ايران جي علقمنديءَ کانپوءِ؟

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

             يمن جي ويڙهاند شروع ٿيڻ کان جلد پوءِ شايد ايران خطي ۾ ايندڙ ڀيانڪ تبديليءَ جو اندازو لڳائي ورتو ۽ سگهارين ڌرين سان جوهري سمجھوتو ڪري ورتو. ايران کي پنهنجي قومي مفاد ۾ ۽ يمني حالتن ۾ تڪڙي ابتر تبديليءَ اچڻ واري رستي روڪ ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ مناسب لڳو. هن تڪڙي پيش رفت تي ايران جي سياسي تدبر جي جيتري واکاڻ ڪجي، اوتري گهٽ آهي. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ايران جي اها عقلمندي مستقبل ۾ ايران بابت مهاڀاري سگهارين قوتن جي دلين تي ڇنڊو وجھندي؟ ۽ يمن ۾ ٻاريل باهه کي وسائي سگهندي؟ حالتن جو منهن ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اهڙيون اميدون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ڳالهه اتي دنگ نه ٿي ٿئي. پر هاڻي ته اسان جي جونءَ به ننڊ پئي آهي، ان ڪري سيانڊڙي نه ٿي اڀري. پر جڏهن توٻرا ٻڌجڻ شروع ٿيندا ته اسان جي اندرجا اٺ پاڻهن رڙڻ لڳندا. سمجھون ٿا ته يمن ۾ ٻرندڙ باهه جو اسان کي ڪو تئُه نه ايندو، اها اسان جي ڀل به آهي ته اڻڄاڻائي به.

اڻڄاڻائي هن ڪري آهي ته اسان وٽ کوهه جي ڏيڏرن ۾ ڪمي  ڪانه آئي آهي. ان ڪري سمجھون ٿا ته سارو جهان اهو ئي کوهه آهي، جنهن ۾ رهون ٿا. دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري، ان جا ٺڪاءَ ته ٻڌون ٿا، پر ان جي پسمنظر ۽ پيش منظر جي سمجھڻ لاءِ جهڙوڪه اسان وٽ وقت ئي ڪونهي. هي اڻ کٽ طوفان جيڪو  ٽريڊ سينٽر تي حملي سان شروع ٿيو، عراق ۾ صدام جو ساهه ڪڍي اچي افغانستان پهتو، اتان رنگ بدلائي واچوڙا پوئتي رهائي جو وڃي يمن ۾ منهن ڪڍيو اٿس. اهو اسان وانگر آزاد ۽ ڇڙواڳ ڪونهي. انهيءَ رمندي طوفان جو مقصد آهي.

يمن جي تار يخ، جاگرافي ۽محل وقوع بنهه انهيءَ اهميت ۽ افاديت جهڙو آهي، جيئن هتي اسان وٽ ڪراچي جي حيثيت آهي، جنهن خطي ۾ گهڻي کان گهڻن نبين جنم ورتو، جنهن خطي ۾ تيل جا انبار آهن ۽ جنهن خطي ڀر ۾ سمنڊن جون جهڙوڪه قطارون لڳيون پيون آهن. اهڙي سهڻي ۽ تيل سبب سدا آباد رکندڙ خطي تي پنهنجن توڙي پراون جي نظر ڪيئن نه پوندي؟ اتي  جيڪڏهن يمن جهڙوڪ ملڪ به هجي ته پوءِ پوري خطي تي نظر رکڻ ۽ ان تي اثرانداز ٿيڻ نهايت آسان ٿي سگهي ٿو.

پر ان لاءِ صدين جي تاريخ کان وٺي وقت حالتن جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ حالتون پنهنجي موافق ڪبيون ته پوءِ به ڪجهه حاصل ڪري سگهبو. ان ڪري يمن جو انتخاب اڄ نه، پر ان وقت ڪيو ويو هو، جڏهن دنيا ۾ نيو ورلڊ آرڊر نافذ ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙيون پئي ويون. يمن پرشن گلف تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ ڪليدي ماڳ جي حيثيت رکي ٿو. هن ملڪ ۽ ان جي ڀرپاسي مان مغرب کي تيل جي پاڻيءَ وارن جهازن رستي رسائي  ٿيندي رهي ٿي، جيتوڻيڪ ڪن ملڪن مان پائيپن ذريعي به تيل وڃي ٿو، پر اهي جوکي جا طريقا سمجھيا پيا وڃن. ان ڪري يمن جي حيثيت مٽجڻ شروع ٿي. يمن مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا جي ميلاپ جو باعث آهي. ميڊيٽيرن سمنڊ ۽ عربي سمنڊ تائين آسانيءَسان پهچڻ جو دڳ آهي.

يمن جي گهرو لڙائي جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هٿ وٺي اتان جون اقتصادي ۽ معاشي حالتون بهتر نموني سان بدلجڻ نه ڏنيون ويون. القاعده کي افغانستان وانگر هتي پاليو ويو. يمن ۽ عربستان جي تاريخي لاڳاپن جو مطالعو ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا منهن هڪٻئي طرف ڪري سگهجن. يمن اهو ملڪ آهي، جنهن جو گورنر ابره ڪعبي کي ڊاهڻ لاءِ هاٿين جو لشڪر وٺي ڪاهيو هيو، تاريخ جي انهيءَ پس منظر ۾ يمن جي ڪن ڌرين عربستان سان اچائڻ به شروع ڪيو. سمگلنگ جا سلسلا به شروع ٿيا ۽ عربي فوج ۾ يمني ماڻهن جي ڀرتي به وڌڻ لڳي.

مسلمانن ۽ مسلم ملڪن ۾ ڏڦيڙ فقط ۽ فقط ملڪ جي بنياد تي وجھي سگهجي ٿو. شام کان وٺي يمن تائين شيعت ۽ غير شيعت جي تضاد وارو نسخو ڪامياب ثابت ٿيو. يمن انهيءَ ئي اختلاف جي بنياد تي گهرو لڙائي  کي جنم ڏنو. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ گهرو لڙائي ناهي، پر مسلڪي ۽ فرقيوارانه آهي، عربستان داخلي ۽ خارجي سببن ڪري ان ۾ شريڪ ٿيو آهي ۽ هاڻي اهو ٻن ملڪن جو، پر گهڻن ملڪن جو مسئلو بڻجي ويو آهي. هنن حالتن پاڪستان کي به ٻه-واٽي تي آڻي بيهاريو آهي. يمن جون حالتون ۽ لڙائي ڍنگهري بڻجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آهن. جي پاڻ ڇڏائبو ته به رتوڇاڻ ۽ جي نه ڇڏائبو ته به رتوڇاڻ. ان ڪري يمن ۾ جن مقصدن ڪري باهه ٻاري وئي  آهي، اهي مقصد هر حالت ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي..

 

 

Good Wishes