20190301 134349
 
“ گل حيات جي ميڙي چونڊي مان“
“ تجارتي ۽ واپاري برادري اڻ ڄاڻايل طاقت جو سرچشمو“ 
   اڄ مون “ڪراچي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن“ جي سالياني رپورٽ جو پھريون پيج شيئر ڪري انهي جي آڌار تي پنهنجا ويچار ونڊڻ چاھيان ٿو. پر اڳ ۾ اھو ٻڌائيندو ھلان تہ اھا رپورٽ 150 صفحن تي مشتمل آھي ۽ جنهن ۽ لڳ ڀڳ جنهن جيتري رپورٽ ھر سال ڇپبي ھئي. انهن قسمن جون رپورٽون پنهنجي دور جي سماجي،سياسي ۽ معاشي حالتن جي سچي تصوير ٿئي ٿين ٿيون.
   اسان مان ڪيترن سنڌ جي تاريخ جو انهي رخ کان مطالعو گهٽ ڪيو آھي تہ سنڌ ۾ تاريخ جي وھڪري کي موڙڻ ۾ واپاري ۽ تجارتي برادرين ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آھي.اسان مان ڪيترا سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي موضوع بڻائي لکن يا ٻڌائن ٿا تہ اھي ئي حالتن کي بدلائڻ وارا آھن.وري ڪن جو زور آھي تہ پورھيت ۽ مزدور ئي نظرياتي شعور جي ڪرنگهي جي ھڏي آھن.چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ تاريخ نويسي ۾ ھر ڪنهن محقق ۽ ليکڪ طريقي ڪار ۽ موضوع پنهنجي مرضي مطابق چونڊيا آھن. ان ڪري  پوءَ جڏھن ٻيا زاويا نظر انداز ٿي وڃن ٿا تہ تاريخ اڌوري ۽  اڻ پوري لکجي وڃي ٿي.
تاريخ نويسي  ۽ تاريخ سازي 2 الڳ الڳ اصطلاح آھن.  تاريخ نويسي جو واسطو تحقيقي حوالي سان لکڻ پڙھڻ سان آھي. تاريخ سازي مان مراد ھي آھي تہ  اھي ڪھڙا ادارا، واقعا ۽ افراد آھن جيڪي تاريخ جو رک موڙي سگهن ٿا.تاريخ نويسي جامع ، مفصل ۽ مقصد واري تڏھن ٿيندي جڏھن سمورن تاريخ سازن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي وڃي. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي تاريخ جامع ۽ مستند ڪانهي، ڇو تہ ان ۾ تاريخي اھميت وارن ذريعن ۽ وسيلن جو گهٽ استعمال ٿئي ٿو  ۽ تاريخ سازن مان فقط انهن ڪردارن تي گهڻو لکيو وڃي ٿو جيڪي ليکڪ ۽ محقق کي وڌيڪ ويجها يا وڌيڪ پسند آھن.
ڇا اسان مان ڪيترن ھن ڳالھ تي سوچيو آھي تہ اسان جي دور ۾  سنڌ جا گھڻا گورنر ڪھڙئ برادرئ سان واسطو رکن ٿا؟ سوچي ڏسو ، منهنجي خيال  ۾ تہ گھڻا گورنر واپاري ۽تجارتي برادري منجهان مقرر ڪيا ويا.
     سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ واپاري ۽ تجارتي برادريءَ “ چيمبر آف ڪامرس“ ٺاھيو. پوءَ اڳتي ھلي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن ٺھي ڇو تہ چيمبر آف ڪامرس ۾ ڪيترن ڏيهي تجارتي ۽ واپاري ماڻھن کي ميمبر ٿيڻ ۽ اتي پنهنجو آواز اٿارڻ جو موقعو گهٽ ملندو ھيو.
“چيمبر آف ڪامرس“  سنڌ جي تاريخ تي ڪيئن اثر انداز ٿي؟ آئون ان جو ھڪ مثال پيش ڪريان ٿو. سنڌ ممبئي پرڳڻي ۾شامل ھئي ۽ انتظامي ھيڊ ڪوارٽر ممبئي ۾ ھوندو ھيو.انگريز سرڪار جا مفاد واپاري ۽ تجارتي ھوندا ھئا.انهي کي قبضي ۾ ورتل ملڪن جي “ڪچي مال“ حاصل ڪرڻ،ان کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ يا ان مان فائدي وٺڻ سان مطلب ھوندو ھيو. ان ڪري آمدرفت جي ذريعن کي سڌارڻ روڊ ۽ پليون ٺاھڻ سرڪار جي اوليتن ۾ شمار ٿينديون ھيون.
سنڌ جي  واپاري ۽ تجارتي برادري سرڪاري فيصلن ۽ حڪمن حاصل ڪرڻ ۾ ان ڪري تڪليف محسوس ڪندي ھئي جو انتظامي مرڪز سنڌ کان گهڻو پري ممبئي ۾ ھيو. اھي ئي ماڻھون ھيا جن سياستدانن کا پھريون سنڌ کي  ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.سيٺ ھرچندراءِ وشنداس واپاري ۽ تجارتي برادري جو ماڻھو ھيو ۽ چيمبر آف ڪامرس جو ميمبر ھيو. ھن اتي پنهنجي تجارتي برادري کان سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ٻڌيون ۽ سڀ کان پھريون 1913 ۾ سياسي پليٽ فارم تان ھن ئي اھا ڳالھ ڪئي.انگريزي اخبار “ سنڌ ڪوسڊ“ انهي مطالبي کي ھوا ڏني ۽ پوءَ جڏھن مسلمان سياستدانن سوچيو تہ سنڌ جي عليحدگي کان پوءِ گهڻائي ۾ ھجڻ ڪري اھي ئي صاحب ۽ حڪمران ٿيندا تہ انهن سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري ڳالھ کي تحريڪ بڻائي ڏيکاريو. 1847 ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي ممبئي پرڳڻي سان ملايو ويو . 1913 ۾ سياسي پليٽ فارم تان ھرچند راءَ وشنداس سنڌ جي عليحدگي جي ڳالھ ڪئي،پوءِ جڏھن اھا تحريڪ بڻجي اڀري تہ سيٽ ھرچند راءِ وشنداس انهي جي سخت مخالفت ڪئي. پر تير ڪمان مان نڪري چڪو ھيو جنهن کي واپس ورائڻ مشڪل ھيو. ان ڪري 1936 ۾ سنڌ کي صوبائي خود مختياري ملي. مون هئ ھڪ مثال ڏنو تہ واپاري ۽ تجارتي برادريءَ جون آسون ۽ اميدون ڪيئن پوريون ٿين ٿيون  ۽  ڪيئن اھي اڳتي ھلي سياسي تحريڪن کي جنم ڏين ٿيون. ان ڪري ھن واپاري ۽ تجارتي برادري جي ڪارڪردگي جو مطالعو سنڌ جي تاريخ جي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو.
مون اڄ ڪراچي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن جي سال 1941 جي رپورٽ جو عڪس ڏنو آھي. ھن رپورٽ جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ واپاري ۽ تجارتي ڪميونٽي ڪو سياست کان منهن موڙي ڪا ڪنڊ وٺي رڳو وڻج واپار جون ڳالھيون ڪو نہ ڪندي ھئي پر سياست ۽ سياسي ماحول تي بہ نظر رکندي ھئي ۽ ان تي اثر انداز ٿيڻ جي بہ ڪوشش ڪندي ھئي. ان ڪري ئي ھن رپورٽ ۾ الڳ عنوان ھيٺ سياست تي بحث ڪيو ويو آھي.اپريل 1940 ۾ ڪراچي انڊين مرچنٽ ايسوسيئيشن حڪومت کان مطالبو ڪيو ھيو تہ ھندي کي سنڌ ۾ علاقائي زبان جو درجو ڏنو وڃي  پر ان کي سرڪار منظور نہ ڪيو. اهي ۽ اھڙيون کوڙ ڳالھيون آھن جيڪي تجارتي برادريءَ جي ساليانن رپورٽن ۾ موجود آھن جن تي تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي. انهن مان ڪجه رپورٽون گل حيات ۾ پڻ موجود آھن.(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes