انسان انسان آهي
هن دنيا جو وڏي کان وڏو طلسم اهو آهي جو ڏينهن ۽ رات، نيڪي ۽ برائي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب ۽ اهڙيون مڙيوئي متضاد خواهه مخالف شيون منجهيل سٽ جيان پاڻ ۾ مليون پيون آهن. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ فرق محسوس ڪندي به انسان منجهي پوندو آهي.تان جو هن جي عملن جي”ڏينهن“ مان ”رات“ ڦٽي نڪرندي آهي. ”نيڪي“ وڃي ”برائي“ تي پهچندي آهي ۽ ثواب بدلجي گناهه ٿي پوندو آهي. ان ڪري هن جادو نگريءَ ۾ ڇنڊي ڦوڪي پير کڻڻو پئي ٿو. ته جيئن ”ڏينهن“ مان ”رات“ ٿيڻ بدران ”رات“ کي ”ڏينهن“ ۾ بدلايو وڃي. انهيءَ حساب سان دنيا به ڄڻ هڪ پلصراط آهي، جنهن کي ساڃهه، تميز ، فرق ۽ سوچ جي سواريءَ کانسواءِ پار ڪرڻ ڏکيو ٿي پئي ٿو.
بنهه اهڙي نموني سان انسان به پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل ڪائنات آهي، جنهن ۾ نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب جهڙا ٻج سندس فطرت جي زمين ۾ ڇٽيا پيا آهن.دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا قتل، وڳوڙ ۽ قهر انساني فطرت جي نا آشنائي ڪري ٿيا آهن، ان ڪري انساني فطرت کي سمجهڻ ۽ قبولڻ ضروري ٿي پئي ٿو.
ڪن انسان کي ”آدرش“ ۽ ”فرشتو“ ڄاتو. هن کي هر ڪنهن برائي کان پاڪ ۽ صاف ڄاتو . هن سان اميدون ۽ آسرا وابسته ڪيا. هر موڙ تي هن مان چڱائي جي اميد رکي .پر ڏسندي ڏسندي سندن اهو ”آدرش“ هڪ پٿر جي بت ۾ بدلجي ويو. نتيجي ۾ اميدون ۽ آسرن جون پيشانيون بت سان ٽڪرائجي رت ۾ ريٽيون ٿي ويون.صدين کان ايئن ٿيندو پيو اچي.خاص طور تي ”سياست “ ۽ ” محبت“ ۾ انسان جو آدرشي تصور هن کي مافوق الفطرت بڻائي، دنيا کي دوکي ، فريب ۽ مڪاريءَ جي نگري بڻائيندو آيو آهي. انسان جي انهيءَ ئي ”آدرشي تصور“ هر دور ۾ مايوسيءَ کي جنم ڏنو. جڏهن ڪنهن جي دل گهريو ”آدرش“ هن جي دل وٽان نه نڪتوته ، چاهيندڙ مايوسيءَ جو چولوپائي وڃي ڪنڊ وسائي يا ٻئي جهان ۾ پهتو. ”سياست“ ۾ انسان پاڻ کي ”آدرش“ جي روپ ۾ پيش ڪندو آهي. عوام جي مجبورين ۽ ضرورتن جو اندازو لڳائي ، کيس اميدن ۽ آسرن جا سبز باع ڏيکاريندو آهي. اهڙي ريت اقتدار خواهه اختيار جي مسند تائين پهچي ويندو آهي. ”جديد سياست“ کان اڳ جڏهن ڏاڍ، ڏمر، ورثي يا ٻين ڳالهين ڪري ڪوئي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ڪندو هو، ان وقت ۽ ان دور ۾ ”لٺ ۽ چٺ“ جي حڪمت عملي اختيار ڪري پاڻ کي ”الله جو پاڇو“ تسليم ڪرائيندو هو، يعنيٰ ته هو ” مافوق الفطرت هستي“ جي جامي پائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان ڪري ئي ”بادشاهه ست ولين برابر“ وارو نظريو پيدا ٿيو.
انسان جو ”آدرشي تصور“ محبت خواهه سياست جي ميدان ۾ هاڃيڪار رهيو آهي. ڇو ته انسان انسان آهي. هو ”مافوق الفطرت هستي“ ٿي نه ٿو سگهي. خطا اوس ئي هن کان ٿيندي. ان ڪري انسان کي ”خطا“ کان خالي سمجهڻ پاڻ سان دوکي ڪرڻ برابر آهي. مايوسي انهيءَ تصور جي پيداوار آهي. جيئن انسان کي بي عيب ۽ آدرش ڄاڻڻ غلطي آهي. تيئن ان کي فقط ۽ فقط ڏوهي ، ڪريل، پاڻ کان گهٽ ۽ گنهگارڄاڻڻ به غلط آهي. اهي ٻئي تصور انسان کي ڄڻ اڌوري ۽ اڻپوري حيثيت ۾ قبول ڪن ٿا.
انسان کي گهٽ ڄاڻڻ، ڏوهي محسوس ڪرڻ، گنهگار، وحشي، بدتهذيب، ڄٽ، جاهل ۽ اناڙي سمجهڻ مان وڏو قهر اهو ٿئي ٿو ته جهيڙا ۽ فساد ٿين ٿا، قتل ۽ خون ٿين ٿا، لڙايون ۽ جنگيون لڳن ٿيون. جڏهن انسان کي ”جاهل ۽ ڄٽ“ ڄاڻي خالي توٻرو سمجهي ديني ۽ مذهبي مبلغ کيس پنهنجي نيڪ نصيحتن ۽ وسيعتن سان ڀرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا ته هو ”مبلغ“ ۽ ”تبليغ“ کان سواءِ مذهب، اخلاق ۽ علم سان به نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن سياسي، مذهبي، سماجي يا اقتصادي سبقت حاصل ڪري ڪو گروهه ٻئي گروهه ، فرد يا قوم کي بدتهذيب ۽ وحشي ڄاڻڻ شروع ڪري ٿو ته انسانن جا خالي هٿ ڪلاشنڪوفن ۾ بدلجي وڃن ٿا. جڏهن ڪا قوم يا گروهه يقين جي حد تائين پاڻ کي حاڪم ۽ ٻين کي محڪوم ڄاڻي ٿو ته پوءِ غلاميءَ جي زنجيرن ٽٽڻ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو.
ايئن اهڙي ريت صدين کان وٺي انسان کي اڌورو تسليم ڪرڻ، ڪڏهن ڀلو ته ڪڏهن برو ڄاڻڻ، تباهي ۽ برباديءَ کي جنم ڏيندو رهيو آهي. انهن ٻنهي تصورن انساني تاريخ ۾ وڏي اٿل پٿل پئي پيدا ڪئي آهي. سماجي اختلافن کان وٺي قومي وڳوڙن تائين انهيءَ اٿل پٿل جا اثر محسوس ڪيا ويندا آهن.
انهن ٻنهي تصورن خلاف ردِ عمل ۾ وڏيون تحريڪون به هليون. سنڌ ۾ ”تصوف“ جي تحريڪ انهيءَ پس منظر ۾ جنم ورتو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ”تصوف جي تحريڪ“ سنڌي معاشري ۾ اڳتي هلي هاڃيڪار اثر وڌا جن کي هن وقت به محسوس ڪيو وڃي ٿو. مگر اها تحريڪ ان دور جي مجبوري هئي ۽ ضرورت هئي. هن تحريڪ ان ڪري صحيح رخ نه ورتو ، جو ان جوکم واري تحريڪ ۾ اسان جي ديني عالمن حصو نه ورتو ڇو ته انهن مان ڪن وڃي درٻار ۽ سرڪار ۾ عزت ۽ احترام جي ڪوڙي سڪي لاءِ بادشاهن يا حڪمرانن کي الله جو پاڇو سڏڻ شروع ڪيو، ۽ ڪن مڪتبن خواهه مدرسن ۾ ويهي درسي ڪتابن پڙهائڻ ۽ تحقيق ڪرڻ کي شعور جي سج اڀارڻ برابر ڄاتو. ڪي وري پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بچائڻ ۾ تصوف جي انقلابي تحريڪ کان پري رهيا . ان ڪري” تصوف جي تحريڪ“ کي عالمن جو هر اول دستو نه ملي سگهيو ، ۽ اها ردِ عمل طور شديد ٿيندي وئي. ڄڻ ته ڪنهن درد جي دوا ايئن ٿي جو مريض کي نشو ته ڏنو ويو، ليڪن ان جي آپريشن ڪنهن نه ڪئي!.
”تصوف جي تحريڪ“ جا دور رس اثر اڄ به اسان جي ڳچيءَ ۾ رسي جيان وڌا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو شاهه ڪريم، شاهه لطيف، شاهه عنايت، سچ سرمست ۽ مڙني عظيم شاعرن کي فقط ۽ فقط صوفي شاعرن جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.
”تصوف“ پنهنجي دور جي ”ردِ عمل“ جي حيثيت واري تحريڪ هئي. هيءَ تحريڪ تڏهن شروع ٿي، جڏهن اقتصادي ، سياسي ۽ سماجي غلامي کي عوام مٿان مسلط ڪرڻ ۽ ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مذهب سياست جي پٺڀرائي ڪئي. مذهب ۽ سياست کي عوام دشمني خاطر استعمال ڪيو ويو. بادشاهه يا حڪمران کي ”الله جا خليفا نه پر پاڇي“ طور مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، درٻاري ۽ سرڪاري ماڻهن کي الله جا نيڪ ۽ چونڊيل ٻانها ڪري پيش ڪيو ويو ۽ عوام جي وڏي اڪثريت کي جاهل، غلام ۽ نڪمو ڄاتو ويو. جڏهن انسان اشرف المخلوقات جي ائين توهين ٿيڻ لڳي ته صوفين ٻين مقصدن واري صوفياڻي تحريڪ شروع ڪئي : هڪ مقصد مطابق انهن ادارن، نظرين ۽ انهن سان وابسته شخصيتن خلاف آواز بلند ڪيو ويو، جن عوام ۽ عام انسان کي گهٽ ڄاڻڻ شروع ڪيو هو. هنن “مذهب“ ۽ ”سياست“ کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻايو.جيئن ته ”مذهب“ استحصالي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ”سياست“ جي ساٿي طور غلط استعمال ڪيو ويو،ان ڪري صوفي بزرگن جي گهڻي ڪاوڙ ”مذهب“ ۽” مذهبي ٺيڪيدارن“ خلاف ٿي پئي. هنن جي اها نيت ڪانه هئي ته ڪو ”مذهب“ جي اداري خلاف لاهي پاهي ڪات ڪهاڙا کڻجن. پر جيئن ته ”مذهبي ٺيڪيداري“ درٻاري ۽ سرڪاري نوازشن حاصل ڪرڻ ۽ انسان کي گهٽ ثابت ڪرڻ جو واپار بڻجي وئي ، ان ڪري هنن صوفين مذهبي ٺيڪيدارن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ روزي، نماز، حج، زڪوات جي ظاهري مگر باطني طور منافقي تي ٻڌل عملن جي مذمت ڪرڻ شروع ڪئي.جڏهن ظالم ۽ جابر حڪمران خلاف آواز بلند ڪرڻ تي عوام کي دوزخ پهچائڻ جهڙيون فتوائون ڏنيون ويون ته صوفي بزرگن جنت“ کي ”دلاسو“ ۽ ”دوزخ “ کي ”دڙڪي“ طور پيش ڪيو. ”هنن روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم“ ته ضرور چيو پر هي به ٻڌايو ته ”اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“
جيئن ته عوام کي جاهل، ڄٽ، غلام ۽ ظالم حڪمرانن جي ٻڌي ٻانهي طور پيش ڪيو ويو ۽ جابر حڪمرانن کي الله جو پاڇو بڻايو ويو ته ان وقت صوفي بزرگن وري عوام کي احساس ڪمتريءَ مان ڪڍڻ لاءِ آواز بلند ڪيو ته ”نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو“ . تان جو ڳالهه کي اڃا به کولي هيئن چيو ويو ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.“ صوفي بزرگن ظالم ۽ آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن ماڻهن جي عوام يعنيٰ اڪثريت تي ناجائز حڪمراني خلاف ايڏي ته بغاوت ڪئي جو ان جي نتيجي ۽ اثر هيٺ سچل سرمست ايئن به چيو ته ”ڇا ٿيون ڀانئيو جيڏيون، آهيان رب ستار.“ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿيو جو انسان کي انسان نه ڄاتو ويو. هن جي نالي مٽ ڪئي وئي. انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ هن پاڻ کي اهو ڪجهه سڏايو، جيڪو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي.
انهيءَ مثالن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ۽ جڏهن به انسان اڌورو ۽ اڻپورو ڄاتو ويندو . هن کي فقط ”آدرش“ يا فقط “خراب“ ڄاتو ويندو ته اهو انسان خلم ٻاري وجهي ٿو. ان ڪري ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته ”انسان کي انسان“ ئي ڄاتو وڃي.
انسان کي اڌوري ۽ اڻپوري مڃڻ جي آزار مان اڄوڪي دور ۾ به اسان جند نه ڇڏائي آهي. پاڻ انهيءَ ڳالهه تي بحث نه ٿا ڪريون ته موجوده جوڙ جڪ ۾ اسان جي قوم کي ڪيترو تهذيب يافته ڄاتو وڃي ٿو. اها ڳالهه واضح آهي ته ٻين گروهن جو اسان جي قوم سان ورتاءُ اهڙو آهي، جنهن مان اهو ئي ثبت ٿئي ٿو ته پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو يعنيٰ ڄٽ، جاهل، تهذيب کان ڪورو، وحشي، ويڙهاڪ، ڦورو، گهٽ ۽ بيڪار ڄاتو وڃي ٿو. ان جا جيڪي نتيجا نڪرڻا آهن، ان لاءِ تاريخ اڳ ئي اڻ ڳڻيا مگر هڪ جهڙا فيصلا ٻڌائي چڪي آهي.
مگر داخلي طور تي اسان پنهنجي قوم ۽ سماجي سطح تي پڻ اهو تاثر ڏئي رهيا آهيون ته اسان جي قوم جو هر هڪ فرد اڌورو ۽ اڻپورو آهي. اهوئي سبب آهي جو ديني عالمن کي عوام کان ڄڻ ته ڪراهت اچي ٿي ۽ هو پنهنجي ئي عوام کي گنهگار ڄاڻن ٿا. دنياوي عالم ۽ دانشور وري نئين نسل کي ناتجربيڪار ۽ جذباتي ڄاڻي ٿو.ڪامورو باقي عوام کي پنهنجو غلام ڄاڻي ٿو. ڌن ڌڻي غري عوام کي انسان ئي ڪو نه سمجهي ٿو. جڏهن اندروني طور تي اسان انسان کي انسان نٿا سمهجون تڏهن بيروني طور تي ٻيا گروهه اسان جي قوم کي ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ اسان ويٺا اجتماعي سزا ڀوڳيون.
خارجي طور ٻين گروهن ۽ قومن طرفان جيڪو ٿي رهيو آهي، ان تي مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي ڇو ته تاريخ جا سبق اسان جي اڳيان آهن، پر جنهن ڳالهه تي ويچارڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت اها ئي آهي ته اسان داخلي طور تي انسان کي انسان ڄاڻون ٿا يا نه؟
انسان کي انسان ڄاڻڻ جو مطلب آهي انسان کي پنهنجي فطرت جي روشنيءَ ۾ قبول ڪرڻ. خامين ۽ خوبين سميت، چڱاين ۽ مداين سميت، بنهه ايئن جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي قبول ڪندي چيو هو ته ” جيها جي تيها، مون مارون مڃيا.“ انسان کي انهيءَ وقت تائين انسان طور قبول ڪري نه ٿو سگهجي، جسيتائين پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائجي. جيڪڏهن ڪو انسان پاڻ ڪڏهن خطا نه ڪري، ڪنهن کان غلطي نه ٿي هجي، پاڻ پاڪ، صاف، بي عيب، ڪامل ۽ مڪمل هجي ته هو ٻئي تي ميار رکي سگهي ٿو. ٻئي کي اڌورو ۽ اڻپورو ڄاڻي سگهي ٿو. اها منزل وري ڪوئي تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن”انساني تاريخ“ مان ”انسان خطا جو پتلو آهي“ جا لفظ خارج ڪري ڏيکاري.
نيڪي ۽ بدي. شر ۽ خير سڀ انساني سڀاءَ ۾ شامل آهن. تعليم ۽ تربيت سان ئي انهيءَ جي فرق ۽ تميز کي نمايان ڪري سگهجي ٿو ، بدي ۽ شر جو رخ موڙي سگهجي ٿو، ليڪن انهن کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. جيئن ويڙهاند ۽ جهڳڙلو طبيعت کي ظلم، ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف ”جهاد“ ۾ بدلايو ويو ۽ دنيا ۾ مذهبن خواهه ٻين نظرين بدي ۽ شر وارن اوڳڻن لاءِ ڀلائيءَ وارا نعم البدل مهيا ڪيا.
انسان کي انسان جي حيثيت ۾ ئي قبول ڪرڻ ۾ ڀلائي آهي. هن کي ”فرشتي“ يا ”شيطان“ جي روپ ۾ قبول ڪرڻ پنهنجي تباهي آڻڻ جي برابر آهي، اهڙين حالتن ۾ ”محبت“ ۽ ”خدمت“ جي جاءِ تي ”توهم پرستي“ ۽ ”نفرت“ جو راڄ هلندو آهي . ان ڪري عافيت ان ۾ ئي آهي ته انسان کي انسان ئي ڄاتو وڃي پر پنهنجي سر ڪوئي انسان پنهنجي آپي مان نڪري پاڻ کي ”فرشتو “ يا ”شيطان “ ثابت ڪري ته پوءِ ان جي انهيءَ حيثيت مڃڻ کان انڪار ڪجي، پر پيار يا تڪرار سان کيس انهيءَ جاءِ تي آڻي بيهارجي ، جيڪا هڪ انسان جي جاءِ يا حيثيت ٿيندي آهي. ڇو ته هيءَ اسان جي دنيا انسانن جي جاءِ آهي. هن ۾ فقط انسان ئي رهي سگهن ٿا، جيڪي ”خطائن“ جا پتلا به هوندا آهن ته نيڪين ۽ چڱاين جا ”آدرش“ به ٿيندا آهن. پر هو نه ته ”فرشتا“ ٿيندا آهن ۽ نه وري ”شيطان“ ٿيندا آهن. انسان فقط انسان ئي ٿيندا آهن.
(روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ، تاريخ : 17.02.1988)