گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
“خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد“
انگريزن جي دور ۾ جيڪي 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون ھيون، انهن مان خاڪسار تحريڪ بہ ھڪ آھي.انگريزن جي ابتدائي دور ۾ مسلمانن جي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ “سنڌ ھندو سڀا“ سياست ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.اھي ٻئي مذھبي بنيادن تي جڙيون ۽ ڪم ڪنديون ھيون . انهن ٻنهي پارٽين کان اڳ ۾ “ سنڌ سبا“ نالي ھڪ سيڪيولر پارٽي ھوندي ھئي جيڪا 1882 ڌاري ٺھي ۽ ان ۾ ھندو،مسلمان ۽ فارسي عھديدار ۽ ميمبر ھوندا ھئا.انهي پارٽي ۾ ھندستان جي وائسراءِلارڊ رپن کي سپاس نامو ڏيڻ واري معاملي تي ڏڦيڙ پيو،حسن علي آفنديءَ ۽ ساڌو ھيرانند جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي جنهن ڪري اھا پارٽي انهئ واقعي کان پوء ٽٽي پئي.حسن علي آفندي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ٺاھي ۽ ھندن وڃي “سنڌ ھندو سڀا“ ٺاھي . اھي ٻئي پارٽيون 1936 تائين سياست ۾ سرگرم عمل رھيون.
انهن مٿي ڄاڻايل پارٽين جي موجودگيءَ ۾ “ھوم رول ليگ“ پارٽي ڏاڍو مقبول ۽ فعال رھي. اھيءَ سيڪيولر نوعيت واري پارٽي ھئي،ان ڪري ھن ۾“ سنڌ سڀا“ وانگر ھندو،مسلمان ۽ فارسي ميمبر ۽ عھديدار ٿيا. ھوم رول ليگ ٿياسافي جي منطق ۽ فلسفي جي پوء لڳن جوڙي ۽ مائي ائني بسنت کي ان جو باني سمجهيو وڃي ٿو. حيدرآباد ۾ جيڪو “بسنت ھال“ آھي، اھو ان ئي مائي جي نالي پٺيان قائم ڪيو ويو ھو. ھوم رول ليگ ۾ سنڌ جون ڪيتريون نامور مسلم شخصيتون بہ ھونديون ھيون جن منجهان سائين جي ايم سيد جو نالو مثال طور پيش ڪري سگهئون ٿا .پارسين مان وري جمشيد ميهتا جو نالو ذڪر لائق آھي.ھن پارٽيءَ سنڌ جي ٻولي ۽ علم ادب تي بہ اثر وڌا.پارٽي طرفان “ روح رھاڻ “ نالي رسالو بہ ڪڍيو ويو، جيڪو ڪيترو وقت ھليو.
ھوم رول ليگ جي غير فعال ٿيڻ کان پوء ًخاڪسار تحريڪ“ سنڌ جي مسلمانن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. سائين جي ايم سيد، مير علي احمد ٽالپر، پير الاھي بخش ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وغيره ھن پارٽي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.ڊاڪٽر بلوچ انهي زماني ۾ شاگرد ھيو ۽ خاڪسار پارٽي لاء وڏو ڪم ڪيائين،جنهن جا تفصيل ھڪ الڳ پوسٽ ۾ ڏئي چڪو آھيان. خاڪسار پارٽي جي سنڌي اڳواڻن طرفان “خاڪسار“ جي نالي سان رسالو بہ نڪرندوھيو جنهن ۾ سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ جي سرگرمين بابت تفصيلي رپورٽون شايع ٿينديون ھيون. انهي رسالي سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ کي مشھور ۽ مقبول بنائڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو.
اڄ مون پنهنجي ھن پوسٽ ۾ خاڪسار تحريڪ سان واسطو رکندڙ ٻن ڊاڪيومينٽس جي تصوير ڏني آھي.گل حيات اداري ۾ خاڪسار تحريڪ بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي. سنڌ مان جن ماڻھن خاڪسار تحريڪ ۾ وڏو رول ادا ڪيو عھديدار ۽ سرگرم ڪارڪن ٿي رھيا، انهن جي نالن ۽ عھدن جو وچو ٺاھي گل حيات اداري پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي .انهئ ويب سائيٽ تي خاڪسار تحريڪ بابت ٻيو کوڙ مواد بہ موجود آھي. خاڪسار تحريڪ جي بانيءَ“ علامه مشرقيءَ “ جيڪي ڪتاب لکيا اھي سمورا ھتي اسان وٽ موجود آھن. علامه مشرقي جي زماني ۾ “خاڪسار تحريڪ“ طرفان اردو ۾ الڳ ۽ انگريزي ۾ الڳ “الاصلاح “ جي نالي سان بليٽن يا اخبار نڪرندي ھئي. انهي جا کوڙ سارا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. علامه مشرقي جو فرزند خاڪسار حميدالدين احمد پنهنجي پئ جي جوڙيل پارٽي کي ٻيھر سرگرم ڪرڻ ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون. ھو پاڻ ڪيترا دفعا گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري آيو. کيس اداري ۾ آڻڻ ۾ ڊاڪٽر صبحيہ مغل جو وڏو ڪردار ھيو. خاڪسار حميدالدين احمد اڄ ھن دنيا ۾ ڪونهي ۽ سندس جاءِ تي ڊاڪٽر صبحيا صاحبه پارٽي جي اڳواڻي ڪري رھي آھيم. ھن مثالي سنڌي عورت اسان جي اداري سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ مواد خواه معلومات جي ميڙي چونڊيءَ واري اسان جي ڪم ۾ وڏيون آسانيون پيدا ڪيون. ھن پارٽي طرفان جيڪو “ خاڪسار“ جي نالي سان رسالو نڪرندو ھيو،اھو رسالو تہ گل حيات ۾ ڪونهي پر ان منجهان تمام گھڻو مواد فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھي. خاڪسار تحريڪ تي انگريزي ۾ ڀرپور ڪم ٿي چڪو آھي پر سنڌي ۾ پارٽي جي تاريخ تي ڪو جامع ڪتاب نہ لکيو ويو آھي .ھن پارٽيءَ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌي ۾ ان جي تاريخ تي ڪم ٿيڻ گهرجي. اھو ڪم خاڪسار تحريڪ پاڻ بہ ڪري سگهي ٿي ۽ ان تي پي ايڇ ڊي لاء تحقيق پڻ ڪري سگهجي ٿي.جيڪڏھن ڪنهن دوست اھو ڪم ڪرڻ چاھيو تہ گل حيات ادارو ھن جي ڀرپور مدد ڪندو.(ممتاز پٺاڻ)