(تو بن جاني! هيءُ جهان)
”سنڌ جي سياستدانن ڏانهن صورتحال جو سنيهو“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اتر سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني حڪومت جون چونڊون ۽ انهن جا نتيجا سنڌ جي وفاق-دوست خواهه سنڌ-دوست سياستدانن لاءِ کوڙ سارا پيغام کڻي آيون آهن. پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ جي سياسي اثر جي تڏا ويڙهه، هن پارٽيءَ ڏانهن به اکين کولڻ جو پيغام آهي، ته ملڪي سياست ۾ ايندڙ وڏيءَ تبديلي جو اهڃاڻ به آهي. بلاشڪ هيءَ حقيقت آهي ته هڪ ئي گهر جا ٻه ڀاتي مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪمران آهن ۽ انهن جي سياسي اثر کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، پر پيپلزپارٽيءَ ته مطلق جابرن ۽ ڊڪٽيٽرن کي به ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ۽ انهن جي دٻدٻي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڏيکاريو. ان ڪري هاڻي چٽي ڏينهن ۾ پاڻ لٽائڻ۽ پنجاب مان خالي توٻرا ڪلهن تي رکي چونڊن مان واپس ٿيڻ ۾ پيپلزپارٽيءَ لاءِ وڏو پيغام آهي. لڳي ٿو ته هاڻي ملڪي سياست تي صوبائي رنگ پڪو ٿيندو پيو وڃي. لڳي ٿو ته ڪو وقت متان اهڙو به اچي جو وفاق جي نالي ۾ سياست ڪندڙ سياستدان هيٺ لهي اچي چون ته ”تون ايڏانهن ته مان هيڏانهن.“
سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جا سياسي برتري مڃائي ورتي پر اها برتري روايتي نه آهي مڙئي هٿ پير هڻي وڃي منزل ماڻي اٿس، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ قومپرستن يا سنڌ دوستن کي ايڏي موٽ نه ملي. ان ۾ سنڌ-دوستن لاءِ هڪ کان وڌيڪ پيغام موجود آهن. سنڌ-دوستن جي اميدوارن جي ڀيٽ ۾ آزاد اميدوارن کي گهڻي ڪاميابي ملي آهي. ان مان هيءَ ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته ذات پات جو زنگ هاڻي سماج کان مان ٻاهر نڪري سياست جي ميدان تي به اثرانداز ٿي رهيو آهي. هن مان سنڌ جي قومي ۽ نظرياتي وحدت کي اڳتي هلي وڏو شيهو رسڻ وارو آهي. انهيءَ ڳالهه تي اسان جي ڏاهن ۽ سپورنجن کي سوچڻ گهرجي. انهيءَ حوالي سان دير ۾ خير ڪو نه ٿيندو. جيڪڏهن ذات-پات جي بي پاڙي ول قومي وحدت واري وڻ کي وڪوڙي وئي ته اسان اندران ئي اندران زندهه لاش بڻجي وينداسين.
اتر سنڌ ۾ قوم پرستن جي وڏي ڪاميابيءَ نه ماڻڻ جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ جي مکيه قومپرست پارٽين جي قيادت ڏکڻ سنڌ ۾ مرڪوز آهي. اتر سنڌ جي دورن تي ته انهن جو وڃڻ ٿئي ٿو، مگر اتي سندن منظم نيٽ ورڪ ڪونهي. قيادت جي اهڙي مرڪزيت ۽ فقط سنڌ جي هڪ ڪنڊ ۾ هجڻ جا منفي اثر ته نڪرڻا آهن ۽ اهي اڳتي به نڪرندا.
ڀلي ڪو سنڌ سان محبت ڪندڙ سنڌ-دوست سياسي قيادت کي آئينو نه ڏيکاري، پر تاريخ ۽ حالتون انهيءَ حوالي سان سائنسي بنيادن تي ٻڌل اثرن جي نشاندهي ڪنديون رهنديون. قوم پرست سياسي ڌريون جڏهن شخصيت پسنديءَ ۽ شخصيت پرستيءَ تي گهڻو توجهه ڏينديون ته نظرياتي تربيت ۽ خدمت وارو ڪم پوئتي رهجي ويندو. اسان جي ڪيترين سنڌ-دوست پارٽين ۾ ”شخصيت“ اڳيان آهي ۽ ”نظريو“ ان جي پٺيان آهي. ان کانسواءِ هيءَ ڳالهه اهڙين پارٽين جي حق ۾ نه ٿي وڃي ته اهي اختيار ۽ اقتدار کان ايترو پري آهن جو عوام کي ڀلائيءَ وارا سبز باغ به ڏيکاري نه ٿا سگهن. اهي نه ته ڪنهن کي نوڪري وٺي ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ڪنهن جي بدلي ڪرائي سگهن ٿا. بجليءَ جا ڪنيڪشن وٺي ڏيڻ ته پنهنجي جاءِ تي، پر اهي لوڊشيڊنگ جي مصيبت ۾ به عوام جي مدد نه ٿا ڪري سگهن. سنڌ-دوست سياسي ڌرين کي عوام جي دلين کٽڻ لاءِ هاڻي سماجي خدمتن ۽ ثقافتي سرگرمين جو سهارو وٺڻو پوندو. شخصيت پرستيءَ کي ڇڏي، عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. عوام جي قانوني مدد ڪرڻ لاءِ مفت ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ وارا وڪيلن جا پئنل ٺاهڻ گهرجن. تعليمي ڪانفرنسن بدران شاگردن لاءِ مفت ڪتابن ۽ مالي ساهتا جو بندوبست ڪرڻو پوندو.
هي جو ڪيترين سنڌ-دوست پارٽين تي الزام آهي ته انهن ڦرلٽ جو ڪلچر عام ڪيو آهي ۽ مذهب خلاف لاهي پاهي ڪات ڪهاڙا کنيا آهن، ان لاءِ اهڙين پارٽين کي ان جو پنهنجي قول ۽ فعل سان تدارڪ ڪرڻو پوندو. پارٽين کي عوام جي ڪورٽ ۾ اچي ثابت ڪرڻو پوندو ته هنن عوام جي دل نه آزاري آهي، ڪو ڏاڍ نه ڪيو آهي ۽ ڪنهن کي ڦريو لٽيو ناهي. کين اهو ٻڌائڻو پوندو ته هو پيرين اگهاڙي سياست ۾ وڃي، پيجارن ۽ بنگلن جا مالڪ ڪيئن ٿي ويا؟ بنهه اهڙيءَ ريت عوام جي نفسيات کي ڄاڻندي مذهب خلاف مامرا نه اٿارڻا پوندا، ڇو ته ماڻهو ڀلي ته روزو نه رکي ۽ نماز نه پڙهي، پر پوءِ به مذهب خلاف ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. ماڻهو ڪنهن به دور ۾ مذهب کان پري نه رهيو آهي ۽ هاڻي ته بي مذهبي به خود جهڙوڪ مذهب بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن نعم البدل ڏيڻ کانسواءِ مذهب کسڻ جي ڪوشش ڪبي ته نتيجا اهي نڪرندا، جيڪي اسان جي اڳيان آهن. هيءَ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڪي پارٽيون مٽيءَ جي قبرن تي پڙ وجهي ووٽن جون ڀريون ٻڌي وڃن ٿا ۽ ٻيون پارٽيون خواهه مخواهه جو مذهب سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي گهر جا ووٽ به وڃائي اچن ٿيون. مڪاني حڪومت جي چونڊن جا هي نتيجا هر قسم جي سياستدان لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ جو نئون رخ متعين ڪن ٿا. جيڪڏهن سياستدان پنهنجي روين ۽ حڪمت عملين ۾ تبديلي نه آندي ته نتيجا اهڙا ئي نڪرندا جيڪي اسان جي اڳيان آهن.