ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

“ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-حسن علي افندي“


WhatsApp Image 2020 07 11 at 5.34.59 PMمون گل حيات قائم ڪري ان جي ويرانڍي ۾ فوٽن جي نمائش ڪئي ۽ ڪي فوٽو تہ ديوارن تي بہ پينٽ ڪرايم. فوٽن جا ننڍا ننڍا بورڊ ٺھرايم ۽ روزانو بدلائي نمائش لاء رکندو هئس. ڳوٺ جا ٻار اچي اهو فوٽو ڏسندا هئا ۽ انهن بابت مون کان سوال ڪندا هئا. هڪ ڏينهن حسن علي افندئ جي تصوير بابت مون کان پڇيائون: “ حسن علي تہ سمجھ ۾ آيو، پر ڇا افندي ان جي ذات هئي؟“
کين ٻڌايم تہ : “ اها سندس ذات نہ هئي، پر ترڪي ملڪ کيس اهو لقب ڏنو. افندئ جو مطلب آھي ڌڻي يا سائين“.
“ ترڪئ اهو لقب ڇو ڏنس؟“، ٻارن سوال ڪيو. مون وراڻيو :“ ترڪي هڪ وڏو ملڪ هو. ان ۾ عربستان، فلسطين ۽ بلقان جون رياستون شامل هيون. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ترڪئ کي شڪست ڏئي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو ويو. انهن ڏکين ڏينهن ۾ سنڌين حسن علئ جي اڳواڻئ ۾ چندا ڪري ترڪئ جي مدد ڪئي. ان لاء ترڪئ کيس افندئ جو لقب ڏنو“.
“ جس هجيس. ڀلو ڪم ڪيائين. ڀلا ٻيو ڪهڙو وڏو ڪم ڪيائين؟“ ٻارن حسن علي افندئ بابت وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيو.
مون کين وڌيڪ ٻڌائڻ شروع ڪيو: “ بابا انگريزن جي حڪومت جا شروعاتي ڏينهن هئا. حسن علئ ۽ ڏيارام ڄيٺمل نالي ٻن شخصن حيدر آباد ۾ جنم ورتو. ٻنهي معمولي نوڪرين سان شروعات ڪئي. ٻئي ڪراچئ آيا. محنت ڪري وڪالت پاس ڪيائون. ٻئي ڪراچي ميونسپالٽئ جا ميمبر ٿيا ۽ ٻئي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر ٿيا. ٻنهي سنڌ سڀا نالي هڪ جماعت ٺاهي. ٻنهي ۾ اختلاف ٿيا. پوء حسن علي افندئ 1885 سنڌ مدرسو ٺاهيو ۽ ڏيارام ڄيٺمل 1887 ڊي. جي. ڪاليج ٺاهيو.“
“ پاڻ ۾ ڇو نہ ٺھيا؟“ ٻارن مون کان سوال ڪيو. مون کين جواب ۾ ٻڌايو تہ : “ بابا ان جا کوڙ سبب آھن. حسن علي پڪو مسلمان هو ۽ ڏيارام ڄيٺمل هندو هو. ڏيارام ڄيٺمل انگريز وائسراء کي شاباش ڏيڻ چاهي تہ حسن علئ ان جي سخت مخالفت ڪئي. حسن علي افندي سنڌ مدرسو ٺاهڻ شروع ڪيو تہ اها ڳالھ ڏيارام ڄيٺمل کي نہ وڻي. ڏيارام چاهيو تہ گڏجي ڪاليج ٺاهجي“.
“ڪا ٺاھ جي صورت ڪانہ هئي ڇا؟“ ٻارن کي انهئ صورتحال تي پريشاني ٿي ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ گهريائون.
مون کين ٻڌايو تہ :“ انگريز سرڪار اسان جي وڏڙن کي ويڙھائي، ان مان فائدو وٺي حڪومت ڪئي. سرڪار حسن علي افندئ ۽ ڏيارام ڄيٺمل جي اختلافن مان فائدو ورتو. سرڪار کي هندن ۽ مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ڏيارام ڄيٺمل جي وهم گمان ۾ بہ نہ هو. سرڪاري ڇاڙتن حسن علي افندئ خلاف وڏي تحريڪ هلائي. ڀتن تي چاڪنگ ڪرايائون تہ حسن علي وڪيل تجهي الله ڪري ذليل. ائين اختلاف وڌندا ويا. پر اسان کي هئ ڳالھ مڃڻي پوندي تہ ٻئي وڏا ماڻھو هئا ۽ ٻنهي تعليم جي ترقئ لاء ٻہ وڏا ادارا ٺھرايا.“
مون کين اضافي معلومات ڏني :“ ڇا اوهان کي خبر آھي تہ شاه لطيف يونيورسٽئ جي پروفيسر امداد سهتي صاحب منهنجي نگرانئ ۾ قائد اعظم يونيورسٽئ مان حسن علي افندئ تي ايم فل ڪئي؟“ “سندس اهو ڪتاب هتي گل حيات ۾ آھي. اهو اوهان کي پڙھڻ لاء ڏيندس“.
مون محسوس ڪيو تہ ٻار جهڙوڪ صدي ڏيڍ اڳ واري دور ۾ گم هئا. هنن جي ذھنن ۾ خوشي بہ هئي تہ غم بہ هو. پوء هو موڪلائي گل حيات مان هليا ويا.

Good Wishes