“ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ تائين“
مون ھڪ پوسٽ ۾ پيپلز پارٽي جو ذڪر ڪيو ھيو تہ اھا پاڪستان کان اڳ سر شاھنواز ڀٽي جي قيادت ۾ ٺھي ھئي ۽ پوءِ سندس پٽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي وري پاڪستان جي دور ۾ ساڳي نالي سان پارٽي ٺاھي جنهن سالن جا سال سنڌ تي حڪمراني ڪئي آھي.
اھڙي ريت 1936 ۾،سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ سنڌي مسلمانن پنهنجي نئين سر سياسي صف بندي ڪئي تہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (سنڌ اتحاد پارٽي) جنم ورتو. انهي جو اڳواڻ بہ سر شاھنواز ڀٽو ھيو ۽ نائب اڳواڻ حاجي عبداللہ ھارون ھيو . جڏھن تہ ان جي ٻين اڳواڻن جي نالن جو ٿورو وچور ھن ريت ٿئي ٿو: خان صاحب اللہ بخش سومرو، محمد ھاشم گذدر، خان بھادر غلام النبي شاھہ، سائين جي ايم سيد، سردار جعفر خان بڙدي، پير الاھي بخش،سيد خير شاھ، رسول بخش خان انڙ ۽ محمد عثمان سومرو وغيره.
ھن پارٽي ٺھڻ وقت عھدن جي معاملي تي اڳواڻن ۾ ڏڦيڙ پيو جنهن ڪري سرغلام حسين ھدايت اللہ ۽ محمد ايوب کھڙي وڃي “مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ جي نالي سان الڳ پارٽي ٺاھي.
جڏھن سنڌ اسيمبلي جون پھريون پھريون چونڊون ٿيون تہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ليڊر سر شاھنواز ڀٽي کي لاڙڪاڻي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي شڪست ڏني ۽ ڪراچي ۾ وري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊپٽي ليڊر سر عبداللہ ھارون کي شڪست آئي.ھي پھريون چونڊون ھيون جنهن جي مھم دوران مذھب ۽ ذات پات جو استعمال ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جيتوڻيڪ شيخ عبدالمجيد ھڪ مڃيل ۽ سگهارو سياستدان اميدوار ھيو، پر اتي جيڪي پوسٽر ڇپرائي ورھايا ويا انهن ۾ چيو ويو ھيو تہ جيڪڏھن شيخ عبدالمجيد سنڌي کٽيو تہ سوين ھندو مسلمان ٿي ويندا،انڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيو.ڪراچي ۾ وري جيڪي پوسٽر ڇپرايا ويا انهن جي ھيڊنگ ھئي “ غير تان بلوچان، ووٽان بہ دي بلوچان“ اتي ڪراچي ۾ مير محمد بلوچ حاجي عبداللہ ھارون کي شڪست ڏني.
مون پڙھندڙ دوستن کي 2 ڳالھيون ٻڌائڻ لاءِ اڄوڪي پوسٽ لکي آھي.1 ھي تہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي انگريزن جي دور ۾ ٺھي ۽ اسان جي دور ۾ وري ساڳي نالي واري پارٽي سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد جلال شاھ ٺاھي آھي.2 ڳالھ ھئ ٻڌائڻي آھي تہ انگريزن جي دور واري “ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ( سنڌ اتحاد پارٽي) بابت جيڪو مواد ۽ جيڪي ڊاڪيومينٽس گل حيات ۾ آھن ،اھي شايد ڪنهن ٻئ ذاتي،سرڪاري يا ڪنهن درٻاري لائبريريءَ ۾ موجود نہ ھجن.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي بابت مواد جو ڪجه حصو اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي جيڪو اڪثر ان دور جي اخبارن مان ورتو ويو آھي. ھن پارٽي بابت گل حيات جي ٻي ميڙي چونڊي ڊاڪيومينٽس تي ٻڌل آھي. جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن جون تقريرون، پارٽئ جي خط و ڪتابت ۽ پريس رليزون ۽ مختلف ڪتابن مان ورتل مواد شامل آھي. مان سمجهان ٿو تہ ھن پارٽيءَ جو مواد جيڪڏھن گڏ ڪري ڇپرائجي تہ اھو سو ڏيڍ صفحي کان مٿي ٿيندو.ھي پارٽي 1936 ۾ ٺھي ۽ 1937 جي چونڊن کان پوءِ اقتدار ۾ اچي غير فعال ٿي وئي. ھاڻي اندازو لڳايو تہ انگريزن جي دور ۾ 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون ھيون ۽ انهن مان ڪي تہ سالن جا سال فعال رھيون.انهن سمورن جو چڱو خاصو مٽيريل گل حيات ۾ موجود آھي جيڪو ڪنهن بہ صورت ۾ ٻن اڍائي ھزار صفحن کان گهٽ نہ آھي. آئون ھر پوسٽ ۾ اھا ڳالھ ورجائيندس تہ گل حيات ادارو مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي وارو ادارو آھي جنهن کي اسان اشاعتي اداري بنائڻ کان قاصر آھيون.محققن ۽ اشاعتي ادارن کي کلي دعوت ڏيئون ٿا تہ اھي گل حيات مان جيترو فائدو وٺڻ چاھن تہ اسان ڀرپور سھڪار ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي ٻڌل سمجهئون ٿا.(ممتاز پٺاڻ)