“آڌئ رات جون ڪچهريون“
راتين جو رولاڪ فقط آئون اڪيلو ڪونہ آھيان، مسجدن ۾، مندرن ۾، مئخانن ۾، بلڪ انهن کان وڌيڪ انٽرنيٽ گروپن تي جاڳندڙن جوڳيئڙن جي ڌم لڳي پئي آھي. ڪو پرين پيو پرچائي تہ ڪو پاڻ پيو پرچائي.
مان اڌ رات جو اٿندو آھيان تہ منهنجا ڪي پيارا دوست ان وقت سمهڻ جي ڪندا آھن. هو بستري ڏي ويندا تہ مان بابي امڙ جي حاضري ڀرڻ، قل خواني ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ لاء قبرستان ويندو آھيان. هن شهر خموشان تي جهڙوڪ موت جي بادشاهي آھي. موت مون کي ڏسي ڪڏھن چڙندو آھي تہ ڪڏھن وڙھندو ۽ ڪڏھن وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلندو آھي.
اڄ چيائين “ تون ڀلي اچي روز منهنجي بادشاهي ڏس. پر اهو تہ ٻڌاء تہ هن منهنجئ وسندئ ۾ اچڻ کان اڳ ڇا ميڙيو اٿئي؟ هٿين خالي تہ ايندين ئي ايندين، پر ڪهڙي ميراث ڇڏي اييندين؟ ڇا ڪمايو ٿي؟“
مون کي لڳو تہ اڄ موت عقل جون ڳالهيون پيو ڪري. ان ڪري منهنجئ دل بہ ڪڍيو تہ هن کي پنهنجئ ميڙئ چونڊئ لاء ڪجھ ٻڌايان.
ٻڌايومانس : “ بي لوث محبتون ڏئي نفرتون ڪمايون اٿم. معاوضي کان سواء خدمتون ڪري دشمنيون ڪمايون اٿم. انهئ ميراث جو ڪوئي مله ئي ڪونهي“. مون ڏٺو موت جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.