“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ اھم واقعن تي گل حيات مواد ڪيئن گڏ ڪندو آھي.“
اھا عشق کي شاباس آھي جنهن دنيا ۾ وڏا ڪم ڪيا جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا پوءِ اھو تاج محل ھجي يا معصوم شاھ جو منارو ھجي. جيڪو ڪم محبت سان نہ ٿو ڪجي ان جي ڪا وڏي اھميت ۽ افاديت نہ ٿي ٿئي.سنڌ جا قلم ڌڻي شاعر ۽ صحافي جيڪو ڪجه لکن ٿا انهن ۾ سندن محنت سان گڏ محبت جو رنگ ضرور ھوندو آھي. تحقيق تہ وري محبت ۽ عشق جي بدران جنون جو نالو آھي.جنون بہ اھو جنهن ۾ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آھن.
گل حيات ادارو منهنجي والد جي محبت،عشق ۽ جنون جي ڪھاڻي آھي. اسان ھن اداري ۾ جيڪو بہ ڪم ڪيون ٿا اھو ماروئڙن جي لاءِ آھي ۽ ان اداري کي اسان ڪڏھن پنهنجي آمدنيءَ جو ذريعو يا فائدي وٺڻ جو وسيلو نہ بڻائيو آھي. اسان ھن اداري ۾ تاريخي اھميت واريءَ معلومات ۽ ان سان لاڳاپيل مواد جي ميڙي چونڊي ڪندا آھيون .ان لاءَ مان اڳ ۾ بہ ٻڌائي چڪو آھيان تہ ھن مواد کي گڏ ڪرڻ وقت اسان ذھن ۾ 3 زاويا رکندا آھيون. اھي آھن “ فرد“ ،ادارا“ ۽ “ واقعا“، پوءِ انهن جو واسطو سياست سان ھجي يا علم ادب سان،مذھب سان ھجي يا اخلاقيات سان ھجي يا تعليم سان ھجي يا اقتصاديات سان ھجي.زندگي جي ھر ھڪ شعبي سان واسطو رکندڙ فرد،اداري ۽ واقعي بابت مواد گڏ ڪيو ويندو آھي.
اسان جي دور ۾ روز بروز علمي،ادبي،ثقافتي ۽ سياسي واقعا رونما ٿين ٿا. مثال طور شھيد ڀٽي جي زماني ۾ “سنڌ صدين کان“ جي نالي سان وڏو سيمينار ٿيو ان کان پوءِ سنڌ “گريجوئيٽ ايسوسيئيشن“ ۽ ٻين سماجي تنظيمن وڏا ادبي ميڙاڪا ڪرايا. يونيورسٽين ۾ ڪانفرنسون ٿيون ۽ سنڌالاجيءَ پنهنجي سلور جوبلي ملھائي. بنھہ اھڙي طريقي سان 1981 ۾ “ساھت سال“ ملھايو ويو ۽ انهي سلسلي ۾ “شاھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي“،ڪراچي طرفان سنڌ مدرسي ۾ 26 نومبر کان 28 نومبر تائين ڪانفرنس ۽ سيمينار ٿيو.سيد غلام مصطفا شاھ ،جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بہ ٿي رھيو ۽ شھيد راڻي بي نظير ڀٽو جي حڪومت واري دور ۾ وفاقي وزير بہ ٿي رھيو، اھو انهي سيمينار ۽ ڪانفرنس جو سرواڻ ھيو. جنهن ۾ جيڪي ٻيا هن سان گڏ شامل ھئا انهن ۾ پروفيسر اياز قادري،علام غلام مصطفا قاسمي،ڊاڪٽر غلام علي الانا،محمد ابراھيم جويو، خان محمد پنھور،بدرالدين اڄڻ۽ بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جا نالا ذڪر لائق آھن. ھن ڪانفرنس جو افتتاح محمد ھارون ڪيو ھيو ۽ ٻن ڏينهن جي پروگرام ۾ ادبي نشستون، نمائش ۽ موسيقي جا پروگرام ٿيا. ادبي نشستن جو تعداد ڇھہ ھيو.
انهي ڪانفرنس جي موقعي تي جيڪي مختلف نشستن جي لاءِ دعوت ناما ڇپراياويا ۽ جيڪو ڪجه ھن ميڙاڪن بابت اخبارن ۾ شايع ٿيو اھو سمورو مواد اسان گڏ ڪري گل حيات ۾ رکيو آھي جيڪو 3 جلدن تي مشتمل آھي. وڏي ڪم جي ڳالھ اھا آھي تہ انهي موقعي تي ڪيترن اديبن ۽ ليکڪن جيڪي مقالا لکيا اھي سندن ھٿن سان لکيل اسان وٽ موجود آھن. جيڪي آھن پروفيسر غلام رسول بلوچ جو مضمون“ سنڌي ساھت سال ۽ سنڌي اديب“ ،ميمڻ عبدالغفور سنڌي جو مضمون“ سنڌي ساھت ۽ سنڌي عالم“،“ حسين بخش ڪولاچي جو مضمون“ سنڌي ساھت ۽ سنڌي معاشرو“،ڊاڪٽر حبيب اللہ مرزا جو مضمون“ سنڌي علم ادب ۽ سنڌي عالم“، سنڌو ميراڻي جو مضمون“ ساھت ۽ اميدون“، ابراھيم خشڪ جو مضمون“ سنڌ ادب جي اونداھي مستقبل جو روشن فلسفو“، قاضي مقصود گل جو “سنڌي ساھت ۽ سنڌي اديب“ ۽ محمد حسين شاھ سجاولي جو “ سنڌي ساھت ۽ سنڌي عالم“ .جيئن تہ بابا سائين سيمينار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ھيو ان ڪري جيڪي بہ ادبي نشستون ٿيون انهن جو اھتمام ۽ بندوبست کين ڪرڻو ھيو ۽ جن اديبن کان مضمون ۽ مقالا وٺي سگهيو اھي اسان وٽ موجود آھن.
ھن موقعي تي ھڪ شاندار سووينيئر پڻ ڪڍيو ويو جنهن ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان انگريزيءَ ۽ سنڌي ۾ مضمون ڏنا ويا آھن، جيڪي سيد غلام مصطفا شاھ،ڊاڪٽر ھالي پوٽي ۽ بابا سائين جا لکيل آھن. ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ جي شخصيتن جي تصويرن جو آلبم پڻ ڇپرايو ويو ۽ اھي لڳ ڀڳ سموريون تصويرون بابا سائين ئي مھيا ڪيون ھيون.
ھي ھڪ ادبي واقعو ھيو جنهن تي بابا سائين ايترو مواد گڏ ڪيو آھي جنهن مان 3 جلد جڙي پيا آھن. اھڙي نموني سان 1985 ۾ سنڌ مدرسي جا سو سال ملھايا ويا ۽ بابا سائين قلمي خواه تحقيقي حوالي سان ان ۾ ڪليدي ڪرادر ادا ڪيو. انهي واقعي تي بہ گل حيات ۾ ھڪ ضخيم جلد موجود آھي.اھڙي طرح سنڌالاجي جي جڏھن سلور جوبلي ملھائي وئي تہ ان وقت بابا سائين اتي ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو ھن واقعي تي بہ گل حيات ۾ 3 جلد مواد جا موجود آھن.
ھن پوسٽ ڏيڻ جو منهنجو مقصد اھو آھي تہ آئون پڙھندڙ سڄڻن کي عرض ڪيان تہ سنڌ ۾ روز بروز علمي ،ادبي ،ثقافتي،سياسي ۽ تعليمي سيمينار محفلون ۽ ڪانفرنسون ٿين ٿيون. جيڪڏھن سنڌ جا عاشق جوڌا اٿي پون ۽ انهن واقعن تي مواد گڏ ڪن تہ ھوند ھن دور جي تاريخ لکندڙن کي مواد ۽ معلومات جو وڏو خزانو ملي وڃي. مان دوستن کي گذارش ڪندس تہ ھو جڏھن بہ ڪو ادبي يا ثقافتي ميڙاڪو ڪن تہ ان وقت شايع ڪرايل ڪارڊ ۽ جاري ٿيندڙ پريس رليزن جون ڪاپيون گل حيات اداري کي بہ ڏياري موڪلن. ان لاءَ آئون اڄ وري ايڊريس بہ ورجايان ٿو:
ممتاز پٺاڻ. گل حيات انسٽيٽيوٽ. ڳوٺ ۽ پوسٽ خير محمد آريجا تعلقو باڪراڻي ضلعو لاڙڪاڻو. ( ممتاز پٺاڻ)