ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
“ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- مولانا دين محمد وفائي“
گل حيات ۾ ٻار آيا. اڄ هنن مولانا دين محمد وفائئ جي بورڊ تي لڳل تصوير ڏيکاريندي پڇيو تہ “ڇا وفائي هن جي ذات آھي؟ اوهان جي جي تصوير ڇو گل حيات ۾ رکي آھي؟ “
مون کين ٻڌائڻ شروع ڪيو: “ بابا هي ذات جو ڀٽي هو. شاعر بہ هو. شاعرئ ۾ وفائي تخلص هيس. “
“اهو تخلص ڇاهي؟ هڪ ٻار سوال ڪيو ۽ کيس موٽ ڏنم تہ “ شاعر پنهنجي شاعرئ ۾ پنهنجو شاعراڻو نالو رکندا آھن ۽ ان کي تخلص چئبو آھي. وفائي جنهن دور جو هو، ان دور ۾ ثنائي، فنائي ۽ فدائي جي تخلص سان ٻيا بہ شاعر هئا. ثنائي اسان جي ڳوٺ ڀرسان سهڙا ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ مشھور شاعر هو.“
“ ٺيڪ. هاڻي وفائئ بابت ٻڌايو“ ٻارن جو تجسس وڌڻ لڳو. مون کين موٽ ڏني : “ بابا هو ديني عالم هو. اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. توحيد جي نالي سان پنهنجو ماهوار رسالو ڪڍيائين. آزادئ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين. خلافتي ليڊر هو“. ٻار ٻڌندا تہ رهيا پر جهڙوڪ هنن کي ڪجھ ڳالهيون سمجھ ۾ نہ ٿي آيون. ان ڪري مون موضوع کي اهڙو موڙ ڏنو جنهن ۾ هنن لاء دلچسپي گهڻي هئي.
“ بابا هي اسان جي ڳوٺ واهڻ واري مولوي غلام عمر آريجي ۽ منهنجي ڏاڏي حاجي خدا بخش جو يار هو. وفائي ڪيترو وقت ٺلاه ۾ رهيو ۽ اتان جي قديم لائبرري ڏٺائين ۽ ڪتاب پڙھيائين.“
“ اوهان جي ڏاڏي ۽ مولوي غلام عمر جو ڇو يار ٿيو؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو.
مون کيس جواب ڏنو تہ : “ اسان جو ڳوٺ انگريزن جي زماني ۾ خلافت تحريڪ جو مرڪز هو. ڳوٺ جو قادر بخش آريجو ۽ سيد عطل شاه ان جا عهديدار هئا. ان ۾ ڏاڏو بہ هو ۽ مولوي غلام عمر بہ ان ۾ سرگرم هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ خلافت تحريڪ جا ڪيترا جلسا ٿيا. انهن ۾ دين محمد وفائي ايندو ۽ شريڪ ٿيندو هو.“
“ اها خلافت تحريڪ ڇا هئي؟“هاڻي ٻار وڌيڪ ڄاڻڻ پيا گهرن. مون کين ٻڌايو تہ : “ بابا سنڌ تي انگريزن ٺڳئ سان قبضو ڪيو. سنڌي ماڻھن دل سان انگريزن جي حڪمراني نہ مڃي. کين غلامي پسند نہ هئي. انگريزن ترڪئ سان جنگ ڪري ان کي شڪست ڏني. ترڪئ جو حڪمران مسلمانن جو خليفو سمجهيو ويندو هو. ان ڪري ترڪئ جي حق ۾ هتان جي ماڻھن خلافت تحريڪ هلائي، انگريزن کي نڪ ۾ دم ڏنو“.
ٻار جي اندر جي خوشي مان محسوس ڪري رهيو هئس. هڪ ٻار فخر سان چيو: “ جڏھن ڪلهوڙن مغلن کي ڀڃائڻ لاء ڳوٺ ھٽڙئ ۾ پنهنجن ماڻھن کي فوجي تربيت ٿي ڏني تہ اسان جا وڏا ۽ اسان جي ڳوٺ سندن مدد ڪئي. وري انگريزن جي دور ۾ انگريزن خلاف خلافت تحريڪ هلي تہ ان وقت بہ اسان جي وڏڙن ۽ ڳوٺ ان تحريڪ ۾ حصو ورتو.“
مون وراڻيو : “ بابا اوهان آزادي پسند ماڻھن جو اولاد آھيو.“ ان وقت ٻار جهڙوڪ خوشئ ۾ ئي نہ پيا ماپن. هو پوء هليا ويا.