ﻧﺌﻴﻦ ٽﻬﻲﺀَ ﺟﻮ ﺷﺎﻋﺮ - ﺍﻳﻮﺏ ﮐﻮﺳﻮ - ، ﺟﻬڏﻱ ﻟﮗ ﮘﻮﭞ ﺣﺎﺟﻲ ﺍﺣﻤﺪ ﮐﻮﺳﻲ، ﺗﻌﻠﻘﻲ ڊﮔﻬڙﻱ ، ﺿﻠﻌﻲ ﻣﻴﺮﭘﻮﺭﺧﺎﺹ ۾، ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺌﻲ 1971 ﻉ ﺗﻲ ﭴﺎﺋﻮ . - ﺗﻌﻠﻴﻢ - ﺑﻲ . ﺍﻱ، ﺑﻲ . - ﺍﻳﺲ .- ﺳﻲ ﺍﭤﺲ . 1989 ﻉ ﮐﺎﻥ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﻣﺎﻫﻮﺍﺭ ﺳﻬﮣﻲﺀَ ۾ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻲ . ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻋﺮﺻﻲ ۾ ﻧﺌﻴﻦ ٽﻬﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﭡﻦ ﺷﺎﻋﺮﻥ ۾ ﺷﻤﺎﺭ ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻮ ﺁﻫﻲ . ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﻏﺰﻝ ۽ ﻧﻈﻢ ڏﺍﮂﺍ ﺍﺛﺮﺍﺋﺘﺎ ۽ ﭘﺨﺘﺎ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ . ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍڪﺜﺮ ﺍﺩﺑﻲ ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﮀﭙﺠﻨﺪﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻬڏﻱ ۽ ﻧﺌﻴﻦ ڪﻮٽ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﭘﺮﻳﺲ ڪﻠﺐ ﻧﺌﻴﻦ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺑﺎﻧﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮﻥ ﻣﺎﻥ ﺁﻫﻲ . ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺳﺎﻝ ﺳﻴﻨٽﺮﻝ ﺟﻴﻞ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾، ڪﻦ ﻣﺘﻌﺼﺐ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﮄﺭﻳﻦ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺩﺍﺧﻞ ڪﻴﻞ ڪﻴﺲ ۾ ﺳﺰﺍ ڪﺎٽﻲ ﺍﭤﺲ . ﺳﻨﺪﺱ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ” ﮔﻼﺑﻦ ﺟﻮ ڪﻔﻦ ( ﺷﺎﻋﺮﻱ ) 2002 ﻉ، ” ﺩﻳﻮﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﭘﻮﻳﺎﻥ “ ( ﺟﻴﻞ ڊﺍﺋﺮﻱ ) 2003 ﻉ، -” ﺍڪﻴﻼﺋﻲﺀَ ﺟﻮ ﺁﺳﻤﺎﻥ “- ( ﺷﺎﻋﺮﻱ ) 2004 ﻉ . -” ﺑﺎﺭﺵ - ﺳﻮﭼﻲ ﭤﻲ “ ( ﻧﺜﺮﻱ ٽڪﺮﺍ ) 2005 ﻉ، ” ﻧﮕﺎﻫﻮﻥ ﻧﻴﺮﺍ ﮔﻞ “ ( ﺷﺎﻋﺮﻱ ) 2006 ﻉ ) ، ” ﺩﺭﺩ ﺟﻮﻥ ﻣﺴﺎﻓﺘﻮﻥ “ ( 2007 ﻉ ) . ﺳﻨﺪﺱ ڪﺘﺎﺏ ” ﺩﻳﻮﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﭘﻮﻳﺎﻥ “ ﺗﻲ ﺍڪﻴڊﻣﻲ ﺍﺩﺑﻴﺎﺕ ﻃﺮﻓﺎﻥ 50 ﻫﺰﺍﺭ ﺭﻭﭘﻴﺎ - ﺍﻧﻌﺎﻡ - ﭘﮡ ﻣﻠﻴﻮ
. وڪيپيڊيا تان ورتل
ﺍﻳﻮﺏ ﮐﻮﺳﻮ