دک ، ڌرتي- ڌڻين جو ڪامن فيڪٽر
سنڌ جي سيني جن کي ماءُ جي ڇاتي مهيا ڪئي آهي، اهي ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏائن ٿا، بلڪ سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. پوءِ اهي ڇو نه پٺاڻ هجن يا بلوچ،سيد هجن يا صديقي، قريشي هجن يا فاروقي. اهي ذاتيون، ڪٽنب ۽ قبيلا سندن محدود پئماني جي ڄاڻ سڃاڻ آهي. پر هنن جي مجموعي ڄاڻ بلڪ ناز سنڌ ۽ سنڌيتپڻو آهي.
هر ڪنهن قوم جي پوئلڳن جا پنهنجا پنهنجا ”ڪامن فيڪٽرس“ ٿيندا آهن. ان ڪري ئي هر ڪنهن قوم جي سوچ ۽ لوچ، ثقافت ۽ ٻولي، تاريخ ۽ طرز زندگي، ماضي ۽ آئيندو مختلف ٿيندو آهي. قوم ۽ قوميتن جي عالمن ۽ ڄاڻن جو چوڻ آهي ته”گڏيل ماضي “، ”زبان“، ”ڌرتي“ ۽ ”زندگي گذارڻ جو نظريو“ ئي ڪنهن قوم جا بنيادي عنصر ٿين ٿا. هڪ دفعي مرحوم جي الانا مون کان پڇيو هو ته : ” ڊاڪٽر صاحب قوم ڇا کي چئبو آهي؟“ مون کيس وراڻي ۾ مٿيان عنصر ٻڌايا. ان تي مرحوم چيو ته ” اهي عنصر نه پر ڄاڻ سڃاڻ جا پئمانا آهن. قوم ان کي چئبو آهي، جيڪا پاڻ مڃائي، مثال طور بنگالي پهريون پاڪستاني قوم جو حصو هئا، پر جڏهن بنگلاديش ٺهيو ته اسان پاڻ کي هنن کان الڳ قوم تسليم ڪيو.“ مون کي سندس ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ اڄ جيڪو مون کان قوم جي وصف پڇندو آهي ته مان کيس اهائي ٻڌائيندو آهيان.
اڄ جڏهن ”قوم“ ۽ ”قوميت“ جي علم جو ماهر، اسان سنڌ واسين کي ڏسندو ته ڏاڍو منجهي پوندو. ڇو ته ماهرن جي ڏسيل ۽ ڏنل وصف مطابق اسان ۾ اهو به لڇڻ ڪونهي. مثال طور اسان مان ڪيترا سنڌي سنڌ جي ماضيءَ سان رشتي رکڻ بدران پاڻ کي ٻاهران آيل ڄاڻائيندا آهن. ڪي پاڻ کي عربي نسل ته ڪي پاڻ کي وچ ايشيا جو وارث سمجهندا آهن. معنيٰ ته اسان مان ڪيترن قوميت ۽ قوم جو بنيادي عنصر يعنيٰ”گڏيل ماضي“ قبول ڪيو ئي ڪونهي.
هاڻي اوهان قوم ۽ قوميت جي ٻئي عنصر يعنيٰ ”ٻولي“ ڏي ڌيان ڌيو. اسان جي اڪثريت ڌارين ٻولين ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي.وڏن شهرن ۾ اسان جا سنڌي گهرن ۾ به غير سنڌي ٻوليون ڳالهائن ٿا. اسان جو مٿئون طبقو اندر توڙي ٻاهر ، ستي توڙي جاڳندي انگريزي ٻولي ڳالهائي ٿو. اسان جو عوام ڏسي وائسي اخبارون ۽ رسالا وٺندو ته غير سنڌي ! هن جي معنيٰ اها ٿي ته اسان خود - اختياري رويئي سان قوم ۽ قوميت جي مکيه عنصر يعنيٰ ”ٻولي“ جي پاڻ نفي ڪيون ٿا .
اسان جي ”قوميت“ جو بنيادي عنصر يعنيٰ ”ڌرتي“ اسان جي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي.جهڙوڪ ڌرتي سسندي پئي وڃي. هاڻي ته همراهه اچي ڪراچيءَ کان لڳا آهن. دشمنن جو وس پڄي ته هڪ ڏينهن ۾ ان کي ڳڙڪائي وڃن. اهڙيءَ ريت اسان جي ”ثقافت“جو اهو عالم آهي جو هر گهر جي ”ثقافت“ الڳ آهي. اهڙيءَ ريت ”گڏيل مستقبل“ لاءِ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ٻولي پيو ٻولي، ڪو اولهه ڏي ٿو ڏسي ته ڪو اوڀر ڏي . پاڻ ڏي ته ڪو ڏسي ئي ڪو نه ٿو.
هي آهي اسان جي ”قوميت“ جي عنصرن جو حشر، جيڪو اسان پاڻ ڪيو آهي. ايڏي اختلاف هوندي به هڪ شئي اسان سڀني ۾ ساڳئي آهي. اها شئي آهي دک ، درد ، سور ۽ پيڙا . اسا ن مان ڪو به اهڙو ڪونهي، جيڪو پاڻ کي سکي سڏائي ۽ سمجهي. امير هجي يا غريب، عملدار هجي يا بيروزگار، شاهه هجي يا گدا، جنهن کي ڏسبو ۽ جنهن کان پڇبو اهو پاڻ کي دکي سمجهندو.اسان مان هر ڪو سورن ۾ آهي، سچ پچ ته سورن نه پر بلڪ عذابن ۾ آهي ، ڪنهن کي ڪهڙا سور ته ڪنهن کي ڪهڙا؟ هر ڪنهن وٽ سور آهن ئي آهن.
لطيف سائين جڏهن محسوس ڪيو ته اسان مان ڪيترا مذهب، سياست، قوميت ۽ ڪنهن ٻئي ڳالهه تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن ته هن عظيم انسان سورن کي ڪامن فيڪٽر ڄاڻي سڏ ڏنو ته ” اچو سورن واريون، ڪيون سور پچار.“ ڏاڍيون ڪم جون ڳالهيون ڪيائين ۽ کولي ٻڌايائين ته ”ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڊڻ نه ٿئي.“پر اسان سندس ڳالهه نه ٻڌي، پوءِ لطيف ”ڏک“ ۽ ”سور“ کي انوکي نموني ۾ پيش ڪيو. چيائين ته ” ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.“ پوءِ به قوم جي هيٺئين توڙي مٿئين طبقي ، امير توڙي غريب اها ڳالهه نه سمجهي ۽ نه ٻڌي. پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه بدران شيهو وجهي اڄ به اسان نه ڪجهه ٻڌون ٿا ۽ نه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون. حالانڪ اسان جو وجود ، بلڪ ڪائنات جو ذرو ذرو اسان کي ٻڌائڻ ۽ اسان جي اندرين وارين اکين کولڻ لاءِ آتو آهي.
صديون اڳ جيان اڄ ۽ اڄوڪي دور ۾ به ”دک“ اسان جو ”ڪامن فيڪٽر“آهي. اهوئي اسان جوتاريخي ۽ حالتن وارو رشتو آهي. اهائي اسان جي مضبوط رسي آهي، جنهن اسان کي هڪ ٻئي سان ٻڌي رکيو آهي. پر اسان وقت ۽ حالتن جي جنگ ڪيئن وڙهي رهيا آهيون؟ بنهه ايئن جيئن ميرن پنهنجي پٽڪن سان هڪ ٻئي کي ٻڌي تلوارون کڻي بندوقن جي منهن ۾ پيا؟؟
دک ئي اهڙو عنصر آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وجود ۾ سمايل آهي.اسان انهيءَ ذريعي ئي ”ڪثرت“ ۾ ”وحدت“ پيدا ڪري سگهون ٿا، پر نفسيات جو ماهر، دانشور ۽ مدبر ڪٿان اچي؟
(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،تاريخ : 23.05.1995)