“ گل حيات ۾ گڏ ڪيل پراڻا رسالا ۽ اخباري ايڊيشن.“
گل حيات اداري ۾ کوڙ اھڙا رسالا موجود آھن، جيڪي ھر وجه کان اسان جي ادبي دنيا ۽ تاريخ ۾ وڏي حيثيت ۽ اھميت رکن ٿا.آئون ڪوشش اھا ڪندس تہ نھايت ناياب ۽ اڻ لڀ رسالن ۽ اخباري ايڊيشن مان ھر ھڪ جو تعارف ڪرائيندو ھلان. انهن مان جيڪڏھن ڪن رسالن جا نالا اوھان کي ٻڌايان، تہ اھي آھن ماھوار “مارئي،“ فردوس“ ڌرم درشن“ مھراڻ“ نئون نياپو“ سنڌ اطلاعات“ ڳوٺ سڌار“ پيغام“ ۽ “نئين زندگي“ وغيره.
انهن رسالن منجهان اڪثر رسالا اھڙا آھن جيڪي پھرين جلد ۽ پھرين نمبر کان وٺي اسان وٽ موجود آھن . مثال طور ماھوار “مارئي“ جيڪا بيگم زينت عبداللہ چني جي ايڊيٽري ھيٺ فيبروري 1957 کان حيدرآباد مان جاري ٿيو .
ھن رسالي جي پھرين پرچي ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ اھو رسالو ڪنهن بہ ملڪي يا غير ملڪي جماعت يا تحريڪ جو ترجمان نہ ھوندو پر عورتن جي علمي ۽ ادبي صلاحيتن اڀارڻ سان گڏ منجهن گھرو خوشحالي جي واڌاري ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي سڌاري کي مقصد بڻائي پڙھندڙن کي مواد فراھم ڪندو. هن رسالي جي پھرين پرچي ۾ جن ليکڪن ۽ شاعرن جو مواد شايع ٿيو انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، مخدوم طالب المولا، سيد ميران محمد شاھ، سرشار عقيلي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري۽ بشير مورياڻي مکيه شاعر ھيا.افسانا وري عبدالجبار جوڻيجي، امينه ھاليپوٽي ۽ محمد بخش جوھر جا شايع ٿيا . ھي رسالو سنڌ يونيورسٽي پرنٽنگ پريس ۾ ڇپبو ھو ۽ ان جو آرٽسٽ ع. ق.شيخ هوندو ھيو .رسالو اڪثر ڪري 60 صفحن جو ھوندو ھيو ۽ ايڏو تہ مشھور ٿيو جو حيدرآباد کانسواءِ مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ دستياب ھوندو ھيو.اپريل 1957 جي پرچي تي نظر وجهون ٿا تہ خبر پوي ٿي تہ ھي رسالو سنڌجي 41 ڪتب فروشن جي دڪانن تي موجود ھوندو ھيو.
ادب ۾ سنڌ جي عورتن وڏي عرصي کان وٺي خدمتون سر انجام ڏنيون آھن، پر ھي پھريون رسالو ھيو جنهن نہ فقط ليکڪ عورتن کي پنهنجن علمي ۽ قلمي جوھرن ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ليڪن ڪيترن نئين ليکڪائن کي ادبي ۽ قلمي ڪاوشن ۾ حصي وٺڻ جي ترغيب ۽ ترتيب ڏني .جن ليکڪائن جون لکڻيون ھن رسالي ۾ شايع ٿيون انهن جي نالن جو وچور تہ وڏو آھي پر ڪجه نالا ڏيڻ آئون ضروري سمجهان ٿو جيڪي آھن: ثميره زرين، بيگم روشن مغل، عطار بيگم جوڻيجو، بيگم اختر نواب چنه، مھرالنساءِ مغل، لعل سومري، خديجه قاضي، نصرت چنه، جميلا نرگس، فاطمه رشيد، شمس عباسي، خيرالنساءِ عاجز، فھميده عباسي، نسيم ڪوثر،ذڪيه بيگم دريشاڻي وغيره.
ھي اھو زمانو ھيو جڏھن انڊيا جا ليکڪ آساني سان پنهنجو مواد سنڌ موڪلي سگهندا ھئا ۽ ڪا بہ سرڪاري نظرداري يا پابندي ڪو نہ ھوندي ھئي. ان ڪري ھن رسالي ۾ انڊيا جي جن ليکڪن جو مواد شايع ٿيو انهن مان منگهارام ملڪاڻي،گوورڌن محبوباڻي، ڀڳوان ميواڻي ۽ وريل داس “ناز“ جا نالا اھم ۽ ذڪر لائق آھن. انڊيا جي شاعرن جو جيڪو ڪلام ھن رسالي ۾ شايع ٿيو ان ۾ سندن سنڌ جي اڪير ۽ ڌرتي کان وڇوڙي جو درد صاف صاف نظر ايندو هئو. مثال طور ڀڳوان - سي ميواڻي جو ھڪ گيت جيڪو جولاءِ1957 واري پرچي ۾ شايع ٿيو ان جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
جيون جا سپنا ٿيا چور- منهنجو ساجن مونکان دور.
ڪيئن الائي پاڻ پليائين، ڇا، دل تان مونکي لاٿائين،
ڪنهنکي قاصد ڪري منجان مان، پاڻ تہ نياپو ڪو نہ مڪائين!
اوسيڙي ۾ راھ تڪيندي، پيو اکڙين ۾ سور،
منهنجو ساجن مونکان دور.
ھن رسالي جي باني ايڊيٽرياڻيءَ بيگم زينت چنه جو نالو نہ فقط استاد اديبن ۾ شامل ٿئي ٿو، پر ھوءَ ھڪ نامور ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائي وئي. ھن رسالي جي اسان جي ادب ۾ ايتري اھميت آھي جو ان تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪري سگهجي ٿي. ھي رسالو جيئن تہ پاڪستان جي دور ۾ نڪتو، ان ڪري اسان جي ڪيترين مکيه لائبريرين ۾ ضرور موجود ھوندو.پر جيڪڏھن ڪٿي ڪنهن لائبريري ۾ ھن رسالي جا پرچا کٽل ھجن ۽ اھي اسان وٽ موجود ھجن تہ دوستن جي لاءِ اسان جون دليون ۽ دروازا کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)