“اسان وٽ فرد ادارا ٿيندا آھن ۽ اڪثر ادارا وري اللہ کي پيارا ٿيندا آھن.“
سنڌ جي اھا ڏکوئيندڙ حالت آھي جو اسان وٽ اڳ ئي سرڪاري ادارن جو تعداد گهٽ آھي. پر انهن جي اڪثريت ڪو اھڙو ٻوٽو نہ ٻاريو آھي جو ڊاڙ ھڻي چئي سگهجي تہ ھي ڪارنامون فلاڻي ڪي فلاڻي اداري سرانجام ڏنو آھي. ھا، ھئ ڳالھہ ضرور ٿي آھي تہ ڪن ماڻھن کي ادارن ۾ عھدا ۽ رتبا مليا جن مان انهن ڀرپور فائدا ورتا.
ان ھوندي بہ سنڌ اھڙيون عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آھن جيڪي پنهنجي وجود ۾ ادارا ھئا،بلڪ ھنن اڪيلي سر سرڪاري ۽ درٻاري ادارن کان وڌيڪ ڪم ڪيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انهن منجهان ھڪ ھيو.هن جنم تہ لاڙڪاڻي جي ھڪ ڳوٺ ۾ ورتو پر سڄي ڄمار سنڌ جو ٿي رھيو،سنڌ جي شعور جي عملي تبليغ ڪندو رھيو ۽ پورھيت طبقي خاص طور تي ھارين جي حقن جي لاءِ مثالي جاکوڙ ڪندو رهيو. حيدر بخش جتوئي اھا وڏي شخصيت آھي جنهن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون.ھن ھارين جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ کانسواءِ ون يونٽ،سنڌي ٻولي ۽ ڪراچي جي مالڪيءَ جي مسئلي تي عملي ۽ قلمي جھاد ڪيو .اسان کي خوشي انهي ڳالھ جي آھي تہ سندس ڪيترو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. انهي جو اندازو ھن پوسٽ سان شامل تصوير مان لڳائي سگهجي ٿو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي لائق اولاد مليو،جنهن سندس کوڙ ساريون لکڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون آھن. پر انهي ڳالھ کي شدت سان محسوس ڪجي ٿو تہ انهن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو وڃي .ڪامريڊ انگريزي ۾ انهي ڪري لکيو تہ ھن کي علمي،قلمي ۽ قانوني جنگ وڙھڻي ھئي ۽ غير سنڌين کي سنڌ جي سنگين مسئلن ڏانھن توجه ڇڪرائڻو ھيو.ھن پنهنجي قلم ۽ تدبر سان انصاف ڪيو پر ھاڻي اسان کي انهي مان وڌيڪ فائدي وٺڻ لاءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ماڻھن جي ھٿن تائين پهچائڻ گهرجي.
حيدر بخش جتوئي ھڪ ڪامريڊ سياستدان، بي ڊپو ايڊيٽر ۽ بھترين شاعر ھيو.ھن جي زندگي “ھاري تحريڪ“ جي ڪھاڻي آھي ۽ ھاري تحريڪ جي ڪھاڻي سندس زندگي جي تشريح آھي. اسان جي اڳيان حيدر بخش جتوئي جي زندگي جو اھو حصو موجود آھي جيڪو ھن سرڪاري نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ سنڌ ۽ ھارين جي لاءِ ڏينهن رات ھڪ ڪري ڏيکاريو. حيدر بخش جتوئي ڪامورڪي حيثيت ۾ ڪو عملدار رعيت آزار نہ رھيو.ھن جڏھن نوڪري دوران شدت سان محسوس ڪيو تہ سرڪار ڪامورن کي پنهنجي مقصدن ۽ مفادن خاطر استعمال ڪري سگهي ٿي تہ سندس ذھن اھڙي سمجهوتي جي بنياد تي نوڪري ڪرڻ کان بغاوت ڪئي. ياد رھي تہ “ڪانگريس “جڏھن سرڪار خلاف “نان ڪوآپريشن“ جي تحريڪ ھلائي ھئي تہ ان وقت سرڪار ماجسٽريٽن کي خاص اختيار ڏنا ھئا.ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي بہ ملازمت دوران اھي اختيار مليا. پر تاريخ جي ورقن ۾ ڪا اھڙي ڳالھ لکيل ڪانهي جنهن مان ثابت ٿئي تہ حيدر بخش جتوئي انهن اختيارن ملڻ کان پوءِ سياسي ڪارڪنن يا سياستدانن سان ڪا زيادتي ڪئي ھجي يا انهن جو غلط استعمال ڪيو ھجي.
بابا سائين ھڪ غريب لوھر جو اولاد ھوندي بہ جيڪڏھن گل حيات ٺاھي سگهي ٿو تہ پوءِ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي،شيخ عبدالمجيد سنڌي،سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي تي گل حيات جي نموني تي ادارا ڇو نہ ٿا ٺاھي سگهجن؟ انهن کي ٺھڻ گهرجي،بلڪ يونيورسٽين ۾ سندن نالن پٺيان“ چيئرس“ ٺھڻ گهرجن.
گل حيات ادارو ھر انهيءَ محقق جي مواد ۽ معلومات فراھم ڪرڻ ۾ پئي مدد ڪئي آھي، جن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي يا ھاري تحريڪ تي ڪم ڪيو آھي. مرحوم ديدار سولنگيءَ جڏھن ھاري تحريڪ تي ايم فل ڪئي تہ انهيءَ ڪيترا ڏينهن گل حيات ۾ گذاريا.سندس ايم فل واري ٿيسز پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي جنهن ۾ مرحوم اسان کي نہ وساريو آھي. اھڙي ريت اسان جي لائبريري جو رڪارڊ شاھدي ڏيندو تہ اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي حوالي سان ڪيترن ۽ ڪھڙن ليکڪن ۽ محققن جي مدد ڪئي آھي.
آئون وري بہ موقعي جو فائدو وٺي سنڌ جي نوجوان محققن ۽ ليکڪن کي آڇ ٿو ڏيان تہ ھو ڪنهن بہ شخصيت،ڪنهن بہ اداري يا ڪنهن واقعي تي تحقيق ڪن تہ انهن لاءِ گل حيات جا ادارا ڏينهن رات کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)