“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
” جنگ کان جنگ تائين“
دنيا ھن اسان جي دور ۾ 2 مھاڀاري لڙايون ڏٺيون: پھرين مھاڀاري لڙائي ۾ 20 ملين ماڻھون موت جو شڪار ٿيا ۽ 21 ملين ماڻھون شديد زخمي ٿيا.مري ويلن ۾ فوجين جو تعداد 9.7 ملين ھيو. جڏھن تہ 10 ملين غير فوجي ماڻھون مري ويا. ٻي عالمگير جنگ ۾ 1940 جي دنيا جي آدم شماري جو 3 حصو ماريو ويو.چيو ٿو وڃي تہ 50 کان 60 ملين تائين ماڻھون مئا ۽ 19 کان 28 ملين تائين انهي جنگ جي نتيجي ۾ ٿيل بيمارين ۽ ڏڪار جي اثر ۾ ماڻھون مري ويا.
پھرين مھاڀاري لڙائي سنڌ ۽ ھند جي سياست ۾ وڏو انقلاب آندو: سياسي جاگرتا ڪر موڙي اٿي ، ترڪي سان ٿيل زيادتين تي گڏيل ھندستان جا مسلمان حڪومت خلاف اٿي کڙا ٿيا،خلافت تحريڪ جنم ورتو،سرڪار سان عدم تعاون ڪرڻ لاءِ ماڻھن وڏا ۽ اگرا قدم کنيا.ڪيترن سنڌين افغانستان ڏانهن ھجرت ڪئي ۽ حڪومت سياسي بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ “روولٽ ايڪٽ“ نافذ ڪيو. خلافت تحريڪ ختم ٿي تہ ڪانگريس پارٽي حڪومت کي ڪکين تي کنيو. مطلب تہ 1919 کان وٺي انگريزن جي ڇڏي وڃڻ تائين اھا باھ ٻرندي رھي.
انهي دوران ٻي مھاڀاري لڙائي لڳي جنهن ۾ جاپان جي ھيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم اڇلايا ويا. ھن ٻيءَ مھاڀاري لڙائي دوران حڪومت نئين حڪمت عملي اختيار ڪندي سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھن کي بي وقوف ڪري “ وار فند“ قائم ڪري ڏاڍا ڏوڪڙ ڪمايا ۽ جنگ تي آيل خرچ کي عوام جي مال ملڪيت ۽ چندي مان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهي لاءِ سنڌ ۾ “وار ڪاميٽيون “ ٺاھيون ويون، جن جو بنيادي ڪم ھي ھيو تہ جنگ جو فند اڳاڙيو وڃي سنڌ جو شايد ئي ڪو اھڙو وڏيراڻو گهر نہ ھوندو جنهن جي ڪاڳرن جي ميڙي چونڊيءَ ۾ “ وار فند“ جون رسيدون موجود نہ ھجن.اھڙي ريت ڀلي اسان جي نسل کي ڪا خبر نہ ھجي پر وڏڙا انهي ڳالھ جي تصديق ڪندا تہ سنڌ مان ڪيترا ماڻھون پڪڙي انهن کي معمولي تربيت ڏئي فوجي محاذن تي موڪليو ويو ۽ سنڌ جي ڪيترن ماڻھن کي جنگ جي ديوي اڳيان قرباني جو ٻڪرو بڻجڻو پيو.
انگريز سرڪار ٻنھي مھاڀاري جنگين جي حوالي سان کوڙ ساريون رپورٽون شايع ڪيون.اھي جنگ دوران “ سھڪاري خدمتن“ بابت بہ ھيون تہ “جنگي فندن“ بابت بہ ھيون. مون اڄ ھن پوسٽ ۾ جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير ڏني آھي ،اھو 250 صفحن جو ڪتاب آھي جيڪو 1919 ۾ ڇپيو .ھن ڪتاب ۾ ممبئي پرڳڻي اندر “وار رليف ورڪ“ جا انگ اکر ڏنا ويا آھن ۽ ھي اھو زمانو آھي جڏھن سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ۽ انهي جي ڪا صوبائي حيثيت ۽ خودمختياري ڪو نہ ھئي .ان ھوندي بہ جڏھن پھرين مھاڀاري لڙائيءَ جي سنڌ تي اثرن جو مطالعو ڪبو تہ ھي ڪتاب بہ ھر حالت ۾ پڙھڻو پوندو.
منهنجي راءِ آھي تہٖ انهن ٻنهي وڏين لڙاين سنڌ جي معيشت،.سياست ۽ سماج تي برا ۽ گهرا اثر وڌا،جن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي.ان سلسلي ۾ آئون اھو ٻڌائيندو ھلان تہ ٻي مھاڀاري لڙائي بابت مواد ۽ معلومات سنڌ ۾ موجود آھي.انهي حوالي سان جيڪو سنڌ جي اخبارن ڪردار ادا ڪيو اھو سمورو مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي ۽ جنهن جي ھارڊ ڪاپي بہ گل حيات ۾ آھي. جڏھن ٻي مھاڀاري لڙائي لڳي ۽ سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي وار ڪميٽي ٺھي تہ ان جي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ بابت بہ مواد گل حيات ۾ موجود آھي.منهنجي چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ ٻي مھاڀاري لڙائي تي جيڪو اخبارن ۽ سرڪار لکيو اھو پاڻ وٽ موجود آھي باقي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سروي ڪري انهن ماڻھن جا نالا ھٿ ڪرڻا آھن جن کي کنڀي کڻي جنگي محاذن تي پھچايو ويو .ھن جنگ جو سنڌ جي سياست ۽ سياسي تحريڪن تي اھو اثر پيو جو سرڪار وڌيڪ سختي ڪئي ۽ خاص طور تي حرن وارن علائقن ۾ سنڌ جي وڏي حصي تي مارشلا مڙھي وئي. شھيد سورھيه بادشاھ تي سرڪار اھي ڪوڙا الزام ۽ بھتان ھنيا تہ سندس جرمني حڪومت سان سياسي ۽ نظرياتي الحاق آھي تہ جيئن حڪومت خلاف سنڌ ۾ وڏو ممڻ مچايو وڃي.
مان ور ور ڏئي اھا ڳالھ ڪندو آھيان تہ اھي ڪھڙا موضوع آھن جن تي سنڌ جي محققن کي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي موضوع تي مواد خواه معلومات جا ڪھڙا ذريعا ۽ وسيلا موجود آھن؟ ان تي بہ ويچار ونڊيندو آھيان .اڄ مون ٻنھي مھاڀاري لڙائين کي ان لاءِ ئي موضوع بڻائي پڙھندڙن سان ويچار ونڊيا آھن. سنڌ جي محبت اسان کان تقاضا ڪري ٿي تہ ھن ڌرتي ماتا جي تاريخ تي سنجيدگي سان ڪم ڪرڻو آھي.ان سلسلي ۾ ڪنهن بہ محقق کي گل حيات جي سھڪار جي ضرورت محسوس ٿئي تہ گل حيات جا در ۽ اسان جون دليون کليل رھنديون.(ممتاز پٺاڻ)