منهنجو ٻالپڻو ۽ ڪي مائيون“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
مون پرائمرئ جا پنج درجا ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهيا. ان جو وڏو ڪارڻ اهو هئو تہ سرڪاري بوائز اسڪول ۾ پڙهائي سٺي نہ هوندي هئي. گرلس اسڪول ۾ پڙهڻ مان مون کي عورت-ذات جي نفسيات سمجهڻ ۾ مدد ملي ۽ اڳتي هلي عورت-ذات سان برابرئ جي بنياد تي ڳالهائڻ تي فائدا بہ مليا ۽ ڪڏھن ڏينهن جا تارا ڏسڻا بہ پيا. ان مان منهنجو ذھن جڙي ويو تہ اسان جي معاشري ۾ ًمرد-عورت جي وچ ۾ ھڪ نئين معاهدي“ جي ضرورت آھي. ڇو تہ صدين جي لاڳاپن ٻنهي جسن جي نفسيات ۽ لاڳاپن سنڌي سماج کي ڏاڍو ڇيهو پهچايو آھي.
ماء کان پوء سڀ کان پهريون استادياڻن عورت جي روپ ۾ منهنجي شخصيت ۾ رنگ ڀرڻ شروع ڪيا. ماسي سڀائي هيڊ ماسترياڻي هئي. ٻارن کي گهران پڪڙي وٺي ايندي هئي. جهڙوڪ مرد ماڻھو هئي. والدين بہ هن کان لهرائيندا هئا ۽ هر ڪو هن جو احترام ڪندو هئو. هن اسڪول ۾ سڄو ڏينهن پڙھائي هلندي هئي. شاگردن کان گهر جو ڪم ڪار نہ ورتو ويندو هو. اهو ڪم جڏھن استادياڻيون پاڻ ڪنديون هيون تہ ڪلاس مانيٽر شاگردن تي نظر رکندا هئا. سنڌي عورت-ذات جي عظمت شرافت بردباري ۽ بهادرئ جو مشاهدو مون هتي ڪيو. اسان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ رلي ملي رهڻ جو ماحول هوندو هو. جينڊر ڪانشيسنيس جو ڀوت ذھن تي سوار نہ هوندو هو. ادي اشرف ادي شريفان ادي جنت ۽ ادي زينب اسان جو استادياڻيون هيون. انهن وٽان اهو درس مليو تہ عورت شفقت ٻاجھ محبت ۽ خيرخواهئ جو مجسمو ٿئي ٿي. مون ماسي سڀائي تي هڪ الڳ تفصيل سان مضمون لکيو جيڪو هڪ ڪتاب ۾ ڏنل آھي.
اسڪول کان ٻاهر جن مائين سان واهپو ٿيو يا جيڪي اثرانداز ٿيون اهي کوڙ آهن. انهن مان هڪ هئي مائي حاجاڻي مريم ڪلهوڙي. ماء کان پوء ٻي گود سندس هئي جتي مون ڏاڍيون ننڊون ڪيون ۽ اڪثر سندس گهر ۾ وڃي ويهندو هيم. ديندار مائي هئي هن جي شھر ۾ وڏي عزت ۽ ساک هئي.
پاڙي ۾ هڪ شيخڻ مائي هئي. ان جو نالو ان ڪري ياد ناهي جو هن کي اسان ٻار “ماسي دنبي“ چوندا هئاسين. ڇو تہ هوء بدن ۾ ٿلهي هئي. منجهند جو جڏھن هوء آرامي هوندي هئي تہ پاڙي جا ٻار گهر ۾ رکيل بصر ۽ ساريون ڪڻڪ وغيره چورائيندا هئا. سندن مائرون خوش ٿي هنن کي همٿائينديون هيون. هڪ ڏينهن مون کي بہ کٽئ کنيو ۽ سوچيم تہ مان بہ امان کان شابش ڪمايان. ٻيا ڇوڪرا بصر چورائي گهر ٿي کڻي ويا ۽ مون بہ هڪ جهول ڀريو ۽ وڃي امان کي ڏيڻ جي مس ڪيم تہ پڇاڻو ٿيو تہ اهي بصر ڪٿان آندا اٿم. جڏھن پيرائتي ڳالھ ڪيم تہ امڙ نہ رڳو ڪٽڪو ڪڍيو پر چيائين تہ مائي کي ننڊ مان اٿاري کيس بصر بہ موٽائي ڏي ۽ معافي بہ وٺي اچ. بصر کڻي واپس موٽيس. ان وقت ٻار بصرن چورائڻ لاء ھن جي گهر ۾ اندر وڃي رهيا هئا. هو اندر داخل ٿيا تہ مون ٻاهران در بند ڪيو ۽ پوء ھڪ هڪ بصر ڪري جاري مان ان ڪمري ۾ اڇلايم جتي مائي ستي پئي هئي. هوء ننڊ مان اٿي ۽ ويرانڍي ۾ آئي ۽ ٻارن کي بصر چورائيندي ڏٺائين. در ٻاهران بند هو. ٻار ڀڄي نہ سگهيا ۽ مائئ کين ڏاڍي مار ڏني.
پاڙي ۾ آست نالي هڪ مائي رهندي هئي. هڪ سخت اونهاري ڏينهن ڪانو جي اک پئي نڪري ۽ هر ڪو گهرن ۾ آرامي هيو. پر اسان ٻارن گهٽئ ۾ ڏيڪي ڏڪر راند پئي ڪئي. ڏيڪي وڃي آست جي گهر ڪري. مان اها کڻڻ ويس پر زور سان چوندو ٿي ويس تہ “آسي مان ڏيڪي کڻڻ آيو آھيان“. منهنجي آواز تي مائئ جي ننڊ ڦٽي پئي. هن اڱڻ مان ڏيڪي کنئي ۽ ڪمري جي در تي منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي. مون کي سڏي چيائين : “چئو ماسي“ .مون ايئن چيو. وري چيائين: “چئو آسي“. مون چيو. پوء چيائين تہ “ماسي چوندي زبان ۾ لڦون ٿيون پوني پر آسي چوندي زبان تي کنڊ مصري ٿي ٻرڪجئي ڇا؟ “.
ان واقعي کان پوء مون ڪنهن جو بہ اڌ نالو نہ ورتو.