ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ڊﺍڪٽر - ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ
ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ڊﺍڪٽﺮ - ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ - ﻧﺎﻣﻴﺎﺭﻭ ﺷﺎﻋﺮ، ﺍﻓﺴﺎﻧﻪ ﻧﮕﺎﺭ، ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭ ۽ ﻣﺎﻫﺮ - ﺗﻌﻠﻴﻢ - ﻫﻮ . 19 - ﺟﻨﻮﺭﻱ - 1927 ﻉ ﺗﻲ
ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻗﺎﺩﺭﻱ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ۾ ﭴﺎﺋﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﭘﻲﺀُ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﻏﻼﻡ ﺳﺮﻭﺭ ﻗﺎﺩﺭﻱ ﻫﻮ . ﺟﻴڪﻮ ﭘﮡ ﻏﺰﻝ ﺟﻮ ﺳﭡﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻮ . ﻫﻦ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ڪﺎﻓﻲ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻧﻴﻮﻥ ۽ ﻫﻔﺘﻴﻮﺍﺭ - ﺍﺧﺒﺎﺭ - -” ﺍﻟﺤﻘﻴﻘﺖ “- ﺑﻪ ڪﮃﻱ ﻫﺌﺎﺋﻴﻦ . - ﺍﻳﺎﺯ - ﻗﺎﺩﺭﻱﺀَ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﻣﺪﺭﺳﻪ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﻣﺎﻥ ﻣﺌٽﺮڪ ڪﺮﮠ ﺑﻌﺪ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﺑﻲ . ﺍﻱ ( ﺁﻧﺮﺱ ) ، ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ ( ﻓﺎﺭﺳﻲ ) ، ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ ( ﺳﻨﮅﻱ ) ۽ ﺍﻳﻞ ﺍﻳﻞ ﺑﻲﺀَ ﺟﻮﻥ ڊﮔﺮﻳﻮﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﻮﻥ . ﻫﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ - ﺍﻭﺳﺮ - ﺗﻲ ﭘﻲ ﺍﻳﭿ ڊﻱ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﻟﻮ ﻋﻼﻣﻪ ﻏﻼﻡ ﻣﺼﻄﻔﻲٰ ﻗﺎﺳﻤﻲﺀَ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲﺀَ ۾ ﻟﮑﻲ، ڊﺍڪٽﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﺳَﻨﺪ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ . - ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ - 1950 ﻉ ﮐﺎﻥ 1970 ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ - ﺍﻳﺲ .- ﺍﻳﻢ . ڪﺎﻟﻴﺞ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﻟﻴڪﭽﺮﺭ ﺭﻫﻴﻮ . 1971 ﻉ ۾ ڪﺮﺍﭼﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺷﻌﺒﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﭼﻴﺌﺮﻣﺌﻦ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ ۽ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻋﻬﺪﻱ ﺗﻲ ﻓﺎﺋﺰ ﺭﻫﻴﻮ . ﭘﺎﮠ ڪﺮﺍﭼﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ۾ ” ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﭼﻴﺌﺮ “ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﭘﮡ ﺭﻫﻴﻮ . - ﺍﻥ - ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﻳﺎﺩﮔﺎﺭ ڪﺎﺭﻧﺎﻣﻮ، ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ ﻭﻗﺎﺭ ﺭﺿﻮﻱﺀَ ﺟﻲ ﺗﻌﺎﻭﻥ ﺳﺎﻥ، ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺭﺣﻪ ﺟﻲ ﻣڪﻤﻞ ڪﻼﻡ ﺟﻮ ﻧﺜﺮﻱ - ﺍﺭﺩﻭ - ﺗﺮﺟﻤﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ - ﺍڪﺎﺩﻣﻲ ﺍﺩﺑﻴﺎﺕ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ - ﻃﺮﻓﺎﻥ ﭼﺌﻦ ﺟﻠﺪﻥ ۾ ﮀﭙﺎﻳﻞ ﺁﻫﻲ . - ﺍﺭﺩﻭ - ، ﺳﻨﮅﻱ ۽ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﺯﺑﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﭜﻠﻲﺀَ ﭜﺖ ﭴﺎﮠ ﻫﺌﺲ . ڊﺍڪٽﺮﺻﺎﺣﺐ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ﻣﺮﺗﺐ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﺎﭢ ﻧﻪ ڏﻧﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﺗﺎﺯﻭ ﺳﻨﺪﺱ ﭜﺎﮢﻴﺠﻲ ﺫﻭﺍﻟﻔﻘﺎﺭ ﻗﺎﺩﺭﻱﺀَ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﺋﻲ ” ﺯﻟﻒ -ﺍﻳﺎﺯ “- ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ 2007 ﻉ ۾ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﭘﮅﺭﻭ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ .
ڊﺍڪٽﺮ - ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ - 1950 ﻉ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻭﺭ ۾، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻫﺎﺋﺸﮕﺎﻫﻪ ﺗﻲ ’ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ‘ ﺟﻮﻥ ﻫﻔﺘﻴﻮﺍﺭ ﺍﺩﺑﻲ ﮔڏﺟﺎﮢﻴﻮﻥ ڪﻮﭠﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ . ’ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ‘ ﺟﻲ ﻭﺭﻫﺎﮜﻲ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻭﺭ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﺟﻨﺮﻝ ﭤﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ 1956 ﻉ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻲ ﻣﺮڪﺰﻱ ڪﻨﻮﻳﻨﺸﻦ ۾ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻲ ﺁﺋﻴﻨﻲ ﺟﻮڙﺟڪ ۽ ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺗﻨﻈﻴﻤﻲ ﮂﺍﻧﭽﻲ ﮐﻲ ﭘﮑﻴڙﮠ ۾ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﻴﻮ . ڊﺍڪٽﺮ ﺻﺎﺣﺐ -’ ﺟﻤﻌﻴﺖ ﺍﻟﺸﻌﺮﺍﺀِ ﺳﻨﮅ ‘- ﺟﻮ ﺑﻪ ﺑﺎﻧﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻫﻮ . ﭘﺎﮠ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻲ ﭼﻮٽﻲﺀَ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭﻥ ﻣﺎﻥ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﭼﻮﻧڊ ﺍﻓﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ” ﺑِﻠﻮ ﺩﺍﺩﺍ “ ﺟﻲ ﻋﻨﻮﺍﻥ ﺳﺎﻥ 1956 ﻉ ۾ ﮀﭙﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺑﻌﺪ ۾ﭔﻴﺎ ﮀﺎﭘﺎ ﺑﻪ ﭘﮅﺭﺍ ﭤﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ . - ﺍﻳﺎﺯ - ﻗﺎﺩﺭﻱﺀَ ’ ﻣﺌڪﺴﻢ ﮔﻮﺭڪﻲﺀَ ‘ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻧﺎﻭﻝ ’ ﺁﺗﻢ ڪﻬﺎﮢﻲﺀَ ‘ ﺟﺎ ﭔﻪ ﺟﻠﺪ ﭘﮡ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ڪﻴﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺑﻮﺭﺩ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﮀﭙﺮﺍﻳﺎ ﻭﻳﺎ . ﺳﻨﺪﺱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ﻣﻘﺎﻟﻮ ’ ﺳﻨﮅﻱ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ - ﺍﻭﺳﺮ ‘- ﭔﻦ ﺟﻠﺪﻥ ۾ ﮀﭙﺠﻲ ﭘﮅﺭﻭ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﻫﻲﺀَ ڪﺘﺎﺏ ﺳﻨﮅﻱ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ ﻧﻪ ﺻﺮﻑ ﺟﺎﻣﻊ - ﺗﺎﺭﻳﺦ - ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﮅﻱ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺟﻮ ﻣﺴﺘﻨﺪ ﺗﺬڪﺮﻭ ﭘﮡ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ - ٽﻦ - ﺻﺪﻳﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . - ﺍﻥ - ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﭘﺎﮠ ﺟﻲ . ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ - ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ - ڪﺘﺎﺏ ﺟﻮ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ’ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺁﺯﺍﺩﻱﺀَ ﺟﺎ ﺍﮘﻮﺍﮠ ‘ ( 1980 ﻉ ) ﻋﻨﻮﺍﻥ ﺳﺎﻥ ڪﻴﻮ، ﺳﻨﺪﺱ ﭔﻴﻦ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ’ ﻣٽﻲﺀَ ﻟﮅﻭ ﻣﺎﻥُ 1970)‘ ﻉ ) ، ’ ﻋﺸﻘﻴﻪ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ 1985)‘ ﻉ ) ۽ ’ ﭘﺮﻳﻦ ﺟﻮﻥ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ‘ ( ﻟﻮڪ ﺍﺩﺏ : 1981 ﻉ ) ﺑﻪ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ . ڊﺍڪٽﺮ - ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ - 15 ڊﺳﻤﺒﺮ 1997 ﻉ ﺗﻲ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺌﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﺁﺑﺎﺋﻲ ﮘﻮﭞ ۾ ﺩﻓﻦ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ .