“ سوانح نگاري تي معلومات جا مختلف ذريعا“
ڪڏھن ڪڏھن ڪي ھندو سنڌي دنيا جي مختلف ملڪن مان بابا سائين ڏي اي ميل ڪري پنهنجن وڏڙن بابت معلومات وٺندا آھن. پوءِ بابا سائين انهن کي بنيادي معلومات پهچائيندو آھي . اهي جڏھن شڪريو سدا ڪرڻ لاء موٽ ۾ اي ميل ڪندا آھن تہ اھي پڙھي مان خوش ٿيندو آھيان. ھو ويچارا يا سندن وڏا سنڌ ڏاڍو تڪڙ ۾ ڇڏي ويا ۽ ڪي تہ ويچارا سر بچائي نڪري ويا. ان ڪري پاڻ سان پنهنجي وڏڙن ۽ بزرگن بابت ان وقت موجود مواد کڻي نہ سگهيا . ھندو “ جنم پتري“ رکڻ.يعني ولادتن جي رڪارڊ رکڻ ۾ وڏي مھارت رکن ٿا.انڊيا ۾ الائي ڪيترا اھڙا ھنڌ ھوندا جتي اھڙو مواد موجود ھوندو.
بابا سائين ضرورت مند ماڻھن کي اي ميل ذريعي گهربل معلومات ڏيندو آھي .بابا ڪڏھن ملڪ کان ٻاھر نہ ويو پر ھڪڙو دفعو انڊيا ويو آھي ۽ ان جو ڪارڻ اھو ئي ھيو تہ بابا سائين ورندڙ اي ميل ۾ ھڪ ٻن ڪلاڪن جي اندر ڏيئل گدواڻي کي معلومات ڏني هئي. ھن شخص جي پنهنجي ويب سائيٽ بہ آھي ۽ آمريڪا ۾ “انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ بہ قائم ڪئي اٿئين. ھن ھڪ شام جو بابا سائين سان فون تي ڳالھايو تہ بابا سائين نہ فقط کيس پنهنجي وڏڙن جو احوال اي ميل ڪيو پر مير پور خاص ۾ واقع سندس گهر جي تصوير بہ ھن ڏي ڏياري موڪلي. ڏيئل گدواڻي جو پيءُ ھڪ اخبار جو ايڊيٽر بہ ھيو ۽ ڪانگريس ليڊر بہ ھيو.ڏيئل گدواڻي کي ٻن اڍائي ڪلاڪن جي اندر جيڪا معلومات ملي ان کان ھو ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ بابا کي گذارش ڪيائين تہ ھو ھفتو کن سندس دعوت تي انڊيا اچي ۽ سنڌ جي تاريخ تي ليڪچر ڏئي ۽ بابا سائين ائين ست اٺ سال اڳ انڊيا مان ٿي آيو.
بابا سائين معلومات جي ٻن ذريعن مان گهربل مواد ھٿ ڪندو آھي.جيڪڏھن کيس ٿورا تفصيل ڏئي ڳوٺ يا شھر جو نالو ٻڌايو ويندو آھي تہ باباسائين انهي اسڪول ۾ وڃي پراڻا “جنرل رجسٽر“ ڏسي انهن مان ڄمڻ جون تاريخون ۽ اسڪول ۾ پڙھڻ جون تاريخون ۽ ھم ڪلاسي دوستن جا نالا نوٽ ڪري وٺندو آھي.ٻيو معلومات جو ذريعو جيڪو بابا سائين ڪم آڻيندو آھي اھي ممبئي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جون “سول لسٽ“ آھن. سول لسٽ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جنهن ۾ سرڪاري عملدارن جي ملازمت جي تاريخ ڏني ويندي ھوندي ھئي. ان ۾ سندس پگهار، گريڊ بابت ڄاڻ ڏيڻ کانسواءِ اھو بہ ٻڌايل آھي تہ ھن ڪٿي ڪٿي نوڪري ڪئي.انهي سول لسٽ ۾ انهن ماڻھن جي لسٽ بہ ڏنل آھي جن کي انگريز سرڪار القاب ۽ خطاب ڏنا. انهن بابت اھو ٻڌايل آھي تہ ڪھڙي ماڻھو کي ڪھڙو لقب يا خطاب ڪھڙي سال مليو.انهي ڪتاب ۾ وڪيلن جي سموري لسٽ ڏني ويندي ھئي ۽ ٻڌايو ويندو ھو تہ انهن کي ڪھڙي تاريخ کان وڪالت ڪرڻ جي اجازت ملي. “سول لسٽ“ ۾ سرڪاري ملازمن بابت معلومات نھايت مستند طريقن سان رڪارڊ تي آندي آھي.ھي ڪتاب سال ۾ ھڪڙو دفعل ڇپبو ھيو ۽ انهن ۾ سمورن وڏن عملدارن جو احوال ڏنو ويندو ھيو.ھر ڪو ڪتاب ٻن اڍائي سو صفحن کان مٿي ھوندو ھيو .گل حيات اداري ۾، ممبئي سرڪار جون ۽ سنڌ سرڪار جون ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کان اڳ واري دور بابت ڪيتريون ئي سول لسٽون موجود آھن.
اڄ مون جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير ڏني آھي اھو نھايت اھم تاريخي دستاويز آھي.گهڻا سال اڳ جڏھن سيد غلام مصطفى شاھ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ھيو تہ ھن نوجوان شاگردن تي ڪم رکيو تہ ھو مختلف ضلعن ۾ وڃي معلومات ھٿ ڪري اچن تہ ڪير ۽ ڪڏھن سنڌ جو ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رھيو .تنهن دور جا نوجوان اھا معلومات ھٿ ڪري آيا ۽ انهي تي مشتمل ھڪڙو ڪتاب ڇپرايو ويو. پر مون جنهن ڪتاب جي تصوير ڏني آھي ان ۾ عملدارن جي نالن کان سواءِ ٻي اضافي معلومات بہ شامل آھي جنهن جا تفصيل مون ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ڏنا آھن ھي ڪتاب ٽن جلدن ۾ آھي ۽ ھڪڙو ھڪڙو جلد 500 صفحن کان مٿي آھي. جڏھن بہ سنڌ ۾ عملدارن جي سوانح يا عملدارئ جي تاريخ لکي ويندي تہ ھن ڪتاب مان تمام وڏي ۽ اھم معلومات حاصل ڪري سگهبي. مثال طور سنڌ ۾ ڪھڙا ڪھڙا سنڌي ۽ غير سنڌي عملدار ٿي رھيا؟ انهن ڪھڙن شھرن يا ضلعن ۾ نوڪري ڪئي؟ وغيره وغيره.
سو اڄو ڪي پوسٽ ۾ اھو ٻڌائڻ ضروري ڄاتم تہ دوستن کي ٻڌائي سگهان تہ سوانح نگاري جي موضوع تي ڪي سرڪاري ڪتاب ۽ سال ناما بہ موجود آھن جن مان ڪيترن محققن اڃا ڀرپور فائدو نہ ورتو آھي. اھي ڪتاب سنڌ جي وڏين سرڪاري ۽ يونيورسٽين جي لائبررين ۾ ھجڻ گهرجن .اتان پڙھي فائدو وٺي سگهجي ٿو. پر جيڪڏھن ڪو دوست گل حيات مان فائدو وٺڻ گهرندو تہ اسان جون دليون ۽ گل حيات جا دروازا سدائين کليل ھوندا.(ممتاز پٺاڻ)