“گل حيات جي گنج مان“.
”ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي مسيلني“
انگريزن جي دور ۾ اسان جي تعليمي ادارن شاگردن جي شخصيت سازيءَ جو وڏو اھتمام ڪيو. ان ڪري تعليمي ادارن ۾ ڊبيٽنگ سوسائٽيون ٺھيون ۽ اتان مئگزنس ڪڍيون ويون.سنڌ مدرسي، ڊي جَي ڪاليج ڪراچي،ڊي جِي ڪاليج حيدر آباد انهي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو.سنڌ مدرسي مان“ مدرسہ منٿلي“ ڊي جي ڪاليج حيدرآباد مان “ڦليلي“ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان “ڪاليج مسيلني“ رسالا نڪرندا ھئا.
“ڦليلي“ جا ڪجه پرچا گل حيات ۾ موجود آھن البته “ڊي جي ڪاليج مسيلني“ جو ڪو بہ پرچو ڪونهي پر بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) انهي جي ڪيترائي پرچا ڊي جي ڪاليج ڪراچي جي لائبريريءَ ۾ ويهي پڙھيا ۽ انهن جي انڊيڪس ٺاھي پاڻ وٽ رکيائين جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي.
ھئ مسيلني جنوري 1900 کان نڪتي ۽ بابا سائين انهي جي فيبروري 1931 کان وٺي آڪٽوبر 1935 تائين پرچن جو مطالعو ڪيو ۽ انهن جي انڊيڪس بہ ٺاھي ورتائين.
ھن مسيلني ۾ اڪثر ڪري استاد ۽ شاگردن جا لکيل مضمون ،افسانا ۽ شاعري ڇپبي ھئي.البته منگهارام ملڪاڻي جا ناٽڪ ڇپبا ھئا،ڇو تہ ھو پنهنجي دورجي وڏن ناٽڪ نگارن مان ھيو ۽ ڪاليج ۾ پڻ استاد ھيو.انهي کان اڳ جو مان مسيلني جي شاگرد ۽ استاد ليکڪن جي نالن جو وچور ڏيان، اھو پڻ ٻڌائيندو ھلان تہ انهن کان سواءِ تنهن دور جي نامور قلم ڌڻين جو لکڻيون بہ ھن مسيلني ۾ شايع ٿينديون ھيون. جهڙي ريت مرزا قليچ بيگ، سوڀراج نرملداس “فاني“، ڪشن چند “بيوس“، حڪيم لال چند “مجروح“، ھري درياني “دلگير“ وغيره.
منگهارام ملڪاڻي جا جيڪي ھن مسيلنئ ۾ ڊراما شايع ٿيا، انهن مان “ ناخلف پٽ،“ پاپ ڪين پڃ؟“ “اولاد“ “ٻہ باھيون “ سمنڊ جي گجڪار“ ۽ “ ميلاپ“ ذڪر لائق آھن .استادن مان منگهارام ملڪاڻي کانسواءَ ڪاڪي ڀيرو مل ۽ لال سنگه اجواڻي جا بہ ڪيترا مضمون ھن مسيلني ۾ شايع ٿيا. ھن مسيلني جو ايڊيٽر ڪاليج جو ڪو نہ ڪو استاد ٿيندو ھيو، جڏھن تہ ڪو شاگرد وري ان جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيندو ھيو . جن مکيہ شاگردن جا ھن مسيلني ۾ ليک پيا تن مان ڪي نالا ھن ريت ٿين ٿا: وشنو گدواڻي، ڊي ڪي ڪشناڻي، لال ھنگوراڻي، ھري ھزاري مل، شيوڪ ڀوڄراڄ موٽواڻي، سيد بچل شاھہ، وشن گيھاڻي، رام ڇڳاڻي، ديو سڀاڻي، رام پنجواڻي، ليلارام ڦيرواڻي۽ پرڀو ڇڳاڻي. انهن جو انهن پرچن ۾ گهڻو مواد شايع ٿيو ۽ پڙھندڙ محسوس ڪندا تہ انهن ليکڪ شاگردن مان پوءِ ڪن اڳتي ھلي ادبي دنيا ۾ نالو ڪمايو.
اڄ مون پنهنجي پوسٽ ۾ ڊي جي ڪاليج جي مسيلني جي تصوير انهي ڪري نہ ڏني آھي جو اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آھيان تہ انهي رسالي جو ڪو بہ پرچو گل حيات ۾ موجود ڪونهي. ان ڪري ڊي جي ڪاليج جي ھڪ ناياب تصوير ڏني اٿم.ھن پوسٽ لکڻ جا 2 مکيه مقصد ذھن ۾ ھيا 1. اھو تہ مان انهي مسيلني جي انڊيڪس جي حوالي سان پڙھندڙ دوستن کي ٻڌائي سگهان تہ اھا گل حيات ۾ موجود آھي،ليڪن جن پرچن جي انڊيڪس آھي انهي جو ذڪر ھن ئي پوسٽ ۾ مان اڳ ۾ ڪري چڪو آھيان.2 مقصد منهنجي ذھن ۾ ھي آھي تہ مان تعليم جي منتظمين ۽ وس وارن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ اڳي تعليمي ادارا شاگرد کي بھتر نموني سان مصروف ۽ مشغول رکندا ھيا. اھي جيڪي رسالا يا مئگزينس ڪڍندا ھئا انهن ۾ شاگردن کي سکڻ ۽ لکڻ جي تربيت ملندي ھئي.بلاشڪ انگريزن جي دور وارن تعليمي ادارن ۾ “ شاگرد سياست“ بہ ھئي، پر اھي مکيہ ۽ اھم وقتن تي پنهنجي سياسي شعور جو اظھار ڪندا ھيا،ھونئن نہ تہ پڙھائي ڏانهن توجه ڏيندا ھئا، ادارن جي ادبي ۽ ناٽڪي سوسائٽين ۾ ڀرپور حصو وٺندا ھئا.انهي سڄي مرحلي ۾ استاد برادري انهن سان گڏ ھوندي ھئي.ڊرامن جي تاريخ پڙھبي تہ منهنجي ڳالھ جي تائيد ٿيندي تہ تعليمي ادارن ۾ جيڪي ڊراما ٿيا انهن ۾ شاگردن سان گڏ استادن بہ اداڪاري ڪئي.شاگردن ۽ استادن جي برادرين ۾ ويجهڙائپ قائم ٿي ۽ انهي جو درس تدريس تي بھتر اثر پيو.اھي ڳالھيون اسان کي پنهنجي دور ۾ گھٽ نظر اچن ٿيون.(ممتاز پٺاڻ)