” گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
” تاريخ جا ھي معلوماتي ذريعا ۽ وسيلا ڪير ڪم آڻيندو؟“
سنڌ جي تاريخ تي جيڪا تحقيق ٿئي ٿي انهي جي حد کان وڌيڪ تعريف تہ ڪري سگهجي ٿي پر شديد تنقيد جا جواز پڻ انهي لاءِ موجود آھن. تحقيق تي ڪم ڪندي جيڪي معلومات ۽ مواد جا ذريعا ڪم آندا وڃن ٿا،اھي ڪنهن بہ صورت ۾ پورا نہ ھوندا آھن ۽ ڪي ڪي وري اعتبار جوڳا نہ ھوندا آھن.ھاڻي تہ ايم فل ڪرائڻ کان اڳ ۾ يونيورسٽين وارا “ تحقيقي تربيت “۾ ڪورس بہ ڪرائن ٿا جنهن جي پاس ڪرڻ کان سواءِ شاگرد ايم فل يا پي ايڇ. ڊي ڪري نہ ٿو سگهي.انهي ڪورس ۾ لازمي طور تي ھڪ سبجيڪٽ رکيو وڃي تہ مواد ۽ معلومات جا ڪھڙا ذريعا ۽ وسيلا ٿين ٿا؟ اهي ڪٿان ملي سگهندا؟
مثال طور مون اڄ اخبار تعليم کي پنهنجي پوسٽ جو موضوع بڻائي ڪجه ڳالھيون عرض رکڻ گهران ٿو.
ھي اسڪول ايجوڪيشن جو ماھوار رسالو 1900 کان شروع ٿيو ۽ پاڪستان کان پوءَ بہ مستقل طور تي نڪرندو رھيو.حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار مين جو پرنسپال ھن “ اخبارتعليم“ جو ايڊيٽر ھوندو ھيو .اخبار تعليم جي موضوع تي پي ايڇ ڊي بہ ٿي چڪي آھي، پر پوءَ بہ جڏھن اخبار تعليم جا ورق ورائي ڏسجن ٿا تہ خبر پوي ٿي تہ “اھا ڄاڻ جي ھڪ کاڻ آھي“. اخبار تعليم ۾ ٻن قسمن جو مواد ڏنو ويندو ھيو .پھرئين قسم ۾ سنڌ جي استادن جا مضمون، ڪھاڻيون ۽ سندن شاعري ڇپبي ھئي. ٻئي قسم جو مواد تعليم کاتي جي سرڪاري نوٽيفڪيشنس تي مشتمل ھوندو ھو.مثال طور ڪھڙو امتحان ڪڏهن ٿيندو؟ امتحاني سينٽر ڪٿي ٿيندا؟ ۽ امتحانن دوران نظرداري ڪندڙ ڪميٽي ڪھڙن عملدارن تي مشتمل ھوندي. اھڙا نوٽيفڪيشنس ساليانن امتحانن، اسڪالر شپ جي امتحانن ۽ فري بورڊن جي امتحانن بابت ھوندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ھن “اخبار تعليم“ ۾ گورنرن جي دورن بابت تفصيلي رپورٽون ۽ سندن تقريرون پڻ ڏنيون وينديون ھيون. اخبار تعليم جي بيڪ ٽائيٽل پيج تي تعليم تي دنيا جهان جي تعليمدانن ۽ ڏاھن جا قول ڏنا ويندا ھيا جيڪي انگريزي ۾ بہ ھوندا ھئا تہ انهن جو سنڌي ۾ ترجمو بہ ڏنو ويندو ھيو. ھڪ اڌ مثال ھت پيش ڪجي ٿو . Being & Doing come before knowing. ) pestalozzi) .جنهن جو ترجمو ھن ريت ڪيو ويو آھي : “ھئڻ ۽ ڪرڻ ڄاڻڻ کان اڳ اچڻ گهرجي“. ٻيو مثال ڏسو: Self education is the best education for the child جنهن جو ترجمو آھي تہ “خود سکيا آھي ٻار لاءِ سچي سکيا“.
انهي آخري قول کي پڙھي مون کان تہ ڇرڪ نڪري وڃن ٿا .ڇو تہ اسان جي موجوده تعليمي ميدان ۾ ٻار کي کالي توٻرو ڄاڻي مختلف سبجيڪٽس جي علمن سان ڀريو ٿو وڃي. ٻي دنيا وارا، جن ترقين جون منزلون ماڻيون سي اھو چون ٿا تہ ٻار کي اھو سيکاريو، بلڪ مدد ڪيو جيڪو ھو پاڻ سکڻ ۽ پڙھڻ چاھي ٿو. ليڪن اسان ٻار کي اھو پڙھايون ٿا جيڪو اسان کيس سيکارڻ ۽ پڙھائڻ چاھيون ٿا. ھي تعليمي قول ايڏا تہ ڌيان ڇڪائيندڙ آھن جو انهن کي سمورن پرچن مان ڪڍي الڳ ڪتاب ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.پر اھو ڪم ڪير ڪندو؟ ڪو ئي بہ نہ ڪندو.
“اخبار تعليم“ ۾ جيڪي ان دور جي “ڪرنٽ ھسٽريء“ تي مضمون ڇپيا آھن، اھي نہ فقط معلوماتي آھن پر ڪيترن مفروضن جو رد پڻ آھن. مثال طور سکر واري پل ٺھي تہ ان تي “ھو جمالو“ واري گيت جنم ورتو.ھاڻي اچي بحث ڇڙيو آھي تہ اھو جمالو ڪير ھيو؟. اخبار تعليم ۾ “لينس ڊائون “واري پل تي ھڪ مضمون فيبروري 1941 جي پرچي ۾ ڇپيو آھي. انهي پل ٻڌڻ لاءِ ھڪ کان وڌيڪ تجربا ڪيا ويا ھئا پھريون 1879 ۾ ۽ ٻيو 1882 ۾ ۽ ٽيون 1887 ۾. ٻئي تجربي موجب ساڌ ٻيلي جي ٻيٽ جي ويجهو 250 فوٽن جي ڊيگه واري پل ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي پر آگسٽ 1882 ۾ درياه ۾ وڏي ٻوڏ آئي ، جنهن اھو قصو ئي ٻوڙي ختم ڪري ڇڏيو.ان ڪري 1887 ۾ موجوده لينسڊائون پل ٺاھڻ جو آغاز ٿيو جنهن جي نگراني مسٽر ايف - اي - رابرٽس ڪئي ھئي.مسٽر ايم ايس ھڪينٽ سول ايگزيڪيوٽو انچارج ھو. ھڪ يورپين اور سيز مسٽر اي ڊي ھيڪٽ پڻ انهن جي امداد لاءِ ھو. ساڻن ھمراه ھڪ ديسي سب اور سير ميان فيض محمد نالي سان بہ ھو پل جي تياري جي وچ ۾ زياده حادثا پيش ڪو نہ آيا، صرف چار ماڻھون مختلف وقتن تي ڌڪو کائي ڪرڻ ڪري مري ويا، ۽ ٻہ ڄڻا انهن اوزارن جي ضرب رسڻ ڪري مري ويا، جي بلندي تان انهن ماڻھن جي مٿان اچي ڪريا ھئا.پل جي تياري تي ڪل 2696000 رپيا خرچ آيو.
“اخبار تعليم“ جي الائي ڪيترن پرچن جي بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) انڊيڪس ٺاھي آھي، جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انهي منجهان ھڪ ڪارڊ جي تصوير مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي. “اخبار تعليم“ سنڌ جي تعليم تدريس ۽ علم ادب تي ھڪ انمول معلوماتي خزانو آھي. مون تہ انهي جي فقط ھڪ جهلڪ ڏني آھي پر منهنجي تمنا آھي تہ اخبار تعليم مان سموري شاعري ڪڍي الڳ ڪتاب ڇپرايو وڃي، اھڙي نموني سان مضمونن جي چونڊ ڪري ڪتاب ترتيب ڏنو وڃي.ٻي وڏي ڳالھ جيڪا اوھان سان ڪرڻي آھي اھا ھي آھي تہ “اخبار تعليم“ ۾ شايع ٿيندڙ انهن ڪتابن جي لسٽ پڻ ڏني ويندي ھئي جيڪي تعليمي ادارن جي لائبريرين جي لاءِ خريد ڪرڻ لائق ھوندا ھئا. ان ڪري اھي ماڻھون جيڪي انگريزن جي دور جي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ تي ڪم ڪرڻ گهرن ٿا انهن لاءِ ھي معلومات وڏي مفيد ۽ ڪم جي آھي.(ممتاز پٺاڻ)