“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ سنڌي ڪتابن جي ڇپائي ڪٿي ڪٿي ٿي.“
گل حيات ادارو ھميشہ نون موضوعن کي متعارف ڪرايو آھي جيڪي اسان جي محققن جو پاڻ ڏانهن توجه ڇڪرائن ٿا. مثال طور سنڌي ڪتاب سنڌ کان ٻاھر ڪٿي ڪٿي ڇپيا.ھن موضوع تي ڪن مضمونن ۾ ٿوري گهڻي روشني وڌي وئي آھي مثال طور پير حسام الدين راشديءَ ھڪ اھڙو مضمون “ نئين زندگي“ رسالي ۾ لکيو ھو. اسان کي ھن موضوع تي معلومات غلام محمد گراميءَ جي انهي مضمون مان بہ ملي ٿي جيڪو ھن سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي“ مھراڻ“ ۾ لکيو ھيو جنهن رسالي جو ھو پاڻ ايڊيٽر ھيو.ساڳي ريت سنڌالاجيءَ جي ڪتاب “ ديني ڪتابن جو ڪيٽالاگ“ ۾ بہ ڪجه اھڙي معلومات ملي ٿي. ڊاڪٽر اللہ رکيو ٻٽ بہ انهي موضوع تي،خاص طور تي ڪتابن جي تجارت تي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو. پر گل حيات اداري جي ڪم جو طريقو ۽ انداز انهن کان منفرد آھي.
پرنٽنگ پريسن جو رواج انگريزن جي دور ۾ پيو.گل حيات ان دور جي نہ فقط پريسن جي لسٽ ٺاھي آھي،پر انهن پريسن ۾ ڪھڙا سنڌي ڪتاب ڇپيا اھا معلومات بہ گڏ ڪئي آھي.
گل حيات اداري ان کان علاوه اھا پڻ تحقيق ڪئي آھي تہ سنڌ کان ٻاھر اھي ڪھڙا شھرآھن ۽ اتي ڪھڙيون پريسون ھيون جن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا. اھا معلومات بہ گل حيات گڏ ڪندوآھي ۽ان لاءَ اڄوڪي پوسٽ جي عنوان سان ھڪ رجسٽر رکيو ويو آھي جنهن ۾ جيئن جيئن ڪا معلومات ملندي آھي تہ ان کي شامل ڪيو ويندو آھي.
سنڌ کان ٻاھر جن شھرن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا انهن مان آگرو، ممبئي، ديوبند،لاھور، لائل پور ۽ لڌيانا ذڪر لائق آھن.
آگري جي شھر ۾ “ ابو العلائي اليڪٽرڪ پريس“ مان مرزا علي قلي بيگ جو ترتيب ڏنل سچل سرمست جو ڪلام“ رسالو سچل سائين“ 1902 ۾ ڇپيو ھيو.
جيئن تہ سنڌ 1847 کان 1936 تائين ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ان ڪري سنڌين جي ممبئي ڏانهن اچ وڃ گهڻي ٿيندي ھئي. ان ڪري ھن شھر جي مختلف پريسن مان کوڙ سارا سنڌي ڪتاب ڇپيا. منهنجي خيال ۾ “ ليکي جي پيڙھ“ جيڪو 32 صفحن جو ڪتاب ھيو ۽ خواجا- سنڌي خط ۾ ھيو سو شايد پھريون ڪتاب آھي جيڪو 1866 ۾ اتي شايع ٿيو.ممبئي جي جن پريسن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا اھي آھن: “ بمبئي پريس“، شاپ خانا صفدري، “ مطبع حيدري“ ،مطبع رحيميہ، “مطبع ڪريمي“، مطبع نامي ڪريمي“ وغيره. ياد رکڻ جي ڳالھ ھي آھي تہ ڊاڪٽر ٽرمپ جو ترتيب ڏنل “ شاھ جو رسالو“ بہ بمبئي ۾ 1876 ۾ ڇپيو ھو. منهنجي خيال ۾ ڪتاب “مختيار نامو“ جيڪو ڪربلا جي واقعي تي فارسي ۾ لکيل ھيو ۽ علي محمد ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ 1882 ۾ بمبئي ۾ ڇپيو، اھو شايد سنڌي ۾ ڇپيل پھريون ضخيم ڪتاب آھي.ھي ڪتاب 1072 صفحن تي مشتمل ھيو.
پونو ۾ بہ سنڌي ڪتاب ڇپيا .اتي “ڏاتار برادرس“ جي نالي سان اشاعتي مرڪز ھيو ۽ انهي نالي سان اتي پرنٽنگ پريس بہ ھئي. “ڀارت پريس“ پوني شھر جي ٻي پريس ھئي جنهن ۾ سنڌي ڪتاب ڇپيا ۽ انهن مان سيد علي شاھہ گوھريءَ جو ڪتاب “اداڪار قلندر“ 1921 ۾ ڇپيو ھيو.
ديوبند شھر ۾ بہ کوڙ پرنٽنگ پريسون ھيون.اسان جا ڪيترا ديني عالم ديوبند ۾ پڙھيا ان ڪري ھن شھر ۾ بہ سنڌين جو اچڻ وڃڻ ٿيو. اتي “مطبع قاسم “ نالي پريس ھئي جنهن مان مرزا قليچ بيگ جا ڪجه ڪتاب شايع ٿيا.
علي ڳڙھ سنڌي مسلمانن جي تعليم جو مرڪز رھيو. ان ڪري ھن شھر جي پريسن منجهان بہ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا.1910 ۾ اتان جي “مطبع احمدي“ مان محمد عثمان نورنگ زادي جو ڪتاب “ بينات القرآن“ ڇپيو ھيو. لاھور سان سنڌين جو واپاري ۽مذھبي رشتو رھيو آھي. ھن شھر مان سنڌي جا تمام گهڻا ڪتاب شايع ٿيا ۽ اھي جن پريسن مان شايع ٿيا اھي ھيون: “ آريا اسٽيم پريس“، “ اسلامي پريس“. “ خادم التعليم پريس.“، سيوڪ اسٽيم پريس“،ڪاشي رام پريس“، “ ڪريمي پريس“، “ مصطفائي پريس“،“ مفيد عام پريس“، نول ڪشور پريس“ ۽ “وڪٽوريا پريس.“ اتي جيڪي ڪتاب ڇپيا اھي خواجا سنڌي خط ۾ بہ ھئا تہ گر مکي خط ۾ بہ ھيا ۽ موجوده سنڌي خط ۾ بہ ھيا. سکر جو مشھور پبلشر “ ھري سنگ ۽ سنز “ جا پھريون ڪتاب لاھور ۾ ڇپبا ھئا ۽ پوءَ جڏھن ھن پنهنجي پريس کولي تہ اتان ڇپرائڻ بند ڪيائين. اسان جي ترتيب ڏنل گل حيات ۾ موجود لسٽ ۾ آڳاٽي کان آڳاٽو ڪتاب جيڪو لاھور ۾ ڇپيو اھو ھو “ درود ھزاره ۽ درود ارواحي“. اھو ڪتاب 1873 ۾ ڇپيو ھيو.
لائل پور ۾ “نريندر اسٽيل پريس“ ھوندي ھئي جنهن مان قاضي محمد پريل جو ڪتاب“ مسلماني آساني“ 1927 ۾ ڇپيو ھيو.
ھي ھڪ عجيب ۽ اھم موضوع آھي جنهن تي اڳ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي گل حيات انهي حوالي سان نہ فقط ڳالھ ڪئي آھي پر انهي تي مواد ۽ معلومات بہ گڏ ڪئي آھي. ڪاش اسان جي سڄڻن جي ذھنن ۾ اھڙا نت نوان موضوع اڀري اچن تہ جيئن اسان سنڌ جي تاريخ جي سمورن رھيل موضوعن تي وڌيڪ ڪم ڪري سگهئون.( ممتاز پٺاڻ)