“ ڏوھاري قبيلن بابت سنڌ سرڪار جون ساليانيون رپورٽون“
انگريز حڪمران ڌاريا ھيا، ان ڪري انهن غير جانبداري کي آساني سان انصاف ۽ انتظام رکڻ لاءِ ڪم آندو.ڏوھ تہ ھر ڪنهن دور ۾ ٿيندا آيا آھن پر ڪن اھم واقعن کانسواءِ سمورا تفصيل انگريزن کان اڳ واري دور تائين موجود ڪونہ آھن. جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جا پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ ۾ آيا تہ انهن جي لک پڙھ مان ڪجه ڏوھن بابت خبر پوي ٿي.پر حقيقت ۾ اھي انگريزن جي سنڌ ۾ سياسي ۽ واپاري چرپر خلاف جھڙوڪ تحريڪ ھئي.مثال طور کوسن ڏکڻ اوڀر سنڌ جي سرحدي پٽي ۾ وڏيون ڪاروايون ڪيون ۽ وري سنڌو ندي جي ڪيترن پتڻن تي غير سنڌي واپارين ۽ انگريزن کي لٽيو ڦريو ويو.
برٽش پيرڊ ۾ سرڪار طرفان “آفيشل گزيٽ“ نڪرندي ھئي جيڪا 1936 کان پوءِ“ سنڌ آفيشل گزيٽ“ جي نالي سان سڏي وئي ۽ اڳ ۾ وري انهي کي “ممبئي گورنمينٽ آفيشل گزيٽ“ چيو ويندو ھو. ھن گزيٽ ۾ ڏوھن ۽ ڏوھارين بابت وقت بوقت تفصيل ڇپبا ھئا. مثال طور سنڌ جي مختلف ھنڌن ۽ ضلعن ۾ ڏوھارين کي مدد يا پناھ ڏيڻ لاءِ جن ماڻھن کي سرڪار پڪڙيندي ھئي.انهن کي پاٿاريدار چيو ويندو ھيو. انهن پاٿاريدارن جا نالا گزيٽ ۾ ڇپبا ھئا ۽ اھڙيون لسٽون گل حيات ۾ بہ موجود آھن.مزي جي ڳالھ اھا آھي تہ انهن ڪن پاٿاريدارن جا پونئير اسان جي دور ۾ وڏا ماڻھون ۽ معتبر سڏجن ٿا.
حر تحريڪ ھلي تہ انهن جون سنڌ ۾ مختلف ھنڌن تي ڪئمپون جوڙيون ويون تہ جيئن انگريزن خلاف يا حڪومت خلاف سرگرميون ڪندڙ حرن کي پڪڙي انهن کي انهن ڪئمپن ۾ رکيو وڃي.سرڪار جي نظر ۾ جيڪي وڌيڪ خطرناڪ حر ھوندا ھئا انهن کي وري سنڌ کان ٻاھر ممبئي پرڳڻي جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويندو ھيو.
سنڌ ۾ انهن ڪئمپن جوڙڻ جو رواج ڊسمبر 1935 کان ٿيو.انهي جي لاءِ سنڌ سرڪار جي ھوم ڊپارٽمينٽ جي حڪم نامي نمبر 8571_ 111- بي.مورخه 23 ڊسمبر 1935 مطابق “ڪرمنل ٽرائيبس سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ“ جوڙيو ويو ۽ ان جو ھيڊ ڪوارٽر سکر کي بڻايو ويو. اللہ بخش انصاري انهي کاتي جو پھريون آفيسر ھيو. ان کان پوءِ طفيل محمد راجپوت کي ڪرمنل ٽرائيبس سيٽلمينٽ آفيسر بڻايو ويو ۽ ان جي پوني ۽ ٻين ھنڌن تي ٽريننگ ڪرائي وئي .اھو عملدار ھر سال پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي جي رپورٽ سرڪار کي پيش ڪندو ھيو جيڪا ڪتابڙي جي صورت ۾ ڪمشنرس پرنٽنگ پريس مان ڇپبي ھئي.
ھن رپورٽ ۾ اھي تفصيل ڏنا ويندا ھئا تہ ڪئمپن ۾ ڪيترا حر رکيا ويا آھن، انهن جون ذاتيون ڪھڙيون آھن،ڪھڙن ڪھڙن حرن کي وقتي لائيسنس ڏئي ڪئمپن کان ٻاھر رکيو ويندو ھيو ۽ انهن جي اٿڻ ويھڻ تي چوڪسي رکي ويندي ھئي. لائيسنس يافته حر مقرر ڪيل وقت تي پنهنجي تر جي ٿاڻي ۾ رپورٽ ڏيڻ جي لاءِ ضرور ويندا ھئا.ھن رپورٽ ۾ اھو بہ ڄاڻايو ويندو ھيو تہ حرن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو ڪيترو بندوبست ڪيو ويو . باقي حرن کي قرآن شريف پڙھايو ويندو ھيو ۽ انهن لاءِ مذھبي ليڪچر ڪراياويندا ھيا. اھڙا تفصيل ھن رپورٽ ۾ موجود آھن. رپورٽ ۾ اھي انگ اکر بہ ڏنل آھن تہ ڪھڙا ۽ ڪيترا حر ڀڄي ويا جن کي پڪڙي وري سزائون ڏنيون ويون.
سنڌ ۾ گھڻن ھنڌن تي اھي ڪئمپون قائم ھيون ۽ انهن جون ساليانون رپورٽون سرڪار کي موڪليون وينديون ھيون. انهن رپورٽن ۾ حرن جي دکن دردن جا مذڪور موجود آھن. انهن رپورٽن کان سواءِ سنڌ گزيٽ ۾ پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪري مختلف ڪئمپن ۾ رکيل حرن جا نالا ۽ ٻيا تفصيل ڏنا ويندا ھئا.گل حيات ۾ ھي ساليانيون رپورٽون ۽ گزيٽ نوٽيفڪيشن چڱي تعداد ۾ موجود آھن.
حرن جي تحريڪ پٺيان سندن پنهنجي مرشد سان محبت جو عنصر موجود آھي پر اھا آزادي جي تحريڪ جو ھڪ اھم ۽ اڻ ٻڌايل باب آھي. ھئ ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي آھي تہ سنڌ صوبائي حيثيت وٺي چڪي ھئي حڪومتون سنڌين جي ھٿن ۾ ھيون ۽ پوءِ بہ سوريه بادشاھ ۽ سندس حرن خلاف ڪيس ھلايا ويا ۽ ڪئمپون ٺاھيون ويون .حر ڪئمپن کي موضوع بڻائي منظم نموني سان تحقيقي پورھيو ڪري سگهجي ٿو.پر اھو ڪم تڏھن مڪمل ٿيندو جڏھن حر يا سندن اولاد ڪا دلچسپي وٺي. سنڌ مان جيڪي ھندو لڏي يا ڇڏي ويا سالن گذرڻ کان پوءَ اتي ھڪ اھم تحقيق جو آغاز ڪيو ۽ سنڌ مان لڏي ويل ھندن کان انٽرويوز ذريعي يادگيريون نوٽ ڪري ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرايون ويون. سنڌ ۾ حرن بابت پڻ اھڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪي ڪئمپن ۾ ھيا انهن کان انٽرويو وٺي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا وڃن ۽ حرن جي آباد ڪاري واريون سموريون رپورٽون پڻ انهي ڪتاب جو حصو بڻايو وڃي.( ممتاز پٺاڻ)