ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

“ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- سوڀو گيانچنداڻي“


WhatsApp Image 2020 06 12 at 8.08.45 PM“ ننڍڙن ٻارن سان وڏن ماڻھن جون ڳالهيون- سوڀو گيانچنداڻي ڪير آھئ؟“
گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ کان ستت پوء ڳوٺ جي ٻارن جي اداري ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاء مون تصويري نمائش مان فائدو ورتو. روزانو مختلف تصويري بورڊ اڱڻ ۾ رکندو هيس. شخصيتن وارين تصويرن جو ڏينهن هوندو هئو تہ ٻار انهن بابت پڇندا هئا. هڪ ڏينهن ٻارن سوڀي گيانچنداڻئ بابت پڇيو. مون کين ٻڌايو تہ سوڀو ٻنڊي ڳوٺ جو ويٺل آھي. ٽئگور وٽ پڙھيو ۽ هن دور جو ناميارو ڪامريڊ آھي. پوء ٻارن وڌيڪ پڇڻ شروع ڪيو.
“ٽئگور ڪير هو؟“ هڪڙي ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو: “ ٽئگور وڏو شاعر ۽ اديب هئو. هو پهريون هندستاني هئو جنهن کي نوبل پرائيز مليو. هن شانتينڪيتن نالي ادارو ٺاهيو، جنهن ۾ ٻار پڙهائيندو هو. سوڀي گيانچنداڻئ ۽ ٻين ڪيترن سنڌين اتي بنگال ۾ وڃي وٽس تعليم ورتي. ٽئگور جي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت هئي. هو سنڌ بہ آھيو هو. سنڌين هن جي نالي پٺيان هڪ ناٽڪ منڊلي بہ قائم ڪئي هئي. ان جو ٽئگور پاڻ افتتاح ڪرڻ آيو هو.“
“شانتينڪيتن ڇا هئي؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو: “بابا اهو سندس ادارو هو. وڏا انسان ادارا يا اهڙيون بيٺڪون ٺاهي، ماڻهن کي عقل ۽ ڏاهپ سيکاريندا آھن. مثال شاه لطيف ڀٽ کي جهڙوڪ ادارو ٺاهيو. “
“ سائين اوهان بہ تہ گل حيات ادارو ٺاهيو آھي نہ“. هڪڙي ٻار تبصرو ڪيو. مان ان کي جواب ڏيڻ بدران سوڀي گيانچنداڻئ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ سوڀو ڪميونسٽ ليڊر آھي ۽ اڪثر ڪري ڪميونسٽن کي ڪامريڊ چئبو آھي“. هڪ ٻار سوال ڪيو:“ ڪميونسٽ ڇا آھي؟“ مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي: “ بابا لينن ۽ مارڪس هن نظريئي جا باني آھن. ڪميونسٽن روس ۾ انقلاب آندو ۽ حڪومت قائم ڪئي“. اها سمجهاڻي ٻارن جي سمجه کان مٿي هئي. ان ڪري هو وري سوڀي گيانچنداڻئ بابت پڇڻ لڳا. مون کين ٻڌايو:“ سوڀي اخبارن ۾ ڪم ڪيو.تحريڪن ۾ اڳواڻي ڪئي، مزدورن ۽ ھارين جي حقن لاء آواز اٿاريو. جيل ويو. هو هڪ وڏو اڳواڻ آهي.“ محسوس ڪيم تہ ٻار سوڀي جي ڪم ۡ۽ خدمتن مان متآثر ٿيا. هڪ ٻار آخري سوال ڪيو تہ:“ جيڪڏھن سوڀي وانگر اسان بہ غريبن، مزدورن ۽ ھارين سان پيار ڪريون ۽ سندن خدمت ڪريون تہ اسان جا ڦوٽو بہ هتي رکندين ۽ ھڻندين ؟“

Good Wishes