نوجوانن لاءِ ڪلاشنڪوف کان ڪتاب وڌيڪ بهتر آهن، شاهه ڪريم اسان کي صبر جو پيغام ڏنو آهي: علي احمد بروهي (روزاني هلال 1988/07/11)

ڪراچي (هلال رپورٽ) سنڌ جي بزرگ اديب ۽ دانشور علي احمد بروهي چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ نوجوانن لاءِ ڪلاشنڪوف ۽ گولي کان وڌيڪ بهتر ڪتاب آهي. هن اها ڳالهه سنت اسلامڪ مشن پاران شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ياد ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي ۾ خاص مهمان طور ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته شاهه ڪريم جهڙيون سنڌ جون بزرگ هستيون اسان کي پاڻ سنوارڻ جو پيغام ڏين ٿيون. هن چيو ته شاهه ڪريم پنهنجي صوفياڻي درس ۾ اسان کي سمجهايو آهي ته سڀ کان وڏي شئي صبر ڪرڻ آهي. بروهي صاحب چيو ته موجوده حالتن جي مسئلن جو واحد حل صحيح اسلامي شريعت آهي ۽ ديني شريعت هوندي اسان کي ٻين نظرين ڏانهن واجهائڻ نه گهرجي. انهيءَ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سنڌ اسلامڪ مشن جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر نذير احمد مهر چيو ته، موجوده دور ۾ شام ڪريم جي پيعام جي روشني ۾ اسان کي پنهنجي بچاءَ ۽ جياپي لاءِ مثبت لائحه عمل تيار ڪرڻو پوندو. حفيظ الله عباسي شاهه ڪريم تي لکيل مضمون پڙهندي انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان جي عملن جو محور صحيح سوچ ۽ فڪر هجڻ گهرجي.  هن وڌيڪ ٻڌايو ته شاهه ڪريم ۽ ٻين صوفي بزرگن جي طريقت تي هلندي اسان کي باطل جي خلاف هر وقت آواز اٿارڻ گهرجي. سنڌ اسلامڪ مشن جي آرگنائيزر عبدالخالق شيخ آيل مهمانن جو ٿورو مڃڻ کان پوءِ شاهه عبدالڪريم جي زندگي تي روشني وجهندي نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي باطل نظرين جي بجاءِ صحيح اسلامڪ مطابق پنهنجي حقن ماڻڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اسلام اسان کي اهو ڪڏهن نه سيکاريو آهي ته جيڪڏهن ڪو اسان سان زيادتي ڪري ته اسين خاموش رهندا اچون، بلڪه اسلام ته صبر کانپوءِ ٿڦ جي بدلي ٿڦ هڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ نالي چڙهيل اڳواڻن اسلام جو  نالو وٺي وڌ ۾ وڌ استحصال جي حمايت ڪئي آهي، اهو ئي  سبب آهي جو اڄ جا ڪجهه نوجوان اسلام کان مجبورن پري ٿيندا نظر پيا اچن. پر ائين نه آهي، ڇو ته ڪجهه مخصوص ماڻهن هي بڇڙاين جو ذميوار اسلام نه آهي.  اسلام ته اسان کي پنهنجي حقن جي آواز اٿارڻ جو پورو پورو حق ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته، موجوده وقت ۾ سنڌ اندر جيڪي مخصوص حالتون آهن، انهن کي اڳيان رکندي اسلامي فڪر موجب اسان کي پاڻ پتوڙڻ گهرجي. ڇو ته اهو اسلام ته آهي جو ٻهارين کي سنڌ ۾ آڻي مقامي رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ۽ اهڙا ٻيا بيشمار مسئلا اسام جا پيدا ڪيل نه آهن.  تقريب ۾ سنڌ اسلامڪ مشن جي اڳواڻ وزير شيخ عبدالرحيم خير محمد پڻ شرڪت ڪئي.

سنڌ ۾ وڳوڙن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج تحت ٽربيونل قائم ڪيو وڃي، سنڌي اڳواڻ سطحي بيانن کان پاسو ڪن: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي (روزاني هلال پاڪستان 1988/08/17)

ڪراچي (پ ر) سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي جناب محمد ابراهيم جوئي جي صدارت ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي کانپوءِ هڪ ڊگهو بيان جاري ڪري حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ٻن مهينن کان ٿيندڙ نام نهاد نسلي فسادن جي سببن معلوم ڪرڻ ۽ ان پٺيان لڪل هٿن کي جاچڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽريبونل قائم ڪيو وڃي. بيان ۾  جون مهيني کان ”ڪارو مهينو“ ڪوٺيندي، جون ۽ جولاءِ ۾ ٿيندڙ فسادن، قتلعام ۽ ڀڃ ڊاهه جو تفصيل سان جائزو وٺندي سوسائٽي ورجايو آهي ته، ورهاڱي کانپوءِ هتي لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ سنڌي قوم جو اڻٽٽ حصو بڻجي چڪا آهن، تنهن ڪري کين سنڌ جي سنڌي عوام سان گڏجي سنڌي ڪوٺائڻ گهرجي، ساڻن گڏجي سنڌي عوام جي حقن ڦٻائيندڙن خلاف جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. بيان مطابق حڪمران ٽولا ڪن فاشي عناصر ۽ تنظيم ذريعي سنڌ ۾ ويڇا وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ سمورا فساد حڪمران ٽولي ڪرايا آهن، جيئن سنڌ کي ٻه يا ٽي ٽڪر ڪري سگهجي. جڏهن ته اهڙين سازشن سان ملڪ ئي ٽڪر ٽڪر ٿيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀ ڪجهه سنڌ تي پنجاب جي بالادستي قائم رکڻ ۽ مستقل مفادن کي قائم رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، پر باشعور اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي وقت جي آواز سان آواز ملائي سازشن کي ناڪام بڻائڻ گهرجي. بيان ۾ انهن انگريزي ۽ اردو اخبارن جي رويي کي ننديو ويو آهي، جن سوسائٽي جي بقول مڪروه ڪردار ادا ڪيو آهي. بيان ۾ صوبائي سيڪريٽرين، ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس پين جي بدلين ۽ مقررن کي ننديندي چيو ويو آهي ته ان ريت سرڪار سازش ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪيترن سنڌي آفيسرن کي هراسان ڪيو ويو آهي. بيان ۾ سنڌ جي ماڻهن کي چيو ويو آهي ته مولانا ندوي، ميئر آفتاب شيخ، سليم حيدر ۽  ملڪ سرور اعواڻ جي بيانن کي به نظر ۾  رکيو وڃي، جن سنڌ يونيورسٽي کي ورڇڻ جو مطالبو ڪندي سنڌين کي خطرناڪ نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. بيان ۾ سوسائٽي سنڌ قومي اتحاد جي اڳواڻن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي سنڌ جي ماڻهن کي هڪٻئي کان ڇننڻ وارين سازشن کي ڌيان ڏين، ڇو ته بيان مطابق ، ڪي اڳواڻ بيان ڏيڻ مهل اهو ڪونه ٿا سوچين ته انهن سان عوام ۾ مايوسي پيدا ٿيندي. اتحاد ماڻهن ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪيو آهي ۽ اڄ ئي ان کي مضبوط بڻائڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. سڀني اڳواڻن کي ”سنڌ جو قسم“ وجهي ويڇا وسارڻ ۽ ڳالهين وسيلي معاملا حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي ۽ اخبارن کي ههڙي نازڪ وقت سطحي بيان جاري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. بيان ۾سمورن گرفتار بيگناهه سنڌين کي آزاد ڪرڻ ۽ متاثر ڪٽنبن کي معاوضا ڏيڻ جي گهر پڻ ڪئي وئي آهي.

باباءِ سنڌ جي شاعريءَ جي ڪتاب جيئي سنڌ جي رونمائي، (روزاني آفتاب 1988/10/20)

حيدرآباد (پ ر) باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي شاعريءَ جي ڪتاب جيئي سنڌ جيئي سنڌ جي رونمائي سومر 24 آڪٽوبر 1988ع تي 6 بجي شام جو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿي رهي آهي. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪتاب جي رونمائي ڪرڻ فرمائيندا، ڪامريڊ گوچيرام ۽ ڪامريڊ غلام حسين سومرو خاص مهمان طور شرڪت ڪندا.

علي احمد بروهيءَ سان رهاڻ جو نئون وقت، (روزاني هلال پاڪستان 1988/12/01)

سکر( پ ر) سکر ادبي ۽ ثقافتي سنگت طرفا ن نامياري اديب جناب علي احمد بروهي سان جمعي 2 ڊسمبرتي رکيل رهاڻ جو وقت بدلائي ساڳئي ڏينهن تي صبح جو 10 وڳي رکيو ويو آهي.

آرٽس ڪائونسل جون چونڊون (روزاني هلال پاڪستان 1988/12/28)

ڪراچي (ا پ پ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي سالياني عام چونڊ 29 ڊسمبرتي آرٽس ڪائونسل جي احاطي اندر ٿي رهي آهي. هي چونڊ ڪيئي سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ 3 عهديدار ۽ 12 گورننگ باڊي جا ميمبرا چونڊيا ويندا.

قمر شهباز جي ڪتاب جو مهورت (روزاني هلال پاڪستان 1988/12/28)

ڪراچي (پ ر) سنگم پبليڪيشن پاران مشهور سنڌي شاعر ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار قمر شهباز جي شاعريءَ ڪتاب ”چنڊ رهين ٿو دور“ جو مهورت اربع 31 جنوري 1989 تي هوٽل شيرٽن ڪراچي ۾ ڪرايو پيو وڃي. ڪتاب جو مهورت مشهور ليکڪ سائين سراج الحق ميمڻ ڪندو. جڏهن ته مهمان خصوصي سائين امر جليل هوندو. ان موقعي تي شمشير الحيدري، بشير مورياڻي، حميد سنڌي، ف م لاشاري، حسين شاهه راشدي، نورالهديٰ شاهه، ڊاڪٽر درشهوار سيد، قمر شهباز جي فن ۽ شخصيت  تي مقالا پڙهندا. راڳ رهاڻ عابده پروين قمر شهباز جي شاعري ڳائيندي. هن رونق ڀريل محفل جي صدارت جناب مخدوم امين فهيم ڪندو.

نور الهديٰ شاهه کي دعوت، (روزاني هلال پاڪستان 1989/08/13)

حيدرآباد(هلال بيورو) سجاڳ ٻار تحريڪ جو وفد تحريڪ جي مرڪزي صدر گلزار وساڻ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪه محترمه نور الهديٰ شاهه سان مليو ۽ کيس 8 سيپٽمبر تي ڪينجهر ڪناري ٿيندڙ ڪل سنڌي ٻالڪ ميلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.  پڌرائي موجب تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري اڪبر لاشاري جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد دادو  ۾سنڌي ٻوليءَ جي قومي شاعر استاد بخاريءَ سان مليو ۽ کيس ساڳئي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

انگريزي اخبار ”سنڌ ايڪسپريس“ شايع ٿي رهي آهي، (روزاني هلال پاڪستان 1989/01/21)

ڪراچي (پ ر) روزاني انگريزي اخبار سنڌ ايڪسپريس 22 جنوري1990ع کان هتان شايع ٿي رهي  آهي. هلال پاڪستان ڪراچي جو اڳوڻو ايڊيٽر جناب ناصر بروهي سنڌ ايڪسپريس جو ايڊيٽر آهي. اخبار ۾ سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي صورتحال سان گڏوگڏ تجرباتي مضمون پڻ شايع ڪيا ويندا.

ثقافت کاتو اديبن جي علاج لاءِ مستقل پاليسي ٺاهيندو، بدر قريشي جو علاج سرڪاري خرچ تي ٿيندو: مهتاب راشدي (1990/01/24)

ڪراچي (هلال نيوز) سنڌ جو ثقافت کاتو بيمار اديبن خاص ڪري برک شاعر بدر قريسيءَ جي علاج جو بندوبست ڪندو. اهڙي خاطري ڏيندي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌي ادبي سنگت جي وفد کي چيو ته ان مقصد لاءِ موجود فنڊن کي استعمال ڪيو ويندو ۽ ڊگهي مدي واري ڪا پاليسي جلد تيار ڪري ان تي عمل ڪبو ته جيئن اديبن جي علاج جو معاملو مستقل طور حل ٿي سگهي. هن اهو به يقين ڏياريو ته ثقافت کاتو بيمار اديبن جي مناسب پرگهور لهندو ۽ ان ڏس ۾ هوءَ سڀاڻي بدر قريشيءَ کان طبيعت پڇڻ جناح اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ نمبر 6 ويندي. جتي 42 نمبر بستري تي بدر قريشي داخل آهي. سنگت جو وفد انور پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ ميڊم سان مليو هو، جنهن ۾ عطيه دائود، خدا بخش ابڙو، شاهه محمد پيرزادو، زين دائود پوٽو ۽ رڪ سنڌي ۽ ستار شامل هئا. واضح هجي ته بدر قريشيءَ گذريل ويهارو سالن کان بستري داخل آهي ۽ تازو کيس مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آهن، جن هاڻي پيچيده شڪل اختيار ڪئي آهي.

نعتيا مشاعرو ٿيندو (روزاني جنگ 1990/03/12)

جيڪب آباد (نمائندو) بزم ادب جيڪب آباد جي انتظام هيٺ 14 مارچ تي نعتيا مشاعرو منعقد ٿيندو، جنهن ۾ مقامي شاعرن کانسواءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي کان ايندڙ شاعر به حصو وٺندا.

ڪلچرل اينڊ هسٽاريڪل سوسائٽي تحت سيمينار، (روزاني جنگ 1990/03/12)

سکر(نمائندو)ڊسٽرڪٽ ڪلچرل اينڊ هسٽاريڪل سوسائٽي سکر جي انتظام هيٺ لبِ مهراڻ تي سنڌ ملاح سيمينار ۽ ميلي جو چوٿون ڏينهن عورتن لاءِ مخصوص هو. ان موقعي تي ٻيڙين جي ڊوڙ، تيراڪي جي مقابلي ۽ راڳ رنگ جي محفل به ٿي. خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر سکر جي زال بيگم ڪامران لاشاري هو. انعامن ۽ سندون ڏين جي خصوصي تقريب به ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي بيگم لينيٰ ڪامران لاشاري چيو ته اهڙي قسم جا سيمينار ۽ ميلا ثقافتي تشخص کي اجاڳر ڪندا آهن ۽ ڀائيچاري واري فضا وڌي ٿي.تنهن ڪري اهڙي قسم جي سيمينار جو باقاعده انعقاد ضروري آهي. هن چيو ته مهاڻن جي زندگي ۽ سندن مسئلا به منظرعام تي ايندا آهن، ۽ يقيني طور اهڙا قدم بهتر جو ڪارڻ بڻجندا. هن عورتن جا ٿورا به مڃيا. ان کان اڳ هن گورنمينٽ گلرز هاءِ اسڪول سکر جي استادن مس ممتاز صوفي، مس شيرين، مس صالحه ضمير ۽  شاگرد ن کي سندون ۽ انعام ڏنا، جن مڇين ۽ تتلين جي لباسن جو نماءُ ڪيو.

اردو سنڌي طرحي مشاعرو، (روزاني جنگ، 1990/03/16)

باڊهه (نمائندو) طالب الموليٰ باڊهه جي انتظام هيٺ مهراڻ وادي ۾ نسلي نفرت جي خاتمي ۽ اخوت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ”وقت اچي ويو آهي ته نفرتي رُجحان کي روڪيون“ جي عنوان اردو ۽ سنڌي طرحي مشاعرو منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾  سنڌ جي مشهور شاعرن غلام مصطفيٰ، مشتاق ميمڻ، استاد عبدالهادي چانڊيو، هزارو خان مجاهد، محمد خان مولائي، ربڏنو عباسي مومن، ولي محمد، سائل سچاروي، زوار غلام سرور فاضلاڻي، محمد رمضان مسڪين، گل محمد غازي، زاهد حسين، زاهد سچاروي، محمد حسين مجاهد، محترمه خيرالنساءَ، طالب جارچوي،  عبدالباسط غني، آبادي محمدي، شاد ڪوريجو، ضياءُ الحق قاسمي، منظور علي منظور خاصخيلي، الله بخش اداسي، محمد قاسم بيتاب، احمد خان مدهوش، محمد خان خوشتر، محمد صالح، صالح سومرو، الله ڏنو دکي ابڙو، عبدالواحد اسير، غلام رسول راز، گل حسن بيڪس ۽ بيدار جعفري حصو ورتو. ان موقعي تي بزم طالب الموليٰ باڊهه جي سيڪريٽري گل حسن بيڪس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، سنڌ صدين کان امن جو محور رهيو آهي، پر اسلام دشمن قوتون پنهنجي ٻاهرين آقائن جي اشارن تي سنده ۾ نفرت پکيڙي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي مشهور شاعرن تعصبي رجحانن جي مذمت ڪندي سمورن طبقن کي متحد ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وزيراعظم اڄ چادر چاڙهي قلندر شهباز جي عرس جو افتتاح ڪندو، زرعي ۽ صنعتي نمائش ادبي ڪانفرنس ۽ ملاکڙي جا مقابلا ٿيندا، (روزاني جنگ 1990/03/16)

حضرت قلندر لعل شهباز جي ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس جمعو 16 مارچ کان نشروع ٿي رهيو آهي. عرس جي تقريبن جو افتتاح وزيراعظم بينظير ڀٽو صبح ساڍي اٺين وڳي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڪندي. بعد ۾ وزيراعظم لڳندڙ زرعي ۽ صنعتي نمائش جو افتتاح ڪندي. وزيراعظم ايريگيشن ريسٽ هائوس ۾ مختلف وفدن سان ملاقات ڪندي. ميلا ڪميٽي سيوهڻ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته عرس جي پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين ڏينهن سنڌيملاکڙي جا مقابلا ٿيندا. ميلي جي آخري ڏينهن شهباز آڊيٽوريم ۾ ادبي ڪانفرنس ٿيندي، جنهن جو خاص مهمان سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد عبدالله شاهه هوندو، ۽ وفاقي وزير حاجي ظفر علي لغاري ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. سيوهڻ ڀرسان 19 ڄڻن جي قتل واري واقعي سبب موسيقي جي محفل وارو پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي.

اديب ۽ قلمڪار قوم جو قيمتي اثاثو آهن: صاحب ڏنو، (روزاني جنگ 1990/03/18)

ميرپور خاص (نمائندو) وائيلڊ لائيف ۽ فشريز واري صوبائي وزير صاحبڏنو چيو آهي ته قلمڪار ۽ اديب پنهنجي قلم ذريعي معاشري جي اصلاح ۽ ماڻهن ۾ دوستي، ڀائيچاري ۽ امن سان رهڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته دل سان لکيل تحريرون انساني جذبن ۽ خواهشن جو آئينو هونديون آهن. اهڙيون ڳالهيون هن پاڪستان نيشنل سينٽر ميرپور خاص ۾ بزم قائم طرفان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته اديب ۽ قلمڪار ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو آهن ۽ موجوده جمهوري حڪومت فنڪارن، اديبن توڙي شاعرن جي مدد ۽ همت افزائي ڪري رهي آهي. هن نوجوان ليکارين کي چيو ته هو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پنهنجو قلم استعمال ڪن. هن رشيد احمد صديقي مرحوم جي لکڻين جي تعريف ڪئي ۽ ان موقعي تي بزم قائم  لاءِ هڪ هزار رپيا ڏين جو اعلان ڪيو. تقريب کي صوبائي وزير ديوند ڪمار مالي، پيپلز پارٽي سٽي جي صدر ايس ايم سليم، قائم سولنگي، سعيد قائمخاني، پروفيسر عمر بيگ، رئيس احمد خان، مس عذرا سليم به خطاب ڪيو. هنن شهيد ديقي جي زندگي ۽ سندس ادبي خدمتن تي روشني وڌي.

مولوي احمد ملاح عالم فاضل ۽ سچو عاشقِ رسول هو: گل محمد عمراڻي، (روزاني جنگ 199/07/04)

بدين(نمائندو) مولوي حاجي احمد ملاح هڪ عالم فاضل، دين جو عالم ۽ متقدر شخصيت هجڻ سان گڏ رسول جو هڪ سچو عاشق به هو. اهڙن يالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر بدين گل محمد عمراڻي مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي جي قيام جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته مولوي صاحب هڪ صوفي منش انسان هو ۽ اسلام سان سندس اٿاهه محبت هئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس شاعري ۾ اسلام جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ان ڪري ئي هن روايتي شاعري کان هٽي ڪري آفاقي شآعري ڪئي ۽ اسلامي شاعري جي اصلوب کي اختيار ڪيو. مولوي صاحب قرآن ڪريم جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون منظوم ترجمو ڪري سنڌي ٻولي کي عالمي دنيا ۾ ممتاز ڪيو ۽ لاڙ واسين جي اها خوشنصيبي آهي جو مولوي احمد ملاح جو جنم هتي ٿيو. هن چيو ته موولوي صاحب هڪ ننڍڙي علائقي ۾ جنم وٺي وڏو ديني ڪم ڪيو، اسان جو فرض آهي ته مولوي صاحب جي تعليم کي عام ڪري سندس فڪر کي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکيڙيون. سندس محبت وارو پيغام عام ڪريون. هن مولوي صاحب جي فڪر جي تشهير تيزور ڏنو ۽ چيو ته جيڪي ادار مولوي صاحب جي فڪر ۽ فهم عام  ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا، انهن جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بدين الله بچايو پنهنجي تقرير ۾ مولوي صاحب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته مولوي صاحب هڪ راسخ العقيده مسلمان ۽ علم و حڪمت جي جيئري جاڳندي تصوير هو.تنهن ڪري اسان جو  فرض ٿئي ٿو ته مولوي صاحب جي علم و دانش جي روشن ڏيئي کيجهيڻو ٿيڻ نه ڏيون. هن چيو ته مولوي صاحب جي فڪر ۽ شاعري جو وڏو ذخيرو ٿرپارڪر ۾ موجود آهي، تنهن ڪري مولوي صاحب جي نالي تي قائم ٿيندڙ اڪيڊمي کي ڪرتاڌرتا جو فرض آهي ته اهي سندس تعليم کي سهيڙين.ان موقعي تي هن پنهنجي پگهار مان 2 هزار رپيا اڪيڊمي کي ڏي ڻج واعلان ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد اشرف سيال مولوي احمد ملاح جي فڪر تي روشني وجهندي چيو ته مولوي صاحب جي فڪر کي سنڌ جي وستي واهڻ ۽ گهٽي گهٽي تائين پکيڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولوي صاحب جي ورسي جي موقعي تي وڏي وزير کي به دعوت ڏني ويندي. ان کان اڳ مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي جي صدر ۽ ناليواري اديب صديقي مرهم ملاح طرفان خاص مهمان جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو.

بزم قائم ٿرپارڪر جي عهديدارن جي چونڊ ، (روزاني جنگ 1990/07/18)

ميرپور خاص (نمائندو) بزم قائم ٿرپارڪر جي چونڊ سرپرست قائم سولنگي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾  ٿي، جنهن ۾ نئين سال جو صدر سليم فضل محمد، نائب صدر رياض حسين ميمڻ، ۽ عبدالجليل شيخ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عارف ڪيريو، جوائنٽ سيڪريٽري ايم عثمان هاليپوٽو، پريس سيڪريٽري عزيز الله ميمڻ، رابطا سيڪريٽري سيد طالب حسين آفيس سيڪريٽري محمد صالح جبڪه مجلس عامله لاءِ پروفيسر محمد بچل سمون ۽ مزار مرتضيٰ بيگ کي چونڊيو ويو.

مولانا دين محمد وفائي امن ۽ محبت جو پيغام عام ڪيو، ورسي جي موقعي تي تقريب کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مير خيل الرحمان ۽ ٻين مقررن خطاب ڪيو، (روزاني جنگ 1991/04/11)

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ثقافت کاتي طرفان سنڌ جي مشهور دانشور، محقق ۽ صحافي مولانا دين محمد وفائي جي ورسي ملهائي ويئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چيو ته مولانا دين محمد وفائي ننڍي کنڊ جي  ٻين مسلمانن سان گڏ  نه رڳو سنڌ جي مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي، پر گڏيل هندستان جي ٻين علائقن ۾ به عظيم خدمتون انجام ڏنيون. هن چيو ته هڪ صحافي جي حيثيت سان به هن سنڌ جي مسلمانن جون بي بها خدمتون انجام ڏنيون. هدن جي پروپئگنڊا جو اثرائتو جواب ڏنو ۽ بي شڪ جيڪڏهن اردو صحافت ۾ مولانا ظفر علي خان، ملانا حسرت موهاني ۽ ٻيا اهم سنگ ميل آهن، ته سنڌي صحافت ۾ مولانا دين محمد وفائي انهن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائيندي نظر اچي ٿو. کيس اردو سان گڏ فارسيتي به دسترس حاصل هئي. پنهنجي اخبار الوحيد ذريعي هن ڪانگريس جي ترجماني ڪئي ته تحريڪ خلاف جو جهنڊو به بلند ڪيو ۽ ليگ جو پيغام به عام ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ افسوس جو اظهار ڪيو ته هيترو عرصو گذري وڃڻ باوجود مولانا وفائي جي باري ۾ تحقيقي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. تقريب جي خاص مهمان روزاني جنگ جي ايڊيٽر انچيف مير خليل الرحمان خطاب ڪندي چيو ته مولانا دين محمد وفائي  سنڌ اندر امن ۽ محبت جو پيغام عام ڪيو، هو سنڌ جي عظمت ۽  ان سان محبت جو حامي هو ۽ اڄ اسان کي انهي ڳالهه جي شدت سان ضروت آهي تهاسان سنڌ جي عظمت کي برقرار رکون ۽ نوجوان نسل ۾ به سنڌ جي عظمت کي اجاڳر ڪريون. هن چيو ته آگسٽ 1947ع  ۾ آئون هڪ رپورٽر جي حيثيت  سان ڪراچي آيم، ته جيئن اقتدار جي منتقلي جي تقريب ڏسي سگهان ۽ اهڙي خبر شايع ٿي وڃي. هن چيو ته مون کي 15 آگسٽ تي ڀارت ۾ اقتدار جي منتقليبابت ڪوريج ڪرڻي هئي، ان وقت منهنجي خواهش هئي ته دهلي کان اخبار جاري رهي ۽ ڪراچي کان به اخبار ڪڍي وڃي، پر ان وقت حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون ۽ اتي رهڻ انتهائي مشڪل ٿي چڪو هو. مير خليل الرحمان جو چوڻ هو ته، سيپٽمبر 1947ع ۾ پاڪستان واپس اچي ويس ۽ ان وقت هتي سنڌي اخبار اولوحيد ڪڍڻي هئي ۽ اتي مون مولانا وفائي سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته هڪ ٻي اخبار اردو جي هئي جيڪي بلوچستان جديد جي نالي سان ڪڍڻي هئي، جڏهن ته سنڌ آبزرور به شايع ٿيندي هئي، جنهن جو ايڊيٽر پير علي محمد راشدي هو، اهي سڀ مون کان سينيئر هئا ۽ مون انهن کان تمام گهڻو سکيو. مير خليل الرحمان چيو ته ان وقت اخبارون مختلف هيون، سياستدانن جو انداز به مختلف هو، اڄ حالتون تبديل ٿي ويون آهن، ماڻهو اخبار وارن کي ڏوهاري قرار ڏين ٿا، پرمنهنجي خيال ۾  انهي ۾ سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن جو به گهڻو هٿ آهي ۽ سياستدانن جا بيان توڙي سياست جا طور طريقا تبديل ٿي ويا آهن. هن چيو ته اخبارن تي به دٻا ءُ وجهڻ شروع ڪيو ويو آهي فلاڻي کي ڇاپيو ۽ فلاڻي کي نه ڇاپيو، انهي تبديلي سان عوام ۾ به تبديلي آئي، هاڻ ماڻهو به چون ٿا ته هن کي ماريو ۽ هن کي ٽوڙيو. اهڙي قسم جي  بيانن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي، منهنجي خواهش آهي ته سنڌ ۾ محبت ۽ آشتي جي فضا وڌي. مير خليل الرحمان چيو ته اڄ اسان سنڌ جي عظيم دانشور عالم، تاريخدان، محقق، اهل نظر ۽ صحافي جي 41هين ورسي ملهائي رهيا آهيون ۽ اهڙي قسم جي تقريبن جو بنيادي مقصد پنهنجي بزرگن جي ڪارنامن کان آگاهه ڪرڻو هوندو آهي. تقريب کي ابو سلمان شاهجهانپوري، عبدالڪريم سلامي، ۽ علي نواز شوق به خطاب ڪيو.

غفار تبسم جي شاعريءَ جي مجموعي مٽيءَ جا سرُ جي مهورت، (روزاني هلال پاڪستان 1991/05/18)

تازو ڪراچي ۾ لاڙڪاڻو فرينڊز ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران عبدالغفار ”تبسم“ جي ٽئين ڪتاب ”مٽيءَ جا سر“ جي مهورت جي هڪ پروقار ۽ رنگين تقريب ٿي. ان موقعي تي حسام لانگاهه ڳالهائيندي چيو ته تبسم ۽ ان جي جوڙ جي شاعرن جو معيار ڪنهن به بين الاقاوامي شاعر کان گهٽ ڪونهي. هو سنڌ جو ساحر لڌيانوي آهي. اڄ جي نئين ٽهي جي شاعرن هن ڌرتي تي ڇڪتاڻ واري ماحول ۽ قوم کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لا لفظ ڏئي ماروئڙن جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي. پروفيسر احمد بخش ڪٽپر چيو ته تبسم جي شاعريءَ ۾ شخصيت هڪ مڻيادار مالها آهي. اڄ جي نوجوان شاعر سنڌي قوم کي گلم جي توبچي واري ماحول مان ڪڍيو آهي. اسحاق تنيه چيو ته هن دور ۾ ادب تي تنقيد ٿيڻ گهرجي، ۽ شاعري کي ٽيڪنيڪ اندر رهڻ گهرجي. قاضي خضر حياتي چيو ته نفسافسي جي هن دور ۾ اسان جي نوجوان شاعرن قوم جي درد ۽ ڏک سک کي زندگي جو معراج بڻايو آهي. تاجل بيوس چيو ته ادب اڄ جي انقلاب جو پيغام آهي. سنڌ جي شاعرن هٿڪڙيون پاتيون پر سچ چيو، حق سچ لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ جي شاعر بندوق، هٿڪڙين، جبلن، زندان، ڦاسي گهاٽ کي جلائي ڌرتي جا گيت، سندور، محبت ۽ زندگي ڏني آهي. سنڌ جي شاعر بم جي خول ۾ ڦٽندڙ ڪڻڪ جي تيلي کي ريج جو پاڻي ڏنو آهي. تبسم جي دوستن اڃا تائين ڇلڙي، زلف کان ٻاهر نه ڪڍيو آهي، پر هن سڄڻ کان ساڻيهه تائين پهچي آزاد ٿي ماروئڙن لاءِ گس ۽ راهه ٺاهيندو نظر اچي ٿو. اڄ جي سنڌي شاعر پاڻ ملهايو آهي ۽ ڌرتي جي ڌڻين جي حقن خاطر ڳاڙهو جهنڊو کنيو آهي. سنڌ جي شاعر قوم جو سڏ ورنايو آهي. حسين شاهه راشدي چيو ته لطيف جي وارثن نئين نسل جي شاعرن ڌرتي ساڻ لنئون لاتو آهي ۽ ٽڪٽڪيءَ تي به ٻيجل جا ٻول ڳايا آهن. اڄ جي شاعر تبسم جي روپ ۾ مٽيءَ جا سر الاپيا آهن ۽ ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ شروع ڪيو آهي. قوم کي نئين نسل جي شاعرن تي فخر آهي. شاعر ٽيڪنڪ جي متحاج نه پر جذبا ۽ آزاد خيال عوام تائين پهچائڻ لاءِ جهڙو به رستو اختيار ڪري. جذبن جو اظهار به سٽا، ٽن شٽن يا چوسٽن جو محتاج به آهن. ڌرتيءَ جو شاعر تيسين ٿي نٿو سگهي، جيسي سڄڻ سان لنئون نه لائي. اڄ جي شاعر سرويچ، شيخ اياز، استاد بخاري، شمشير حيدري، تاج جويي جي روپ کنوڻين جي گجگوڙ ۾ به مرڪي ماروئڙن ۽ ڌرتي سان نينهن نڀايو آهي. نصرت ابڙو چيو ته، تبسم جي ٽهي جا جوان شاعر ماترڀومي لاءِ سوچن ۽ لوچن پيا. آهون دانهون ديس واسين جون لفظن جي پولين ۾ اونداهه ۾ ڏئي جي ڏياٽي واري لاٽ وانگر انقلاب جي راه ۽ واٽ ڏيکارين پيا. حافظ ارشد انڍڙ چيو ته سنڌ جي جوان جماڻ شاعرن کي سلام آهي، جن پنهنجون سوچون لوچون ۽ جذبا ڌرتيءَ کي ارپي ڇڏيا آهن، جيئن ڪو پاڻي درياءَ آهي ته ڪا ٻوڏ به آهي، تيئن سنڌ جيڪي جوان شاعر پيدا ڪيا آهن، سي وڏي واڪي سڄڻ کي گڏ ڪري ساڻيهه لاءِ پتوڙين پيا. سنڌي شاعر کي ڏسندي يقين آهي ته سندن جذبا قوم کي سمهڻ ۽ غفلت ۾ وڃڻ نه ڏيندا ۽ مقصد ماڻيندا. خاص مهمان ممتاز مرزا چيو ته شاعري جيڪا ڌرتي ۽ زمين مان اڀري ٿي، تنهن جو سڳنڌ هر هنڌ جهنگ ۽ جهر ۾  پهچي ٿو. سجاڳي ۽ صداقت جو آواز چٽو ۽ صاف ڏيندا پيا اچن. ڌرتي جي خوشبوءَ هر شاعر پنهنجي خيال ساڻ ماڻي ٿو، پر جيڪڏهن سڀ شاعر ۽ اديب هڪ ئي خوشبو ساڻ واس واڳن ته جيڪر ڌرتي جا سور ۽ ڏک لهي پون، محبت ۽ سک جا گيت اڀري پون. روح جي راحت ۽ من جي موج وارو واءُ گهلي پوي. خاص مهمان شمشير الحيدري چيو ته ٻوسٽ ۽ انڌير ۾ جذبن کي لفظن جا رنگ ڏئي روشني جا ڏيئا جلائڻ سنڌي شاعر جو ڪمال ۽ معراج آهي ته وري ڪينجهر کان ڪارونجهرتائين انقلاب جي لهر پيدا ڪري ماروئڙن لاءِ ميگهه ۽ ملهار واريون موسمون موٽائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. نئين ٽهي جي شاعرن لفظن جو سليقو ۽ طريقو ماڻيو آهي. پنهنجن کي نثر ۽ نظم جي روپ ۾ ٻوليءَ جي لولي ڏني آهي. شاعري به انقلاب ۽ منزل لاءِ ائين قومن لاءِ لازم آهي، جيئن درياءَ ۾ لڙهندڙ مڇيءَ کي جياپي لاءِ پاڻي کپي. نئين ٽهيءَ جي شاعر تبسم ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون شيون پيش ڪيون آهن. رومانوي شاعري انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ دور جي حيثيت ۾ آهن ۽ هنن ڌرتيءَ جا رنگ ۽ ڏيک لفظن جي روپ ۾ پيش ڪيا، تهڙي طرح سنڌي شاعرن به شاعري کي ڪلاسيڪي شاعري ۾ تبديل ڪيو. سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ڌرتيءَ جي عوام جي شاعريءَ ۽ انقلاب جي شاعري آهي. جڏهن ته انگريزي ڪلاسيڪي شاعري انقلاب، ڌرتي، منظر، عوام رسمون ۽ رواج کان خالي آهن، جنهن لاءِ افلاطون جا شاعر بي عمل هيا ۽ انهن لاءِ افلاطون چيو ته ”منهنجي ملڪ جي شاعرن کي چئو ته سرزمين کي سياسي طريقي سان ڇڏي وڃن.“ پر اسان جي ڌرتي جي شاعر جو افلاطون جي بي عمل شاعرن کان مانُ مٿانهون آهي. هو ڪنهن به ڏوراپي کان آجا آهن. صدارتي تقرير ڪندي استاد بخاري چيو ته غفار تبسم ۽ ان جي دور جي جوان شاعرن عڪس ڏٺا آهن ته ڌرتي جي ڏکن سکن جا، آدرشي انسانن جا، ڌرتيءَ جي ڌڻين جا، فطرت جا، هو چوڏس انساني پيڙا جو درد محسوس ڪندي لفظن جي مالها پوئي شاعري جو روپ اختيار ڪن ٿا. سنڌي شاعر هڪ جدا اسٽينڊ وٺي بيٺا آهن. اڄ قومي ڪارڪن، شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جي همت افزائي ڪن. ڌرتيءَ جي ماروئڙن کي لفظن ۾ انقلاب جي راهه تي آڻيندڙ شاعر اديب ڌرتيءَ جي امانت آهن. هو غريبن ۽ قومي ڪارڪنن جي امانت آهن. سنڌي ادب ۾ ارتقا جو دور گهڻو ترقي ڪري رهيو آهي ۽ قوم قلمڪار جي ويجهو آئي آهي. تنقيد به هاڻ ڇنڊڇاڻ خاطر قبول ڪئي وڃي. اڄ جي سنڌي ادب قوم کي چانڊوڪيءَ جي چمڪاٽ ۾ آڻي بيهاريو آهي. دراصل نقاد ئي ڪنهن قلمڪار کي منزل ۽ ماڳ تي آڻي سگهن ٿا، جيئن شيڪسپيئر کي نقادن ايترو کنيو، جو هن جو ڇڏيل ادب نقادن وٽ امان ٿي ويو. سنڌ ۾ قلمڪار ۽ نقاد تخليقڪار بڻيل آهي. سنڌي قلمڪار کي هيءَ ماڳ ماڻن تائين جبل جهاڳڻا پيا آهن. کيس سنڌ ساڻ محبت بدلي جيل، هٿڪڙيون، زندان، ڏک بک، ڏوجهرن جا ڀنڊار مليا آهن، پر اڄ سنڌ جو صحافي، قلمڪار، اديب، شاعر ۽ ڪلاڪار سڌو سنئون ڌرتيءَ جي عوام سان لاڳاپا قائم ڪيو آهي. هن موقعي تي هدايت بلوچ، عبدالستار ڀٽي، منظور لاڙڪ، نثار ميمڻ پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪر صاحب خان چنو، نواز علي شوق، بيدل مسرور ۽ سنڌي ادبي سنگت اسوا، مارئي فورم، ٽيچرس ائسوسيئيشن جي نمائندن ۽ ٽي وي پروڊيوسرن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ائسوسيئيشن جي باني عبدالستار ڀٽي قرارداد ذريعي مطالبوڪيو ته شاعر واجد منگي جو ڪيس هڪدم نبيريو وڃي. ائين نه ٿئي جو ڊي سي بدين ۽ ثقافت کاتي جي لکپڙهه سنڌي قوم کان واجد جهڙو اربيلو شاعر هميشه لاءِ کسي وڃي.

حبيب الله ڀٽو جي سالگرهه ملهائي ويئي، (روزاني جنگ 1991/11/08)

شڪارپور(نمائندو) سنڌ جي ناليواري اديب ۽ سماجي ڪارڪن مرحوم حبيب الله ڀٽو جي 74هين سالگرهه ملهائي وئي.ان موقعي تي هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن جي صدارت مشهور شاعر ۽ اڳوڻي سول سرجن شڪارپور ڊاڪٽر عبدالقيوم طراز ڪئي. ان کانپوءِ بندهه علي گوهر لوهار،حيدر علي ابڙو، عبدالجبار عبد سومرو، پروفيسر لجپت گانڌي، پروفيسر ايڊووڪيٽ غلام حسين ڀٽو ۽ ڊاڪٽر عبدالقيوم طراز شيخ تقريرون ڪيون، جن ۾ هن مرحوم جي علمي، ادبي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن تي روشني وڌي، خاص ڪري شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏيارڻ ۾ سندس جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب  ۾شهر جي معززن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، استادن ۽ وڏي انگ ۾ شاگردن شرڪت ڪئي.

سانگهڙ سيمينار 92 لاءِ حُر حريڪ جي مواد جي سهيڙ، ٽيمن طرفان مختلف هنڌن جو دورو، انٽرويو رڪارڊ ڪيا ويا،  (روزاني هلال 1992/ 01/ 01)

سانگهڙ (پ ر) سانگهڙ سيميار 1992ع جي سلسلي ۾ سانگهڙ جي حُر تحريڪ جو مواد سهيڙڻ لاءِ مختلف ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن.  هن ڏس ۾ عورتن جي هڪ ٽيم مسز امام زادي وساڻ جي نگرانيءَ ۾ نازو سانگهڙ جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو، ۽ اتي رهندڙ  حر عورتن جا انٽرويو رڪارڊ ڪيا، جيڪي هن تحريڪ جي اکين ڏٺيون شاهد ۽ حر ڪيمپ ۾ قيد پڻ رهيون. هن عورتن انگريز سامراج جي ظلم ۽ بربريت جا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ٻڌايا. هوڏانهن سيمينار جي سيڪريٽري بخش مهراڻوي جي نگراني ۾ هڪ ٽيم حرن جي معرڪن، جهوڙولئو، کينواري بنگلو، اوڍيتڻ، اجڙي بنگلو وارا هنڌ وٺا. خيرپور ضلعي جي ڪيواڙي بنگلي تي معلوم ٿيو ته 14 مارچ 1942ع ۾ خيرپور جي ناظم پوليس غلام رسول شاهه سان 40 حرن تي مشتمل هڪ وڏي جٿي معرڪو ڪيو ۽ کيس قتل ڪيو. مذڪوره ناظم پوليس ان وقت انگريزن جي خيرپور رياست جو اڳواڻ هو.

زنده قومون پنهنجي سورمن کي نه وسارينديون آهن، دودي شهيد سميت سمورن قومي هيرن جي قبرن تي مقبرا ٺهرايا وڃن، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/02)

ٻهڊمي(ن هه) زنده قومون پنهنجي قومي سورمن کي نه وسارينديون آهن، اها اسان جي بيحسي چئبي جو اڄ تائين هوشو شيدي، دودي سومري ۽ دولهه درياءَ خان جهڙن بهادرن ۽ قومي هيرن جي قبرن مٿان مقبرا ڪونهن. اها ڳالهه نوجوان شاعر ۽ صحافي ظهير الدين “بابر“ هڪ بيان ۾ چئي.

لاڙڪاڻو فرينڊس طرفان ڊاڪٽر سنديلي جي ورسي ملهائي وئي، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/03)

ڪراچي(پ ر) لاڙڪاڻو فرينڊس ويلفيئر ائسوسيئيشن پاران ڪراچي هيڊ آفيس پاڪستان ڪوارٽرس ۾ سنڌي ٻولي جي مهان اديب، محقق،  برک استادپروفيسر عبدالڪريم سنديلي جي ٻي ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. انهي موقعي تي هڪ ادبي ميڙ پڻ عبدالستار ڀٽي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنهن کي نئين ٽهي جي شاعرن، اديبن، سماجي اڳواڻن عبدالغفار تبسم، ڪيهر شوڪت، انعام شيخ، ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر، شيخ ذوالفقار باڊاهي ۽ اشرف کهاوڙ پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي خاص مهمان محمد علي جوهر ڊاڪٽر سنديلي جي ادبي خدمتن تي روشني وڌي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو ڊگري ڪاليج روڊ کي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.

لٻاڙي سياست کي ڇڏي مثبت سياست تي ڌيان ڏنو وڃي، (علي بابا) ”سرهي رهاڻ“ تقريب کي ظفر حسن، سلطانا وقاصي ۽ ٻين جو خطاب،(روزاني هلال پاڪستان 1992/01/03)

حيدرآباد(هلال بيورو) نامياري ڪهاڻيڪار علي بابا چيو آهي ته مرڪز جي مخالفت ملڪ جي مخالفت ڪونهي. هتي وحدت ڪالوني ۾ سنڌي قومي ساٿ پاران ڏتڙيل سنڌين جي نئين وسندي جي حوالي سان ٿيل سرهي رهاڻ واري تقريب ۾ صدارتي تقرير ڪندي هن قومي ساٿ جي جاکوڙ کي سنڌ جي قومي بقا جي جاکوڙ واري عمل سان ڀيٽيو. هن عالمي شخصيتن جي حوالي سان سنڌ جي قومي ڪيس جو جائزو ورتو ۽ انقلاب ۾ عورت جي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو ته قومي ساٿ جي اڳواڻ انقلاب جي هراول دستي طور ڪم ڪيو آهي. هن لٻاڙي سياست کي ننديندي هاڪاري سياست تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن موقعي تي خاص مهمان طور ڳالهائيندي پروفيسر ظفر حسن قومي بقا جي جاکوڙ جي اهم نقطن تي روشني وڌي. هنن چيو ته پنهنجي مٽن مائٽن جي ويرين سان لاڳاپا رکڻ جو مقصد ذاتي لوڀ، ۽ مفادپرستي آهي ۽ جيستائين اڳواڻ قومي مسئلن کي ذاتي مسئلو سمجهي نه کڻڻدا، تيسين ڪجه حاصل نه ڪري سگهندا. انهي موقعي تي اسرار شام، سلطانا وقاصي، عنايت الله ميمڻ قومي ساٿ جي مرڪزي اڳواڻن فهميده قريشي ۽ ٻين به تقريرون ڪيون. تقريب ۾ سوين عورتون به موجود هيون.

سچل ادبي ۽ سماجي سوسائٽي لاڙڪاڻي پاران مشاعرو،(روزاني هلال پاڪستان 1992/01/04)

لاڙڪاڻو (پ ر) تازو سچل ادبي ۽ سماجي سوسائٽي لاڙڪاڻو پاران مشاعرو منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت شاعر ضياءُ الدين ضياءُ جتوئي ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص طارق انور کوکر هو. مشاعري ۾ جن شاعرن شعرن ذريعي  پنهنجي احساسات جو اظهار ڪيو، انهن ۾ ضياءُ الدين، انيس گل عباسي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ادا قاضي، غلام نبي رزمي، ڊاڪٽر ظاهر نوري، صديق اڪبر پيرزادو، تبريز تنيو، امين انصاري، ڊاڪٽر امتياز عباسي، امداد جتوئي، واصف وڳڻ، محمد عالم بوزدار، ڊاڪٽر علي گل رونگهو، جواد جعفري، محمد هاشم حامي، بخت حسين، احسان دانش جهانگير، ڪرم حسين ڪرم، ابراهيم احسان ۽ حفيظ فائز سومرو جا نالا شامل آهن. تقريب جي ڪارروائي سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري انيس گل عباسي هلائي.

معمور يوسفاڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي (روزاني جنگ 1992/01/06)

عمرڪوٽ(نمائندو) صحافين، اديبن ۽ دانشورن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي ايوارڊ يافتا مشهور اديب، شاعر محمد عمر ”معمور يوسفاڻي“ فالج جي حملي کانپوءِ ٻن سالن کان پنهنجي ڳوٺ حاجي نبي بخش پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ملڪ جي وڏن شهرن ۾ مسلسل علاج باوجود سندس مرض جي شدت ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي آئي. ماهر ڊاڪٽرن کيس پرڏيهه علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي، پر مفلسي  جي ڪري هو علاج سانگي پرڏيهه وڃڻ کان لاچار آهي. هنن وڏي وزير ڄام صادق کي اپيل ڪئي ته مشهور اديب معمور يوسفاڻي جي زندگي بچائي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه علاج ڪرائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

اڪيڊمي المنائي جي سالياني فيملي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/06)

ڪراچي (پ ر) اڪيڊمي المنائي سنڌ جي سالياني فيملي گڏجاڻي جمعي ڏينهن 10 جنوري تي ارم فارم تي ٿيندي. ميمبرن کي گذارش ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي گروپ نمائندن کان ڪارڊ وصول ڪن ۽ جيڪي المنائي جي ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ چاهين، اهي پنهنجن نمائندن کي اطلاع ڪن.

حمل فقير جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ڪليات حمل“ شايع، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/06)

حيدرآباد (هلال بيورو) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران بورڊ جي چيئرمين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي هدايتن تي نامياري شاعر حمل فقير لغاري جي 122هين سالياني عرس جي موقعي تي حمل فقير جي شاعري تي مشتمل ”ڪليات حمل“  شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو سهيڙيندڙ ناميارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هن کان اڳ اهو ڪتاب 1953، 1957، ۽ 1968 ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل ديباچي وارو اهو ڪتاب 364 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جو ملهه 70 رپيا آهي، جيڪو ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال واقع تلڪ چاڙهي حيدرآباد تان ملي سگهي ٿو.

اسان پنهنجي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ پٺتي رهجي ويا آهيون، ڪتاب ”باڊهه بوند بهار“ جي تعارفي تقريب جي موقعي تي تقريرون، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/07)

باڊهه (ن هه) اسين موهن جي دڙي جا وارث آهيون، پر اسان جي وڏي بدقسمتي آهي جو اسين پنهنجي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ پٺتي رهجي ويا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار نامياري اديب ۽ برک محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هتي باڊهه جي تاريخ تي لکجندڙ ڪتاب ”باڊهه بوند بهار“ جي تعارفي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو تاريخ جي فن تي اسان ڪم نه ڪيو ۽ غيرن اسان جي تاريخ لکي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجو ماضي کوٽي پنهنجي تاريخ مرتب ڪريون، ۽ ان لاءِ اسان کي سخت محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي. هن چيو ته باڊهه جي صحافي نوجوانن جس لهڻيو، جن پنهنجي شهر جي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيون آهن ۽ شهر جي تاريخ تي ڪتاب ”باڊهه بوند بهار“ لکي رهيا آهن. هن چيو ته سڀني سنڌين کي انهن جي پوئيواري ڪري پنهنجيتاريخ لکڻ گهرجي. ان کان اڳ باڊهه جي سينيئر صحافي بيدار جعفري ڪتاب متعلق ڳالهايو، ۽ نئين ٽهيءَ جي اديب ذوالفقار باڊاهي هڪ مقالو پڙهيو. تقريب کي ناصر ساريو، ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، غلام نبي ڪولاچي، شاهن باڊاهي، محمد خان خُشتر، حميد ناز سومرو ۽ حبيب ابڙو پڻ خطاب ڪيو.

مشعل اڪيڊمي پاران هر ٽئين مهيني ڪتاب ڇپرايو ويندو، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/07)

ڪراچي (پ ر) ڪراچي شهر جي نوجوانن طرفان مشعل اڪيڊمي جو بنياد وڌو ويو آهي. اڪيڊمي جي تازي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اداري طرفان هر ٽئين مهيني سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپرايو ويندو. اڪيڊمي جو پهريون ڪتاب عابد مظهر جي ڪهاڻين جو مجموعو هوندو. جنهن جو مهورت جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿيندو. هن مجموعي جو مهاڳ سليم ميمڻ لکيو آهي. جڏهن ته ڪتاب جي ليکڪ جو تعارف ۽ مختصر ڪهاڻي جو جائزو ممتاز مهر ورتو آهي. هن مجموعي جو نالو ”گم ٿيل محبتون آهن“.

قربان علي بگٽي جي نالي تي ادبي ڪميٽي قائم، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/07)

لاڙڪاڻو (پ ر) نئين سال 1992ع جي شروع ۾ هڪ ادبي اڪيڊمي مشهور معروف سنڌي ليکڪ ۽ نقاد محرحوم قربان علي بگٽيءَ جي نالي تي جوڙي ويئي ۽ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا؛ سرپرست عبدالهادي بگٽي، صدر غلام مصطفيٰ مشتاق، نائب صدر احمد نواز بگٽي، جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح بگٽي، جوائنٽ سيڪريٽري هزارو خان مجاهد عباسي، انفرميشن سيڪريٽري منظور علي پيارو عباسي، خزانچي احمد حسين بگٽي ۽ آفيس سيڪريٽري محمد خان مولائي چانڊيو.

ڊاڪٽر اسلم جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو، (روزاني جنگ 1992/01/08)

حيدرآباد (نمائندو جنگ) سنڌي ادبي فورم اي ايم سي جي اڳواڻ الهنواز سمون، ڊاڪٽر دانش خواجه، پير حاجي شاهه، قيوم جاکرو، امام بخش سنڌي، غلام مصطفيٰ ميمڻ، حبيب الله ميمڻ، منظور جروار، عليم الدين آزاد، سراج ميمڻ، سليم ميمڻ هڪ بيان ۾ صحت واري وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته عوامي ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر اسلم آزاد جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه موڪليو وڃي، ڇاڪان ته سندس پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. ان کانسواءِ هنن صحافين تي جبر ۽ تشدد جي سخت مذمت ڪندي چيو ته صحافين جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، هنن گرفتاري صحافين جي فوري آزادي جو به مطالبو ڪيو.

اديب پنهنجو قلم بي ڊپائي سان استعمال ڪن، اياز لطيف پليجي سان ملهايل شام ۾ تقريرون: (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/09)

حيدرآباد( هلال بيورو) ناليواري ليکڪا خيرالنساءِ جعفري چيو آهي ته اديبن ۽ ليکڪن کي پنهنجو قلم بي ڊپائي سان استعمال ڪري سماج ۾  پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هو ڪالهه شام هتي نوجوان اديب ۽ شاعر اياز لطيف پليجي سان ملهايل شام ۾ صدارتي تقرير ڪري رهي هئي. هن کان اڳ نامياري شاعر ۽ ڊائريڪٽر عنايت بلوچ خاص مهمان طور ڳالهائيندي چيو ته، اديبن ۽ شاعرن ۽ فنڪارن کي سندن جيئري ئي مڃتاڏيڻ کپي ته جيئن ڏات ڌڻين کي اتساهه ملي سگهي. اياز لطيف پليجي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جا ڏک سور دوستيون ۽ دشمنيون قوم سان وابسته آهن، قوم جي سڃاڻپ ئي اسان جي سڃاڻپ آهي. هن سمورن اديبن ۽ شاعرن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي نصير مرزا، زيب نظاماڻي، مسعود لوهار، زوار نقوي، مقصود ميمڻ، نصير سارنگ ۽ شبنم گل به تقريرون ڪيون.

پهريون ملير ايوارڊ 91 تقريب (رپورٽ: محمد اشرف سمون)

تازو 24 ڊسمبر تي مهراڻ پيليس ماڊ ڪالوني ملير ۾ پهريون ملير ايوارڊ -91 جي تقريب، جيڪا پنهنجي نوعيت جي پهرين تقرب ڪئي. هن تقريب جو انتظام ايس ڊي ايم ملير انجم خورشيد جي نگراني ۾ سوشل ويلفيئر ڪميٽي ملير سب ڊويزن ۽ ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس ڪراچي اوڀر طرفان ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو چيئرمين حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ڪئي ۽ خاص مهمان ڏي وزير جو صلاحڪار مشتاق سهگل هو. هي تقريب جنهن ۾ ويرائٽي شو ۽ ايوارڊ ورهائڻ جو پروگرام شامل هو، ان ۾ ڪراچي جي ٻهراڙين سان واسطو رکندڙ معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات ۾ پروگرام جي چيئرمين ايس ڊي ايم ملير انجم خورشيد آجيان واري تقرير ڪندي چيو ته، ههڙن پروگرامن جو اصل مقصد هڪ هنڌ گڏ ٿي، هڪٻئي سان سڃاڻپ ۽ رابطا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ملير جي علائقي ۾ شهر توڙي ٻهراڙيءَ وارن حصن جا مسئلا هڪ جهڙا آهن ۽ انهن جي نبيري لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ڪم سماجي تنظيمون سهڻي نموني پورو ڪري سگهن ٿيون، ۽ اهڙين سماجي تنظيمن جي همت افزائي ٿيڻ تمام ضروري آهي. هن تقريب ۾ سال جي پڄاڻيءَ تي ملير ايوارڊ ڏيڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ۽ سماجي خدمتون انجام ڏيندڙ ماڻهن جي حوصلي افزائي ۽ مڃتا جو مثال آهي. هن تقريب ۾ جن شخصيتن شرڪت ڪئي، تن ۾ اشفاق احمد ميمڻ ڊائريڪٽر جنرل فوڊ ڊپارٽمينٽ حڪومت پاڪستان نثار حسن علي آفندي باني قائد اعظم پبلڪ اسڪول سنڌ مدرسه السلام در محمد ڳوٺ درساڻو ڇنو، حاجي علي بخش جوکيو چيئرمين يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو، غلام حسين ميمڻ چيئرمين يونين ڪائونسل ڪونڪر، عبدالقادر جوکيو ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي، عبداللطيف سمون ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪونڪر، واحد بخش جوکيو، بابو خاصخيلي صدر سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن رابطا ڪائونسل ڪراچي، حاجي عثمان جوکيو، محمد اسحاق جوکيو سيڪريٽري ڪي ڊي اي، عبدالغني ڪلمتي صدر ڪاٺوڙ ڪلمتي ويلفيئر سوسائٽي ڪاٺوڙ، غلام مصطفيٰ بلوچ صدر واڊيلا بلوچ سماجي بهبود تنظيم، در محمد ڳوٺ درساڻو ڇنو، بابو سليمان بروهي صدر بروهي سوشل اينڊ ايجوڪيشنل سوسائٽي بروهي محله ميمڻ ڳوٺ، مدد علي جوکيو صدر درساڻو ڇنو سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن درساڻو ڇنو، سيد محمد علي شاهه صدر انجمن فلاح بهبود ابراهيم حيدري، زبيده ڀروهاڻي صدر ساهيڙين سٿ سماجي بهبود تنظيم ابراهيم حيدري، الهڏنو جوکيو جنرل سيڪريٽري سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن ڪورآڊينيٽنگ ڪائونسل ڪراچي ۽ فقير پانڌي جوکيو صدر تنظيم صحت سماج سڌار سهراب جوکيو ڳوٺ شامل آهن.

پروگرام جو انتظام ڪندڙن ۾ انجم خورشيد ايس ڊي ايم ملير ۽ چيئرمين سب ڊويزنل سوشل ويلفيئر ڪميٽي ملير سب ڊويزن، حفيظ الرحمان شيخ سوشل ويلفيئر آفيسر سب ڊويزنل سوشل ويلفيئر ڪميٽي ملير سب ڊويزن، سيد نعمت الله بخاري چيئرمين جرنلسٽس فائونڊيشن، شعيب احمد صدر ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽ ڪراچي اوڀر، بابو خاصخيلي صدر سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن ڪوآرڊينيٽنگ ڪائونسل ڪراچي شامل هئا. ويرائٽي شو کانپوءِ ملير جي شهري علائقي ۽ ٻهراڙي جي علائقي جي مختلف سماجي ۽ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ سماجي تنظيمن جي ڪيل خدمتن تي کين خراج تحسين طور ايوارڊز، شيلڊز ۽ ميڊلز ڏنا ويا.

ايوارڊز

اشفاق احمد ميمڻ سابق ڊي سي اوڀر کي سٺيون خدمتون ڪرڻ تي ايوارڊ ڏنو ويو. ڊاڪٽر صالح ميمڻ اکين جي علاج لاءِ مفت علاج، عبدالغفار بو ٻارن جي بيماري لاءِ علاج، حاجي داد رحيم بلوچ ديني تعليم، محمد اسحاق جوکيو تعليم لاءِ پنهنجي سروي زمين ڏني. استاد حاجي علي محمد خاصخيلي ديني تعليم، محمد اشرف سمون سٺو صحافي، الهه بخش بلوچ سٺو زميندار، پير محمد خاصخيلي سٺو هاري، ڊاڪٽر چاند بيبي بلوچ پهرين رورل ڊاڪٽر، فقير پانڌي جوکيو سوشل ورڪر، نذير عارفاڻي سٺو فنڪار، واڍيلا بلچ سماجي بهبود تنظيم، عزيز بلوچ فوٽبالر ملير، محمدن ايف يو بقائي ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال.

مئڊلز

الهڏنو جوکيو سوشل ورڪر، ميمڻ سوشل اينڊ ايجوڪيشنل سوسائٽي، عبدالقادر جوکيو سوشل ورڪر، محمد موسيٰ شورو، ماستر خدا بخش گبول، منظور احمد جوکيو، محمد بخش گبول، محمد ابراهيم خاصخيلي، عبدالغني ڪلمتي، مراد بخش بلوچ محمد اسحاق بلوچ، محمد طفيل شورو ۽ غلام رسول بروهي.

شيلڊز

غلام حسين جوکيو، رسول بخش بلوچ، محمد سليمان بروهي، حاجي علي بخش جوکيو، بابو خاصخيلي، درساڻو ڇنو سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن، شاهيڙين سٿ ويلفيئر تنظيم، غلام حسين ميمڻ، نثار احمد آفندي، حفيظ الرحمان اورنگي ٽائون پائليٽ، ڊاڪٽر نظير احمد ميمڻ ۽ حاجي محمد رمضان گبول.

ڏيپلائي جي يارهين ورسي 27 فيبروري تي ملهائي ويندي، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/12)

حيدرآباد (پ ر) ڏيپلائي ادبي تعليمي (ڏات) فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر حبيب الرحمان ڏيپلائي ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي مشهور اديب، صحافي، ڊرامه نگار، ڪهاڻي نويس، ناول نگار ۽ دانشور محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي يارهين ورسي 27 فيبروري تي پوري سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي. حيدرآباد ۾  مختلف سماجي تنظيمن طرفان سندس مزار واقع شاهه مڪي قبرستان تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي. ورسي جي موقعي تي ڏات طرفان حڪومت سنڌ ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته حيدرآباد جي شاهراهه ٿڌي سڙڪ جو نالو مٽائي محمد عثمان ڏيپلائي روڊ رکيو وڃي ۽ سندس ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي طرفان ڇپايا وڃن.

سنڌيڪا پاران شاهه جي رسالي جي مهورت، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/22)

ڪراچي (پ ر) سنڌيڪا اڪيڊمي جي هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اداري پاران تازي ڇپرايل ”رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي مهورت واري تقريب 26 جنوري تي شام جو پنجين وڳي تاج محل جي تاجي هال ۾ ٿي رهي آهي. پروگرام جي صدارت ناميارو دانشور پروفيسر ڪرار حسين ڪندو. جڏهن ته خاص مهمان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير الاهي بخش سومرو هوندو. رسالي جو منظوم اردو ترجمو برصغير جي مهان شاعر شيخ اياز ڪيو آهي. گڏوگڏ هڪ سئو صفحن تي لکيل سندس مقدمو پڻ رسالي ۾ شامل آهي، جيڪو شاهه جي فڪر کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. مهورت واري تقريب ۾ شاهه جي فن ۽ فڪر تي ڳالهائيندڙن ۾ مئڊم مهتاب راشدي، قمر شهباز، مشهور ترقي پسند ليکڪه زاهد حنا، آفاق صديقي، ڊاڪٽر اسلم فرحين، فقير محمد لاشاري ۽ ٻيا شامل آهن.

سانگهڙ ثقافتي ميلو سڀاڻي شروع  ٿيندو، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/26)

سانگهڙ (ن هه) سنڌ جو قائم مقام گورنر جسٽسسعيد الزمان صديقي 27 جنوري تي سانگهڙ ثقافتي ميلي جو افتتاح ڪندو. ڊپٽي ڪنوينر سانگهڙ ڊاڪٽر امداد علي رضا اهڙي پڌرائي ڪندي چيو ته ثقافتي ميلو 31 جنوري تي پڄاڻي تي پهچندو. ميلي ۾ سانگهڙ ضلعي ۽ حر تحريڪ جي حوالي سان سيمينارن، راڳ رنگ جي محفلن ۽ ملاکڙن جو انتظام ڪيو ويو آهي. جنهن جي مختلف تقريبات جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر قمر واحد، ڊاڪٽر تنوير عباسي، مملڪتي وزير ڄام معشوق علي صدارت ڪندا.

ماضيءَ تي نظر وجهڻ ۽ مستقبل کي روشن رکڻ لاءِ حال ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ عقلمندي آهي: حميد ميمڻ، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/26)

خيرپور( پ ر) سچل سارو سچ ڪلچرل  سوسائٽي شاهه لطيف يونيورسٽي پاران 91ع کي الوداع ۽ 92ع جي آجيان جي سلسلي ۾ سچل اڪيڊمي هال ۾ هڪ تقريب ٿي، جنهن ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر عبدالحميد ميمڻ نوجوان شاگردن ۽ ٻين معزز مهمانن کي خطاب ڪندي چيو ته، ماضيءَ تي نظر وجهڻ ۽ مستقبل کي روشن رکڻ لاءِ حال ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ عقلمندي ۽ عملي زندگي جو ثبوت آهي. اوهان سوچيو ته سال 1992ع اوهان کي ڇا ڏنو، ۽ ان سال اوهان کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون، ۽ نئين سال 92ع جي شروع کان ئي گذريل سال جي تجربن کي ذهن ۾ رکي اسين فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته تاريخ جا ورڪ ڪورا ۽ اڇا نه ڇڏيو، نه ته ايندڙ نسل اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، ان موقعي تي خيرپور ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ظفر اقبال بلال پڻ خطاب ڪيو.

سنڌي لکت بابر پرائمري ڪانگريس سڀاڻي شروع ٿيندي، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/26)

ڪراچي (پ ر) سنڌي رسم  الخط بابت پرائمري ڪانگريس جو افتتاحي اجلاس سڀاڻي سومر 27 جنوري تي صبح جو 11 وڳي آءِ سي اين آڊيٽوريم الرحمان بلڊنگ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ٿيندو. اجلاس جو مکيه مقرر قديم آثارن ۽ عجائب گهر جو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر احمد نبي خان هوندو ۽ خاص مهمان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر عبدالحميد ميمڻ هوندو. جڏهن ته صدارت فرينڊز آف ڪلچرل اينڊ آرڪيالاجي هيريٽيج جو صدر عشرت حسين ڪندو. ڊاڪٽر طاهر آفتاب، مسز افشان سليم، عبدالحليم شر، ۽ ڪليم لاشاري پڻ تقريرون ڪندا.

مخدوم بلاول شهيد تي سيمينار ڪرايو ويندو، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/26)

سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي جي هڪ گڏجاڻي ڊاڪٽر عبدالله ورياهه جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيبروري ۾ ڀٽ شاهه جي ثقافتي هال ۾ ثقافت کاتي جي تعاون سان مخدوم بلاول شهيد تي هڪ سيمينار ڪرايو ويندو، جنهن ۾  نامور اديب ۽ عالم پنهنجا مقالا پڙهندا.

سچو شاعر قلم جي زور تي مظلومن جي طرفداري ڪري ٿو، ڀٽائي ادبي ۽ ثقافتي مرڪز پاران گلشن رجائي جي مهورت تي وقتي صدر جو اظهار، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/28)

لاڙڪاڻو (هلال بيورو) ڀٽائي ادبي ۽ ثقافتي مرڪز لاڙڪاڻي پاران تازو رحيم بخش رجائيءَ جي شاعري جي مجموعي ”گلشن رجائي“ جي مهورت سنڌ جي نامور شاعر سرڪش سنڌي ڪئي. جنهن جي صدارت صديق اڪبرڪئي ۽ خاص مهمان حامي جتوئي هو. اسٽيج سيڪريٽري جو فرض امداد جتوئي سرانجام ڏنو. هن ادبي ميڙ ۾ سنڌ جي ناميارن ليکڪن ۽ شاعرن حصو ورتو، جن ۾ سرڪش سنڌي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ضياءَ جتوئي، جواد جعفري، امداد جتوئي، بخت ملاڻو، ڪامريڊ ڪريم، انيس گل، ادا قاضي، مختيار سمون، رزمي انگي، فدا سومرو، سرباز سومرو، صابر، سريش ڪمار ۽ ٻين پنهنجا نڪور نظم پڙهي داد وصول ڪيو. آخر ۾ وقتي صدر تقرير ۾ چيو ته سچو شاعر پنهنجي قلم جي زور سان مظلومن جي طرفداري ڪري ٿو ۽ قوم کي ست ننڊ مان جاڳائي بگڙيل تقدير سنواري ڇڏي ٿو. اهڙا سچا شاعر قوم جو سرمايو هوندا آهن.

”تحريڪ آزادي ۾ سانگهڙ جو حصو“ جي عنوان سان سيمينار، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/28)

سانگهڙ( سٽي رپورٽر) نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪر نبي بخش خان بلوچ چيو آهي ته مشرق وارا مغرب ۽ سامراج کان ايترو ته مرعوب آهن، جو اهي پنهنجون گهرون به پيش نٿا ڪري سگهن. اهو حال سڄي مشرقي دنيا جو آهي .ڪالهه سانگهڙ ثقافتي ميلي جي پهرئين ڏينهن تي ”تحريڪ آزادي ۾ سانگهڙ جو حصو“ سيمينار ۾ صدارتي خطاب ڪندي هن چيو ته، سانگهڙ جي انقلابي تاريخي تي سنڌ ۽ پاڪستان کي فخر آهي. هن چيو ته حرن جو ننڍي کنڊ جي آزادي ۾ وڏو حصو آهي. ڊاڪٽر بلوچ چيو ته 1890ع جي آزادي واري تحريڪ کي انگريزن عملدار ليوڪس منظم بغاوت ڪوٺيو ۽ حرن جي بهادري جي واکاڻ ڪندي چيو ته 4 سالن جي آپريشن دوران حرن جي بهادري ۽ مقصد سان لڳاءُ ڏسي آئون سندن عزت ڪرڻ لڳو آهيان. هن چيو ته اسان کي پنهنجي تاريخ سهيڙڻ گهرجي. ٻيلن واري صوبائي وزير مير محمد وساڻ اعزازي مهمان جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي سميينار جي مقصدن کي ساراهيو. سيمينار جو خاص مهمان مفتي محمد رحيم سڪندري هو، جڏهن ته حافظ ارشد انڍڙ ، بيگم ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر لائق زرداري، الهورايو بهڻ، اسحاق مڱريو ۽ ٻين مقالا پڙهيا. ميلي جي چيئرمين ڊاڪٽر امداد علي رضا سيهڙ آيل عالمن، دانشورن ۽ محققن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي ٻيلن واري وزير مير محمد وساڻ سانگهڙ ثقافتي ميلي جو افتتاح ڪيو. سنڌ جي ثقافت ۾ سانگهڙ جي حصي بابت هڪ سيمينار پڻ ٿيو.، جنهن جوخاص مهمان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جڏهن ته مفتي عبدالرحيم سڪندري صدارت ڪئي. ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا پڻ ٿيا، جنهن ۾ صوبائي وزير مير محمد وساڻ خاص مهمان هو. هن ان موقعي تي چيو ته سنڌ حڪومت راندين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڪوششون ڪري رهي آهي. نمائندي موجب ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر امداد علي رضا پڌرو ڪيو آهي ته سانگهڙ ثقافتي ميلو سومر 27 جنوري کان شروع ٿي ويو آهي، جيڪو 31 جنوري تي پڄاڻي تي پهچندو. هن ٻڌايو ته 28 جنوري تي حر تحريڪ ۾ عورتن جو حصو بابت سيمينارڊاڪٽر قمر واحد جي صدارت هيٺ ٿيندو، ۽ ساڳئي ڏينهن تي 3 وڳي ملاکڙو ٿيندو. جنهن جو خاص مهمان صوبائي وزير ثقافت غلام قادر ملڪاڻي هوندو، ۽ ان بعد مشاعري جي محفل ٿيندي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪندو ۽ اعزاز مهمان نورالهديٰ شاهه هوندي. 30 جنوري تي عوامي سازن جي چٽاڀيٽي، رات ثقافتي شو ٿيندو، جنهن جي صدارت مملڪتي وزير ڄام وزير اسماعيل راهو هوندو، جڏهن ته 21 جنوري تي ويرائٽي شو ٿيندو.

سانگهڙ جي انقلابي تاريخ تي سنڌ ۽ پاڪستان کي فخر آهي، حرن جو ننڍي کننڊ جي آزادي ۾ وڏو حصو آهي- مشرق وارا مغرب کان مرعوب ٿيل آهن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/28)

سانگهڙ( سٽي رپورٽر) نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيو آهي ته مشرق وارا مغرب ۽ سا مراج کان ايرو مرعوب آهن، جو اهي پنهنجون گهرون به پيش نٿا ڪري سگهن.  اهو حال سڄي مشرقي دنيا جو آهي. ڪالهه سانگهڙ ثقافتي ميلي جي پهرئين ڏينهن تي ”تحريڪ آزادي ۾ سانگهڙ جو حصو“ سيمينار ۾ صدارتي خطاب ڪندي هن چيو ته سانگهڙ جي انقلابي تاريخ تي سنڌ ۽ پاڪستان کي فخر آهي. هن چيو ته حرن جو ننڍي کنڊ جي آزادي ۾ وڏو حصو آهي. ڊاڪٽر بلوچ چيو ته 1890ع جي آزادي واري تحريڪ کي انگريزن عملدار ليوڪس منظم بغاوت ڪوٺيو ۽ 1942ع واري مارشل لا جي انچارج ليمبرڪ حرن جي بهادري جي واکاڻ ڪندي چيو ته 4 سالن جي آپريشن دوران حرن جي بهادري ۽ مقصد سان لڳاءُ ڏسي آئون سندن عزت ڪرڻ لڳو آهيان. هن چيو ته اسان کي پنهنجي تاريخ سهيڙڻ گهرجي. ٻيلن واري صوبائي وزير مير محمد وساڻ اعزازي مهمان جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي سميينار جي مقصدن کي ساراهيو. سيمينار جو خاص مهمان مفتي محمد رحيم سڪندري هو.

سچل ادبي ۽ سماجي سوسائٽي لاڙڪاڻو پاران ادبي رهاڻ، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/29)

لاڙڪاڻو (پ ر) سچل ادبي ۽ سماجي سوسائٽي لاڙڪاڻي پاران ادبي رهاڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت شاعر ضيا الدين ضياءُ ڪئي ۽ مهمان خاص نوجوان اديب مختيار سمون هو. پهرين نشست ڪهاڻين جي هئي، جنهن ۾ عنايت الله واصف ۽ محمد هاشم حامي پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون. ٻي نشست شاعرن جي هئي، جنهن ۾  ضياءُ الدين ضياءُ، مختيار سمون، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، محمود الحسن شرف، ڊاڪٽر ظاهر نوري، انيس گل عباسي، عنايت الله واصف، تبريز تونيو، امين انصاري، احسان دانش، فدا حسين فدا، ساٿي ميمڻ، ڪرم حسينڪرم ۽ روشن علي پنهنجا ڪلام پيش ڪيا. آخر ۾ مختيار سمون خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن دور ۾ ڪهاڻي ۾ معاشري جي موجوده اوڻاين ۽ سماجي مسئلن تي لکڻ جي ضرورت آهي ۽ محمد هاشم حامي جي ڪهاڻي ”سيمينار“ ۾ اهڙو عڪس نظر اچي ٿو.

سنڌ جي تاريخ تي چڙهيل دز لاهڻي پوندي، اسان جا مرد پٽڪو ٻڌي ۽ عورتون چادر اوڍي تاريخ جي کوجنا ڪن- سانگهڙ ثقافتي سيمينار کي ڊاڪٽرالانا ۽ ٻين جو خطاب، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/30)

سانگهڙ ( س ر) سانگهڙ ثقافتي ميلي نه صرف سانگهڙ جي عوام کي رونق بخشي آهي، پر پوري ملڪ جي عوام کي سانگهڙ ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ مهيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. اها ڳالهه مشهور اديب ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪالهه سيمينار ۾ سانگهڙ جي تاريخ جي آئيني ۾ موضوع تي صدارتي تقرير ڪندي چئي. هن چيو ته سانگهڙ جي حوالي سان حرن بابت جيڪا تاريخ لکي ويندي، ان ۾ ڪيترائي بابت ملندا. جيڪي اسان جو ڳاٽ به وڌيڪ اوچو ڪندا. اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اسان جا مرد پٽڪو ٻڌي ۽ عورتون چادر اوڍي ڳوٺ ڳوٺ وڃي تاريخ جي کوجنا ڪندا، جيڪڏهن انهن ائين نه ڪيو ته اها صرف سانگهڙ پر سانگهڙ ۽ سنڌ پر پوري برصغير سان ناانصافي ٿيندي. سانگهڙ ثقافتي ميلي ۾ جيڪي عنوان آهن، اهي پي ايڇ ڊي لاءِ چونڊي پي ايڇ ڊي ڪئي وڃي ۽ انهن تي وڌيڪ تحقيق ڪري سانگهڙ، سنڌ ۽ برصغير جي تاريخ ۾ جيڪي خال رهجي ويا آهن، انهن کي ڀرين. مهمان خاص وائيس چانسلر عبدالحميد سنڌي چيو ته اسان ميلا ۽ سيمينار ان ڪري منعقد ڪندا آهيون ته جيئن ورثي جا ورق دهرائي سگهون. اسين سنڌ جي شاندار تاريخ جي ورثي کي سنڀالڻ جي لاءِ نه رهيا آهيون، ۽ هاڻ چپ ڪري وهڻ ايندڙ نسل سان ظلم ٿيندو. اسان کي پنهنجي ورثي کي سنڀالڻ لاءِ ڌرتي، پاڻي ۽ ڪتاب پڪاري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ جي آئيني تي جيڪا دز چڙهيل  آهي. اها لاهڻي پوندي. اعزازي مهمان ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل چيو ته سانگهڙ ضلعي حر تحريڪ ۾ آزادي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان تي آئون سورهيه بادشاهه سندس حرن ۽ سانگهڙ واسين کي سلام پيش ڪريان ٿو. ان موقعي تي چيئرمين سانگهڙ ثقافتي ميلو ڊاڪٽر امداد علي رضا سيهڙ آيل مهمانن جو ٿورو مڃيو. ان کان اڳ حافظ ارشد انڍڙ، خدا بخش سيهڙ، حر موومينٽ جي ڪمانڊر ان چيف مٺو فقير جي پٽ محمد رمضان خاصخيلي، پروفيسر محمد خان ٻرڙو، گل حسن لغاري، لکمير ڏاهري، رسول بخش ملاح، غلام عباس مهر، الهڏنو سومرو، محمد بخش ڪنڀر سانگهڙ جي تاريخ تي روشني وڌي.

ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي ڪتاب ”مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص“ جي مهورت، (روزاني هلال پاڪستان 1992/02/03)

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سهڻي پبليڪيشن طرفان ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي ڪهاڻين جي ڪتاب مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص جي مهورت محترمه مهتاب راشديءَ هٿان 7 فيبروري تي شام جو 6 وڳي هوٽل آواري ۾ ٿيندي. جنهن جي صدارت سراج الحق ميمڻ ڪندو. جڏهن ته خاص مهمان رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر صالح ميمڻ  هوندا. انهي تقريب ۾ محترم علي احمد بروهي، شمشير الحيدري، قمر شهباز ۽ انعام شيخ ليکڪ جي شخصيت تي ڳالهائيندا، بعد ۾ زرينا بلوچ ۽ سرمد سنڌي راڳ پڻ ڳائيندا.

”مون ۾ آهين تون“ جي مهورت، (روزاني هلال پاڪستان 1992/02/03)

ڪراچي (پ ر) ناري ادبي سنگت پاران نوجوان شاعر اڪبر ساگر جي شاعريءَ جي ڪتاب ”مون ۾ آهين تون“  جي مهورت 5 فيبروري 1992ع تي شام جو 4 وڳي پاڪسستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ٿي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب قمر شهباز مهورت ڪندو. جڏهن ته مکيه مهمان امداد حسيني ۽ اعزازي مهمان سحر امدا هوندا. سنڌي ادب جي گهڻگهرن کي ان مهورت ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي.

ماهوار ”ويچار“ شايع ٿي ويو، (روزاني هلال پاڪستان 1992/02/03)

ڪوٽڙي (پ ر) هتان شايع ٿيندڙ ماهوار ”ويچار“ جو تازو پرچو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. منصور قادر جوڻيجو جي ادارت هيٺ نڪرندڙ هن رسالي ۾ جي ايم سيد جو اهم مضمون، هيمون ڪالاڻي، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ فاضل راهو جي شخصيتن تي ليک، سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ٿيندڙ سازشن ۽ ٻين موضوعن تي لکيتون شامل آهن.

ماهوار “پروڙ“ جو نئون پرچو، (روزاني هلال پاڪستان 1992/02/05)

ڪراچي (پ ر) ماهور پروڙ جو نئون پرچو چند ڏينهن ۾ پڌرو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نديم گل عباسي جو تجزيو ”ڇا مارچ کان اڳ ڊبل مارچ ٿي ويندو؟“ سنڌيءَ جي مشهور شاعر لڇمڻ ڪومل سان ڳالهه ٻولهه، شيخ اياز، موهن ڪلپنا، انعام شيخ، حسن درس، ڪليم لاشاري، آڪاش انصاري ۽ ٻين جون لکڻيون شامل آهن.

Good Wishes