“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون“
گل حيات ادارو قائم ٿيڻ کان وٺي ٻن طريقن سان تحقيق جي واڌاري لاءَ ڪم ڪيو آھي: ھڪ طريقي موجب اسان گل حيات جا خزانا کولي تحقيق ڪندڙ نوجوانن جي علمي خدمت ڪئي آھي، کين مواد ۽ معلومات ڏيڻ ۾ ڪڏھن بہ بخل کان ڪم نہ ورتو آھي ۽ سندن تحقيقي پراجيڪٽ جي روشني ۾ بابا سائين انهن جي تحقيقي طريقن ۽ لاڳاپيل مسئلن ۾ رھنمائي ڪئي آھي.
ٻئي طريقي موجب بابا سائين ريسرچ سپر وائيزر يا ممتحن طور شاگردن جي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ امتحان ورتا آھن .جنهن جاڪجه تفصيل مان ھن پوسٽ ۾ ڏيندس.مان ھڪ ٽئين طريقي تي تازو ڪم شروع ڪيو آھي ۽ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد کي ڌيان ۾ رکي نون تحقيقي موضوعن جي نشاندھي ڪرڻ شروع ڪئي آھي، ۽ اڪثر پوسٽن ۾ اھا آڇ ڏيندو آھيان تہ ڪيترن نون موضوئن تي گل حيات ۾ نہ فقط مواد موجود آھي، پر ان لاءِ اسان ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ بہ تيار آھيون. انهي سلسلي ۾ مان جيڪي پوسٽون ڪري چڪو آھيان انهن جو مختصر وچور ھن ريت ٿئي ٿو، جن ڏانهن محققن کي توجه ڏيڻ گهرجي:
* مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
*.گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو.
*.سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور.
* سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس.
*. گل حيات ۾ موجود صحافت تي مواد.
*. پيپلز پارٽي کان اڳ پيپلز پارٽي.
1*. گل حيات ۾ موجود علمي ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ.
*. ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.
*. مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد.
*. اسيمبلين ۾ اسان جي تاريخ جو خزانو.
*.رسالو ڌرم درشن.
*. گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجه سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ.
*. ولادتون وفاتون ۽ شخصيتون.
*.گل حيات ۾ قلمي مسواد ۽ قرآن شريف.
*.ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت.
*.سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ تي جهيڙو.
*.امن سڀا پارٽي.
*. فرنگي سرڪار بابت.
*. سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ.
*. ضياءُ الحق جي مارشلا واري دور ۾ سزائون ۽ گرفتاريون.
*. گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويز.
*.اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون.
*. گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد.
اڄ ھن پوسٽ ۾ مون فيروزه سما جي ايم فل مقالي “ سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو“ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي ،جنهن 1988 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بابا سائين جي نگراني ۾ ايم فل ڪئي.
تحقيق جي دنيا ۾ منهنجي والد ڪجه اھڙا رڪارڊ قائم ڪيا آھن جن کي ٽوڙڻ ۾ وقت لڳندو. مثال طور پروفيسر ڊاڪٽر امداد سھتي،قائد اعظم يونيورسٽي مان ايم فل بابا جي نگرانيءَ ۾ ڪئي ھن سائينءَ پي ايڇ ڊي بہ بابا جي نگراني ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي پي ايڇ ڊي بابا ڪرائي ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ بہ بابا سائين ئي ٿيو.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين جو پھريون پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد آھي ۽ فيروزه سما پھرين نياڻي شاگرد آھي. ھن مانائتي مائيءَ بابا سائين وٽ تڏھن ايم فل ڪئي جڏھن بابا سائين سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو. محترمه فيروزه سما جو ھي تحقيقي مقالو 5 بابن ۽ 404 صفحن تي مشتمل آھي. اسان وٽ اوندھ لڳي پئي آھي نہ تہ ھن مقالي کي ڇپجڻ گهرجي ها ،ڇو تہ فيروزه سما وڏي جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان ۽ محنت ۽ سليقي سان ھي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. مقالي جا ورق ورائيندي کيس مبارڪن ڏيڻ کان سواءِ رھي نہ ٿو سگهجي. سندس ھن مقالي جي پھرين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي تعارف ۽ ارتقا تي لکيو ويو آھي.ٻئي باب ۾ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۽ اوسر ٻڌائي وئي آھي.ٽئين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي چونڊ ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آھي چوٿين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي خالقن جي خدمتن تي روشني وڌي وئي آھي ۽ پنجين باب ۾ انهن اشاعتي ادارن جا تفصيل ڏنا ويا آھن جن ٻاراڻي ادب تي ڪتاب ڇپرايا.محترمه فيروزه سما ھن مقالي جي پڄاڻيءَ ۾ ڪي نتيجا ڪڍي تمام اھم تجويزون ڏنيون آھن جيڪي 15 صفحن تي مشتمل آھن. محترمه جنهن سال تائين ٻاراڻي ادب جي تاريخ لکي ان کي ايترو عرصو ٿي ويو آھي جو انهي باقي رھيل عرصي تي ٻي ايم فل ڪري سگهجي ٿي. تحقيق جي اھڙي تسلسل کي يونيورسٽيون ئي قائم رکي سگهن ٿيون ۽ اھي اھڙي قسم جي موضوعن تي باقي رھندڙ عرصي تائين تحقيقي ڪم ڪرائي سگهن ٿيون. ( ممتاز پٺاڻ)