سنڌ ۾ فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو گهوٽالو
پنهنجي دور تي تنقيدون ڪرڻ، ڪج بحثيءَ تي سندرو ٻڌي گهڻين ڳالهين مان وڏون ڪڍڻ ۽ ڪيترين ڳالهين کان منڪر ٿيڻ، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي عقل جي ڏيوالي ڪڍڻ برابر ٿيندو آهي. پر پنهنجي دور جي دک ۽ درد ۾ شريڪ ٿي، ڪن ٺوس ويچارن کي آڏو رکي، سڄي دور سان مهاڏو اٽڪائڻ به ڪا بري ڳالهه ڪانهي. تاريخ جي هر دور ۾ قومن کي سخت تنقيدون به سهڻيون پونديون آهن ۽ ڪن اٽل انسانن جو مهاڏو به برداشت ڪرڻوپوندو آهي. تاريخ جو تيز وهڪرو پوءِ به بنا روڪ ٽوڪ جي اڳتي وهي ويندو آهي. اهو ڪنهن جو انتظار نه ڪندو آهي. پر اڪيلن ۽ اٽل انسانن جا مهاڏا صدين تائين ياد ڪيا ويندا آهن.
سقراط اڪيلي سر پنهنجي دور سان مهاڏو اٽڪايو، هن کي ڪنهن به نه ٻڌو، تاريخ جو وهڪرو به اڳي جيان تيزيءَ سان وهندو ويو. ڪنهن به سقراط جو انتظار نه ڪيو، خود سقراط به وقت ۽ حالتن کي روڪي نه سگهيو، ليڪن تاريخ اهو فيصلو ڏنو ته سقراط سچ تي هو. انساني تاريخ نئين سج نوان سقراط پيدا ڪندي رهي آهي، مذهب ، سياست، ادب ۽ زندگي جي هر هڪ شعبي ۾ روز بروز اڪيلا، اٽل ۽ مهاڏو اٽڪائيندڙ انسان پيدا ٿيندا رهن ٿا ۽ اسان ملي جلي سندن موت آڻيندا رهون ٿا. پر جيڪڏهن کين ٻڌو وڃي ان کان سواءِ دوست ۽ دشمن جي ڳالهه کي هينئن سان هنڊايو وڃي ته هوند هڪ طرف اسان جي ڊڪشنري مان ڪج بحثي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ٻئي طرف پاڻ کي ڏسڻ پرکڻ جو به موقعو ملي وڃي.
تنقيد ۽ مخالفت ڀلي ته سچ تي مبني نه هجي ، پر اها به اڪارتي ڪو نه ٿيندي آهي. ڇو ته دوست سدائين عيبن تي پڙدو وجهندا آهن، پر دشمن کي سدائين غلطين، ڪمزورين ۽ براين جي تلاش هوندي آهي. مخالف يا دشمن ئي ته پنهنجي تنقيد ۽ مخالفت جي آرسي ڏيکاري، اسان کي پنهنجي اوڳڻن، عيبن غلطين ۽ ڪمزورين کان باخبر ڪندو آهي. واقعي اهي انسان بدنصيب هوندا آهن، جن کي دشمن نه ٿا ملن. مخالفت ئي ته ”وجود“ ۽ ”حيثيت“ جي شاهدي ۽ تصديق ٿيندي آهي.”ڪارو“ نه هجي ته ”اڇي“کي ڪير سڃاڻي؟ ”تنقيد“ ۽ ”مخالفت“ نه هجي ته پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو ئي ڪو نه ملي.
آئون ڪنهن ڪج بحثيءَ جو آغاز ڪرڻ نه ٿو گهران، نه وري پاڻ کي پنهنجي دور جو اڪيلو ۽ اٽل انسان ڄاڻي پوري دنيا سان مهاڏو اٽڪايان ٿو، نه وري دشمن ۽ ڌاريي جو ڪردار ادا ڪري، اجايو وِڏن ڪڍڻ تي سندرو ٻڌان ٿو . پر اهو به ايمان اٿم ته هن دور هزارها مصيبتن، مشڪلاتن، مسئلن ۽ مجبورين باوجود حق ۽ سچ جون انيڪ روايتون قائم ڪيون آهن ۽ ڪيترين نظرياتي ڳالهين ۾ پيش رفت ڪئي آهي. سوچ جا نت نوان ذريعا ڳولهي لڌا آهن. ذهني ۽ فڪري ارتقا جو سفر جاري آهي. هن دور جو هر اول دستو پنهنجي پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌي رهيو آهي. پر موجوده حالتن جو جائزو ڪنهن ٻئي رخ کان به وٺي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ارتقا جي هن سفر جو ڪو مسافر اهو سوال ڪري ته ”اسان جي رفتار ڪهڙي آهي ۽ اسان ڪنهن طرف پيا وڃون؟“ ته هن تي ميار رکي نه ٿي سگهجي. ڇو ته هن کي ”ڄاڻ حاصل ڪرڻ“ جو فطري حق حاصل آهي. هن کي جيڪڏهن ڪو خدشو، وهم يا غلط فهمي ٿي پئي آهي ته اهي ڳالهيون پڻ عين انساني فطرت جي مطابق آهن. ان ڪري هن کي اهي فطري حق ملڻ گهرجن. هن کي اطمينان بخش جواب نه ڏيڻ سان نه ارتقا جو سفر رڪجي ويندو ۽ نه وري ڪنهن سرواڻ جي صحت يا حيثيت تي اثر پوندو، پر جيڪڏهن اختلاف يا سوال ڪندڙ جو خدشو ڪن ٺوس شاهدين، حقيقتن ۽ بنيادن تي ٻڌل آهي ته پوءِ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪرڻ ”اجتماعي آپگهات“ ڪرڻ برابر ٿيندو.
مفروضو:
اسان موجوده دور ۾ جيڪا نظرياتي ترقي ڪئي آهي، ان تي فقط ڳاٽ اوچي ڪرڻ سان ڳالهه نه ٿي جُڙي. انهيءَ ڪاميابيءَ جي جائزي وٺڻ لاءِ هيئن به مفروضو قائم ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو دور نظرياتي گهوٽالي جو شڪار آهي. اسان نظرياتي طور تي ترقي ڪرڻ بدران تنزل طرف وڌي رهيا آهيون. اسان جي ذهني، فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو عمل ته جاري آهي. پر ان جو رخ صحيح طرف ڏانهن ڪونهي. ان ڪري انديشوآهي ته اسان اهي ”گڏيل مقصد“ گهربل يا مقرر ڪيل وقت ۾ ماڻي نه سگهون، جنهن لاءِ هر ڪو لکيو پڙهيو، باشعور ۽ ”روشن آئيندي“ جو متوالو ڪوشش ڪري رهيو آهي.
منهنجي خيال ۾ نظرياتي ارتقا جي سفر ۾ اقتدار ۾ آيل سياستدان، حڪومت، اقتدار کان ٻاهر سياستدان، استاد، شاگرد ۽ قلم ڪاراهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي بيشڪ نظرين جا محرڪ ڪونهن پر نظرياتي سفر ۾ پنهنجي پنهنجي حيثيت رکن ٿا. هو مختلف يا ڪن حالتن ۾ متضاد محاذن جا سرواڻ ٿيندا آهن.
انهن سرواڻن مان اسان هتي فقط اديب، ليکڪ، شاعر، محقق ۽ صحافي جي ڪردار ۽ خدمتن جي حوالي سان پنهنجي مفروضي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان جي انهيءَ مفروضي جو ٻيو جز هي آهي ته ”سنڌ ۾ نظرياتي گهوٽالي“ جو اهم ڪارڻ اسان جا اهي قلم ڌڻي، ادبي دنيا ۽ انهن جا اصول آهن. اسان وٽ جيترو نظرياتي ڪم ٿيو آهي. ان جا بهتر نتيجا نڪري ٿي سگهيا. پر جيڪڏهن اسان جي قلم ڌڻين باهمي افهام تفهيم ۽ سهڪار کان ڪم ورتو هجي ها ۽ انهن اوڻاين کي پنهنجي نگريءَ مان خارج ڪيو هجي ها ته حالتون اڃان ٻيون هجن ها . جن جو مختصر ذڪر هنن ئي ورقن ۾ ڪيو ويندو.
ايئن ڪو نه آهي ته مفروضي تي ٻڌل هن مطالعي ذريعي ڪو قلم ڌڻين خلاف ڪات ڪهاڙا استعمال ڪيا ويا آهن، پر هي مطالعو نظرياتي گهوٽالي وارين حالتن ۾ سندن ڪردار، مجبورين ۽ مسئلن کي به سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو.
گهوٽالي جا اهڃاڻ:
تضادن جي هن دنيا ۾ اسان جي قوم ستن نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي، اهي آهن؛مذهب پسند،قوم پرست،ترقي پسند، موقعي پرست، مايوس، غير جانبدار ۽ غير نظرياتي ڪئمپون. انهن ڪئمپن مان ٽن جي حيثيت مخلتف ۽ متضاد مڪاتب فڪر جي آهي. جيڪي آهن؛ مذهب پسند، ترقي پسند ۽ قوم پرست. اهي ٽيئي مڪتب فڪر پنهنجي پنهنجي حساب ۽ طريقي سان سنڌ ۾ نظرياتي تبليغ ۾ مصروف آهن ۽ قوم جي لکيل پڙهيل طبقي جي اڪثريت انهن سان لاڳاپيل آهي. اهي ٽئي مڪاتبِ فڪر پنهنجي پنهنجي طريقي ڪار، رنگ ڍنگ ۽ آئيندي جي منصوبن جي حوالي سان ايترا ته پڌرا، چٽا ۽ واضح آهن، جو هر ڪو ماڻهو آسانيءَ سان انهن جو خاڪو چٽي سگهي ٿو. باقي چار ڪئمپون وضاحت طلب آهن. ”موقعي پرستن“ مان منهنجي مراد انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وقت ۽ حالتن سان گڏ سانڊي جيان رنگ بدلائي سگهندا آهن. ”موقعي پرست“، زندگي جي ڪنهن مخصوص مڪتبه فڪر سان واسطو نه ٿا رکن. پر هر هنڌ ۽ هر شعبي ۾ موجود آهن. انهن جي ڄاڻ سڃاڻ اها ئي آهي ته کين ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳندو آهي. مادي طور تي هو روز بروز وڌندا ويندا آهن. انا ، عزت نفس، اصول ۽ نظريو هنن لاءِ بي معنيٰ ڳالهيون هونديون آهن. هنن جي نظر فقط ۽ فقط ڌن، عهدي يا رتبي تي هوندي آهي.
”مايوسين جي ڪئمپ“ وري اهڙن ماڻهن جي پناهه جي جاءِ هوندي آهي، جيڪي انسان کي فرشتو ڄاڻي ويهندا آهن. هو پنهنجي شخصيت جي تعمير اخلاقي يا مذهبي قدرن مطابق ڪندا آهن. يقين، ڀروسي، وفاداري ۽ بي لوثي کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندا آهن. پر انهن سان گڏ اميدن ۽ آسرن مان به جان آجي نه ڪري سگهندا آهن. انساني فطرت ۾ سمايل خاميون جهڙوڪ :دوکو ۽ مطلب پرستيءَ کي وساري ويهندا آهن. پر انهن اوڳڻن جو نشانو بڻجي مايوس ٿي ويندا آهن. ”غير جانبدار“ ۽ ”مايوس“ ۾ اهو فرق آهي ته غير جانبدار انسان کي انسان سمجهندو آهي. پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنيادن تي اميد ۽ آسري تي گهٽ ڀاڙيندو آهي، هو جتي ٻين جي چڱائيءَ جو منڪر نه ٿو ٿئي اتي اهو به ڌيان ۾ رکي ٿو ته ساڳيو انسان مدائي به ڪري سگهي ٿو. مطلب ته تصوير جا ٻئي رخ هن جي اڳيان هوندا آهن. هو ڪنهن به ڳالهه کي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪندو آهي. پنهنجو پير ڇنڊي ڦوڪي کڻندو آهي. توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر اها غير جانبداري ويڙهاند وارين حالتن ۾ کيس ڳچيءَ ۾ پوندي آهي. ڇو ته ڪو به هن کي پنهنجو ڪو نه ڄاڻندو آهي. بلڪ متضاد گروهن جي عذاب ۽ عتاب جو پهريون نشانو غير جانبدار بڻبو آهي. امن وارين حالتن ۾ پڻ ٻئي ڌريون کيس نظر انداز ڪنديون رهنديون آهن. هو نظرياتي تبليغ ۽ تحريڪ ۾ سڌو سنئون ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ بدران اڪثر ڪري نقاد جو ڪردار ادا ڪندو آهي.
”غير نظرياتي ڪئمپ“ ۾ وري اهي ماڻهو اچي وڃن ٿا، جيڪي وقت ۽ حالتن تي نظر نه ٿا رکن . هو معاشي طور تي پاڻ هرتو زندهه رهي سگهن ٿا، يا وري معاشي طور تي ايترو ته ڪنگال آهن جو نظرين، قدرن ۽ اصولن بدران نعرن ۽ وعدن پٽاندڙ پنهنجون وفاداريون بدلائيندا رهندا آهن ۽ هنن جو نظرياتي بنيادي مطالعو يا مشاهدو نه هوندو آهي. البته سندن فطرت ۾ طبقاتي شعور جو دٻيل يا دٻايل احساس ضرور موجود هوندو آهي. ان ڪري سنجيده فڪري ۽ نظرياتي تربيت کين غير نظرياتي ڪئمپ کان ٻاهر ڪڍي سگهندي آهي.
اسان جي ڌرتيءَ جا ٽئي مکيه مڪتب فڪر، يعنيٰ ”قوم پرست“، ”مذهب پرست“ ۽ ”ترقي پسند“ انهيءَ حقيقت کي مڃين يا نه مڃين، پر سنڌ ۾ اهي باقي چار نظرياتي ڪئمپون هر حالت ۾ موجود آهن، بلڪ نظرين جي اها ست رنگي انڊلٺ ته بلڪ هر مڪتبه فڪر ۾ موجود آهي اڃا وڌيڪ غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته پر اسان جي معاشري جو هر هڪ فرد پنهنجي زندگيءَ جي مختلف موڙن تي انهن متضاد نظرين جي پلصراط تان گذري ٿو.
ان ڪري سنڌ ۾ واضح طور تي نظرياتي ارتقا ٿي نه سگهي آهي. فقط نظرياتي گروهه آهن، جيڪي وقت ۽ حالتن مطابق سسندا، ڦوڪبا، وڌندا ۽ گهٽبا رهن ٿا. ”جذباتي ڄمار“ ۾ هر ڪو ماڻهو ”قوم پرستيءَ“ جون ڳالهيون ڪري ٿو. ان جي وڌيڪ ويجهو وڃڻ ۽ سنجيده ٿيڻ سان، ”قوم پرستيءَ“ واري نظرئي تي مڙهيل اوڻايون جهڙوڪ : تنظيم جو فقدان، خود احتسابي تنقيد جي اڻ هوند، ذات پات جو اثر، غير واضح طريقي ڪار ۽ ڪارڪنن جي شخصيت جي معمولي تربيت وغيره کيس مايوس ڪن ٿيون ۽ هو ”ترقي پسنديءَ“ طرف رخ ڪري ٿو. هتي هن کي پنهنجي عمل جو جاگرافيائي ميدان ڪشادو ۽ وسيع نظر اچي ٿو. مٿس ذات پات ۽ رنگ نسل جو اثر نه ٿو مڙهيو وڃي. هو هڪ هٽيءَ واري گهٽن محسوس نه ٿو ڪري. هو جيڪو لکي يا ڳالهائي ٿو ان کي پڙهيو يا ٻڌو وڃي ٿو. هن کي تنقيد جو حق ملي ٿو. هو غير تربيت يافته ۽ آئيندي جي سوچ کان وانجهيل اڳواڻن جي قيادت کان آزاد ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ جيڪڏهن ادبي ميدان ۾ نه ته سياسي ميدان ۾ گهڻي کان گهڻا ”ترقي پسند“ سنڌ جي ”قوم پرست“ مڪتبه فڪر مان پيدا ٿيل آهن. يعنيٰ اهي اڳ يا ابتداء ۾ ”قوم پرست“ هئا ۽ پوءِ ان سان اختلاف ڪري خارجي سازگار حالتن ۽ پر ڪشش ماحول کان متاثر ٿي ان کان الڳ ٿيندا ويا ۽ پنهنجون پنهنجون وڃي نظرياتي ڪئمپون جوڙيائون. آخر ۾ انهن جي عمل جو جاگرافيائي ميدان وڃي هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو ٿيو. انهن حالتن کي ڌيان ۾ رکندي ”قوم پرست“ مڪتب فڪر پاڻ وٽ”ترقي پسنديءَ“ جي ڪنهن حد تائين گنجائش پيدا ڪئي. ان ڪري سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا مهربان به ملن ٿا جن ”ترقي پسند قوم پرستي“جي تبليغ کي اهميت ڏني. هنن حالتن وري سنڌ ۾ ”قوم پرست“ ۽ ”ترقي پسند“ مڪتب فڪرن کي ٽن حصن ۾ ورهايو.
”مذهب پسند“ مڪتب فڪر اڳ ئي حريف ۽ متضاد گروهن ۾ ورهايل آهي. شيعا، سني ۽ وهابي هڪ ٻئي کي دين ڌرم کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويٺا آهن. انهن مان ڪيترا وري اهڙا عقيدي ۾ راسخ آهن جو ٿوري ڳالهه تي به نڪاح ٽٽڻ جي فتويٰ ڪڍڻ ۾ دير نه ٿا لائن . سي به وري وقت ۽ حالتن مطابق پاڻ کي ”قوم پرست“ يا ”ترقي پسند“ ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ سرٽيفڪيٽن ۽ شاهدين جي تلاش ۾ به مصروف ٿي ويندا آهن.
نظرياتي طور تي سنڌ چون چون جو مربو ٿي پئي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو نظرياتي گهوٽالو ڪڏهن پيدا ڪونه ٿيو، سنڌ ڪڏهن به اهڙا ماڻهو پيدا ڪو نه ڪيا، جيڪي نظرياتي طور تي اڌ ڪاٺ جا اڌ لوهه جا محسوس ٿين، سو به وري حالتن جي گهڻ رخي دٻاءُ ۾.
حالتون: حالتن جو اهو گهڻ رخو دٻاءُ نه فقط ڳنڀير، پر هاڃيڪار پڻ آهي .پنهنجي سماجي تاڃي پيٽي ۾ بيروزگاري، غربت، جهالت ۽ ڏاڍ جون اڻ ڳڻيون تندون ۽ تارون موجود آهن. عملدار رعيت آزار جو عنايتون ته اڳ ئي گهڻيون هيون، پر هاڻي وري ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن عوام کي نهن تي نچائڻ شروع ڪيو آهي.