ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ادبي دهشتگرديءَ جا انوکا اسرار“

 

چوندا آهن ته ”نانءَ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي ۽ نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي“. انهيءَ مصداق اسان جي قلمي جهاد ۾ اڳ پير ۽ وڏيرو نشانو بڻيو. ليڪن انهن کي نشانو بڻائيندي اسان پنهنجي اندر ۾ پير ۽ وڏيري جهڙا انسان پيدا ڪري ورتا. اهڙيءَ ريت هاڻي طالبان ۽ داعش وري حاڪمن ۽ عالمن قلم-ڌڻين جي نشاني تي آهن پر ان سان گڏ پنهنجي وجود ۾ اسان طالبان ۽ داعش به پيدا ڪندا پيا وڃون. نه ته اسان مان ڪيترا جيءَ ۾ جهاتي پائي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ پيرن وڏيرن ۽ طالبان يا داعش تي ڪڙي نظر رکن ٿا، ۽ نه وري ڪو انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته حالتن ۽ مفادن جي حمام خاني ۾ اسان سمورن جي حيثيت ۽ حالت هڪ جهڙي آهي. پوءِ اتي ڪو پير هجي يا امير، وڏيرو هجي يا ننڍيرو، شريف هجي يا بدمعاش.

دراصل اهو سڀ ڪجهه انساني فطرت ۽ ماحول جو رنگ آهي، جن ۾ اسان جون سوچون ۽ لوچون، نظريا ۽ قدر روپ وٺن ٿا. اقتدار ملندو ته ڪيترا ماڻهو مٽجي ويندا، دولت ملندي ته ڪيتريون دليون مٽجي وينديون ۽ لالچ يا طمع جي تانگهه ٿيندي ته نظريا ۽ قدر مٽجي ويندا. اسان ماحول ئي اهڙي ۾ رهون ٿا، جيڪو اسان کي ته مٽائي ڇڏي ٿو، پر اسان مان ڪو آهي جو ماحول مٽائڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو.

تعليم ۽ ادب هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. ٻنهي جو ڪم ساڳيو آهي. تعليم انسان کي پڙهڻ پرجهڻ سيکاري ٿي ۽ وڌيڪ علم خواهه شعور جڏهن ضرورت بڻجي پون ٿا ته ادب ان جو پورائو ڪري ٿو. ان ڪري تعليم، علم ۽ ادب هڪ ئي تسلسل جي مالها جا موتي آهن. انهن جو انسان سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين رشتو آهي. پر اسان انهيءَ تسلسل کي ڄمڻ کان مرڻ تائين رکڻ  ۽ قبول ڪرڻ بدران ٻه اکر پڙهي ايترا ته عالم، عاقل ۽ فاضل بڻجي ويندا آهيون، جو وڌيڪ سکڻ، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ بدران ٻين کي ٻڌائڻ، سيکارڻ ۽ پڙهائڻ جا ٺيڪيدار بڻجي ويندا آهيون. انهيءَ ٺيڪيداريءَ جي خفت ۾ اسان انهيءَ منزل تي وڃي پهچندا آهيون، جتي ڏينهن ۽ رات، عيب ۽ ثواب جا فرق مٽجي ويندا آهن.

”هڪ هٽي“ فقط اقتصادي اصطلاح ڪونهي، پر جيئن اقتصاديات تي ان جا منفي اثر پون ٿا، تيئن اها ”هڪ هٽي“ معاشري ۾ سياست ۾، علم ادب ۾، ادارن ۾ به ڀينگ ڪرڻ جا اثر وجهي ٿي. ڇا اسان ڪڏهن انهيءَ ڳالهه ڏانهن به توجهه ڪيو آهي ته اسان جي ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارن جي اڪثريت کي ”هڪ هٽيءَ“ جي بي پاڙي ول ڪيئن ۽ ڇو وڪوڙي وئي آهي؟ اسان انهيءَ سان نئين نسل، نئين رت ۽ نئين هوا جا دروازا بند ڇو ٿا ڪريون. اهو ڇو نه ٿا سوچيون ته اها هڪ هٽي سياست ۾ آهي ته آمريت کي جنم ڏئي ٿي، مذهب ۾ آهي ته طالبان ۽ داعش کي جنم ڏئي ٿي ۽ سماج ۾ آهي ته پيرن ۽ وڏيرن کي پيدا ڪري ٿي، صنعت ۽ واپار ۾ آهي ته سرمائيدارن کي جنم ڏئي ٿي، اها  علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن ۾ هوندي ته ڪوڙ ۽ مفادن تي ٻڌل نظرين ۽ قدرن کي جنم ڏيندي.

جيڪڏهن ڪو اها ڳالهه نه ٿو مڃي ته اها ”هڪ هٽي“ اسان جي عملي ۽ ادبي ادارن خواهه جماعتن ۾ ڪانهي، ته پوءِ اهڙي انڪار کان انڪار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو چارو رستو رهي ٿو؟ سچ ته اهو آهي ته انهيءَ ”هڪ هٽي“ ڪارڻ اسان ادبي دنيا ۾ آمريت ۽ دهشتگرديءَ جو ٻج ڇٽيون ٿا.

ادبي ادارن ۽ تنظيمن جا اڳواڻ ساڳيا، ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن ۽ سيمينارن ۾ چهرا ساڳيا، ٽي وي تي مذاڪرن ۽ مباحثن ۾ مهانڊا ساڳيا! ڇا سنڌ جي فقط اها ئي دانش آهي ۽ اسان جي اها ئي دانشمندي آهي. سچ ته اهو آهي ته اها دانشمندي نه پر دهشتگردي ۽ آمريت آهي.

سنڌي ادب ۾ انهيءَ دهشتگرديءَ ۽ آمريت کوڙ سارا انوکا مثال قائم ڪيا آهن. سچ يا ڪوڙ، چوندا آهن ته اتر سنڌ جو هڪ شاعر جڏهن مشاعرن ۾ ويندو هئو ته پاڻ سان گڏ هٿيارن پنهوارن وارا ماڻهون به وٺي ويندو هو. مجال جو مون پارو ماڻهو هن کي سندس شاعريءَ تي داد نه ڏئي يا شاعريءَ جي ڪنهن اوڻائي جي نشاندهي ڪري.

مون پاڻ ايترا ڪتاب-ڌڻي ليکڪ ڏٺا، جن ڏاڍ، مڙسيءَ جي ڏڍ تي پنهنجي ڪتابن لاءِ مقدما ۽ تعارف لکرايا. دڙڪا ۽ ڌهمان ٻڌي ڊڄي ڪتاب جي مسودي پڙهڻ کانسواءِ مون به هڪ اڌ ڪتاب جا تعارف لکيا، پنهنجي باقي عزت به بچائي ۽ همراهه جو نالو به روشن ڪيو. ڪيترا اديب شاعر موبائيل ذريعي ڄمڻ جي تاريخ لکي موڪليندا آهن ته اها مان اخبارن ۾ ڏيان. انهيءَ اوپري ماڻهوءَ جي اڌوري معلومات تي ٻڌل ڄمڻ جي تاريخ جڏهن اخبار ۾ نه ايندي آهي ته پوءِ اهڙيون ست سريون ٻڌائيندا آهن،جيڪي منهنجي فرشتن به ڪو نه ٻڌيون هونديون.

انهن روين، انهن ”هڪ هٽين“ ۽ اهڙين دهشتگرديءَ جي روايتن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. اسان جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪريون ته پوءِ جهڙوڪ پڙهندڙن ۽ عوام تي اهو ڪجهه نظرياتي بار وجهون ٿا، جيڪو هنن جون واٽون ويهه ته ڪري سگهي ٿو، ليڪن اجتماعي مفاد ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي نويد ٿي نه ٿو سگهي.

 

 

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

 

Website: www.drpathan.com

Good Wishes