ڪامن فيڪٽرس جي تلاش
وڏيون شخصيتون پنهنجي پنهنجي وجود ۾ مڪمل انجمن ڄاتيون وينديون آهن . انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي . ڇو ته دور جا عظيم انسان پنهنجي وسيع تر مطالعي ، مشاهدي ، تجربي ۽ احساس جي خزاني کان سواءِ سوچ ۽ لوچ جي سوغات جا ڌڻي به ٿيندا آهن . سندن اندروني ڪائنات خيالي ۽ تصوراتي ڪو نه ٿيندي آهي . هو پنهنجا نظريا ، قدر ۽ اصول پڻ شوق مطابق ڦيرائيندا ۽ بدلائيندا ڪو نه آهن . اول ته اهي اکيون ٻوٽي ڪنهن کي ڪو نه مڃيندا آهن . پر جيڪڏهن ڪنهن کي مڃيندا آهن ته دنيا جي ڪا به طاقت کين انهيءَ کان منهن مٽڻ تي مجبور ڪري نه سگهندي آهي . اهڙن انسان کي ئي پنهنجي دور جو ”وڏو انسان“ چيو ويندو آهي .
پاڻ جنهن دؤر مان گذري رهيا آهيون . لڳي ٿو ته اسان جي دؤر جو هر ڪو ماڻهو به ڄڻ ڪامل ، مڪمل ۽ عظيم انسان آهي . هر ڪو پنهنجي وجود ۾ ڄڻ مڪمل انجمن آهي . اهوئي سبب آهي جو هر ڪو ڏيڍ چانور جي ديڳ الڳ چاڙهيو ويٺو آهي . ان ڪري ادبي جماعتون ڏسو ته ڳڻيون نه ڳڻبيون . سياسي پارٽِون ڳڻبيون ته ائين لڳندو ڄڻ سنڌ ۾ سياسي پارٽيون ٺاهڻ جون ڪي فيڪٽريون هجن . ثقافت جي ٺيڪيداري هر ڪنهن کي ورثي ۾ ملي آهي . دنيا جهان جو ڏک سمورن جا سينا ساڙهي رهيو آهي . ڪن دوستن کي دنيا جهان يا قوم جو ڏک سٺو نه ٿو لڳي ته ذات پات رنگ نسل جي بنياد تي پارٽي ٺاهي پٽڪو ضرور ٻڌندا . مطلب ته هر ڪو ٻه ٽي ٿان بغل ۾ دٻايو پيو گهمندو ، جڏهن به جٿي ٿو موقعو ملين ته ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ کان سواءِ ٿان ڦاڙي پنهنجو پاڻ کي پٽڪي ٻڌرائڻ ۾ ويرم نٿو لائي .
بيشڪ هن دؤر ۾ به ڀلن ، سٺن ۽ بيلوث انسانن جي ڪمي ڪانهي . ائين ڪونهي ته ڪو هي دؤر به ”عظيم انسان“ کان خالي هوندو . پر اڄوڪن عظيم انسانن ۽ ڪلهه جي عظيم انسانن ۾ زمين آسمان جيڏو فرق آهي . ڪلهه جي عظيم انسانن پنهنجي دؤر جي تقاضائن مطابق ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ تي توجهه ڏنو هو ۽ اڄ جو پاڻ هرتو عظيم انسان ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ کي به پنهنجو نٿو ڪري . هن جو جيڪڏهن زور ۽ توجهه آهي ته پاڻ وڻائڻ ۽ پنهنجي شخصيت مڙهائڻ تي آهي . پوءِ نه ڇو ان لاءِ پنهنجي يا پرائي حيثيت يا شخصيت کي به خاڪ ۾ ملائڻو پوي .
ڳالهه نڪتي آهي ”ڪامن فيڪٽرس“ جي، جن کي مٿي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي . يعنيٰ هڪڙا آهن ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ ۽ ٻيا آهن ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“. انهن جي به جيڪڏهن وضاحت ڪبي هڪجي ته بيجا نه ٿيندو .
”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ رنگ ، نسل ، ذات پات ۽ دين ڌرم جا تابغ نه ٿيندا آهن . بلڪ دنيا جا مڙوئي دين ڌرم انهن جي ئي تبليغ ڪندا آهن ۽ هر ڪنهن دين پنهنجي پنهنجي نظرئي ۽ طريقي جي وسعت سان انهن جي تشريح ڪئي آهي ، اهي آهن سچ ، حق ۽ سونهن. هر ڪو نظريو ”سچ“ جي منهن مٿي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو . هر ڪو مڪتبه فڪر ”حق پرتسيءَ“ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ هر ڪو فلسفو معاشري ۽ ڪائنات جي ”سونهن“ کي نروار ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو . البت ڪي ڪي نظريا ، دين ۽ انسان ذات جي عظمت جي ڳالهه ڪن ٿا .
ماضي جي عظيم انسانن انهن ئي ”ڪامن فيڪٽرس“ کي پنهنجو ڪيو . انهن کي پنهنجي قول فعل، شخصيت ۽ ڪردار سان نروار ڪيو .
”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ يا اخلاقيات تي ٻڌل هن سوچ ۽ لوچ جي پڄاڻي ان وقت ٿي ، جڏهن ڌرتيءَ تي ڌارين جو راڄ شروع ٿيو . هي ڌاريا رنگ نسل ، زبان ، ذات ۽ پات کان وٺي اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن ۾ بنهه اوپرا ، نرالا ۽ ڌاريا هئا . سندن ڪوشش سان ۽ سندن اثر هيٺ پنهنجي ڌرتي جو ”اخلاقي“ ۽ ”ثقافتي“ نظام بري طرح متاثر ٿيو . انهن ڌارين مثبت نظرين ، اصولن ، عقيدن ۽ ڌرمن کي پنهنجي منفي مقصدن ، ذاتي مفادن ، اقتصادي استحصال ۽ سياسي غلامي کي برقرار رکڻ لاءِ ڪم آندو . نتيجي ۾ ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ جي جاءِ تي ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ کي حيثيت ملي . جن ماڻهن انهن ۾ فنا پاتي سي ئي انهيءَ دؤر جي عظيم انسانن ۾ شمار ڪيا ويا .
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ ڪهڙا آهن . ان جو جيڪڏهن مختصر جواب ڏيون ته فقط ايترو چوڻ ڪافي نه ٿيندو ته ڌرتي“ ، ”ٻولي“ ، ”ثقافت“ ۽ ”تاريخ“ ئي خارجي ڪامن فيڪٽرس آهن . جيئن هن کان اڳ ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ ڪري ڪنهن شخصيت کي ڄاتو سڃاتو ويندو آهي .”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ وري ڪنهن قوم جي ڄاڻ سڃاڻ ٿين ٿا .
قوم جا هڏ ڏوکي ڏاها انسان انهن حالتن ۾ حيران ۽ پريشان ٿي پوندا آهن ، جڏهن کين اهو احساس ٿيندو آهي ته سندن قوم جي اڪثريت ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ کي ته صديون اڳ وڃائي ۽ ويساري چڪي آهي،پر هاڻي ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ نه قوم کان خاص کسبا ۽ وڃائبا وڃن ٿا.
منهنجي خيال ۾ اسان پڻ اهڙي حالتن جي انگاس تي لٽڪيا پيا آهيون . تاريخ يعنيٰ ”ماضي“ کي پنهنجي ”اجتماعي حافظي“طور مڃڻ بدران ان کي رجعت پسندي جي نشاني سمجهي ڇڏي ڏنو آهي . ”ڌرتي“ ، يعنيٰ زمين لاءِ ”سکر بيراج“ جي تعمير کان وٺي ويندي اڄوڪي دؤر تائين هاري ، زميندار ، ڌن ڌڻي ۽ سياستدان دانهون ڪوڪون ڪندا پيا اچن ته زراعت لائق زمينون سندن هٿن مان نڪرنديون پيون وڃن .
”ٻوليءَ“ جو ٻين تي حشر ڪيو ئي آهي . پر اسان سنڌي ميڊيم اسڪولن کولڻ جا مطالبا ڪندي به ڪنهن نه ڪنهن ڌاري زبان کي پنهنجو ميڊيم بڻايون ٿا . سنڌ ڪڏهن به لساني تنگ دليءَ جو مظاهرو نه ڪيو آهي . بلڪ هر هڪ دؤر ۾ لساني رواداري جو مظاهر جڏهن به سندن ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ ڪنڊاوڌا ويا ، تڏهن انهن ڪنڊن کي گلن ۽ ٽانڊن کي بهار ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي . اهو ئي سبب آهي جو جڏهن چيو ويندو هو ، ”ته سنڌي وائي ڪم نه آئي“ يا ”پارسي ٻولي گهوڙي چاڙهسي“ ته انهن ۽ اهڙين حالتن ۾ شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جهڙا عظيم شاعر پيدا ٿيا . جن سون تي سيڻ مٽائڻ کي ناپسند ڪيو ۽ انهن فقط ۽ فقط پنهنجي مادري زبان ۾ لکيو . ليڪن اڄ جو اديب چند ڏوڪڙن جي آسري تي پنهنجي مادري زبان تان به هٿ کڻڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو .
”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ مان ”ڌرتي“ ، ”تاريخ“ ۽ ” ٻولي“ جهڙا اهم فيڪٽرس ائين پنهنجي اهميت ۽ حيثيت وڃائي ويٺا آهن، پر گهٽ حشر ”ثقافت“ جو به ڪونه ٿيو آهي . اسان پنهنجي رهڻي ڪهڻي ، اٿئي ويهڻ ، کاڌي پيتي ، رسم ۽ رواج ۾ به ڄڻ سنڌي رهيا ئي ڪو نه آهيون .
انهن ڳالهين کي ڳڻيندي انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته اسان پنهنجا داخلي ۽ خارجي سمورا ڪامن فيڪٽرس وڃائي ويٺا آهيون . اهي بزرگ نظر نه ٿا اچن جيڪي ”اخلاقيات“ جي هن نظام کي نئين سر رائج ڪن . ڪنهن کي دين ڌرم ۽ اخلاقي ڳالهه چوڻ جي به همٿ ڪا نه ٿي ٿئي . ڇو ته هن ويچاري کي ”رجعت پسندي“ جا خطاب ته ملن ئي ملن ٿا پر اوڳڻ جا اوتار سندن جاني دشمن بڻجي پون ٿا . برائيءَ جا بند ٻڌڻ واري کي ايترو ته بدنام ڪيو و ڃي ٿو ، جو کيس ڪو ئي ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي . ايمانداري هنن لاءِ کوٽا سڪا آهن . خير خواهي جي وٽن ڪا به گنجائش ڪانهي . حلال ڪري کائڻ سندن لاءِ حرام ٿي پيو آهي . جتي اڪثريت ئي اهڙن ماڻهن جي هجي اتي بزرگ جي ڪهڙي دال ڳرندي ؟ پر هي همراهه به لوهه جا چڻا چاڙهيون ويٺا آهن . نيٺ ته اهي ڳرندا .
جتي ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ کي فروغ ڏيڻ دل گردي جو ڪم ٿي پيو آهي . اتي ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ کي رائج ڪرڻ گدو بندر واري اسپتال ۾ داخل ٿيڻ برابر آهي . شاهه لطيف جي چوڻي مطابق ته : ”جي اتر ڊاهي ان جي ته ڪنهن کي ڪارون ڪن ؟“
جيڪڏهن اُهي ”ڪامن فيڪٽرس“ جيڪي اسان جي وجود ، حيثيت ۽ تشخص جو سبب آهن . انهن کي اسان پاڻ پنهنجو نه ڪندا سين ته گاڏو ڪيئن گڙندو؟ پوءِ ڇو نه اسان جو اهڙو حشر ٿئي جيڪو ٿي رهيو آهي . منهنجي خيال فرد جي انفرادي تعمير ۽ تڪميل لاءِ ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ ۽ قوم جو اجتماعي تعميل ۽ تڪميل لاءِ ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ هر دؤر ۾ هڪ جهڙي حيثيت ۽ اهميت رکن ٿا .
انهن ٻنهي قسمن جي ”ڪامن فيڪٽرس“ کان نفرت ۽ بي رخيءَ جو وڏي کان وڏو ڪارڻ انهن ”ڪامن فيڪٽرس“ جي تبليغ ۽ تشريح غلط ٽولن جي هٿ ۾ اچڻ آهي، جيڪي پنهنجي گروهي مفادن خاطر اخلاق ، مذهب ، انسان ، ڌرتي ، ٻولي ، تاريخ ۽ ثقافت جو غلط استعمال ڪن ٿا . جڏهن مذهب ۽ اخلاق جي ڳالهه ڪندڙ ۾ مذهب ۽ اخلاق جي ڪا بوءِ ئي نه هجي . جڏهن ڌرتيءَ سان دوستيءَ جي ڳالهه ڪندڙ غداريءَ کي روزگار بڻائي . جڏهن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ٻاڪاريندڙ انسان ڌارين ٻولين جي جهوليءَ ۾ گل وجهي . جڏهن تاريخ جا ورق ورائيندڙ هر هڪ صفحي تي فقط ۽ فقط پنهنجي ذات پات ، رنگ نسل ۽ دين ڌرم کي ڏسي سگهي ، جڏهن ثقافت جي تحفظ ۽ ترقيءَ جي اوني ۾ اکيون آليون ڪندڙ انسان پنهنجي ئي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻيءَ کان ڪرڀ ڪري ته پوءِ باقي ڪهڙا ”ڪامن فيڪٽرس“ بچن ٿا ، جن سان اسان سڃاڻجي سگهون ٿا ۽ جيڪي اسان جي سوچ ۽ لوچ تي پنهنجي ڇاپ هڻي سگهن ٿا .
(ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 02-03-1991)