سياسي تنظيمون ۽ ڪارڪن
سياسي تنظيمون ۽ پارٽيون ئي عوام جو اوکي وقت ۾ ڏڍ، ڇپر ۽ ڇانو ٿين ٿيون . انهن جي ئي پليٽ فارم تان عوام جي حقن جو آواز بلند ڪيو ويندو آهي. اهي پارٽيون ئي اسان جي روشن مستقبل ۽ اجتماعي ڀلائي جي ضمانت ٿينديون آهن . پر سنڌ ۾ انهن پارٽين جي ڪهڙي صورتحال آهي ۽ اهي پنهنجي مقصدن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويون آهن؟ ان لاءِ وقت اچي ويو آهي ته ڪجهه سوچجي.
سنڌ ٻن قسمن جي سياسي پارٽين کي جنم ڏنو آهي: انهن مان هڪڙيون پارٽيون اهي آهن، جيڪي پاڪستان سطح تي ۽ پاڪستان جي حوالي سان سياست ڪن ٿيون. ٻيون اهي پارٽيون آهن، جيڪي سنڌ سطح تي سنڌ جي حوالي سان سياست ڪن ٿيون .انهيءَ کان اڳ جو انهن ٻنهي قسمن جي پارٽين جي حوالي سان ڳالهه ڪجي، مناسب ٿيندو ته پهريائين سنڌ جي سياسي وايو منڊل جي مجموعي صورتحال کي به ڌيان ۾ رکجي.
سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٽن قسمن جي سياسي سوچ موجود آهي: هڪڙيون پارٽيون بنهه سنڌ دشمني جي بنياد تي سياست ڪن ٿيون، جن ۾ هڪ به سنڌي موجود ڪونهي.ڪي پارٽيون سنڌ دوستيءَ جي بنياد تي سياست ڪن ٿيون ۽ سنڌ جي منفرد تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي تشخص لاءِ جاکوڙ ڪن ٿيون جن ۾ وري پاڪسان دوست شامل ڪونه آهن. هڪڙيون پارٽيون وري پاڪستان دوستي جي بنياد تي سياست ڪن ٿيون، جن ۾ سنڌي خواهه غير سنڌي موجود آهن.
انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي وڏن خاندانن پنهنجي خانداني مفادن کي ڌيان ۾ رکي انوکي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. سنڌ جو ڪو به وڏو خاندان نج سنڌ دشمن سياست ۾ ملوث ڪونه آهي، البته سنڌ دوستي ۽ پاڪستان دوستي جي حوالي سان خاندانن انتهائي منافقانه انداز سان سياسي ميدان ۾ قدم رکيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هڪ ئي خاندان جو هڪ فرد جيڪڏهن پاڪستان دوستيءَ واري سياست ڪري ٿو ته ٻيو فرد وري ان جي برعڪس سنڌ دوستيءَ واري چال هلي ٿو. اهڙي ريت جيڪڏهن هڪ خاندان جو هڪ فرد ساڳئي پارٽيءَ جي نرم ڌر سان واسطو رکي ٿو ته ٻيو وري ان پارٽيءَ جي گرم ڌر سان تعلق رکي ٿو. اها صورتحال ۽ سياسي حڪمت عملي ڪنهن به صورت ۾ سياسي تدبر ۽ ڏاهپ جو پڙاڏو ڪونهي. پر ان جي برعڪس غريب، مظلوم ۽ ڏتڙيل عوام جي قيادت تي ڌاڙي هڻڻ برابر آهي. انهيءَ سياسي حڪمت عملي ذريعي عوام جو هر دڳ ۽ رستي کي روڪيو ويو آهي. عوام جنهن به محاذ تي پنهنجن حقن ۽ روشن مستقبل لاءِ لڙڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي اتي ساڳيائي چهرا رهبرن جي صورت ۾ ملندا. جيڪي حقيقت ۾ رهبر گهٽ رهزن وڌيڪ هوندا. عوام جي هر تحريڪ اتان ئي موڙ کائي ٿي ۽ عوام خلاف انهيءَ ئي موڙ تي ڪانه ڪا ويساهه گهاتي ٿئي ٿي. عوام اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به حضرت ايوب وانگر صبر ڪري ٿو. ڇو ته هن کي فقط اهو ٻڌايو ويو آهي ته سياست دولت سان ئي ڪري سگهبي آهي، ۽ سنڌ ۾ سياست، مذهب ۽ روحانيت جون گاديون ڄڻ مخصوص گهراڻن کي تحفي ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ سنڌ جو اهو نصيب آهي ته پيري، فقيري ۽ وڏيرائپ گڏجي آدرشي خاندانن کي قائم رکنديون آيون آهن. عوام کان اها ڳالهه وسري وئي آهي يا کين اهو ياد ڏيارڻ وارو ڄائو ئي ڪونهي ته ڪوئي جڏهن بئلٽ باڪس ۾ پنهنجو ووٽ وجهندو آهي ته ان وقت بنهه آزاد هوندو آهي. اهو ان وقت ڪنهن جو به غلام ڪونه آهي. پر ان وقت کيس بيدار ڪرڻ وارن جي ڀيٽ ۾ ٺڳن ۽ دوکي ڏيڻ وارن جو تعداد گهڻو هوندو آهي. ان وقت سرڪاري ذرائع ابلاغ، ثقافتي قدرن ۽ مذهبي عقيدت جو ڏڍ تي هن جو استحصال ڪيو ويندو آهي ۽ اهو پنهنجي آزاديءَ سان پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري نه سگهندو آهي. نتيجي ۾ سماجي ۽ مذهبي حوالن سان اڳ ئي قيادت ڪندڙ فرد سندن سياسي ۽ حڪومتي اڳواڻ به بڻجي ويندا آهن.
اهي اڳواڻ اقتدار ۾ اچڻ شرط پنهنجي ئي طبقي جي مفاد وٽان قاعدا ۽ قانون جوڙيندا ۽ پنهنجي طبقي کي مضبوط ڪرڻ جا سانباها ڪندا. پوءِ سندن حڪم کان سواءِ ڪک پن نه چرندو. نوڪريون هنن جي چوڻ تي ملنديون. بدليون هنن جي سفارشن تي ٿينديون، جيلن جا ڀڀ هنن جي چوڻ سان ڀربا ۽ خالي ٿيندا. کين اهڙو اختيار ملي ويندو، جنهن کي ڪٿي به ۽ ڪڏهن به چئلينج ڪري نه سگهبو.
هن طبقي جو اقتدار دائمي ٿئي ٿو، اليڪشن کٽڻ يا هارائڻ هنن لاءِ بي معنيٰ آهي. ڇو ته جيڪڏهن پاڻ اقتدار ۾ نه هوندا ته سندن ڪو نه ڪو مٽ مائٽ ضرور اقتدار ۾ هوندو، جيڪو سندس هر خواهش جي تڪميل ڪرائيندو. جيڪڏهن سندن ڪو عزيز قريب اقتدار ۾ نه آيو ته پوءِ سندن طبقو ئي هنن جي گهر ويٺي مدد ڪندو.
جڏهن سماج تي اهڙن ماڻهن جو قبضو هجي ۽ جڏهن سياست تي اهڙن ماڻهن جو ڪنٽرول هجي ۽ جڏهن سياسي پارٽيون اهڙن ماڻهن جي گهر نوڪرياڻين برابر هجن ته پوءِ عام سياسي ڪارڪن جي سياسي، ذهني ۽ فڪري تربيت ڇو ڪئي ويندي. استحصالي طبقا پنهنجي نظام کي قائم رکڻ لاءِ استحصالي سوچن وارا ماڻهو ئي پيدا ڪندا. اهوئي سبب آهي جو اڪثر پارٽين جو ڪارڪن عوام مان هوندي به عوام دشمن ٿي پوندو آهي. مظلوم هوندي به ظالم ٿي پوندو آهي ۽ عوام جي خيرخواهيءَ جا خواب ڏسندي به عوام خلاف ڪم ڪري سگهي ٿو. هو عوام، عوامي مستقبل ۽ پارٽي جو نه پر اڳواڻن جو نمائندو ٿيندو آهي. هو پنهنجي اڳواڻ کي ”الله جو پاڇو“ ڄاڻي ٿو ۽ سندس خيال مطابق سندس رهبر کي ستن ولين جيتري طاقت ۽ ڪرامت ٿئي ٿي. ان ڪري هو خدا ۽ خدا جي رسول خلاف ته سڀ ڪجهه ٻڌي سگهندو پر پنهنجي رهبر ۽ اڳواڻ خلاف ڪجهه به نه ٻڌندو. هو ڪنهن شريف جي ڏاڙهي ته پٽي سگهندو پر پنهنجي اڳواڻ خلاف اکر به ڪو نه ٻڌندو.
سنڌ ۾ اڪثر پارٽين جي ڪارڪنن جي اها ئي صورتحال آهي .۽ انهي صورتحال صدين جي جاگيردارانه، پيري مريديءَ واري ۽ استحصالي نظام کي قائم ڪرڻ ۽ رکڻ ۾ ته ڪردار ادا ڪيو آهي ، ليڪن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روشن مستقبل لاءِ رتي ڀر به ڪم نه ڪيو آهي. ڪن حالتن ۾ ڪارڪن ڪنهن پير جي خليفي ۽ وڏيري جي ڪمدار برابر بنجي چڪو آهي، بلڪ ڪيترين ڳالهين ۾ انهن کان به گوءِ کڻي ويو آهي، خليفو، ڪمدار ۽ ڪارڪن جو واسطو غريب عوام سان ٿئي ٿو ۽ ٽئي پنهنجي ئي مظلوم، غريب ۽ ڏتڙيل عوام خلاف ڪم ڪن ٿا.
وقت جي تقاضا آهي ته اهي پارٽيون جيڪي فقط ۽ فقط عوام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرن ٿيون ۽ جن جي قيادت استحصالي طبقي جي فرد جي هٿ هيٺ ڪا نه آهي ، انهن کي پنهنجي پارٽي ڪارڪنن جي شخصيت ۽ ڪردار تي توجهه ڏيڻ گهرجي. انهن طرفان اهڙا ورڪشاپ ڪرائڻ گهرجن، جيڪي ٻين لاءِ به مثالي ٿي سگهن، من نه من انهيءَ تبديليءَ جو اثر ٻين تي به پئي ۽ عام ماڻهو جي ڀلائي جو ڪو رستو نڪري پئي.
(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،
تاريخ : 24.09.1994)