ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب
سنڌ ۾ تمام سٺو ۽ تمام گهڻو لکيو وڃي ٿو ، پر وس وارا پڙهن ئي ڪونه ٿا. اسان جون اخبارون سنڌ واسين جو بي بدل آوا ز آهن.اسان جون آهون ۽ دانهون، حڪايتون ۽ شڪايتون روزانو اخبارن ذريعي در در تي پهچن ٿيون پر اهي ڪونه ٿا پڙهن، جيڪي ڪجهه نه ڪجهه اسان جي دردن جو دارون ڪري سگهن ٿا.”واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“ واري صورت حال ڪانه رهي آهي. ٻڌڻ وارو ٻروچ اڄ ٻوڙو ٿي پيو آهي، بلڪ سنڌي سليمي به پڙهي نٿو سگهي. جيڪڏهن پڙهڻ وارن جو اهو حشر آهي ته هاڻي اچو ۽ اهو ڏسون ته ڀلا ٻڌڻ وارا ڪيترا آهن.هن ڪالم جي عنوان ۾ مون ”ٻڌڻ“ ، ”سمجهڻ“ ۽ ”مڃڻ“ هڪ ٻئي سان مشروط ۽ مربوط بڻايو آهي. اهو هينئن ته جيڪڏهن ڪو ٻڌندو ئي ڪونه ته سمجهندو ڪٿان؟ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن گهڻو ڪجهه ٻڌي به ماڻهو رتيءَ ڀر سمجهي ئي ڪونه ته به ٻڌڻ ڪهڙي ڪم جو؟ پر جيڪڏهن ماڻهو ٻڌي سمجهي به، پر انهيءَ کي مڃي ڪونه ۽ ان تي عمل ئي ڪونه ڪري ته پوءِ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ مان ڪهڙو فائدو.
هاڻي اچو ته ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب ڏسون. اسان طبقاتي سماج ۾ رهون ٿا. سياڻن جو چوڻ آهي ته ”مڊل ڪلاس“ اسان وٽ منظم نموني سان ٺهي جڙي نه سگهيو آهي. ان ڪري اسان جي سماج ۾ صحيح معنيٰ ۾ ٻه طبقا آهن: ”مٿيئون طبقو“ ۽ ”هيٺيون طبقو“. هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته عام ۽ عوام جي ڀلائيءَ جي جيڪا به ڳالهه ٿئي ٿي، ان جي معنيٰ هيءَ هوندي آهي ته ” مٿئيون طبقو غريبن کي پنهنجا حق ڏئي، مٿن ظلم نه ڪري ۽ سندن استحصال نه ڪري.“ ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي ڳالهه ڪبي ته اسان جو ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجي ڇڏيندو، بلڪ اڻ ڳڻين ماڻهن کي به مجبور ڪندو ته هو پنهنجي ڪنن ۾ آڳريون وجهي ڇڏن ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٻڌن. اهي ماڻهو جيڪي روزگار ،ملازمت، بدلي، ڦڏي کان بچڻ وغيره جهڙيون مجبوريون ۽ مفاد رکن ٿا، اهي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اثر رسوخ واري ماڻهو يا ”مٿئين طبقي“ جي نمائندي جا محتاج ٿين ٿا. ان ڪري هو چاهيندي به چڱي ڳالهه نه ٻڌڻ لاءِ مجبور آهن. هو پاڻ کي ايئن بليڪ ميل ڪرائي سچ جو پاسو ڇڏي وڃن ٿا. حادثن ۽ حالتن جي واچوڙي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه هنن کي متاثر نه ٿي ڪري. ڪن حالتن ۾ هنن جا ڪن کلي پون ٿا ۽ اکين تان پٽيون لهي پون ٿيون ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌن، سمجهن ۽ مڃن ٿا، نه ته سڀني جو خير.
هاڻي جڏهن ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پاڻ ٻڌي پر ٻڌندڙن کي بدظن ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هيٺين طبقي جو ڳچ حصو پنهنجن مفادن ۽ مجبورين ڪري ٻڌڻ گوارا نه ڪري ته پوءِ اندازو لڳايو ته ڪيترا ٿا ٻڌن؟
ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي. اهي ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ ئي ڪي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا ملازم آهن. انهن سان هيءَ مجبوري آهي ته هو هر ڪا ڳالهه سمجهن ضرور ٿا ليڪن ان کي ٻڌڻ ۽ مڃڻ کان گهڻو پري ٿين ٿا. مثال طور سنڌ ۽ سنڌ واسين جي سورن کان هر ڪو سرڪاري ملازم باخبر آهي، پر هو نوڪريءَ بچائڻ خاطر نه ته اهڙن فنڪشنن ۾ وڃي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن پارٽيءَ جو رڪن ٿي ڪنهن جي ڳالهه مڃي ٿو. اهڙيءَ ريت اسان جي آباديءَ جو هي حصو مجبور ۽ مفلوج آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن، پر اهو طبقو ٻڌڻ، سجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي صف ۾ شامل ٿي نٿو سگهي.
اسان جي پڙهيل ڪڙهيل طبقي جي وڏي اڪثريت جو اهو حال آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي راءِ جو ڌڻي چئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته اسان جا ڪيترائي لکيل پڙهيل، عاقل ۽ بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي ڪنهن نظريئي يا آدرش جا معتقد ۽ مريد بڻجي وڃن ٿا. ان ڪري پوءِ باقي ڄمار” هزماسٽرس وائيس“ بڻجي ٻين جون ڳالهيون ڪندا وتن ٿا. هنن کي ٻڌڻ لاءِ نه ته ڪوئي وقت ٿئي ٿو ۽ نه وري هو ڪنهن ٻئي جو ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. بلڪ هو ٻئي کي ”ٻڌڻ“ وڏو گناهه سمجهندا آهن. انهيءَ حساب سان اسان جي لکيل پڙهيلن مان ”نظرئي وڪوڙيل ۽ گروهه زده طبقو“ ڪنهن جو ڪجهه به قطعي ڪونه ٻڌندو.
اسان جي آدمشاريءَ جو وڏو حصو اڻپڙهيل آهي، پر جيڪڏهن ٿورو گهڻو پڙهيل آهي ته فقط نالي ماتر. اهي پنهنجي مسئلن ۾ ايترو ته مصروف ۽ مجبور آهن جو واقعي انهن وٽ ايترو وقت ئي ڪونهي ته هو ڪنهن کي ٻڌن. هاري پنهنجا ڪم ڪار۽ ٻني ٻارا ڇڏي، گاهه ۽ ڳاهه ڇڏي ڪنهن عالم جو واعظ، ڪنهن دانشور جي تقرير ۽ مدبر جو خطاب ڪونه ٻڌندو. ان ڪي اسان پنهنجي آدمشماريءَ جي وڏي حصي کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن ۾ شامل ڪري نه ٿا سگهون.
انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڻ ۾ ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي ڪمي آهي ۽ انهيءَ ئي صورت حال ۾ ڪنهن عالم، دانشور ۽ مدبر کي حق ۽ سچ جي ڳالهه ٻڌائڻي ۽ مڃائڻي آهي. جيئن زلزلا جبلن کي ڦاڙي ۽ ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيندا آهن، تيئن ئي اڄ جي عالم دانشور ۽ مدبر کي پنهنجي ڳالهه چوڻي ۽ مڃائڻي پوندي.ان لاءِ هنن کي نت نوان طور طريقا ڪم آڻڻا پوندا. بهرحال هنن کي اهو ڌيان ڪرڻو پوندو ته کين ٻڌڻ وارا آهن ئي ڪونه. في الحال هو پاڻ چوڻ وارا ۽ پاڻ ئي ٻڌڻ وارا آهن. هي صورت حال پريشان ڪندڙ ضرور آهي، ليڪن مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪونهي. ڇو ته اهڙيون حالتون نبين ۽ پيغمبرن کي به ڏسڻيون پيون هيون. ايتري قدر جو الله تعاليٰ کي پنهنجي قرآن ذريعي دلداري ڏيڻي پئي ۽ فيصله ڪن انداز ۾ فرمائڻو پيو ته ڪي ماڻهو ٻوڙا ۽ گونگا ٿيندا آهن ۽ هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ به نبين ۽ پيغمبرن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن کي ٻڌڻو، سمجهڻو ۽ مڃڻو پيو. اسان وٽ ۽ اسان ۾ ٻڌڻ،سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب گهٽ آهي ۽ اها هن دور جي سچائي آهي.
(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،
تاريخ : 24.10.1995)