[ سچا واقعا جن جو مان عيني گواه آهيان]
“ اسان پوڙھن جا پرڪار“
اسان سنڌين ۾ اهو بہ هڪ اوڳڻ آھي تہ دوست سان دوکو ڪبو، سڄڻن سان ويساه-گهاتي ڪبي ۽ شريف ماڻھون کي بيوقوف بڻائبو،
هئ انهئ زماني جي ڳاله آھي جڏھن منهنجي انٽرنيٽ گروپن تي گهڻي ايڪٽوٽي هوندي هئي. پراون گروپن تي پوسٽنگس ڪرڻ بدران مون پنهنجا ٻہ انٽرنيٽ گروپ ٺهيا. هڪ گروپ ۾ نياڻيون عورتون وڌيڪ رکيم ۽ ٻئي گروپ ۾ نوجوان وڌيڪ رکيم. نياڻين وري گروپ ۾ فضيلت وارا بزرگ بہ شامل ڪيم تہ جيئن سندن لکيڻن مان سنڌي نياڻيون لاڀ پرائن،
وقت گذرندو رهيو. مون ڏٺو تہ نوجوان ڇوڪرن جي گروپ کي بہ ڪنهن بزرگ ميمبر جي ضتورت آھي تہ جيئن انهن تي نظر بہ رکي سگهجي ۽ ھنن سان ڪم جون ڳالهيون بہ شيئر ڪجن. سو هڪ فضيلت وارو بزرگ جيڪو ڇوڪرين جي گهڻائئ واري گروپ ۾ هئو تنهن کي مون نوجوانن جي گروپ ۾ شامل ڪيو. هن هڪدم فون ڪري چيو تہ منهنجي آء سائيٽ بہ خراب آھي ۽ مان گهڻو وقت آن لائين بہ نہ ٿو رهان. ان ڪري مون کي نوجوان ڇوڪرن واري گروپ مان ڪڍو. مون سندس ڳاله قبول ڪئي.
پوء ڇوڪرين واري گروپ ۾ هن جي سرگرمين تي نظر رکڻ شروع ڪئي. هو ڇوڪرين جي پوسٽنگس تي تبصري ڪرڻ وقت هر ڪنهن ڇوڪرئ لاء مختلف لفظ ڪم آڻيندو هو. ڪنهن کي “ڌيئ“ چوي، ڪنهن کي “ميم“ چئي. ڪنهن کي ڪيئن چوي تہ ڪنهن کي ڪجه چئي. مون کيس فون ڪئي ۽ سندس الڳ الڳ ٽريٽميٽ تي وضاحت پڇي. چرچي جي انداز ۾ چيائين تہ اوهان قلم جا ڌڻي ۽ اسان دل جا ڌڻي، ان ڪري فرق ٿا محسوس ڪريو. پر هو سمجهي ويو تہ هن جي نيتن واري ڇوري پڪڙجي چڪي آھي. پوء گروپ ۾ هن پنهنجي اندروني سازشي ڪاروائي شروع ڪئي . مان وڏو عرصو جاگڻ وارو آھيان. منهنجي دل ۾ سجهي آئي تہ هن تي نظر رکان. هو رات جو 12وڳي کان صبح جو 4 وڳي تائين آن لان ٿيندو هو. مون پنهنجي گروپ جي هڪ اڌ ان ميمبر کي بہ ان وقت ۾ آن لائين ڏٺو. مون پوڙهي بزرگ کي چيو تہ اوهان تہ چيو هو تہ آء سائيٽ ڪمزور آھي ۽ رات جو آن لائين ٿي نہ سگهندو آھيان. پر هي هر رات ڪمهلي وقت تهجد پڙھڻ لاء آن لائين ٿيندا آھيو ڇا؟ مون کي پنهنجي گروپ جي تقدس رکڻ لاء ايئن چوڻو پيو. هن ان وقت تائين گروپ مان چند دوست پاڻ سان ملائي هڪ پنهنجو گروپ ٺاهي ورتو