ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني ! هيءَ جهان)

”هي جي درد هزار پوءِ خوش ٿي ڪيئن کلان

مرحوم علي احمد بروهي جيترو مون تي مهربان رهيو ۽ قدر ڪيائين، اوترو  جهيڙو  به ڪندو  هو. چوندو هئو ته ”تون پنهنجي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ جيڪي مسئلا کڻي ٿو ۽ جن موضوعن تي لکين ٿو، اهي اسان جي معاشري ۾ ککر ۾ کڙو هڻڻ برابر آهن ۽ گهر کان ڪاوڙيل لکيو پڙهيو توکي ڏينڀوءَ وانگر وٺي ويندو ۽ کل بچائڻ تو لاءِ مسئلو ٿي پوندو. مرحوم منهنجو ڏاڍو خيال رکندو هو. مون کي اڪثر ڪري هو آچر تي ڪڏهن چوڪنڊي قبرستان وٺي ويندو هئو ته ڪڏهن ٺٽي ۾ جنائي فقير ڏي وٺي ويندو هئو جتي جنن سان ڪچهريون ڪندو هئو.

ضياءَ جو مارشل لائي زمانو هئو. راجا ظفر الحق مرڪز جي اطلاعات کاتي جو وزير هئو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ آيو. مرحوم علي احمد بروهيءَ انهيءَ فنڪشن ۾ سندس منهن تي تقرير ڪندي چيو ته ”اسان سنڌي ته هر ڪنهن جا خادم ۽ نوڪر آهيون. پوءِ  اهو راجا ڏاهر هجي، يا راجا ظفر الحق“. مرحوم علي احمد بروهيءَ جي انهن جملن وزير کي ڄڻ ٽانڊا ڏئي ڇڏيا. انهيءَ  واقعي جو فائدو وٺي مون علي احمد بروهيءَ کي چيو ته ”تون چاهين ته ڀلي پيو ماڻهن کي منهن ته ٻه ٺپيون ٻڌاءِ، پر جي مان سچ چوان ته مون کي ڇو ٿو جهلين؟“ انهيءَ تي علي احمد بروهي روئي پيو ۽ چيائين ته: ”مون ايترا زخم کاڌا آهن، دوکا کاڌا آهن ۽ ماڻهن جا بدلجندڙ رويا ڏٺا آهن جو چوندو آهيان ته تون مون وانگر ڪنهن درد جي ڪهاڻي نه ٿي پئهءُ. ان ڪري دوستي ۽ دشمني ايتري ڪر ۽ سچ ايترو چئه، جيڪو  تون برداشت ڪري سگهين.“ مرحوم جي ڦٽن تي مرهم ڪنهن به ڪا نه رکي پر اڪثر پنهنجن ماڻهن انهن تي لوڻ ٻرڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هو پهريون سنڌي اديب ۽ دانشور هئو، جنهن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي.

اسان جي علم ڌڻين، قلم ڌڻين ۽ سياسي ساڃاهه رکندڙن جا ٻه واضح گروپ آهن. هڪڙا ماڻهن جي دلين وٺڻ لاءِ ۽ کين خوش ڪرڻ لاءِ لکن ٿا. هو ماڻهن کي فقط خوبين جي کاڻ ڄاڻي انهن جي واکاڻ ڪن ٿا ۽ ان ڪري مشهور، مقبول عام ۽ ناميارا ٿي وڃن ٿا. ٻيا آهن ته ٿورا، پر انهن جو جهڙوڪ ايمان هوندو آهي ته انسان فقط خوبين جي کاڻ ڪونهي. معاشري ۾ مان جيڪڏهن خامين ۽ خرابين جي پاڙ نه پٽبي ته پوءِ صورتحال ۾ ڦيرو نه ايندو ۽ حالتون مثبت روپ نه وٺنديون. صدين کان وٺي سنڌ جي سماجي، اقتصادي، سياسي، فڪري ۽ نظرياتي صورتحال تي ان ڪري جمود طاري آهي جو اسان فرد-سازي ۽ شخصيت سازيءَ تي توجهه ڪو نه ڏنو آهي. ها سان ها ملائڻ ۽ واهه واهه پئي ڪئي آهي، جنهن سان ماڻهو مٽائي نه سگهيا آهيون.

چيو ٿو وڃي ته دنيا اڳ ئي دک جي نگري آهي ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سوين سور آهن. جيڪڏهن سور آهن ۽ هيءَ دنيا دک جي نگري آهي ته پوءِ اکين مان آب وهائيندڙ دکي انسان کي کلائڻ جو مطلب آهي هن کي ذهني ۽ فڪري طور تي پاڳل بڻائڻ. هن کي چرين وانگر هڪ ئي وقت تي کلائڻ ۽ روائڻ بدران بهتر اهو آهي ته سندس دکن دردن جي خاتمي لاءِ جاکوڙ ڪجي ته جيئن هو دل سان کلي سگهي ۽ خوش ٿي سگهي. دکن دردن جي موضوع کي هٿ نه لائڻ انهن جو تدارڪ نه ڪرڻ، خود وڏي کان وڏو فريب آهي ۽ دوکو آهي.

ان ڪري فقط خوش ڪرڻ لاءِ لکڻ، فقط ڪنهن هڪ فرد يا گروهه جي سونهن جي واکاڻ ڪرڻ بدران اهو هڪ ليکڪ جو فرض بڻجي پئي ٿو ته ايندڙ دور، يعني روشن مستقبل جي سونهن تي لکي ۽ سموري قوم کي دائمي خوشي ڏيڻ لاءِ قلم کڻي. ان حوالي سان جيڪڏهن قومي، سياسي، سماجي ۽ نظرياتي اوڻائين جي نشاندهي به ڪرڻي پئي ته ان تي قلم کڻڻ کان نه گهٻرائجي. ڇو ته دنيا بدلائڻ ۽ حالتن بدلائڻ کان اڳ اسان کي پاڻ کي بدلائڻو آهي ۽ فردن کي بدلائڻو آهي. اسان جيڪڏهن اڌورا ۽ اڻپورا انسان نه هجون ها ته هن وقت تائين پنهنجا، ڌرتيءَ جا ۽ ڌرتيءَ وارن جا دک درد ختم ڪري سگهون ها. حالتون نه بدلائي سگهيا آهيون ته ان جو مطلب آهي ته اسان پاڻ کي بدلائي نه سگهيا آهيون. پاڻ ان وقت تائين بدلائي نه ٿا سگهون، جيستائين پنهنجي اوڻائين ۽ اوڳڻن جي خبر نه ٿي پئي ۽ انهن جو خاتمو نه ٿا ڪريون.

چيو ويندو آهي ته قلم تلوار کان تکو ٿئي ٿو. اهو ڪنهن جي منڍيءَ يا عزت لاهڻ لاءِ نه، پر اجتماعي خامين کي وائکو ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ ئي ڪم اچڻ گهرجي. ان ڪري هي وقت جي تقاضا آهي ته اسان پنهنجي ماڻهپي-دشمن روين، ڪوڙن ۽ دقيانوسي قدرن، رستو روڪيندڙ روايتن تي قلم کڻون ته جيئن انهيءَ آئيني ۾ اسان پنهنجي ۽ مستقبل جي تصوير ڏسي سگهون. اهڙي قلمي ڪرت ڪندي ڪو رسي ته رسڻ ڏيوس. ڪنهن کي خوش ٿيڻ يا ناراض ڪرڻ لاءِ نه لکجي يا چئجي پر پنهنجي ضمير مطابق ڳالهه ڪرڻ گهرجي، پنهنجي اجتماعي خوشين ۽ روشن مستقبل جي ڳالهه ڪيو. هر اجتماعي اوڳڻ جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ قلمي ۽ عملي جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes