” جڏھن سنڌي ڪارخانن جا ڌڻي ھوندا ھيا“
پروفيسر ڇٻلاڻي،جنهن سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي شديد مخالفت ڪئي اھو اقتصاديات جو وڏو ماھر ھيو.ھن سنڌ جي اقتصادي تاريخ تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ھن جي انهي مقالي جو سنڌي ترجمو مرحوم سراج الحق ميمڻ ڪيو ھيو ۽ اھو سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب ڇپرايو ھو.ھن ڪتاب جي پڙھڻ کان پوءِ سنڌ جي شاندار ماضئ جي اقتصادي صورتحال حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿي.ڪتاب گھڻو ڪري مارڪيٽ ۾ موجود آھي ان ڪري آئون تفصيل ڏيڻ نہ ٿو گهران.ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي “سنڌ جي ھندن جي تاريخ “ جي عنوان سان ٻن جلدن ۾ 1946 ۾ ڪتاب لکيو، جيڪو ھاڻي تازو ٻيھر ڇپيو آھي .انهي جي پڙھڻ مان بہ خبر پوي ٿي تہ سنڌ ۾ جديد ڪارخاني سازي جو آغاز ڪيئن ۽ اهو سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ٿيو.
سنڌ ۾ اھي ھئا ڏيھي ڪارخانا جيڪي سنڌي ماڻھن ٺاھيا. ھن کان سواءَ ٻيا ڪارخانا غير سنڌين ٺاھيا .جڏھن 1555 ۾، حڪمرانن ناعاقبت انديشيءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ پورچگيزين کان مدد گهري ھئي تہ انهن اچي ٺٽي کي ساڙيو ۽ نست نابود ڪيو. پورچگيزن سنڌ ملڪ ڏٺو ۽ پوءِ ٺٽي ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ تجارتي بيٺڪون بہ ٺاھيون ۽ فيڪٽريون بہ ھنيئون. انگريز انهن کان پوءِ آيا ميان غلام محمد شاھ ڪلھوڙو جڏھن سنڌ جو حڪمران ھيو تہ ھن انگريزن کي تجارتي ڪوٺي ۽ فيڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني .ڪلھوڙن جي دور کان پوءِ جڏھن ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿيا تہ انهي زماني ۾ ڪراچي ۾ انگريزن کي ڪارخاني کولڻ جي اجازت ڏني وئي.پوءِ وري جڏھن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ڪراچي کي گادي بڻايائون تہ ڪيترا پارسي ۽ ٻيون تجارتي ۽ واپاري برادريون ڪراچي ۾ اچي پنهنجا ڪارخانا کوليئون انهن جا تفصيل پراڻن “ڪراچي ايئر بوڪ“( ڪراچي جا سال ناما) ۾ موجود آھن. ان کان سواءِ سمٿ جڏھن سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي تي گزيٽير لکي تہ انهي ۾ فيڪٽرين جا انگ اکر بہ ڏنائين .اھي گزيٽيئرس بہ تازو ٻيھر ڇپيا آھن ۽ مارڪيٽ ۾ موجود آھن.
1936 ۾ سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ ان کان پوءِ سنڌ سرڪار سنڌ ۾ موجود ڪارخانن تي ساليانون رپورٽون شايع ڪرائيندي ھئي.انهن منجهان مون ھڪ رپورٽ جو ٽائيٽل پيج ھن پوسٽ سان گڏ شيئر ڪيو آھي.انهن ڏھن سالن جي رپورٽن مان ڪيتريون گل حيات ۾ موجود آھن.
مزدورن ۽ مزدور سياست بابت کوڙ سارو مواد اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.پر ڪارخانن بابت ساليانون رپورٽون ھارڊ ڪاپيز جي صورت ۾ يا ڪتابي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھن.اھڙي ريت سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 1937 کان وٺي 1947 تائين ٿيل بحث مباحثا ۽پڇيل سوال ۽ انهن جا جواب بہ ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گھڻي ڀاڱي گل حيات ۾ موجود آھن.
سنڌ سرڪار جيڪي سال ۾ ھڪ دفعو فيڪٽرين تي رپورٽون شايع ڪندي ھئي اھي گهٽ ۾ گهٽ 30 صفحن تي مشتمل ھونديون ھيون ۽ ڪراچي جي ڪمشنرس پرنٽنگ پريس مان ڇپبيون ھيون. انهن رپورٽن ۾ فيڪٽرين،مزدورن ۽ ٻين لاڳاپيل مسئلن تي ڏاڍي اھم معلومات ڏني ويندي ھئي،جيڪا سنڌ جي فيڪٽرين جي چيف انسپيڪٽر طرفان لکيل ھونديون ھيون. ھر هڪ رپورٽ ۾ مزدورن جا انگ اکر، انهن کي ملندڙ سھولتون ۽ پگهارون، سنڌ ۾ مزدورن جون ھڙتالون، ڪارخانن ۾ مزدورن جا ٿيل موت ۽ حادثا، مزدورن ۽ ڪارخاني جي مالڪن جا معاملا ۽ ڪورٽ جون ڪاروايون انهي رپورٽ ۾ شامل ھونديون ھيون.انهي کان سواءِ سنڌ جي ڪارخانن جا قسم ۽ انهن جي ٻي معلومات جا انگ اکر پڻ ڏنا ويندا ھئا.
سال 1939 واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ انهي سال ڪارخانن ۾ 29875 مزدور ڪم ڪندا ھئا ۽ اھا ورڇ وري 3 قسمن ۾ ورھائي ڏني وئي آھي جيئن عورت مزدورياڻيون، مرد مزدور ۽ ٻار مزدور. 1938 ۾ 117 ٻار ۽ 4955 عورتون مزدور ڪارخانن ۾ ڪم ڪنديون ھيون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ سال 1939 ۾ فقط ڪراچي شھر ۾ مزدورن جون 9 زبردست بک ھڙتالون ٿيون.اھي ڪھڙن ڪھڙن ڪارخانن ۾ ٿيون ؟ ۽ ڪھڙين تاريخن ۾ ٿيون؟ ڪھڙن سببن جي ڪري ٿيون؟ اھي سڀ تفصيل ھن رپورٽ ۾ موجود آھن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ 1939 ۾ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ 9 مزدور مري ويا، 98 مزدور سخت زخمي ٿيا ۽ 336 مزدور معمولي زخمي ٿيا. رپورٽ ۾ اھو پڻ ٻڌايو ويو آھي تہ 1939 ۾ مزدورن ۽ مالڪن وچ ۾ ٿيل معاملن ۽ ڪيسن جو تعداد 104 ھيو جيڪي 41 ڪارخانن سان واسطو هيو. ھن ۽ سڀني رپورٽن ۾ انهي کان وڌيڪ معلومات موجود آھي. مزدور معيشيت جي ڪرنگهي جي ھڏي آھي انهن محنت ۽ مزدوري ڪري سنڌ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.انهن جي ڏکن سکن ۽ ڪارنامن خدمتن تي تفصيلي تحقيقون ٿيڻ گهرجن.انهي ڏس ۾ گل حيات ۾ جيڪو مواد موجود آھي،اھو محققن سان ونڊيندي اسان کي خوشي ٿيندي. ان لاء گل حيات جا دروازا بند نہ رکيا ويندا. ( ممتاز پٺاڻ)