(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ڪجهه هوشياري، مٿان اچي پئي آدمشماري“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

اسان سنڌ واسين ڪيترين ڳالهين ۾ لاتعلقي ۽ عدم دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪري، پاڻ کي ڏاڍو نقصان پهچايو آهي. سڀ کان وڏو نقصان آدمشماريءَ ۾ هوشياري نه ڪرڻ ڪري برداشت ڪيو آهي. ملڪ آدمشماري ان ڪري ڪرائيندا آهن ته جيئن انهيءَ جي آڌار تي آئيندي لاءِ منصوبه بندي ڪري سگهن. ليڪن اسان وٽ آدمشماريءَ کي ڪي ڌريون پاڻ مڙهڻ ۽ مڃرائڻ جو جنگي محاذ بڻائي ڇڏينديون آهن. سنڌي ماڻهو ن ڪثرت ۾ هوندي به هر سال وڃن ٿا کٽندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان نه ته پاڻ آدمشماريءَ دوران ڪا دلچسپي وٺون ٿا ۽ نه وري آدمشماري ڪندڙ عملو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل ننڍڙن ڳوٺن ۽ واهڻن تائين پهچي ٿو. نتيجو اهو ٿو نڪري ته ذري گهٽ ماڻهن جو چوٿون حصو آدمشماريءَ جي رڪارڊ کان ٻاهر رهجي وڃي ٿو.

ڪيڏي نه ڏک ۽ تعجب جي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪا اليڪشن ٿئي ٿي ته اميدوار ماڻهن کي جهڙوڪ قبرن مان به اٿاري اچي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائين ٿا، پر جڏهن قومي بچاءَ جو مامرو اچي ٿو ته اسان مان هر ڪو مونن ۾ منهن وجهي ڪنڊ وٺي ويهي رهي ٿو. ڀلي مٿان ڪات ڪهاڙا وهي وڃن، نه پنهنجي ڪنڌ جي پرواهه ۽ نه وري قوم جي پرواهه. اسان جا اهي آپگهاتي رويا ڌڻي ڄاڻي ته ڪڏهن بدلبا ۽ ڪڏهن اسان کي قوم جي حيثيت ۾ زندهه رهڻ ۽ قوم کي زندهه رکڻ جو خيال ايندو.

هن کان اڳ 1998ع ۾ آدمشماري ٿي، ان ۾ اسان انفرادي، اجتماعي ۽ قومي طور گهربل تقاضائن جو پورائو نه ڪيو ۽ ڪن مخصوص هنڌن تي انگن اکرن کي ڏسي يقين ٿي ويو ته اهي آدمشماريءَ جا انگ اکر چالبازي جو نرالو نمونو آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ وانگر مارچ 2016ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري به فوجي نگرانيءَ ۾ ٿيڻي آهي. هن آدمشماريءَ ۾ هر آدمشماريءَ وانگر مردم شماري به ٿيندي ۽ گهر شماري به ٿيندي. ڌيان انهيءَ ڳالهه تي ڏيڻو آهي ته نه فقط انهيءَ بابت اسان جا انگ اکر ۽ تفصيل پورا هجن، پر وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌ دشمن ڌڙن کي اهو موقعو نه ملي ته جيئن اهي وڌائي چڙهائي انگ اکر  لکرائين. هن لاءِ سڄاڻ ڌريون سرڪار اڳيان اها تجويز به رکي سگهن ٿيون ته وڏن شهرن ۾ آدمشماريءَ دوران فوج ۽ آدمشماريءَ جي عملي سان گڏ ڪي آبزرور پڻ هجڻ. جيڪڏهن ڪو سياسي يا انتظامي مسئلو پيدا نه ٿئي ته سنڌ دوست سياسي نظرياتي ۽ سماجي ڌريون سرڪار کي اهڙا والنٽيئر مهيا ڪن.

ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ سنڌ جو اهو به حق جڙي ٿو ته آدمشماريءَ کانپوءِ ڪڍيل نتيجن جي بنياد تي انگ اکر ڏئي اهو ٻڌايو وڃي ته سياسي، معاشي ۽ امن امان جي نالي ۾ ٻين صوبن ۽ خاطر طور تي اترين علائقن کان سنڌ ڏانهن ڪيتري لڏپلاڻ ٿي آهي؟ جنهن جي آڌار تي ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ٿي سگهندو ته انهن جي آبادڪاريءَ ڪري سنڌ جي ذريعن وسيلن تي ڪيترو بار پيو ۽ ان ڪري بجليءَ، پاڻي، امن امان ۽ ٻين مالي وسيلن تي ڪهڙا اثرا پيا ۽ ان جو اين ايف سي ايوارڊ ۽ گڏيل ذريعن وسيلن مان پورائو ڪيو ويو يا سمورو بار سنڌ جي ڪلهن تي رکيو ويو. اين ايف سي ايوارڊ يا گڏيل ذريعن وسيلن جي ورڇ وقت سنڌ کي اهڙي خرچ ۽ مالي بار لاءِ اضافي حصي وٺڻ جو حق رسي ٿو ۽ اهو کيس هر صورت ۾ ملڻ گهرجي.

سنڌ لساني رواداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌ واسي جيڪڏهن لساني تعصب ۾ وڪوڙيل هجن ها ته هتي هفت زبان شاعر جنم نه وٺن ها. پر آدمشماريءَ وقت اسان کي انهيءَ سچائيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جي ضمانت ڏيڻي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اقليتي ٻولي بڻائڻ جي ڪا سازش نه ٿئي ۽ نه وري اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي ٻوليءَ واري خاني ۾ ڪا ٻي ٻولي لکي پاڻ کي اقليت بڻايون. سنڌ جي ڪيترن خاندانن ۽ گهرن ۾ ڀلي ته سرائيڪي، بلوچڪي يا بروهڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن، پر جيئن ته اهي سنڌ ۾ رهن ٿا، سنڌيءَ ۾ لکن پڙهن ٿا ۽ روزمره جي وهنوا ر۾ سنڌي ڳالهائين ٿا، ان ڪري اصولي ۽ اخلاقي تقاضا اها آهي ته اهي سنڌيءَ کي ئي ”مادري زبان“ واري خاني ۾ لکرائين ۽ ان کي ”گهر ۾ ڳالهائيندڙ چوديواري واري ٻولي“ اڳيان قربانيءَ جي ٻڪري نه بڻائين. ان ۾ ئي اسان جو اجتماعي مفاد آهي ۽ ان ۾ ئي اسان جو بچاءُ آهي. ان ڪري گهر ۾ ڳالهائيندڙ ٻولي سنڌ جي تشخص ۽ حيثيت کي مجروح نه ڪري.

ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ جيڪڏهن اسان اهو محسوس ڪريون ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ويساهه گهاتي ٿي آهي ته خالي بيان بازي ڪرڻ يا ٻن ٽن جلوسن ڪڍڻ بدران قانوني چاره گوئي جو رستو اختيار ڪيون. اهڙن مشڪوڪ نتيجن لاءِ اپيلون داخل ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪورٽ جا دروازا کڙڪائي سگهجن ٿا.

 هر وجهه کان ايندڙ آدمشماري سنڌ واسين جي سياسي، نظرياتي ۽ قومي تقاضائن جو وڏو امتحان آهي. ساڃاهه وند ڌرين جو ڪم آهي ته هن پلصراط تان گذرڻ وقت اهي عوام جي ڀرپور شعوري مدد ڪن، ڇو ته ٿيندڙ آدمشماري سندن قومي وجود جي انگ ۽ رنگ کي نمايان ڪندي.

 

 

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes