ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”اهو عشق علم بنا، جانب! آهه جنون“

تاريخ نويسن جي ڪمن ۽ قسمن جي ورهاست ڪبي ته انهن جا اسان کي ٻه مڪتب فڪر نظر ايندا. پهرين قسم ۾ اهي تاريخ دان اچي وڃن ٿا، جيڪي ”واقعن“ کي وڏي اهميت ۽ اوليت ڏين ٿا. ٻئي قسم ۾ اهي محقق آهن، جيڪي ”ڪردارن“ يا ”شخصيتن“ کي پنهنجي قلمي ڪاوشن ۾ ڪليدي جاءِ ڏين ٿا. انهن جو خيال آهي ته واقعن ۽ حالتن کي شخصيتون ئي جنم ڏين ٿيون، ان ڪري تاريخ ۾ انهن شخصيتن کي ئي موضوع بڻايو وڃي. جڏهن ٻئي مڪتب فڪر جو خيال آهي ته واقعا ۽ حالتون شخصيتن جي نظرثاني ۽ فڪري ڪردار کي رنگ روپ ڏين ٿا، ان ڪري اوليت واقعن ۽ حالتن کي ڏني وڃي.

اسان جي مشرقي ملڪن ۽ خود اسان وٽ ”شخصيت“ کي ايڏي اهميت ڏني وڃي ٿي جو اها ڪڏهن شخصيت دوستيءَ جو ڪڏهن شخصيت پرستيءَ جو روپ وٺي ٿي. جيڪڏهن  چئجي ته اسان شخصيت پرست آهيون ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. اسان جي شخصيت پرستيءَ جو رنگ ڏسڻو هجي ته پوءِ سياست جي شعبي تي ئي نظر وجهو. اسان جا سياسي رهبر اسان لاءِ پير مرشد به آهن ته وڏيرا جاگيردار به. ڪنهن وڏيري يا پير کي ايترو نه مڃينداسين، جيترو سياسي اڳواڻ کي مڃينداسين. حقيقت ته اها آهي جو هاڻي ڪيترا پير فقير ۽ وڏيرا امير به دل سان يا لاچار کان سياسي پنڊتن اڳيان سيس نمائن ٿا. جنهن جي هٿ ۾ ڪا سياسي قيادت آهي. اهو پيرن، فقيرن ۽ وڏيرن کان وڌيڪ بااختيار ۽ ڪانيءَ ڪرامت جو مالڪ آهي. هو ست سمنڊ پار ۽ پري رهي به پنهنجيءَ هڪ ڦوڪ سان ملڪ ۾ رڻ ٻاري سگهي ٿو يا شطرنج جي مهرن کي هلائي سگهي ٿو.

اڳي هاٿيءَ لاءِ چئبو هو ته جي اهو جيئرو ته هڪ لک جو ۽ مري ته ٻن لکن جو. پر اها چوڻي هاڻي سورنهن آنا سچي فقط نام ڪٺين سياستدانن تي ثابت ٿئي ٿي. ڪو مئو ناهي جو هيڏانهن اسان جو مڪو مڃي ويندو، پر جي ڪو ماريو ويو ته سڀئي آڱريون گيهه ۾. هن جي نالي ۾ ۽ هن جي مزار جي مٽيءَ ۾ اهڙي ته ڪيميا پئدا ڪئي ويندي  جو مجال جو چڱو ڀلو ان جو منڪر ٿئي. ويچاري جي قيامت ئي ڪاري ٿي ويندي.

اسان جون شخصيتون ۽ قيادتون مئي جيئري اسان جي دلين ۽ ذهنن تي ان ڪري حڪمرانيون ڪن ٿيون جو اسان انهن سان علم کانسواءِ عشق ڪيون ٿا ۽ سرت کانسواءِ سچائي ڏيکاريون ٿا. ان ڪري شخصيت پرستيءَ جو جادو اسان تي تڪڙو اثر ڪري ٿو. سياسي مبلغ ۽ خليفا مئي يا جيئري سياسي اڳواڻ جا اهڙا ڳڻ ڳائيندا ۽ بيان ٻڌائيندا جو اٻوجهه ۽ سادا ماڻهون يقين ڪري ويهندا ته انهن اڳواڻن جي ئي اشاري سان سج لهي ۽ چڙهي ٿو.

شخصيت پرستيءَ جي جنون واري ماحول ۾ محقق ۽ تاريخ نويس ئي ماڻهن کي نظرياتي ۽ فڪري ڌاڙن کان بچائي سگهن ٿا. اهي جڏهن به ڪنهن شخصيت يا قيات جي منڪري ڪندا ته پنهنجو مٿو ڦاڙائيندا ۽ نظرياتي ڪم سان سچي تاريخ نويسي ڪري نه سگهندا. جنهن قوم کي ڪي شاهينگ علم بنا عشق ڪرڻ جا درس ڏين، اتي عوام کي انهيءَ جنون مان ڪڍڻ لاءِ ”شخصيت“ سان گڏوگڏ ”واقعن“ ۽ ”حالتن“ تي به قلم کڻڻو پوندو.

سنڌ ۾ به اسان مان ڪيترا شخصيت پرستيءَ  جي ڪاروبار واري دوڪانداري چمڪائڻ ۽ عوام کي نظرياتي طور رلائڻ ۾ مصروف آهن. ان ڪري شخصيتن تي اهو لکيو وڃي ٿو، جيڪو ٻڌو يا خيالي جوڙيو وڃي ٿو. اهڙا ڪتاب ۽ اهڙو لٽريچر نوجوانن جي هٿن ۾ اچڻ کانپوءِ حرف آخر بڻجي وڃي ٿو، جڏهن ڪيترين حالتن ۾ اهو حقيقت کان ڪوهين ڏور هوندو آهي.

ماضي قريب ۽ اسان جي دور جي سياسي ڪردارن ۽ نوجوانن جي ذهنن سان انصاف ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته عوام اڳيان انهن شخصيتن سان گڏ سندن دور تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي. مثال طور سنڌ انهيءَ عرصي دوران جيڪا سياسي قيادت پيدا ڪئي انهن جي سياسي ڪردار کي ڏسڻ پرکڻ لاءِ ان دور جي اسيمبلين جون ڪاروايون، سرڪار طرفان مرتب ڪيل مخفي يا ظاهر رپورٽون، اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ ٻيو مواد نظر مان ڪڍي، پوءِ ڪنهن سياسي شخصيت لاءِ راءِ قائم ڪريون. اسان جيڪڏهن انهن رخن سان ۽ انهن رخن کان ڪنهن سياسي قيادت کي نه ٿا پڙهون ته پوءِ اسان انڌي عقيدت جي چڪڻ ۾ ڦاسي پونداسين، پوءِ اسان جو ان سان عشق هوندو، پر علم ۽ عقل کانسواءِ.

 

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes