“ سنڌ ڪلب“
انگريزن اھو سوچو بہ ڪو نہ ھوندو تہ ھو سنڌ جا حڪمران ٿيندا.بس مقدر جون ڳالھيون هيون جو ھنن گورن جي ھٿان سنڌ کي اھڙو ڪاپاري ڌڪ لڳو جو اھا ھميشہ جي لاءِ خودمختار آزاد ملڪ جي حيثيت وڃائي ويٺي.
انگريزن سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو بہ پر انهي سان پيار بہ ڏاڍو ڪيو. مقصد ۽ لالچون پنهنجون ھين پر سنڌ ۾ لينسڊائون ۽ سکر بئراج جي تعمير انهن جو وڏو ڪارنامو آھي. اھڙي طرح سان سنڌي جي لپي ٺاھڻ پڻ سندن وڏو ڪم ھيو .ساڳي ريت انهن انگريز عملدارن سنڌ تي گهڻو ڪجه لکيو جنهن منجهان اسان کي انهي دور واري سنڌ جي وڏي خبر پوي ٿي .
جن انگريزن مختلف صورتن ۾ سنڌ ۾ ملازمت ڪئي،پوءِ اهي گورنر ھجن،ڪمشنر ھجن يا ٻيا عملدار انهن تي منظم نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن انهن جي زندگين جا احوال بہ گڏ ڪري سگهجن ۽ انهن جي ايام ڪاري ۽ ڪارڪردگي تي ڪجه نہ ڪجه لکي سگهجي.پر ھي ڪم ادارن جو آھي ۽ فرد انهي جو پورائو ڪري نٿا سگهن.جيڪڏھن ڪا سنڌ جي يونيورسٽي برطانيہ حڪومت جو سھڪار وٺي انهي موضوع تي ڪو پراجيڪٽ ٺاھي تہ پنجن ڇھن سالن ۾ اھو ڪم پورو ٿي سگهي ٿو.
انگريزن پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي گهرجن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي دنيا جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي .ان ڪري ڪيتريون تنظيمون ٺاھيون ۽ مستقل طور تي ڪيترائي ڏڻ ۽ ڏينهن ملھايائون. مثال طور اڄ بہ جيڪو جيڪب آباد جو ساليانو ميڙاڪو ٿئي ٿو انهي جو بنياد بہ انگريزن ئي وڌو ھيو. جيڪب آباد سنڌ جي سرحدي ڇيڙي وارو ضلعو ھيو ان ڪري انگريزن انهي ضلعي تي بہ وڏو توجه ڏنو.
اھي انگريز ئي ھيا جن سنڌ ۾ جديد ڊرامي کي مانوس ڪرايو.ڪراچيءَ ۾ رھندڙ انگيز فوجن جون ناٽڪ منڊليون ھونديون ھيون جيڪي ڊراما بہ ڪرائينديون ھيون ۽ پنهنجا ثقافتي ڏڻ بہ ملھائينديون ھيون. ان کان پوءِ ئي ممبئي ۽ ھندستان جي ٻين ھنڌن تان ناٽڪ منڊلين سنڌ ۾ آيون. انهي جو اثر اھو نڪتو تہ سنڌ جي ماڻھن بہ پنهنجا ٿيٽر ٺاھيا ۽ “ڊرامي“ کي ترقي وٺرائي.
انگريزن جيڪي ڪلبس ٺاھيون انهن مان سنڌ ڪلب سڀ کان آڳاٽي آھي. 25 مئي 1871 تي جڏھن سر مليم ميري ويڌر سنڌ جو ڪمشنر ھيو تہ ھن ڪلب ٺاھڻ جو سندسصدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ۽ ان جو افتتاح 1 آگسٽ 1871 تي ٿيو ۽ جڏھن تہ 23 آڪٽوبر 1871 تي ڪلب جا اغراض و مقاصد ۽ قائدا ۽قانون پاس ڪيا ويا.
سنڌ ڪلب فقط انگريز عملدارن جي بيٺڪ ۽ سندن ثقافتي سرگرمين جو مرڪز نہ ھئي. پر ان کي انگريزن جي مفادن جو تحفظ جو ذريعو بہ بڻايو ويو ۽ ڏکئي وقت ۾ انگريز سرڪار جي مختلف طريقن ۽ ذريعن سان مدد پڻ ڪئي ويندي ھئي. مثال طور 1914 ۾ جڏھن جنگ لڳي ۽ فوجن کي مختلف ملڪن جي مختلف محاذن تي پھچائڻ جو سلسلو شروع ٿيو تہ ھئ ڪلب اھڙن فوجي ماڻھن جي لاءِ مھمان خانو بڻجي وئي. ان کان سواءِ ڪيترن ٻاھرين عملدارن کي گهرائي ھن ڪلب ۾ انهن کان ليڪچر ڪرايا ويندا ھئا .جيڪي وقت جي حالتن تي ڳالھائي ميمبرن کي صورتحال کان باخبر رکندا ھئا. ان کان سواءِ جيڪڏھن ڪو وائسراءِ سنڌ جي دوري تي ايندو ھيو ۽ ڪراچي ۾ ترسڻ ٿيندو ھيس تہ ھي ڪلب ان کي دعوت ڏئي وٺي ايندي ھئي .لارڊ ڪرزن پھريون ھندستان جو وائسراءِ ھيو جيڪو 1901 ۾ ڪراچي جي دوري دوران سنڌ ڪلب ۾ بہ دعوت تي ويو. ھن کان پوءِ ٻيا وائسراءِ جيڪي سنڌ ڪلب ۾ آيا انهن مان لارڊ منٽو،لارڊ ھارڊنگ، لارڊ چيلمسفورڊ، لارڊ ارون ۽ لارڊ لنلٿڳو جا نالا ذڪر لائق آھن.اھڙي ريت 1940 ۾ پرنس آف ويلز جڏھن سنڌ ۾ آيو تہ ان کي پڻ سنڌ ڪلب طرفان دعوت ڏني وئي ھئي . ھن ڪلب جي تاريخ تي جامع ڪتاب لکيو ويو آھي جنهن جي ابتدائي اندرين پيج جي تصوير مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي. سنڌ ڪلب يا ٻيون ڪلبون ۽ تنظيمون جيڪي انگريزن طرفان سنڌ ۾ ٺاھيون ويون انهن جي ڪارگردگي ۾ سنڌ جي تاريخ جا کوڙ سارا اھڃاڻ موجود آھن. انهن ڪلبن جو احوال مختلف “گزيٽيئرس“۾ ۽ “سال نامن“ ۾ موجود آھي جن کي گڏ ڪري ڪو جامع ڪتاب بڻائي سگهجي ٿو ۽ انگريزن جي سنڌ ۾ سماجي خواه ثقافتي جيوت جو چٽ چٽي سگهجي ٿو.(ممتاز پٺاڻ)