” سنڌ جي آڳاٽن رسالن مان ھڪ اھم رسالو- ڌرم درشن“
انگريزن جي دور جي آخري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو. خاص طور تي مسلم ليگ ماڻھن ۾ پاڻ وڻائڻ لاءِ جيڪي سياسي چالون کيڏيون انهن مان مسجد منزل گاھ واري تحريڪ ھڪ خوني ۽ خطرناڪ سياسي چال ثابت ٿي. انهي تحريڪ جي اثر ھيٺ اتر سنڌ ۾ 2 وڏا ماڻھون ماريا ويا ھيا جيڪي ھيا ڀڳت ڪنور رام ۽ ھاسا رام پمناڻي. ٻئي انسان دوست ماڻھون ھيا ۽ انهن جو موت سنڌ جي تاريخ ۾ مسلمانن جي جذباتي ردعمل جي ڪاڳر تي ڪاري چٽي وانگر رھندو.
جس لھڻي سائين جي ايم سيد جنهن ڀڳت ڪنور رام ۽ ھاسارام پمناڻي تي پنهنجي ڪتاب “ جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڏاڍو تفصيل سان لکيو آھي.ھاسارام پمناڻي ھڪ مشھور سياستدان سماجي سڌارڪ ۽ لکڻ پڙھڻ وارو ماڻھو ھيو. ھو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ھيو ۽ ان جو پارليامينٽري ڪردار هر وجه کان تعريف جو ڳو ھيو. ھن روھڙي کي پنهنجي خدمتن ۽ محبتن سان رنگ لاتو.ياد رھي تہ مون ھڪ پوسٽ ۾ ذڪر ڪيو ھو تہ ڏيارام گدو مل شھاڻيءَ روھڙي جي شيوا منڊلي ۾ عورتن جي حقن ۽ مسئلن تي 1889 ۾ ليڪچر ڏنو ھو جيڪو 1912 ۾ انڊيا ۾ ڇپيو ھيو. ھن مان روھڙي جي ھندن جي ڌرمي ،سماجي ۽ ادبي شعور جي خبر پوي ٿي. ھاسارام پمناڻي 1839 ۾ روھڙي ۾ ڄائو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ڏيارام گدومل کي روھڙي جي شيوامنڊلي ۾ ليڪچر ڏيارڻ ۽ دعوت ڏيندڙن ۾ ھاسارام پمناڻي پڻ ضرور ھوندو.
ھاسارم پمناڻي 1919 ۾ “ڌرم درشن“ نالي ھڪ رسالو ڪڍيو . هن رسالي جا 1919 ۽ 1923 وارن سالن جا سمورا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. ھي رسالو 1919 ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد مان ڇپبو ھيو ۽ 1923 ۾ وري سکر جي امر پرنٽنگ پريس مان ڇپبو ھيو. ھاسارام پمناڻي ان جو ايڊيٽر ھيو ۽ پرچو تقريبن 25 کان 30 صفحن تي مشتمل ھوندو ھيو. ھن ۾ ڌرمي،روحاني ۽ فلسفانا اھميت وارو مواد ڇپبو ھيو .ھي رسالو فقط ھندن لاءِ نہ ھيو ليڪن ان ۾ ھندو توڙي مسلمانن جو مواد ڇپبو ھيو. مسلمانن مان شاھ لطيف کان وٺي ويندي حمل فقير تائين ڪيترن ئي مسلمان شاعرن جو ڪلام ڇپبو ھيو ۽ اڪثر ڪري انجي ابتدا “گروگرنٿ صاحب“ جي ڪنهن شبد سان ڪئي ويندي ھئي ۽ ان جي تشريح پڻ ڪئي ويندي ھئي . هن رسالي شاعري بہ گهڻي ڇپبي هئي . اها ڪهڙي قسم جي هئي؟ ان لاء مثال طور هڪ گمنام شاعر شير خان جي ڪلام مان آخري بند ڏجي ٿو:
شير خان کي محب ملڻ جي- پرين ڪجه ڪي پسڻ جي- سوال منهنجو سڻ-
آھين تون سڄڻ- تنهنجي در تي ڇٽن- عيبن ھاڻا.....
ھي رسالو روھڙي جي شيوا منڊلي طرفان نڪرندو ھيو. ان ڪري رسالي ۾ انهي سماجي ۽ مذھبي جماعت جون سرگرميون پڻ شايع ڪيون وينديون ھيون.ان کانسواءِ تنهن دور ۾ جيڪي اخبارون نڪرنديون ھيون يا ڪتاب ڇپبا ھيا انهن تي ھن رسالي ۾ تنقيدي تعارف پڻ ڏنا ويندا ھئا. شيوامنڊلي پنهنجي طرفان بہ ڪيترا ڪتاب ڇپرايا جيڪي اڪثر ڪري ڌرمي ۽ مذھبي نوعيت جا ھئا جن جو ليکڪ پڻ ھاسارام پمناڻي پاڻ ھوندو ھيو.
جن شاعرن جو ڪلام ھن رسالي ۾ گهڻو ڇپيو انهن جي نالن جو جيڪڏھن مختصر وچور ٺاھيندا سين تہ اھو ھن ريت ٿيندو:
مسلمان شاعر : شاھ لطيف ،سرور،بلا شاھہ،سچل سرمست، قاسم،روحل فقير، دريا خان، بيڪس فقير، محمد حسن، اميد علي، ابو بڪر،
ھندوشاعر: سامي ،ريلومل، سنتداس ڀڳت، نامديو،سوامي ڌرمداس،موھن، سھجو ٻائي، سندر داس ڀڳت، گوبند، سوامي ھيم راج، امر سنگ ڀڳت، ڪوي گرڌر راءِ، سورداس.
ھن رسالي جي پاليسي موجب ھر پرچو مھيني جي 15 تاريخ تي شايع ٿيندو ھيو. ليکڪن کي معاوضو ڏنو ويندو ھيو ۽ سياست تي ڪنهن بہ صورت ۾ ڪو ليک نہ ڏنو ويندو ھيو.مذھبي حوالي سان ھي رسالو فقط ھندو ڌرم جي پرچار نہ ڪندو ھو پر ان ۾ اخلاقيات جي موضوع تي اھڙو مواد ڏنو ويندو ھوجيڪو ھر مذھب جي تعليم مطابق هوندو ھيو.
ھاسارام پمناڻي سنڌ جي سياست کان سواءِ ڌرم ۽ اخلاقيات جي پليٽ فارم تان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون ھي رسالو انهن تي روشني وجهي ٿو. اسان لاءِ خوشي جي ڳالھ اھا آھي تہ ھي رسالو گل حيات ۾ موجود آھي. (ممتاز پٺاڻ)