٽرمپ وڃي جرمني جي ليپزگ شھر مان ڇپرايو ۽ ڊاڪٽر سورلي وري ھن عظيم شاعر تي پي ايڇ ڊي ڪئي.
لاکيڻي لطيف جي شخصيت ۽ ڪلام تي ھند ۽ سنڌ ۾ مختلف ۽ اھم زاوين کان ڪم ڪيو ويو آھي. گهڻا سال اڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي “ لطيفيات“ جي عنوان سان ھڪ ببليو گرافي ٺاھي، جنهن مان پتو پئجي ٿو تہ ڀلاري ڀٽ ڌڻي تي انگريزي،اردو ۽ سنڌي ۾ ڇاڇا لکيو ويو آھي.
ھڪ موضوع،جنهن تي جامع ۽ منظم نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي، اھا ڪرانالاجي آھي.ھي اھو ڪم آھي جنهن ۾ لطيف سائينءَ جي 63 سالن ۾ جيڪو ڪجه گذريو ان جي ھڪ “ واقعاتي تاريخ“ مرتب ٿيڻ گهرجي. گل حيات ادارو انهي موضوع کي نھايت اھم ڄاڻندي ان تي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. “ لطيف جو زمانو“جي عنوان سان ھڪ ڪرانالاجي ٺاھي وئي آھي جنهن ۾ وڌيڪ معلومات ۽ حوالا ملڻ تي انهي ڪرانالاجي ۾ اضافا ۽ سڌارا آڻبا وڃن ٿا.
“ لطيف جو زمانو“ ڪرانالاجي ۾ جملي 64 باب رکيا ويا آھن جن جا عنوان آھن “ جڏھن لطيف ڄائو“،“ جڏھن لطيف ھڪ سال جو ھو“، “ جڏھن لطيف ٻن سالن جو ھو“. “جڏھن لطيف 3 سالن جو ھو“، “ ،“جڏھن لطيف سائين وصال ڪيو“. ائين ھي سڄو پراجيڪٽ 64 بابن ۾ ورھايل آھي.ھڪ ھڪ باب کي وري 3 عنوانن ھيٺ رکيو ويو آھي،جيڪي آھن: 1.“ولادتون“،2. “ وفاتون“ ۽ 3. “واقعات“.
انهن ٽنهي ننڍن عنوانن کي ائين سمجهي سگهجي ٿو تہ انهي سال سنڌ،ھند ۽ دنيا ۾ ڪھڙيون ۽ ڪٿي ڪٿي اهم شخصيتون پيدا ٿيون ۽ سندن شھرت جي وجه ڪھڙي ھئي. اھا معلومات 64 عنوانن ۾ ڏني وئي آھي. مثال طور جڏھن “ لطيف ڄائو تہ باقي دنيا ۾ ڪھڙين شخصيتن جنم ورتو“، “جڏھن لطيف ھڪ سال جو ٿيو تہ سنڌ ۽ دنيا جهان۾ ڪھڙين وڏين شخصيتن جنم ورتو“. اھڙيءَ ريت ھر ھڪ باب ۾ وفات ڪندڙ شخصيتن جو ذڪر بہ ڪيو ويو آھي. ساڳي طرح ھر ھڪ سال ۾ سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪي علمي ،ادبي،سياسي،مذھبي ۽ سائنسي ايجادن جا واقعا ٿيا اھي 64 بابن ۾ بيان ڪيا ويا آھن. واقعا تفصيل سان لکيا ويا آھن، مثال طور جڏھن شاھ لطيف ڀٽائي 58 سالن جو ھو تہ انهي باب ۾ مختصر طور تي اھو واقعو لکيو ويو آھي تہ : “ احمد شاھ ابدالي سنڌ ۾آيو. ھن کھڙن واري مخدوم محمدي سان بہ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڪاميابي لاء دعائون گهرايون. مخدوم کيس ھڪ تعويذ ڏنو.ڪجه وقت بعد احمد شاھ درانيءَ مخدوم محمدي ڏانهن مرزان پور جي جاگير جو پروانو لکي موڪليو“
جيتوڻيڪ اسان جو ھي ڪم ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي پر مطالعي جي آڌار تي جيئن جيئن ڪا نئين معلومات ملندي ٿي وڃي اھا اسان ان ۾ شامل ڪندا ٿا وڃئون.( ممتاز پٺاڻ)