فطرت زندگيء جي ۽ زندگي ماڻھونء جي تسخير ڪري ٿي ۽ ماڻھون وري پنھنجي اندر مان پنھنجي آدرشن جي ھڪ نئين ڪائنات دريافت ڪري ٿو.فياض لطيف ب ھڪ اھڙو شاعر آھي سندس ڪتاب دل جي خانه بدوشي ۾ حسين خيالن جي چپن تي مرڪ نظر اچي ٿي سندس ھي ڪتاب نظمن،آزاد نظمن،غزلن،وائين ۽ بيتن تي مشتمل آھي.جيئن ڪو مالھي پنھنجي باغ مان مختلف گل چونڊي ھڪ خوبصورت گل دستو ٺاھيندو آھي ۽ جڏھن اھو گل دستو ڪنھن جي گل دان يا ڪنھن حسين چھري جي ھٿن ۾ ھوندو آھي ت ھو پاڻ ب گلن وانگر ٽڙي پوندو آھي .اھڙي طرح فياض لطيف جو ھي ڪتاب ب ان گل دستي وانگر آھي جنھن ۾ ھن خوبصورت گل رکيا آھن.( تون جي منھنجي موھ جي آھين مجذوبي ،ٻيون ب ڪيءي ڪامڻيون منھن جون محبوبي ،تو ۾ جا خوبي،ڪنھن ۾ پسان ڪيب ڪي.)
(ممتاز پٺاڻ)