“ مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد“
مون واري وٽئ سان ڪڏھن واقعن تہ ڪڏھن ادارن يعني پارٽين جو پئي پنهنجن پوسٽن ۾ ذڪر ڪيو آھي. پر شخصيتن کي بہ ڪو نہ وساريو اٿم.اڄ آئون مولانا عبيداللہ سنڌي جي حوالي سان ڪي گذارشون عرض رکان ٿو ۽ اھو ٻڌائڻ ٿو گهران تہ انهي ڀلي انسان بابت گل حيات ۾ ڪھڙو مواد موجود آھي.
انگريزن خلاف جڏھن آزادئ جي تحريڪ ھلي تہ ان لاءِ ڪيترا ماڻھون ۽ ڪيتريون ڌريون ٻاھرين ملڪن ۾ ويون جن اتي انگريزن خلاف ڪم ڪيو. مثال طور مولانا عبيداللہ سنڌي ۽ چندر شباس بوس وغيره. انهن کان اڳ ٻاھرين ملڪن ۾ جيڪي سنڌي ۽ ھندي رھندا ھئا تن پڻ پنهنجي حساب سان آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو. مثال طور آمريڪا ۾ ”غدر پارٽي“ ٺھي ۽ “سنڌ ورڪين“ وري جاسوسيءَ ۽ ڳجهي پيغام رسائي جو ڪم ھٿ ۾ کنيو. انهن سنڌي واپارين تي ڏکيا ڏينهن آيا ۽ کين سرڪاري عتاب ھيٺ بہ اچڻو پيو. انهئ بابت کوڙ سارو مواد سنڌ کان ٻاھر سرڪاري دفترن ۾ موجود آھي.
مولانا عبيداللہ سنڌي کي جيڪڏھن بيروني ملڪن ۾ انگريزن خلاف تحريڪ هلائيندڙن جو سردار چئجي تہ ڪو بہ وڌاء نہ ٿيندو. هيءُ پهريون شخص هئو جيڪو هندستان جي آزادي لاء طويل عرصو ملڪ کان ٻاهر رهيو.
هن جا وڏا سک هئا ۽ هن پاڻ سنڌ ۾ اچي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي نالي سان گڏ پاڻ کي “سنڌي“ سڏائڻ کي ضروري ڄاتائين.مولانا عبيداللہ سنڌي کي سنڌ جھڙوڪ نظرياتي طور تي پالي وڏو ڪيو ۽ ھو جڏھن ھتان قابل ويو تہ مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ سندس ھم ڪلاسي مولانا محمد صادق کڏي واري ڀرپور مدد ڪيس.اتان ھن ريشمي رمال تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ ھندستان ۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪري اھا ريشمي رمال تي لکرائي، ريشمي رمال سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليو. پر ريشمي رمال کڻي ايندڙن مان ھڪ ڪارڪن پنجاب پھچڻ کان پوءِ سرڪار کي ٻڌايو.ڳالھہ کلي پئي ۽ سنڌي سياستدانن لاءَ ويل مچي ويو.
عبيداللہ سنڌي سالن جا سال ٻاھر رھيو ۽ سنڌ جي باغي اڳواڻن جي رابطي ۾ رھيو.چون ٿا تہ سورھيہ بادشاھ جڏھن حج ڪرڻ لاءِ عربستان ويو ھو تہ اتي مڪي ۾ مولانا عبيداللہ سنڌي سان مليو ھيو.جڏھن مولانا ھندستان موٽڻ جو فيصلو ڪيو تہ سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ سياسي خدمتن جو مرڪز بڻايو. ھن سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ “ جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ ٺاھي. جنهن جو احوال ۽ تفصيل گل حيات ۾ موجود آھي. سنڌ ۾ ھن کي سچا ساٿي مليا جن سان گڏجي ھن “ بيت الحڪمت“ نالي ھڪ ادارو ٺاھيو تہ جيئن سياسي ڪارڪنن جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڪري سگهي.
مولانا عبيداللہ سنڌي1924 ھڪ آئين ٺاھيو جيڪو پھريون اردو ۾ ڇپيو پر ان تي سرڪار پابندي وجهي ڇڏي.ان کان پوءِ انهي آئين تي نظر ثاني ڪري ان ۾ اضافا ۽ واڌارا آڻي،ان کي انگريزي ۾ شايع ڪرايو ويو جنهن جي ٽائيٽل پيج جي تصوير اڄ مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي.ھي ڪتاب مولانا عبيداللہ سنڌي جي سياسي شعور جو نچوڙ آھي.آئين جي اھم ڳالھ ھي آھي تہ ان ۾ ھندستان جي آزادي کان پوءِ الڳ ۽ خودمختيار ملڪن جو تصور موجود آھي .حالتن جي ستم ظريفي اھا ٿي تہ جڏھن مولانا عبيداللہ سنڌي وطن واپس موٽي آيو تڏھن سنڌ ۽ ھند وڏي ڀاڱي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي ڪئمپن ۾ ورھاجي چڪيون ھيون ۽ ماڻھن جي نظرياتي بيھڪ ھڪ مخصوص شڪل وٺي مسلم ليگي يا ڪانگريسي بڻجي چڪي ھئي. ان ڪري ھن ھندستان جي وڏي انقلابي اڳواڻ کي نہ ڪنهن ٻڌو نہ ڪنهن سمجهو ۽ نہ وري ڪنهن قبول ڪيو. اھو سبب آھي جو ھو مارچ 1939 تي سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ آگسٽ 1944 ۾ ھن ھي فاني جهان ڇڏيو.سندس حياتي ۾ 3 وڏا واقعا ٿياسکر ۾ مسجد منزل گاه جي تحريڪ ھلي ۽ لاھور ۾ پاڪستان جو ٺھراءُ پاس ٿيو. مولانا عبيداللہ سنڌي کي جيڪڏھن ٻڌو وڃي ھا تہ صورتحال ڪا ٻي ٿئي ھا.ھن جي زندگي ۾ 1943 ۾ سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺھراءُ منظور ڪيو.چئبو تہ سندس سياسي شعور ۽ سوچ کي ڪانگريسي،مھاسڀائي ۽ مسلم ليگي سياستدان ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ ٿيا.
گل حيات اداري ۾ ھن بي بدل سياسي اڳواڻ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي.“توحيد“ رسالي ۾ ھن ڀلي انسان بابت گھڻو مواد شايع ٿيو. ان مان ڳچ حصو گل حيات ۾ موجود آھي. مولانا عبيداللہ سنڌي تي ٻارن جي لاءِ بابا سائين ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وارن ڇپرايو ھيو. اھو شايد ھاڻي مارڪيٽ ۾ موجود نہ ھجي پر ان کي ھاڻي ٻيھر ڇپجڻ گهرجي. مولانا عبيداللہ سنڌي 1924 ۾ جيڪو آئين ٺاھيو اھو دراصل جھڙوڪ ھڪ پارٽي جو پروگرام،ان جي جوڙ جڪ ۽ اغراض و مقاصد سان واسطو رکي ٿو.اھو جھڙوڪ ڪانگريس پارٽيءَ ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ جي ھڪ برجستي سياسي ۽ نظرياتي قلمي ڪوشش آھي. ھي ڪتاب 56 صفحن تي مشتمل آھي .اھو تڏھن لکيو ويو جڏھن مولانا عبيداللہ سنڌي اڃا ڪابل ۾ ھئو.ھن ڪتاب جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ)