ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

“ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- اسڪول جي عمارت“


WhatsApp Image 2020 06 17 at 10.02.14 PM“ ننڍڙن ٻارن سان وڏن ماڻھن جون وڏيون ڳالهيون- هئ ڪهڙي اسڪول جي عمارت آھي؟“
ھڪ ڏينهن ٻار عمارتن واري بورڊ کي کڻي آيا ۽ لاڙڪاڻي جي پائلٽ ھاء اسڪول جي عمارت بابت سوال ڪيائون. مون کين ٻڌايو تہ “ هي لاڙڪاڻي جو گورنمينٽ ھاء اسڪول آھي، جيڪو اسان جي پڙھڻ دوران ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان پائلٽ ھاء اسڪول ٿيو. ڀٽي جڏھن ان جو افتتاح ڪيو هو تہ مان شاگرد جي حيثيت ۾ ان فنڪشن ۾ شريڪ ٿيس“.
“هئ اسڪول ڪڏھن قائم ٿيو ۽ ان جي هئ سهڻي عمارت ڪڏھن جڙي راس ٿي؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو.
مون کين ٻڌايو تہ “ هئ گورنمينٽ ھاء اسڪول 1919 ۾ کوليو ويو ۽ ان جي خوبصورت عمارت 1926 ۾ ٺهي راس ٿي.“
“ڀلا جڏھن تون شاگرد هئين تہ ان زماني جون ڪي ڳالهيون ٻڌاء؟“ هڪ ٻئي ٻار سوال ڪيو.
مون پنهنجي يادن جا دفتر کوليا: “ هئ مون لاء تعليم وٺڻ جو آخري ادارو هو. هتان مئٽرڪ ڪيم. پوء غريب هجڻ ڪري ڪنهن اداري ۾ پڙھي نہ سگهس. نہ ڪنهن ڪاليج ۾ پڙھيس ۽ نہ ڪنهن يونيورسٽئ ۾ وڃي پڙھيس. سڄي تعليم گهر ويٺي پرايم.“
ٻار ڪڏھن مون کي تہ ڪڏھن هڪ ٻئي کي ڏسندا ۽ سوچيندا رهيا. هڪ ٻار خاموشي ٽوڙيندي چيو:“ پوء اسڪول جون ڪجھ يادون ٻڌاء“. ۽ مان شروع ٿيس : “ اسان جي زماني ۾ شيخ واحد بخش ھيڊ ماستر هئو. هو ڏاڍو سخت ھوندو هو. مان جڏھن آريجن ۾ ماسي سڀائي جي اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو هئس تہ شيخ صاحب اسڪولن جو صاحب هو ۽ اسان جو امتحان وٺڻ آيو هو. اسان سليٽن تي پنهنجا جواب لکيا. هن منهنجي سليٽ پڙھي کلي الڳ رکي. پوء آخر ۾ چيائين تہ “ درل محمد هيڏي اچ“. مان ڊڄندو ڏڪندو هن وٽ ويس. چيائين تہ :“ تون درمحمد آھين. پوء درل محمد ڇو لکيو اٿئي؟“. مون کيس ٻڌايو تہ “مان درل آھيان. هيڪو درل سڏيندو آھي. اوهان منهنجو اڌ نالو ٿا وٺو.“ ڏاڍو کليو. سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر مان ضد تان نہ لٿس. پوء هن ٻيا ڪجھ سوال ڪيا ۽ مون جواب ڏنا. شيخ صاحب ماسي سڀائئ کي چيو تہ “ هن ٻار نظرانداز نہ ڪجو. هن ۾ ڪي عجيب داڻا آھن“. هو منهنجي اسڪالرشپ منظور ڪري ويو“
مون شيخ صاحب لاء وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ٻار غور ۽ دلچسپئ سان ٻڌندا رهيا. هاء اسڪول ۾ داخلا لاء ٽيسٽ ڏيڻي پوندي هئي. ٽيسٽ ۾ ويٺس ۽ اڳيان ويٺل مون کان ڪاپي ڪئي. ٽيسٽ جو نتيجو آيو تہ مان ناپاس ڪيو ويس. شيخ صاحب جوابي ڪاپيون پاڻ ڏٺيون هيون ۽ سمجهيائين تہ مون ڪاپي ڪئي آھي. داخلا جو شرط اهو طئي ٿيو تہ ڪچي امتحان ۾ ويهبو. ان ۾ سٺا نمبر کنيم تہ داخلا ملندي. ماسي سڀائي منهنجي داخلا لاء ساڻس ملڻ آئي ۽ کيس ياد ڏياريائين تہ “ هي اهو درل محمد آھي، جنهنجي اوهان پارت ڪئي هئي ۽ هن کي اسڪالرشپ ڏني هئي.“ پر شيخ صاحب هن جي سفارش بہ نہ ٻڌي. ڪچا امتحان ٿيا. مان سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيس تہ پوء مون کي داخلا ڏنائين. شيخ صاحب تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ٿيو. منهنجو ساڻس سندس وفات تائين ادب ۽ نيازمندئ جو واسطو رهيو. جڏھن بہ ساڻس ملندو هئس تہ مون کي “ درل محمد“ ڪري سڏيندو هو. هن مون کي وڏن عهدن رتبن تي ڏٺو. ليکڪ ۽ محقق جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ چوندو هو “ تہ استاد جي نظر ۽ دعا جو رنگ ئي نرالو آھي. مون توکي ان وقت سڃاتو هو جڏھن ٻيو درجو پڙهندين هئين.“
ٻار وڏي دلچسپئ سان ٻڌي رهيا هئا. مون کين چيو: “ بابا مان بدنصيب آھيان جو مئٽرڪ کان پوء ڪو استاد نصيب نہ ٿيو. الله ڪندو اوهان يونيورسٽئ تائين استاد ڏسندا. استادن جو قدر ۽ احترام ڪجو. هنن جون دعائون ۽ تربيت اوهان کي ڌرتئ تان کڻي آسمان تي پهچائينديون.“

Good Wishes