وڍيل ٿي وايون ڪري...........
ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين جي ڪن سٻاجهن خيرخواهن جو خيال آهي ته زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ وسيع تر اتحاد ۽ اتفاق ٿيڻ گهرجي . اديبن کي ادب جي دنيا ۾ ويڇا وسارڻ گهرجن ، سياستدانن کي قوم جي مفاد ۾ هڪ ٿيڻ گهرجي . اهڙي خواهش رکندڙ هر ڪو حساس ماڻهو جذبن جي سادگيءَ تي کيرون لهڻي ۽ سندن وات گلاب . پر اهڙي خواهش اسان جي حالتن ۾ انهيءَ سهڻي خواب برابر آهي ، جنهن جو ڪو به تعبير ڪو نه ٿيندو آهي . جيڪڏهن عملي ۽ نظري طور تي اها خواهش ڪو روپ وٺڻ جهڙي هجي ها ته پوءِ ”سنڌ قومي اتحاد“ جو ههڙو حشر نه ٿئي ها ۽ اسان جا ڏاها رڳو ٽيبل ٽاڪ ذريعي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ تائين محدود نه رهن ها .
اسان انهن حالتن مان گذري رهيا آهيون ، جن جي ڪک مان اڻ ڳڻيا تضاد پيدا ٿيندا رهيا آهن . هن موڙ تي تضادن کي نظر انداز ڪري ، اتحاد ۽ اتفاق جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن مرض جي نشانين کي نظر انداز ڪري مريض کي خوش ڪرڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ٽڪين ڦوٽن جو لپ ڀري کارائڻ . ارتقا جي عمل جي تقاضا هيءَ آهي ته انهن تضادن کي ختم ڪرڻ بدران وڌڻ ۽ ويجهڻ ڏجي ته جيئن هو پنهنجي پنهنجي رخ ۾ مڪمل رنگ ۽ روپ وٺي بيهن . اهڙين حالتن ۾ ئي عوام پنهنجي ”حال“ ۽ ”مستقبل“ جي مفاد وٽان ڪن تضادن کي پنهنجو ڪندو ۽ ڪن تضادن کي سهڻو ٽوهه ڄاڻي ڦٽو ڪري ڇڏيندو .
ڏک جي ڳالهه اها آهي جو اسان کي هر ڪا تعليم اڌوري ۽ اڻ پوري ملندي آهي . پوءِ اها عام تعليم هجي ، عملي تعليم هجي يا نظرياتي تعليم . صدين کان وٺي اسان کي ”محنت“ جي ڳڻن ، ”اتحاد“ جي فائدن ۽ ”زندگي“ جي حقيقتن کان ته باخبر رکيو ويو آهي، ليڪن اها ”تعليم“ ”نفرت“ جي نڙيءَ تي لت ڏئي، ”اختلاف“ جون اکيون ڪڍي ۽ ”موت“ کي مروٽي سروٽي ڏني وئي آهي. اسان کي جهڙوڪ انهن امر جذبن ”نفرت“ ، اختلاف“ ۽ ”موت“ جي افاديت ، اهميت ۽ عظمت کان بي خبر رکيو ويو آهي . حالانڪ ”محبت“ جيان ”نفرت“ به عظيم جذبو آهي . ”اتحاد“ جيان ”اختلاف“ به وڏي وٿ آهي ۽ ”زندگي“ جيان ”موت“ به برابريءَ واري حيثيت رکي ٿو . اسان کي انهن کان اجايو ۽ ائين ڊڄڻ نه گهرجي . کين دل جي گهراين سان پنهنجي پنهنجي حيثيت ڏيڻ گهرجي .
ائين ڪو نه آهي ته ”اتحاد“ کي اسان اڄ جي حالتن ۾ اکيون ٻوٽي نظر انداز ڪري ڇڏيون يا ڪو”اتحاد“ اسان جي دور ۾ بيڪار ، بي سود ۽ بي معنيٰ عمل آهي . ليڪن مسئلو هي آهي ته ”اتحاد“ زندگيءَ جي ڪهڙن ڪهڙن شعبن ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي ڪهڙن صفن ۾ ”اتحاد“ پيدا ڪرڻ گهرجي ؟
اديبن جي دنيا ۾ ان ڪري ”اتحاد“ پيدا ٿيڻو ڪونهي جو هيءَ دنيا اڄ ڪيترين نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي آهي . ڪن جو خيال آهي ته ”ادب سماجي ڪارج“ رکي ٿو ۽ ڪن جو خيال آهي ته ”ادب اديب يا شاعر جي فني يا فڪري صلاحيتن جو تابع ۽ ترجمان آهي .“ ڪي اديب ”ترقي پسند“ آهن ، ڪي ”وطن دوست“ آهن ۽ ڪي پاڻ کي ”ادب دوست“ سڏائن ٿا . انهن نظرياتي اختلافن سبب سمورن اديبن ۾ ”اتحاد“ پيدا ڪرڻ جو هر ڪو سعيو اجايو ثابت ٿيندو . اهو حشر ۽ حال اسان جي ”سياست“ جي شعبي جو پڻ آهي . سنڌ ۾ اديبن جون ايتريون تنظيمون ۽ جماعتون ڪين آهن جيتريون سياسي پارٽيون .
ارتقاء جي هن موڙ تي ”اتحاد“ ته رهيو پنهنجي ماڳ ۽ پري جي ڳالهه پر اسان نه به چاهيون ، ان هوندي به تنظيمن ، تحريڪن ۽ نظرياتي ڪئمپن کي اڃا ڀور ڀور ٿيڻو آهي . ڇو ته انهن ۾ ”اجتماعي مفاد“ ، ”جذبي سان سچائي“ ، ”قرباني ۽ ايثار“ ۽ ”مسلسل جدوجهد“ جي جذبن ۽ عملن جي اڻ هوند آهي . تنظيمون تحريڪون ۽ نظرياتي ڪئمپون جڏهن انمول ، اساس ۽ بنياد تان هٽي وڃي ”پاڻ چمڪائڻ“ ، ”ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ “ ، ”ٻين جي اشارن تي نچڻ“ ۽ ”پنهنجن ئي ڪارڪنن کي پاڻ جهڙو نه ڄاڻڻ“ جو ذريعو بڻجي وينديون آهن ته انهن جو حشر ٽٽڻ ، ڀرڻ ۽ پاش پاش ٿيڻ هوندو آهي .
ڪنهن به تنظيم جي ٽٽڻ ۽ ڪنهن تحريڪ جي ڀرڻ جو اندازو لڳائن بنهه آسان ۽ ممڪن هوندو آهي . ان لاءِ ڪي پارسيون پڙهڻيون ڪو نه پونديون آهن . اسان جيڪڏهن پنهنجي ڀرپاسي ، پنهنجي ڌرتي تي يا پنهنجي وجود ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته ارتقاء جو هي عمل بنهه ظاهر ۽ نمايان ٿي اسان جي اڳيان ايندو .
اجتماعي مفادن ۽ مقصدن ڏانهن وڌندڙ ڪنهن به تحريڪ يا تنظيم جو منطقي عمل ۽ ان جو نتيجو هيءُ هوندو آهي ته ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ نوان ساٿي ، نئون خون ۽ نئون روح ڦوڪبو ويندو آهي ، ان جي انفرادي قوت ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي . ذريعا ۽ وسيلا ان لاءِ ارزان ٿيندا ويندا آهن ، شهرت ۽ نيڪ نامي ان جا پير چمڻ لڳندي آهي ۽ ”منزل“ مهينن بدران ڏينهن تي نظر ايندي آهي . اهي ڳالهيون بدقسمتيءَ سان اسان جي علمي ، ادبي ، سماجي ثقافتي ته ڇا پر سياسي تنظيمن ۽ جماعتن ۾ به ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿيون اچن . ان جي برعڪس اسان جون وڏي کان وڏيون پارٽيون ۽ تنظيمون اندروني خلفشار ، ڄنڊا پٽ ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن . ڪيتريون تنظيمون پنهنجي صفن ۾ نون ساٿين شامل ڪرڻ بدران پنهنجن ئي پراڻن پر خلوص ۽ انيڪ قربانيون ڏيندڙ وفادار ساٿين کي تنظيم نيڪاليءَ جون تحريڪون هلائي رهيون آهن .اهو عمل اسان جي علمي ، ادبي ، ثقافتي ، سماجي ، مذهبي ۽ سياسي تنظيمن جو فطري ۽ وقت خواهه حالتن جي مطابق آهي . ڇو ته اسان جاگيردارانه ۽ وڏيرانه ماحول ۾ رهون ٿا . ان ڪري اسان مان هر ڪو پُرخلوص ۽ بي لوث ٿيڻ بدران ”وڏيري“ ، ”چوڌري“ ۽ هٿ ٺوڪئي ”معتبر “ ٿيڻ جي خفت ۾ هوندا آهيون . اسان جي نظرياتي تربيت نالي ماتر به ٿيل نه هوندي آهي ان ڪري اجتماعي ۽ قومي مفاد بدران ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندا آهيون . سچن ماڻهن کان صفائي حاصل ڪرڻ واري تحريڪ اڪثر ڪري انهن حالتن ۾ هلائي ويندي آهي ، جڏهن پُرخلوص ، وفادار ۽ مقصدن سان سچا ڪارڪن پنهنجي ئي تنظيم جي کڙپيل ، استحصالي سوچ رکندڙ ، شهرت ۽ دولت جي عاشق اڳواڻن جي هٿ ۾ کيڏي ، سندن آڱرين جي اشارن تي نچي ، تنظيم يا تحريڪ جي نالي اهڙيون ۽ ايتريون ته مثالي خدمتون سر انجام ڏيندا آهن ، جن مان نا عاقبت انديش اڳواڻن کي ته دولت ، شهرت ۽ عظمت جا انبار ملي ويندا آهن ، ليڪن قرباني ڏيندڙ پُرخلوص ڪارڪن شاندار عمارت جي پيڙهه جي پٿر جيان اوجهل يا گمنام ٿيندا ويندا آهن . ڪي اڳواڻ سندن گمناميءَ جو فائدو وٺي کين آسانيءَ سان عمل جي ميدان مان ڪڍي ڇڏيندا آهن ، ڪي اڳواڻ وري اهڙن ڪارڪنن کي ڪنهن اڻ وڻندڙ عمل ۾ ملوث ڪري سڄي ڄمار بليڪ ميل ڪندا آهن. پر جيڪو ڪارڪن پنهنجي سگهاري جذبي ۽ مقصد جي سچائيءَ ڪري بليڪ ميل ٿي نه ٿو سگهي ، يا هو پنهنجي صحيح يا غلط عمل کي تنظيم جو تابع ”اجتماعي عمل“ سمجهن ۽ ثابت ڪن ٿا ته پوءِ انهن خلاف اهڙيون تحريڪون هلايون وينديون آهن ، اڪثر ڪري ايشيا ۽ ٿرڊ ورلڊ ملڪن ۾ جي سياست ۾ اهڙي عمل کي پسنديده چال ڄاتو ويندو آهي .
شهرت ، دولت ۽ حيثيت ۾ شريڪ نه ڪرڻ جي شوق ۾ يا ڪنمهن ڳجهي هٿ جي حرڪت ۾ اچڻ ڪري پنهنجن کي ائين ڇني ڌار ڪرڻ مان جيڪي منفي اثر ظاهر ٿين ٿا ، اهي تحريڪن ۽ تنظيمن جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندا آهن . ڇو ته هڪ طرف عوام اندروني خلفشار جي شڪار اهڙِين تنظيمن کي ڦڏئي ، مقصد کان خالي، دولت ۽ شهرت جو گهوارو ڄاڻي منهن موڙڻ لڳندو آهي ۽ ٻئي طرف ڇني ڌار ڪيل ڪارڪن نظرياتي پختگي نه هئڻ واري صورت ۾ پنهنجي زندگي انهيءَ تحريڪ يا تنظيم کي تباهه ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن . جيئن ته اهي عمل جن ڪري کين پنهنجي تنظيمن ، تحريڪن ، ۽ جماعتن مان خارج ڪيو وڃي ٿو ، سي خارج ٿيل ڪارڪنن جا ”ذاتي عمل“ نه هوندا آهن ، بلڪ حقيقت ۾ ان پارٽيءَ جي حڪمن ۽ اصولن جا تابع ۽ سموري تنظيم جا ”گڏيل عمل“ هوندا آهن . ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ڪارڪنن کي بليڪ ميل ۽ بدنام ڪري پنهنجي تنظيمن مان خارج ڪن ٿا ، سي اڳتي هلي ساڳين عملن جي ڏوهه ۾ پنهنجن خواهه پراون هٿان بليڪ ميل ٿيندا رهن ٿا . اهڙي ريت اهڙن اڳواڻن تي ٻڌل هر ڪا تحريڪ ، تنظيم ۽ پارٽي پاڻ هرتو تباهه ۽ ختم ٿي وڃي ٿي .
(ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 18-05-1991)