اچو ته قومي آسمان جي اوزون جا تهه بچايون

 

ڌرتيءَ جي آسمان سان ، جيڪا زيادتي ترقي يافته ملڪن ڪئي آهي، آسمان وارا ان جو بدلو اسان جي ايندڙ نسلن کان وٺندا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ترقي يافته ملڪن جي ڪارخانن جي دونهين، ايٽمي تجربن ۽ بارود جي استعمال جي اثر، آلودگي ۽ ٻين سببن ڪري اوزون جو تهه ڦاٽي رهيو آهي.هي تهه صدين کان وٺي انسان ذات ۽ ٻئي مخلوق جي صحت ۽ سونهن جو ضامن پئي رهيو آهي. جيڪڏهن هن تهه کي وڌيڪ ڇهيو رسيو ته پوءِ انسان جي سونهن ۽ سندرتا ختم ٿي ويندي. اوزون جو تهه سج جي روشني ۽ گرمي کي روڪي نه سگهندو. پوءِ نتيجي ۾ ايتري گرمي وڌي ويندي جو هر ڪنهن کي يقين ٿي ويندو ته سج نيزي پاند اچي ويو آهي. پوءِ چمڙيءَ جون بيماريون عام ٿي وينديون. اڳتي هلي انسان جي چمڙي جانورن جي چمڙي کان به وڌيڪ سخت ۽ کهري ٿي پوندي. پوءِ ايندڙ دور جا شاعر اسان وانگر پنهنجي محبوب کي ڪنهن گل سان تشبيهه نه ڏيندا، ڪنهن جا ڳل بخمل جهڙا نرم محسوس نه ڪندا. ايندڙ دور جا شاعر وڏي فخر سان چوندا ته منهنجي محبوب جي کل اهڙي نرم آهي جهڙي ڪنهن هاٿي يا گڏهه جي . سچ پچ ته آڳرين تي ڳڻڻ جيترا ترقي يافته ملڪ انسان ذات جي وڏي انگ جي مستقبل ، سونهن ۽ خوشين جا ويري آهن. هو اوزون جي تهه کي نقصان پهچائي، جهڙوڪ اڀ کي ڦاڙي رهيا آهن ۽ باقي قومون ڦاٽي اڀ کي ٽوپا ڏيڻ ۾ مصروف آهن .

بنهه اهڙيءَ ريت هر قوم جي هر ڪنهن شعبي ۾ به ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد ٿيندا آهن، جيڪي وري پنهنجي قول ۽ فعل ، فطرت ۽ ذهنيت، شخصيت ۽ ڪردار سان قومي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي واري آسمان جي اوزون واري تهن کي نقصان رسائيندا رهندا آهن. سندن ڪرتوتن جو به قوم جي آئيندي تي اهڙو غلط اثر پئي ٿو، جهڙو آسمان واري اوزون واري تهه ڦاٽڻ سبب انسان تي اثر پوندو. هن ڪري قومي ڪردار واري چمڙي کي بيماريون وڪوڙي وينديون آهن، قدرن ۽ نظرن جي سونهن متاثر ٿيندي آهي ، سوچن مان سرهاڻ ختم ٿيڻ لڳندي آهي ۽ لوچن جي رفتار سست ٿي ويندي آهي.

قومون جيڪڏهن اجتماعي طور تي غلط فيصلو ڪن ته ڊڄڻ جي ڳالهه ڪانهي ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙين قومن ۾ جيڪڏهن پاڻ کي ۽ پنهنجي عمل کي درست ڪرڻ جي ساڃاهه آئي ته اهي مثالي قومون بڻجي وينديون . چيني قوم اجتماعي غلطي ڪري پاڻ کي آفيمي قوم بڻائي ڇڏيو. هيءَ قوم سالن جا سال انهيءَ آپگهاتي وهنوار ۾ مصروف رهي. تباهي جي انهيءَ عاشق قوم کي جڏهن عزت ڀرئي انداز سان زندهه رهڻ جو احساس ٿيو، تڏهن هر ڪو بدلجي ويو ۽ هر ڪا شئي بدلائي ڏيکاريائون.

پر تاريخ جا ورق انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته جڏهن به ڪنهن قوم جي مختلف شعبن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد ڪاريون رڍون بڻجي پيون ۽ پنهنجي غلط سوچ ۽ لوچ سان قومي آسمان جي اوزون واري تهه کي ڇهيو رسائڻ شروع ڪيو ته نتيجي ۾ قوم جواجتماعي سڌارو ناممڪن ٿي پيو.

آسمان جو اوزون وارو تهه سج جي گرميءَ کي روڪي ٿو ۽ ڌرتيءَ تائين اوتري گرمي پهچائي ٿو جنهن جي ڌرتي ۽ ان تي پلجندڙ جيوت کي ضرورت ٿئي ٿي. اهڙي نموني ۾ آدرش، آدرشي شخصيتون، آدرشي اصولن، نظرين ۽ قدرن جا پرچاري قومي آسمان جي اوزون جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي آدرش، آدرشي شخصيتن ۽ انهن جي مبلغن خلاف رڻ ٻرايو ويو ته ان قوم کي وقت ۽ حالتن واري سج جي گرمي کان ڪير به بچائي نه سگهندو ؟

اسان پڻ بنهه اهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون. اسان جا آدرشي انسان، اسان جا آدرشي قدر، نظريا ۽ اصول، انهن جو پرچار ڪندڙ علم ڌڻي ۽ قلم ڌڻي۽ انهن جا مرڪز يعنيٰ ادارا هاڻي اوزون جي تهه وانگر تباهه ڪيا پيا وڃن. اهو ڪو سموري قوم جو گڏيل فيصلو ڪونهي. انهن کي تباهه ڪندڙ ڪا آسماني مخلوق به ڪانهي، نه وري ڪو ڌاري ۽ دشمن قوم جي اها سازش آهي. پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن هٿ ٺوڪين قومي هڏ ڏوکين، نام نهاد ڏات ڌڻين ۽ مفاد پرست نقلي باشعورن جو ڪم آهي.اهي ياجوج ماجوج جيان اسان جي قومي آسمان جي اوزون واري تهه کي چٽي رهيا آهن. اهي اسان جي آدرشن جا دشمن، مدبرن جا منڪر، ادارن جا ويري ۽ اديبن خواهه شاعرن جا مخالف آهن.

اديبن جي مخالفت کان ڪير ٿو ڪنهن کي روڪي؟ اديب ۽ شاعر واري جا ڪوٽ بڻجي ۽ حالتن جي تيز رفتار درياهه کان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ ، قوم ۽ قومي قدر بچائي نه سگهن ته پوءِ واريءَ جا اهڙا ڪوٽ ڪهڙي ڪم جا؟ قوم کي اعتماد ۾ وٺي، بلڪ قوم کي ساڻ کڻي انهن خلاف ”اجتماعي تحريڪ“ هلائڻ وقت جي ضرورت بڻجي پوندي . اهڙي نموني سان ادارا جڏهن الله کي پيارا ٿي وڃن يا ڪيا وڃن ته انهن خلاف به اهڙي طريقه ڪار سان تحريڪ هلائي سگهجي ٿي. پر جڏهن ذاتي ۽ گروهي مفادن کي آڏو رکي ڪنهن اداري ، آدرشي اصولن يا شخصيت خلاف تحريڪ هلي ته ان کي اسرڻ کان اڳ وائکو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اهڙي تحريڪ اسان جي قومي آسمان واري اوزون جي تهه کي ڇهيو رسائيندي .

اسان جي سچن ڏات ڌڻين کي ڪوئي ڌاريو لٺ ۽ چٺ سان جهڪائي نه سگهيو .کين ڪنهن عهدي ۽ رتبي جي پنجوڙ به ڪو نه ڦاسايو . هنن ڪنهن کان ڪجهه ورتو به ڪو نه ، ان جي برعڪس قوم کي ڏنو . هنن پنهنجي حياتي جي خوشين، ذريعن ۽ وسيلن جي ميڙي چونڊي قوم کي واپس ڏني. انهن خلاف ڪڏهن ڪڏهن عوام دشمن قوتون نقلي دانشورن کي ئي ڪم آڻي اسان جي ڏات ۽ ڏاهپ ، فڪر ۽ فلسفي واري اوزون جي تهه کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي .

اهڙي ريت آدرشن ، ادارن ، نظرين ۽ قدرن خلاف جيڪا تحريڪ هلي ته پاڻ کي ڏسڻ گهرجي ته ، اها اجتماعي نوعيت ۽ قومي مفادن وٽان آهي يا انهن ياجوجن ماجوجن جي جي هلايل تحريڪ آهي جن کي قوم دشمن ۽ عوام دشمن قوتن اهڙي هُشي ڏني آهي. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته اسان جا اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد قومي آسمان واري اوزون جي تهه کي ايئن ڇيهي رسائڻ بدران قومي جرڳا سڏائي ادارن ۽ فردن خلاف ڪيس هلائن ۽ احتساب جون روايتون قائم ڪن ؟

 

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

تاريخ : 12.07.1994)

 

 

Good Wishes