20190308 133103
“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌي اديبن، شاعرن ۽ صۡافين جو حصو ۽ ان بابت گل حيات ۾ ڪڏ ڪيل مواد“
     جن موضوعن تي ھن وقت تائين تفصيل سان ڪم نہ ٿيو آھي انهن جي نشاندھي مان ھنن پوسٽن ۾ ڪندو آيو آھيان.تاريخي تحقيق جا کوڙ سارا موضوع اهڙا آھن جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھن وقت اھا رسم ۽ روايت آھي تہ جنهن موضوع تي آسانيءَ سان مواد ملي ٿو ۽ جيڪو موضوع پاڻ کي وڻي ٿو اڪثر ڪري انهن موضوعن تي تحقيق ڪئي وڃي ٿي. اھا بري ڳالھہ ڪانهي ۽ اھو بہ تحقيقي تسلسل ۾ اضافي ۽ واڌاري جو ڪارڻ آھي . پر ان کان وڌيڪ بھتر ھي آھي تہ جن ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ تحقيق ٿئي ٿي انهن طرفان تاريخي تحقيق جي حوالي سان موضوعن جي جامع لسٽ بڻائي وڃي ۽ اھا ايتري مربوط ھجي جيئن سنڌ جي تاريخ جي ھر پھلوءَ جي ان ۾ جهلڪ نظر اچي.پوءِ انهن ئي تجويز ڪيل موضوعن تي تحقيق ڪرائي وڃي.
    تحريڪ آزادي ۾ سنڌي ٻولي،علم ادب ۽ صحافت اھم ڪرادر ادا ڪيو آھي 1857 کان وٺي 1947 تائين جيڪي بہ تحريڪون ھليون ۽ جيڪي بہ سياسي پارٽيون ٺھيون انهن ۾ اسان جي ليکڪن،شاعرن ۽ صحافين وڏو قلمي جھاد ڪيو. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون. سنڌ آزادي جي تحريڪ ۾ اھم رول ادا ڪيو.خاص طور تي پاڪستان جي تحريڪ ۾ تہ سنڌ اڳواڻيءَ ڪئي. 1905 ۾ ھندستان جي وائسراءَ سان مسلمانن جي مسئلن تي ڳالھائڻ لاءِ جيڪو وفد مليو ان جي اڳواڻي سر آغا خان ڪئي جيڪو سنڌ ۾ ڄائو ھيو. 1906 ۾ ڍاڪا ۾ جڏھن “ آل انڊيا مسلم ليگ “ ٺاھي وئي تہ سر آغا    خان ئي ان جو باني صدر ٿيو.آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون ساليانو اجلاس 1907 ۾  ڪراچي ٿيو . ۽ ان جو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ آخري اجلاس بہ ڪراچي ۾ٿيو. پاڪستان جي تحريڪ جي جنهن قيادت ڪئي اھو قائد اعظم محمد علي جناح ھيو جيڪو جهرڪن ۾ ڄائو.سنڌ اسيمبلي پھرين اسيمبلي ھئي جنهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ بابت ٺھراءُ پاس ڪيو. اھي مثال ڪافي آھن جن منجهان سنڌ جي پاڪستان جي تحريڪ ۾ قائدانه  ڪردار جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
سنڌ ۾ پاڪستان جي تحريڪ جو آغاز منظم نموني سان 1938 کان ٿيو. 1857 کان وٺي 1938 تائين واري دور کي آزادئ جي تحريڪ جو دور چيو وڃي ٿو، جنهن 1938 کان پوءَ پاڪستان جي تحريڪ جو روپ ورتو.
منهنجي والد صاحب جو ڪتاب “ ادب ۽ ماحول“ بنيادي ڪتاب آھي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ وقت جي سياسي حالتن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي ڪيترو اثر وڌو ۽ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سياسي پارٽين ۽ تحريڪن کي مقبول بنائڻ ۾ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو . انهي ڪتاب کان پوءِ ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهئي جيڪا صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي، ان جي تحقيقي مقالي ۾ وڏي اھميت واري معلومات ڏني وئي آھي تہ سنڌ جي اخبارن تحريڪ آزادي ۾ ڪھڙيون خدمتون سر انجام ڏنيون.
گل حيات ادارو انهيءَ موضوع جي اھميت کي ڌيان ۾ رکندي انهي سياسي ادب کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو انگريزن جي دور ۾ تحريڪ آزادي جي حوالي سان لکيو ويو.اھو ئي سبب آھي جو ھر ڪنهن پارٽيءَ جا ڇپيل ڪيترا ڪتاب،اخبارون ۽ رسالا اسان گڏ ڪري ورتا آھن. اڄوڪي پوسٽ ۾ جيڪا مون تصوير رکي آھي اھا پڻ انهيءَ سياسي ادب جي ميڙي چونڊيءَ مان ورتي وئي آھي.
  ھن موضوع تي گل حيات ۾  ٻن قسمن جو مواد موجود آھي.ھڪڙو قسم اھو آھي جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ لکيو ويو ۽ ٻئي  قسم جو مواد  اھو آھي جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ لکيو ويو ۽ انهي ۾ تحريڪ پاڪستان بابت مفيد معلومات ڏني وئي آھي. انهي سلسلي ۾ مرحوم حبيب اللہ ڀٽي جو مضمون “ قائد اعظم شڪارپور ۾“ ، حافظ خير محمد اوحدي جو مضمون“ قائد اعظم جون ڳالھيون“ ۽ ڪريم بخش خالد جو مضمون“ آزادي جي تحريڪ ۾ سکر ڊويزن جو حصو“ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن. آزادي جي تحريڪ تي جيترا ڪتاب لکيا ويا انهي کان ڪجه گھٽ  پر وڏي تعداد ۾ سنڌي شاعري لکي وئي. شاعرن  جي اھڙي ڪلام کي گڏ ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آھي. ڇو تہ ھر ڪنهن شاعر سياسي حالتن تي شاعري ڪئي آھي پر انهي کي گڏ ڪري الڳ نہ رکيو ويو آھي.اھڙيءَ سياسي شاعريءَ جو نمايان نظارو اسان کي خلافت تحريڪ کان وٺي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھن تحريڪ تي تمام  گھڻن شاعرن لکيو جن مان،وڏو تعداد ديني عالمن جو ھو.
اسان گل حيات اداري ۾ پاڪستان کان اڳ واري شاعريءَ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو آھي. 1945 ۾ سنڌ جي مسلمان شاعرن جي شاعريءَ جي جهلڪ ملاحظہ فرمايو: 
نجم عباسي جي شاعري آھي: “  قوم ڪر بيدار تون تحرير ۽ تقرير سان.نت ڪندو رھہ تون وطن جي راھہ رفعت جو خيال “ 
پير شاھنواز “عارف“ چوي ٿو: “اي بھادر قوم جي رک شان و شوڪت جو خيال . پنهنجي اصلي حڪمراني جاه و ھشمت جو خيال“ 
آغا گل حسن “گل“ چئي ٿو تہ: “ قوم ھڪ ھندو سڏائي ٻيو چوائي مسلمان. ھر ڪنهن جا پنهنجا رشتا پڻ نرالا خاندان“   
احمد خان آصف مصراڻي چئي ٿو تہ : “ وطن سان محبت گھڻي آھي منهنجي. وطن جي محبت ٿو ايمان سمجهان“
آڪٽوبر 1947 ۾،مطلب پاڪستان ٺھڻ کان ستت پوءِ لاڙڪاڻي ۾ “سنڌ سڌار سوسائٽي“ طرفان ھڪ مشاعرو ٿيو جنهن جي طرح مصرح ھئي:“ ڇا ھئڻ قانون گهرجي، ملڪ پاڪستان جو“.ھن موضوع تي کوڙ سارن شاعرن ڪلام لکيو جن جو جيڪڏھن مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: عبد عاقلي،پير بخش “منظور“، سردار گل محمد خان زيب، حافظ ضياءُ الحق “اسلم“، واحد بخش “ عاشق“ ، عبداللہ “اثر“، احمد خان آصف مصراڻي، آغا گل حسن خان،مولابخش سانگي، احمد خان“ عاجز“، سليم ڳاڙھوي، شفيع محمد شاھ “حامي“ ، محمد علي “جوھر“، ماستر محمد حسن صديقي، زيب عاقلي، رشيد احمد ۽ عطا محمد حامي وغيره. ھي مشاعرو ڄڻ تہ ھڪڙي قسم جو رفرينڊم ھيو جنهن ۾ سنڌ جي شاعرن پاڪستان جي قانون بابت پنهنجي راءِ ڏني. سردار گل محمد خان “ زيب“ مگسي جي ڪلام مان ڪي مصرعون عرض رکان ٿو: 
“ڇاھئڻ قانون گهرجي ملڪ پاڪستان جو،
ٿو چوان پابند ھر ڪوئي ھجي قرآن جو.
ناھہ ناممڪن صفر ڪوئي اگر ھمٿ ھجي، 
عرش تائين پنڌ آ امڪان ۾ انسان جو. 
قدر بيشڪ ٿو ڪرڻ گهرجي مسلمانن کي زيب، 
دوستن جي حب جو حڪام جي احسان ۾.“
گل حيات کان جيترو ٿي سگهيو آھي اوتري شاعري گڏ ڪئي وئي آھي.منهنجي خيال ۾ تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌي شاعري جي حصي  تي الڳ  نثر جي حصي تي الڳ ۽ صحافت جي حصي تي الڳ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون. (ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes