Dr Dur Muhammad Pathan Sindh Pakistan
سماجي جماعتن ۽ حالتن جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر
(الف) مڊل ڪلاس جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر:
(ب) ڪراچي جي “لوئر ڪلاس” جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر:
بين الاقوامي سامراجي مفادن جو ٽڪر:
دنيا جي پهرين ڪميونسٽ ملڪ جي قيام جو اثر:
تعليمي ترقي ۽ ان جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر
انگريزن جي تعلمي پاليسي جو اثر:
انگريزن جي دور ۾ ڪراچي تعليمي ترقي:
سنڌي ٻولي ۽ تعليمي ترقي لاءِ غير سرڪاري ڪوششون:
تعليمي ترقيءَ جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر:
مختلف مذهبن جو سنڌي ٻوليءَ ۽ علم و ادب تي اثر
مذهبي ڇڪتاڻ جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر:
سياسي حالتن جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر:
سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ
ڀلي ته اسان جو معجزن ۾ ايمان نه هجي، پر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ جي ڪهاڻي ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونه آهي. هن ڏيهه پنهنجي تاريخ مطابق ڏاڍا ڌکيا ڏينهن ڏٺا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ صدين کان وٺي هن ڌرتيءَ تي آزادي ۽ غلاميءَ جي اک ٻوٽ پئي هلي آهي. هتان جي رهواسي چڪور جيان ڪنهن ڏوراهين چنڊ سان محبت ڪندا رهيا آهن . هن ڌرتيءَ تي ڄمندي ۽ هن ڌرتيءَ تي مرندي به ڪيترن جي محبت جا ڪعبا قبلا پنهنجي ڌرتي کان پري تمام گهڻو ڏور ڪڏهن اڀ ۾ ته ڪڏهن اوڀر ۾، ڪڏهن اتر ۾ ته ڪڏهن اولهه ۾ رهيا آهن. هو پنهنجي نسل کان وٺي نظرين ت ائين، پنهنجي ڌرتيءَ سان رشتي ناتي جوڙڻ ۾ عار محسوس ڪندا آيا آهن. ان ڪري تاريخ ٻڌائي ٿي ته هتان جي آزادي ۽ غلامي جو اونو هر دور ۾ آنڱرين تي ڳڻجڻ جيترن کي رهيو آهي. جن مان ڪيترا ته قوم جو مقدر به بدلائي نه سگهيا_ ان ڪري مقدر سندن آزاديءَ ۽ غلاميءَ جو فيصلو ڪيو آهي. کين پنهنجي باهمي اختلافن ڪري ڏک ڏسڻا پيا ۽ آزاديءَ جهڙي انمول سوغات وڃائڻي پئي ۽ ڀاڳن ڪري غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ملندو رهيو. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد جو پس منظر به اسان جي وڏڙن جي باهمي اختلاف ٻڌل آهي. اهوئي سب آهي جو چيو ويندو آهي ته : “ميرن کي گهران لڳي” مير هجن يا ڪلهوڙا پير، سومرا هجن يا سما هر دور جو آغاز حادثي يا اتفاق سان ٿيو ۽ هر دور جي پڄاڻي اختلافن سان ٿي. انهن اختلافن مان ئي اسان لاءِ غلامي ڪر کڻي ايندي آهي.
اسان جي تاريخ ۾ “انگريزن جو دور” به ائين ئي آيو. غلامءَ جو هرڪو دور اسان جي تاريخ تي اڻ مٽ اثر ڇڏيندو رهيو آهي. انگريزن جي دور اسان جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي جيڪي اثر وڌا، انهن جي جهلڪ هن ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي . سنڌ جي تاريخ جيان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ جي ڪهاڻي به عجيب آهي. اسان جا سمورا عالم ۽ محقق سنڌي ٻوليءَ جي عظمت جا قائل ته ضرور آهن، پر ان جي قدامت لاءِ ڪنهن به سائنسي نيادن تي ٻڌل راءِ قائم نه ڪئي پر لڳ ڀڳ هرهڪ عالم جي اهڙيءَ راءِ تي “مذهبي” “نسلي” يا “نظرياتي” رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو.
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ ٻڌائيندي، اسان جي محققن ٽن دورن کي وڏي اهميت ڏني آهي. اهي آهن: سومرن جو دور”، “ڪلهوڙن جو دور” ۽ “انگريزن جو دور” . مقدار خواهه معيار جي لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب انهن دورن ۾ بي مثال ترقي ڪئي. غور سان ڏٺو ويندو ته انهن دورن ۾ انسان کي ڪيتريون هڪ_ جهڙايون به نظر اچن ٿيو، جهڙوڪ :
1- ٽنهي درون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ تي ڪم ٿيو. سومرن جي دور ۾ خوابن جي روحاني رهبر “چاليهه اکري” ٺاهي، ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم ابوالحسن “عربي سنڌي لپي” جوڙي ۽ انگريزن جي دور ۾ بارٽل فريئر جي ڪوششن سان انهيءَ لپي ۾ سڌارا ۽ واڌارا آندا ويا.
2- انهن ٽنهي دورن ۾ سنڌيءَ جي لپي “لسانيات” جي بنيادن تي نه، پر مذهبي عقيدت ، پرچار يا دٻاء جي اثر هيٺ ٺاهي وئي. خوابن جي روحاني رهبرن کي مذهبي پرچار ڪرڻو هو. ساڳيو مسئلو مخدوم ابوالحسن کي پڻ پيش آيو. هن کي مذهبي عقيدت ائين ڪرڻ تي آماده ڪيو. اهڙي نموني سان انگريزن جي دور ۾ وري مسلمانن جي اڪثريتي مذهب کي ڌيان ۾ رکي سنڌيءَ لاءِ “ديونا گري لپي” منظور نه ڪئي وئي.
3- ٽنهي دورن ۾ “لپيءَ” کي غير لسانياتي بنيادن تي ٺاهيندي به تعليم جي هڪ اهم اصول جو منهن مٿي ڪيو ويو ته جيڪڏهن انسان کي جهالت مان ڪڍڻو آهي ۽ هن کي علم جي نور سان سينگارڻو آهي ته پوءِ هن لاءِ تعليم جو بندوبست سندس “مادري زبان” ۾ ڪرڻو پوندو. انگريزن جي دور ۾ ته انهي اصول تي عمل پڻ ڪيو ويو. سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ تعليمي ٻولي بڻايو ويو.
6- ٽنهي دورن ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب ۾ وسعت آئي . سومرن جي دور ۾ سنڌيءَ جي لساني جاگرافيءَ جون حدون وڌيون ۽ علم ادب ۾ نئين صنفن ۽ موضوعن جو اضافو ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ پڻ ائين ٿيو. اسان جي علم ادب کي نوان موضوع مليا ۽ ان جي صنفن ۾ واڌارو آيو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي مشرقي خواهه مغربي ٻولين ۽ انهن جي علم ادب کان استفادو ڪيو. ٻوليءَ ۾ نوان لفظ آيا ۽ نت نئين صنفن جو اضافو ٿيو.
انگريزن جي دور، پوءِ به ڪيترين ڳالهين ۾ سومرن ۽ ڪلهوڙن جي دور کان مختلف ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو. سڀ کان اهڪ ڳالهه هيءَ آهي ته سومرن ۽ ڪلهوڙن جو دور ڏيهي حڪمرانن جو دور هو. پر انگريزن جو دور “ڌارين جو دور” هو. ان ڪري ادب جو ڪارج ۽ ادب جا مقصد پڻ مختلف رهيا. “سومرن جي دور” ۾ حڪمران طبقي اختيار ۽ اقتدار جي مسئلي تي قوم کي گهرو لڙائي جي منهن ۾ ڏئي ڇڏي ۽ اهڙين حالتن ڌارين کي ڌرتي ڀيلڻ جو موقعو ڏنو. ان ڪري ٽنهن دور ۾ “قومي اتحاد” ئي ادب جو اهم مقصد بڻيو. سمن جي دور ۾ ساڳين حالتن کي ورجايو ويو ۽ سنڌ جي “قومي آزادي” کي خطرو لائق ٿيو ۽ ادب کي نئون مقصد ۽ نئون موڙ مليو. انگريزن جو دور “نج ڌارين جو دور” هو. ان ڪري “ڌارين کان ڇوٽڪارو وٺڻ” ئي سنڌي ادب جو اهم مقصد رهيو. پر جئين ته ڌارين پنهنجي حڪومت جو بنياد ئي رئيو “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي حڪمت عمليءَ تي ان ڪري ادب کي گروهي، نسلي ۽ مذهبي مفادن جي بچاءَ يا پرچار جو ذريعو پڻ بڻايو ويو.
“ڌارين جي راڄ” هڻن ڪري ، تنهن دور ۾ سنڌ جا ثقافتي، سماجي ۽ اخلاقي قدر پڻ سگهيا پر اهو دور واپس ورائڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي. تعليم جي ترقيءَ ۽ مسلمان مذهبي عالمن جي رويئي سبب غير مسلم طبقو نئون سماج جنم وٺڻ لڳو اهڙين حالتن پڻ نون قدرن، نظرين ۽ اصولن کي جنم ڏنو جنهن جي روشنيءَ ۾ سنڌي علم ادب کي پنهنجي وقت جو تقاضائون به پوريون ڪرڻيون پيون.
انگريزن جي دور ۾ لپيءَ جي سڌاري، ڇپائيءَ جي انتظام ۽ سنڌي جي تعليمي اهميت جي نتيجي ۾ ڪيترا اشاعتي ادارا قائم ٿيا. علمي ادبي جماعتون جڙيون، اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا. علم ادب ۾ مشرقي خواهه مغربي ادب جي صنفن جو واڌارو ٿيو. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب مقدار جو خواهه معيار جي لحاظ کان مثالي ترقي ڪئي.
هن دور ۾ سنڌ باقي دنيا لاءِ “بند ڪتاب” نه رهي. سنڌواسي تعليم ۽ تجارت سبب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويا. ان کان سواءِ ٻن مهاڀارين لڙائين ۾ کين سڌيءَ طرح شامل ٿيڻ جو م وقعو مليو. هنن جبان، جرمني، روس ۽ ترڪيءَ جي حالتن کي نه فقط ڏٺو، مگر انهن کي محسوس ڪيو ۽ اثر قبول ڪيو. اهي ڳالهيون پڻ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿيون.
انهن ڳالهين ڪري انگريزن جو دور اسان جي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، هن دور جو مطالبو اسان جي ڪيترن سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿو. جيئن ته هي دور ڪو “ماضي بعيد” نه آهي. پر ان دور جون ڪيتريون ڳالهيون، ڪيتروين حالتون ۽ ڪيترا اثر اسان پنهنجي دور ۾ محسوس ڪري رهيا آهيون . ان ڪري انگريزي دور جو مطالعو ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ اسان لاءِ مفيد ٿي سگهي ٿو.
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي مختلف کيترن ۾ ڇٽيل ٻج هاڻي وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. انڪري وقت اچي ويو آهي ته ان وڻ جي فائدن ۽ ميوي جي مزي جو به اندازو لڳائجي. هاڻي اسان کي ڏسڻ گهرجي ته ڪوئي انهيءَ وڻ جي ڇانو ۾ وسرام به ڪري ٿو يا مالهيءَ اهو وڻ اهڙي هنڌ تي پوکيو آهي، جتان بني بشر ته ڇا پر پکي پکڻ جو به گزر نه ٿو ٿئي. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته پاڻ اهو به ڏسئون ته هن وڻ ۾ ڪو هڳاءَ به آهي يا ڪنهن پٽ جو سهڻو ٽوهه بڻيو بيٺو آهي.
پاڻ اٺ پکيءَ جيان ڀلي ته پنهنجي وڪالت ڪندا رهون ۽ خوش فهميءَ ۾ مبتلا ٿيندا رهيون. پر هن حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته جيڪڏهن ادب ، سماج جو نقاد آهي ۽ سماج جي برائين تان پڙدو هٽائي ٿو، ته اهڙيءَ صورت ۾ سماج پڻ اديب، قلم_ڌڻي/ڏات_ڌڻي جي شخصيت ۽ ڪردار کي ڏسي ۽ پرکي ٿو. هو فوٽ پٽي کڻي قلم_ ڌڻي ۽ پنهنجي وچ واري مفاصلي کي ماپي ٿو ۽ ڏسڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته اديب ، شاعر، ليکڪ ، صحافي، سگهڙ ۽ دانشور کيس عملي دنيا ۾ ڪيترو ويجهو يا ڪيترو پري آهي. اهڙِ نموني سان هو دوربيني کڻي ڏسي ٿو ته جنهن قدر، نظريئي يا اصول جي قلم_ڌڻي تبليغ ۽ تائيد ڪري رهيو آ هي. ان تي پاڻ ڪيترو عمل ڪري ٿو ۽ ان سان پاڻ ڪيترو سچو آهي.
سامراجي سازش هجي يا قلم_ڌڻي جي شخصيت ۽ ڪردار جو عمل دخل هجي. پر هيءَ حقيقت آهي ته اڄوڪو عوام گهڻيءَ حد تائين پنهنجي عالم، اديب، ليکڪ، شاعر، صحافي، سگهڙ ۽ دانشورن کان خوش نه آهي. کيس هن لاءِ شديد اعتراض، ڏک ۽ ميارون آهن . اڄ جو ڏات_ڌڻي عوام کي اهڙن جوابن ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهي. ان ڪري اڄ اها وقت جي تقاضا آهي. ته ڏات_ڌڻي/قلم_ڌڻي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ۽ پنهنجي ادب کي آئينو بڻائي پنهن جي صورت ۽ سيرت کي مائروئڙن لائق بڻائي.
انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته قلم، قلم_ڌڻي ۽ قلمي پورهئي جي حيثيت، اهميت ۽ افاديت جو جائزو ورتو وڃي. انهيءَ جائزي وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو ڏٺو وڃي ته :
1- مقدار ۽ معيار جي لحاظ کان اطمينان بخش: اسان جو علم ادب سنڌي سماج ۽ سنڌ واسين جي آئيندي تي به اثر انداز ٿيندو رهيو آهي يا نه؟ هن هيتري ساري ادبي پورهئي مان ڪنهن به ادبي شهپاري ماڻهن جو مقدر به بدلايو آهي يا نه؟ اسان جي لافاني قدرن کي اجاگر به ڪيو آهي يا نه ؟ سنڌي نفسيات ۽ فلفسي کي واضع ڪري گهيو آهي يا نه؟
جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب نفي ۾ اچي ٿو ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ اهي ختم به ڪري سگهجن ٿا يا نه؟
2- قلم جي ڪارج ۽ قلم_ڌڻي جي حيثيت وقت ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ تبديل تيندي رهي ٿي يا انهن ۾ ڪڏهن به مٽ سٽ ٿيڻي ڪانهي. جيڪا جيڪڏهن مٽ سٽ ٿئي ٿي ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن.
3- ادب ۽ سماج جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو ناتو آهي. ادب سماج جو مطيع آهي يا نه؟ ادب وقت ۽ حالتن کي ڪيئن متاثر ڪري ٿو ۽ وقت جون حالتون ان تي ڪيئن اثر انداز ٿين ٿيون. سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو رهيو آيو؟
4- اديب ۽ ماحول جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو ٿئي ٿو يا ڪهڙو لاڳاپو هئڻ گهرجي؟ اديب، ماحول مان ڇا حاصل ڪري ٿو ۽ ماحول کي ڇا ڏئي ٿو. سماج ۾ هن جي ڪهڙي حيثيت هئڻ گهرجي؟ هو قدرن ۽ نظرين جو مبلغ آهي يا خالق آهي. هن کي اهي قدر يا پنهنجو پيغام علمي صورت ۾ ڏيڻ گهرجي يا عملي صورت ۾ .
انهن سوالن جي اطمينان بخش جوابن لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن به هڪ دور کي مثال بڻائي، ان دور جي “ادب ۽ ماحول” جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي. منهنجو هي قلمي پورهيو انهيءَ ڏس ۾ هڪ نماڻي ڪوشش آهي . جنهن جا مقصد آهن ته :
1- اهڙا طريقا ۽ ذريعا جوڙيا وڃن، جن کي مثال بڻائي ۽ جن مان استفادو ڪري هن کان اڳ اٿاريل مکيه سوالن جا جواب تيار ڪري سگهجن .
2- اهي طريقا ۽ ذريعا اصولن پٽاندڙ جوڙيا وڃن ۽ جيئن سنڌي تخليقي ۽ تحقيقي ادب ۾ پيل ٿيل خلا ڀرجڻ لڳي ۽ تحقيقي معيار مطابق سنڌي ۾ عام ڪتاب پڻ لکيا وڃن.
3- سنڌي ادب جي مکيه مسئلن يا وقت به وقت ٿيندا ٿيندڙ مسئلن تي جذباتي، نظرياتي يا گروهي بنيادن مطابق راءِ ڏيڻ بدران نج عملي، ادبي، تنقيدي ۽ تحقيقي بنيادن مطابق انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو ماحول پيدا ٿئي.
منهنجو هي ڪتاب تخيلق نه پر محبت_هاڻي تحقيقي محنت جو نتيجو آهي. مون هن ڪم جي پورائي لاءِ جيڪي ذريعا ڪم آندا آهن ۽ طريقا اختيار ڪيا آهن، انهن جو اختصار پيش ڪرڻ به ضروري ڄاڻان ٿو :
(الف) ذريعا : انگريزن جو دور هن ڪتاب جي جي ليکڪ جيتوڻيڪ پنهنجي اکين سان نه ڏٺو، پر پوءِ به اهو “ماضي قريب” جي حيثيت رکي ٿو. هن دور جون ڳچ جيتريون مشهور علي ع لمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون اڃا به زندهه آهن ۽ انهيءَ دور جو ڪافي قلمي پورهيو اڃا موجود آهي.
ڪتاب لکندي ليکڪ ٻنهي ذريعن: شخصيتن جي راءِ ۽ تنهن دور جي ڇاپي ادب مان فائدو ورتو آهي. جيتوڻيڪ انگريزن جي دور جي ڪنهن به شخصيت کان با ضابطه طور تي ”انٽرويو” نه ڪيو ويو آهي، پر ان هوندي به ڪيترين شخصيتن سان سالن جا سال گڏ گذارڻ يا ويجهي رهڻ ڪري ڪي تاثر ضرور قائم ڪيا آهن. جيئن ته اهي سموريون شخصيتون انگريزي دور ۾ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ فعال رهيو ۽ هنن سڌي خواهه اڻ سڌيءَ طرح انگريزن کان ڇوٽڪاري وٺڻ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو. ان ڪري کين پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي دور جي قلمي پورهئي لاءِ عزت ۽ احترام آهي ۽ هو ان تي فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪن ٿا، سندن خيال مطابق انگريزن جي دور ۾ “انگريزن کان چوٽڪارو” سڌي ادب پنهنجو اهو ڪارج ڀرپور نموني سان پورو ڪيو.
هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مکيه ذريعو ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن کي بڻايو ويو آهي. ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن مان جتيري قدر استفادو ڪيو ويو آهي. ان جي نشاندهي ٻن طريقن سان هن ڪتاب ۾ ڪئي وئي آهي . پهرين طريقي موجب هر هڪ باب جي آخر ۾ انهن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جا حوالا ڏنا ويا آهن . ٻئي طريقي موجب حوالن ڏيڻ بدران ڪنهن واقعي يا جماعت جي کاتي ۾ ڪتابن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن .
جيئن ته واقعن ۽ جماعتن جي کاتن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڏنا ويا آهن، ان ڪري اهڙن ڪتابن جا حوالا ڏيڻ يا کين ببليو گرافي ۾ شامل ڪرڻ سان هن ڪتاب (“ادب ۽ ماحول”) جي خواهه مخواهه ضخامت وڌي وڃي ها .
ساڳي نموني سان ڪتاب جو آخري باب، جيڪو پنهنجي ليکي انگريزي دور جي سياسي تاريخ جي جهلڪ جهڙي حيثيت رکي ٿو، باقي ٻين بابن جي ڀيٽ ۾ ضخيم هوندي به گهٽ حوالن سان سينگاريل نظر ايندو. جنهن جا ٻه سبب آهن :
پهريون ته اها معلومات انگريزي اخبار “ڊيلي گزيٽ” جي اڻ ڳڻين پرچن ۽ ڪيترن ڪتابن مان ورتي وئي آيو.. انهن سمورن حوالن ڏيڻ سان ڪتاب ۾ ويهارو کن صفحا وڌيڪ شامل ڪرڻا پون ٿا ۽ ڇپائي جو اجايو خرڇ برداشت ڪرڻو پئي ها. ان جو ٻيو سبب هي آهي ته انگريزي دور جي سياسي حالتن ۽ پارٽين تي منهنجي تحقيق مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪي آهي. انهيءَ پنهنجي اڳوڻي تحقيق مان، پنهنجي ڪتاب “سنڌ ۾ سياسي چرپر” جي مقدمي مان گهڻو استفادو ڪيو ويو آهي. ان ڪري پنهنجي ئي ڪتاب مان حوالا ڏيڻ مناسب نه لڳو.
(ب) طريقا : هن قلمي پورهئي لاءِ انگريزن جي دور (1843 کان 1947 تائين) کي مثال طور کڻي، ڪراچي کي “ڪيس اسٽڊي” بڻائي، انهيءَ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته “آدب” ۽ “ماحول” مان ڪهڙي ڌر وڌيڪ اثر رکي ٿي، سموري ڪم جو پورائو فقط “ڪتاب بنيءَ” مان ڪيو ويو آهي ۽ تحقيق جا ٻيا مکيه طريقا جهڙوڪ “انٽر ويوز” ۽ “سوالنامي ذريعي معلومات وٺڻ” وغيره کي لم آئڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي .
“ڪتاب بينيءَ” مان جيڪا معلومات حاصل ڪئي وئي آيو. ان کي جيئن جو تيئن بابن جي صورت ۾ هن ڪتاب ۾ “متن” طور ڏني وئي آهي. حاصل ڪيل انهيءَ معلومات جي تجزيئي ڪرڻ جو ڪم پڙهندڙن جي حوالي ڪيو ويو آهي، البت اخذ ڪيل نتيجن کي مثال ڏيڻ کان سواءِ هن ڪتاب جي “مقدسي” ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
(ت) حد بنديون : هي قلمي پورهيو لامحدود نه پر هڪ “محدود مطالعي” جي حيثيت رکي ٿو. جنهن جي حدبندي هن ربت ٿئي ٿي :
1- هن ڪتاب ۾ فقط انگريزن جي دور (1943 کان 1947) کي مثال طور کنيو ويو آهي.
2- هن مطالعي لاءِ ڪراچي کي ڪيس اسٽڊي بڻائي، ان شهر جي تڏهوڪي علمي، ادبي، سماجي، تعليميءَ ۽ سياسي ماحول کي ڌيان ۾ رکيو ويو آهي . ڇو نه ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي جي حيثيت حاصل هئي (۽ آهي) ۽ هتان جي حالتن سموريءَ سنڌ کي پئي متاثر ڪيو .
ڪتاب جي شروعاتي ٽن بابن ۾ انهيءَ سبب ڪري، ڪراچي ۾ قائم ٿيل تنظيمن ۽ جماعتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ حساب سان سنڌي ادب جي کاتي بندي به ڪئي وئي آهي. يعني ته انهن بابن ۾ اڪثر ڪري اهڙن ڪتابن جا نالا ويا آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ لکيا يا ڇپيا ويا هئا.
4- ڪتاب جو آخري باب، جيئن ته “سياسي حالتن” جي جهلڪ ڏئي ٿو ۽ مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سموري سنڌ جون سياسي حالتون هڪ جهڙيون رهيون. ان ڪري هن باب ۾ ڪراچيءَ بدران سموريءَ سنڌ کي ڌيان ۾ رکي سنڌ اندر لکيل يا ڇپيل ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي کاتي بندي ڪئي وئي اهي.
5- تنهن دور جي قلمي پورهئي مان فقط نثر واري حصي جي کاتي بندي ڪئي وئي آهي ۽ شاعريءَ لاءِ رڳو ضرورت وقت شاعرن جا نالا ڏنا ويا آهن.
6- هن قلمي پورهئي ذريعن “ادب ۽ ماحول” جي رشتي ناتي سمجهڻ لاءِ، تنهن دور جي قلمي پورهئي جي کاتي بندي ته ڪئي وئي آهي، پر “ادب” يا “ماحول” جي اثر پذيريءَ جا “ادب يا قلمي پورهئي” مان مثال نه ڏنا ويا آهن.
مثال طور “مذهبي ڇڪتاڻ” وارين حالتن جو ذڪر ڪندي اهو ته ٻڌايو ويو آ هي ته حڪم فتح محمد سيوهاڻي ”فتح محمدي” ڪتاب لکيو. پر ان ڪتاب مان ڪي ٽڪرا مثال طور نه ڏنا ويا آهن. اهڙي نموني جيئن “خلافت تحريڪ” دوران جيڪو “خلافتي ادب” پيدا ٿيو. ان جي نشاندهي ته ڪئي وئي آهي، ليڪن اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته شاعرن ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيئن شعر چيا ويا ڪتابن ۾ ڪهڙو ڪهڙو مواد هو. ان ڪري هيءَ قلمي ڪوشش فقط تنهن دور جي “قلمي پورهئي” جي ماحول، واقعن ۽ جماعتن مطابق کاتي بندي جي حيثيت رکي ٿي.
جيئن ته اسان اڃا سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تحفظ ۽ ترقيءَ واري علمي دور مان گذري رهيا آهيون ، ان ڪري اسان جي قلمي ڪاوشن تي اڪثر ڪري ترتيب، سهيڙ، تاليف ۽، تصنيف ۽ تنقيد جو رنگ چڙهيل ٿئي ٿو . پر “تحقيقي نوعيت” جا ڪتاب آنڱرين تي ڳڻجڻ جيترا به شايع نه ٿا ٿين . جيڪڏهن ائين چئجي ته اسان وٽ تحقيقي ڪتاب لکيا ۽ ڇپيائي گهٽ ٿا وڃن ته، ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو .
تحقيق جي کاتي فقط اهي ڪتاب اچي سگهن ٿا ، جن ۾ ڪنهن هڪ مسئلي کي کنيو وڃي. ان بابت قائم ٿيل مختلف راين ۽ خيالن جي چٽا ڀيٽي ڪئي وڃي. پوءِ پنهنجي ۽ پرائي مشاهدي خواهه تجربي، ۽ پنهنجي مطالعي جي آڌار تي معلوماتي ذريعن ۽ وسيلن مان “ڪچو مواد” حاصل ڪيو وڃي. پوءِ انهيءَ معلوماتي مواد جي تصديق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، قائم ڪيل مفروضن، راين ۽ خيالن کي ڀيٽيو وڃي. آخر ۾ ان ڀيٽ جي بنياد تي انهن مختلف مفروضن، راين ۽ خيالن جي ترديد يا تئيد ڪري، ڪنهن هڪ نتيجي تي پهچجي.
هي قلمي پورهيو هڪ ئي وقت تي “سروي رپورٽ” “سنڌي ادب جي کاتي بندي” ۽ “تحقيقي ڪاوش” جو گڏيل روپ آهي. “سروي رپورٽ” انهيءَ لحاظ کان ته هن ڪوشش ذريعي انهيءَ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته “وقت جي حالتن ڪيتري قدر سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو آهي. هن ڪم کي “سنڌي ادب جي کاتي بندي” ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو قلمي پورهيو جيڪو وقت جي مختلف حالتن هيٺ لکيو ويو آهي، ان کي انهن حالتن ۽ واقعن جي کاتي ۾ شامل ڪيو ويوآهي . هي ڪم انهيءَ ڪري “تحقيقي نوعيت” جو چئي سگهجي ٿو جو ان ۾ مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ مختلف حالتن، واقعن، جماعتن ۽ تنظيمن جي ڄاڻ، کوجنا جي بنياد تي هٿ ڪئي وئي آهي.
هيءَ قلمي ڪاوش اسان جا ٻه ڪارج پورا ڪري ٿي. ڪتاب جو پهريون حصو، جيڪو “مقدمي” تي ٻڌل آهي: ان ۾ ڪن اهم سوالن کي اٿاري ليکڪن ۽ پڙهندڙن جو توجهه ڇڪرايو ويو آهي. انهن ئي سوالن جا مختصر جواب ڏئي. ڪتاب جي “متن” کي تصديق ۽ شاهدي طور پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو “متن” وڌيڪ مطالعي لاءِ راهون به کولي ٿو ۽ ڪنهن به دور جي ادب جي کاتي بندي ڪرڻ مثالي حيثيت پڻ رکي ٿو .
هيءَ قلمي ڪاوش اسان لاءِ انهيءَ ڪري به اهميت رکي ٿي ته ان کي “موضوعاتي ڪتاب” بنائي، ڪنهن موضوع يا ڳالهه جي وضاحت، وڪالت، ترديد يا تائيد ڪرڻ بدران، تحقيقي انداز اختيار ڪري هڪ اڌ مسئلي تي وڌيڪ مطالعي ڪرڻ لاءِ معلومات گڏ ڪئي وئي آهي.
ڪتاب جي متن مان انهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب دل ترقي ڪئي. زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ سنڌ واسين پنهنجي ٻولي ۽ علم ادب جي خذمت ڪئي، پنهنجي زبان کي ترجيح ڏني ۽ ان کي ئي پنهنجي خيال جي اظهار جو ذريعو بڻايو. جيتوڻيڪ انهيءَ دور جي لکيل پڙهيل ماڻهن انگريزي زبان جي تعليم ورتي، پر پنهنجي ئي مادري زبان ۾ لکيو . ڪتاب جو متن انهيءَ ڳالهه جي به تصديق ڪري ٿو ته وقت جي سماجي، تعليمي ، مذهبي ۽ سياسي حالتن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر ڇڏيو ، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ “نج ادب” “نظرياتي ادب” ۽ “سياسي ادب” جو اضافو ٿيو . ڪتاب جي هن متن ۽ انگريزن جي دور جي حالتن کي ڌيان ۾ رکي انهن سوالن جا جواب پڻ تلاش ڪري سگهجن ٿا . جيڪي هن ئي مقدمي ۾ اٿاريا ويا آهن :
1- ادب ۽ ماحول : ادب ، “قوميت” ۽ “ڪلچر” جي جز يا عنصر جي حيثيت رکي ٿو . “قوميت” جي وصف ٻڌائيندي ، علم سياست جي عالمن “ٻولي” کي “قوميت” جو عنصر ٻڌايو آهي . ٻولي ، ادب کي جنم ڏئي ٿي ۽ ادب ٻولي کي ترقي وٺرائي ٿو . اهڙي نموني سان “ڪلچر” جي علم جي ڄاڻن “ادب” کي به مذهب وانگر “ڪلچر” جو جز ڄاڻايو آهي . ان ڪري ڪلچر ، ادب جي تخيلق ڪري ٿو ۽ ادب ڪلچر جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو باعث بڻجي ٿو .
بنهه اهڙو رشتو “ادب” ۽ “ماحول” ۾ موجود هوندو آهي. ادب ماحول، وقت ۽ حالتن کان ڪچو مال وٺي، انهن جو اثر قبول ڪري ٿو ۽ انهن ٿي اثر انداز ٿئي ٿو . ٿلهي ليکي هرهڪ دور ۾ ٽن قسمن جو ادب پيدا ٿيندو رهندو آهي . “وقت ۽ حالتن جي پيداوار” ، “وقت ۽ حالتن جي اثر جيجهلڪ ڏيندڙ” ، ۽ “وقت ۽ حالتن کان بي نياز ادب” “وقت ۽ حالتن جو پيدا ٿيل ادب” ڪنهن دٻاء يا رد_عمل طور جنم وٺندو آهي. مثال طور انگريزن جو دور غلامي، بي چيني، غربت، ڏاڍ ۽ اختلافن جو دور هو. زندگيءَ جا مختلف شعبا (معيشت، سماجي حالتون، مذهب، تعليم ۽ سياست) ڌارين جي راڄ ڪري بريءَ طرح مجروع ۽ متاثر ٿي رهيا هئا . جيتوڻيڪ عام حالتن ۾ زندگيءَ جي انهن مختلف شعبن جي الڳ حيثيت ۽ اهميت ٿئي ٿي . پر اهي وقت جون حالتون ئي آهن ، جيڪي کين الڳ به رکن ٿيون ۽ ڌار به رکن ٿيون .
بنهه ائين جيئن معمولي حالتن ۾ وات ، هٿن ۽ ڄنگهن جو ڪم الڳ الڳ ٿئي ٿو . پر ويڙهائيند ۾ “وات” سان دشمن کي چڪ پائي سگهجن ٿا .“هٿن” سان وڙهي سگهجي ٿو، “ڄنگهون” لتن هڻڻ لاءِ ڪم اني سگهجن ٿيون، ۽ “مٿي” سان ٽڪر هڻي سگهجن ٿا. اهڙي نموني سان ڏاڍ ، ڏمر ، بک ، بيروزگاري استحصال ، غلامي ۽ بدامنيءَ وارين حالتن ۾ زندگيءَ جي سمورن شعبن جي حيثيت بدلجي ويندي آهي . خطري وارين سياسي، سماجي، مذهبي، اقتصادي ۽ تعلمي حالتن ۾ قلم جي ويڙهه مخصوص انداز اختيار ڪري ٿي ۽ اهڙو ادب يا “قلمي پورهيو” تخليق ڪري ٿي، جيڪو وقت ۽ حالتن جي پيداوار هوندو آهي . هنن حالتن ۾ ادب زندگيءَ جي مختلف شعبن جي قدرن، نظرين ۽ اصولن جي تحفظ ۽ تبليغ جو ذريعو بڻجي ويندو آهي انهيءَ حقيقت جي ثابتي اسان کي هن ڪتاب جي “متن” مان پڻ ملي ٿي.
اهڙين ئي ابتر حالتن ۾ قلم_قبيلي جو ڪجهه حصو ملازمت، ذريعه معاش، غلط فهمين، روشن مستقبل بابت غير يقيني وارين مجبورين، قيادت جي اڻ هوند، باهمي اختلافن ۽ گروهي تضادن وارين حالتن کان متاثر ٿي وچٿري، مبهم يا غير جانبداري تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪندو آهي. ان ڪري سندس قلمي ڪاوشن تي تمثيلن ۽ تشبيهن جو رنگ چڙهيل هوندو اهي، هن جو قلمي پورهيو وقت ۽ حالتن جي پيداوار ته نه هوندو آهي، پر ان تي وقت ۽ حالتن جو اثر ضرور چڙهيل نظر ايندو آهي. اهڙو “قلمي پورهيو” ۽ اهڙا “قلم_ڌڻي” جيئن وڌندا ويندا، تيئن تيئن “عوام ۽ اديب” ۽ “عوام ۽ ادب” جي وچ ۾ خليج پڻ وڌندا ويندا. انهيءَ وقت “ادب” جيان “اديب” جي شخصيت، حيثيت ۽ اهميت به اوکي ۽ نه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ٿيندي ويندي. عوام جيڪڏهن اهڙي “اديب” جي روحاني راز يا اصلي معنيٰ کي سمجهي به ويندو ۽ قلم_ڌڻيءَ جي اشارن جا مطلب به ڪڍي ويندو، ليڪن “تخليق” ۽ “تخليق ڪار” جي وچ ۾ ڪوبه لڳايو ڏسي نه سگهندو. هنن حالتن ۾ قلم_ڌڻي فقط “ناصح” بڻجي وڃي ٿو ۽ اهڙيون نصحتون ڪري ٿو، جيڪي ٻين لاءِ هونديون آهن ۽ جن تي پاڻ عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه ٿو رهي. اهڙو ادب وقت جون تقاضائون ته پوريون نه ٿو ڪري، پر وقت ۽ حالتن جو اولڙو ضرور بڻجي ٿو. اهڙو ادب عوام لاءِ نه پر آئيندي جي محققن لاءِ ئي مفيد ٿي سگهندو آهي. انگريزن جي دور ۾پڻ اهڙو ادب پيدا ٿيو، پر اٽي ۾ لوڻ برابر. ان ڪري انهيءَ دور ۾ “عوام ۽ اديب” جي وچ ۾ ايتري دوري نه رهي .
هن دور ۾ اهڙو ادب پڻ پيدا ٿيو جيڪو وقت ۽ حالتن کان بنهه بي نياز هو. اهڙي ادب پيدا ٿيڻ جا ٻه مکيه سبب هئا. پهريون سبب هيءُ هئو ته آنڱرين تي ڳڻجڻ جيترا ڪي قلم_ڌڻي، جيڪي حالتن جي مدد سان مڇيءَ مانيءَ لائق ٿي چڪا هئا ۽ جن کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي آس هئي. انهن وقت ۽ حالتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وقت جي حڪمرانن کي ڀلائي جو سرچشمو ڄاڻي نه فقط انهي جا ڳڻ ڳايا پر سندن مخالفن تي ڇوهه پڻ ڇنڊيا. وقت جي حڪمرانن جا ڳڻ ڳائڻ وارا يا سندن مخالفن جي مخالفت ڪندڙن پوءِ به ڪنهن حد تائين ڄڻ ڪي وقت ۽ حالتن جو اثر قبول ڪيو.
پر هن دور ۾ ڪن شخصيتن نج علمي ادبي ۽ تحقيقي بنيادن تي ڪم ڪيو. هنن ٻوليءَ جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو “مشن” بڻائي تخليق، ترجمي ۽ تحقيق جو ڪم ڪيو جيتوڻيڪ انهي قلمي پورهئي جا ٻيا “محرڪ” موجود هئا. پر ان کي پوءِ به نج علمي، ادبي، تحقيقي ۽ فني پورهيو چئبو .
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ ابتدائي ليکڪن، عالمن ۽ محقق اهڙي قسم جو قلمي پورهيو ڪيو. پر ان کي هن ڪتاب جي موضوع، مواد ۽ متن کان پري رکيو ويو آهي.
اختصار طور ائين چوڻ ڪافي ٿيندو ته انگريزن جي دور ۾ گهڻي کان گهڻي ادبي پورهئي تي وقت ۽ حالتن جو اثر ٿيو يا وقت ۽ حالتن اهڙي قسم جي ادبي پورهئي کي تخليق ڪيو. پر هاڻي اها ڳالهه ڏسڻي آهي ته انهيءَ “قلمي پورهئي” وقت ۽ حالتن تي به اثر ڇڏيو يا نه.
2- ادب ۽ ان جي اثر پذيري :انگريزن جي دور ۾ قلم، قلم_ڌڻي ۽ قلمي پورهئي فرنگي سرڪار کي رت ڪري ڏنو هو. اهي قلم_ڌڻي جن وقت ۽ حالتن جي تقاضا پوري ڪندي قلم پورهيو ڪيو. انهن کي سرڪار جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو به نشانو بڻجڻو پيو. انهيءَ دور ۾ ڪتابن تي بندش به پئي ته اخبارن ۽ رسالن کي ضمانتون به ڏيڻو پيون. مشهور اخبارن جا لڳ لڳ سمورا ايڊيٽر جيلن ۾ به ويا . پر پوءِ به سوال پيدا ٿئي ٿو ته مطالعي هيٺ آيل دور جي ڪنهن نه نج ادبي شهپاري، سياسي مذهبي ادب ڪو انقلاب به پيدا انداز ٿيو؟ شايد ان جو جواب “ها” به ٿي سگهي ٿو، ۽ ان سلسلي ۾ هي مثال ڏئي سگهجي ٿو ته جڏهن “جليانوالا ڪوس” کان متاثر ٿي دادي ڄيٺل پرسرام “جڏهن ڪات ڪلالن ڪڍيا” جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو يا جڏهن “خلافت تحريڪ” جي زماني ۾ “الوحيد” جي ايڊيٽرن ايڊيٽوريل لکيا ته وقت جي سرڪار کي نڪ ۾ دم اچي ويو.
پر ان تصير جو ٻيو رخ به موجود آهي . اهڙي قلمي پورهئي ڌاريئي دشمن کي ته هوشيار ضرور ڪيو. پران ادب يا قلمي پورهئي سنڌ ۾ ڪوبه انقلاب نه آندو. ان جي برعڪس اهڙي ادب “وقتي ۽ جذباتي تقاضائون” پوريون ڪيون. حالتن کي موڙڻ بدران انهن ۾ شدت پيدا ڪئي . ڪن صورت ۾ سنڌواسين کي صحيح دڳ تي آڻڻ بدران تباهي ۽ برباديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو. خاص طور تي “شدي ۽ سنڳٺن جي تحريڪ” ۽ “مسجد منزل گاهه واريءَ تحريڪ” دوران پيدا ٿيل نج سياسي ۽ مذهبي ادب حالتن کي سڌارڻ بدران انهن کي بگاڙيو ۽ انساني جانين جي قرباني ورتي.
هن مان اهو ضرورو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ اثر انداز ٿيڻ جي قوت موجود هئي، پر ان کي وقت ۽ حالتن متاثر ڪيو ۽ منفي موڙ ڏنو. جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان انهيءَ جا ڪارڻ ڳولهبا ته انهن جي به نشاندهي ڪري سگهبي :
1- ادب ۾ اثر پذيري ضرور ٿئي ٿي. پرجيڪڏهن ۽ جتي ا هڙا قلم_ڌڻي ۽ اهڙو قلمي پورهيو پيدا ٿيندو، جو عوام کي قلمي پورهئي ۽ قلم_ڌڻي جي شخصيت، ڪردار، قول ۽ فعل ۾ برابري نظر نه ايندي، اتي ادب جي اثر پذيري متاثر ٿيندي، پر اها صورت حال انگريزن جي دور ۾ نظر نه ٿي اچي.
2- ڌارين حڪمرانن پنهنجي حڪومت جو بنياد “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي حڪمت عمليءَ تي رکيو. ان ڪري هنن سنڌواسين ۾ مذهبي، سياسي ۽ سمجاي اختلاف پيا ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ادب اجتماعي طور تي اثر انداز ٿيڻ بدران گروهن، طبقن ۽ ٽولن جي مفادن جي ترجماني ۽ تحفظ جو ذريعو بڻجي ويو.
3- ڌارين پنهنجي پر ماريت وارن مفادن کي بچائڻ لاءِ سنڌي علم ادب ۽ صحافت تي ڪڙي نظر رکي. اهي قلم_ڌڻي جيڪي سياسي شعور رکندا هئا، سي سينسر شپ، پريس ائنڊ پبليڪيشن جي حڪمانمن، پوليس ۽ سي_ آءِ_ ڊي جو شڪارٿيا. پريسن ۽ اخبارن کي بند ٿي ڪيو ويو يا انهن کان ڳاٽي ڀيڳون ضمانتون ورتيون ٿي ويون. ايڊيٽرن ۽ ليکڪن کي جيل ياترا ٿي ڪرائي وئي. اهڙين حالتن ۾ قلمي پورهيو “معيار” ۽ “مقدار“ جون ضرورتون پوريون نه ڪري سگهيو. ٻئي طرف واري ڏاڍ، ڏمر ۽ ظلم واري ماحول عام پڙهندڙ کي اهڙي قلمي پورهئي پڙهڻ کان پري رکيو .
4- تنهن زماني جا ذرائع ابلاغ (اشاعتي ادارا”، پريسون، اخبارون، رسالا ۽ تنظيمون) سرڪاري سختيءَ کان سواءِ گروهن ۽ ڌڙن جي هڪ هٽيءَ سبب اپاهج ٿيڻ لڳا. ان ڪري سندن حلقو محدود ٿي ويو ۽ ادب جو ڦهلاءُ رڪجي ويو ۽ ان جي اثر پذيريءَ جي قوت متاثر ٿي.
5- تڏهوڪي تعليمي نظام پڻ قلمي پورهئي جي اثر پذيريءَ ۽ ڦهلاءَ کي روڪيو. تعليم جو مقصد هئو “سرڪاري ملازمت” حاصل ڪرڻ. ان ڪري عوام فقط اهو ڪجهه ٿي پڙهيو، جيڪو کيس ملازمت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري. جن ماڻهن کي ملازمت ملي ٿي وئي. انهن مان ڪن ڪامورن جي شان شوڪت کي ڏسي “عملدار رعيت آزار” ٿيڻ لاءِ يا ذهني، فڪري ۽ نظرياتي طور حڪمران ٽولي جي ويجهي ٿيڻ لاءِ خاص قسم جو غير سنڌي ادب پڙهيو.
6- تنهن دور جي قلم_ڌڻين مذهبي، سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن خواهه تحريڪن ۾ اڳواڻي ڪرڻ بدران ساٿيءَ طور حصو ورتو. ان ڪري کين “ڀرتي ڪندڙ تبليغي ادب” پيدا ڪرڻو پيو. اهو ادب به اڪثر ڪري ترجمي تي ٻڌل هو ڇو ته سندن قائد پاڻ غير سنڌي هئا ۽ انهن جو لکيل يا انهن تي لکيل مواد غير سنڌيءَ ۾ هو. ان ڪري قلم ۽ قلم_ڌڻي سڌيءَ طرح دور جي انسان ۽ سماج تي اثر انداز ٿي نه سگهيا. اهي ئي سبب هئا، جن ڪري سنڌي ادب جي مجموعي اثر پذيري متاثر ٿي. مطالعي هيٺ آيل دور ۾ جيڪو به علم ادب يا قلمي پورهيو پيدا ٿيو، سو مٿي ڄاڻايل سببن ڪري “وقتي تقاضائون” ته پوريون ڪري سگهيو. پر سنڌي سماج، انسان ۽ انهن جي مستقبل تي اثر انداز ٿي نه سگهيو. مثال طور “خلافت تحريڪ” دوران خلافتي ادب ته ضرور پيدا ٿيو پر “تحريڪ” کي ڪامياب ڪري نه سگهيو. اهڙي نموني سان سنڌ ۾ “مسلم ليگ” جي ڀيٽ ۾ “ڪانگريس پارٽي” وڌيڪ منظم ۽ آڳاٽي هئي. ان جي نتيجي ۾ سنڌي ۾ سالن جا سال “ڪانگريسي ادب” پيدا ٿيندو رهيو، پر اهو قلمي پورهيو پنهنجو اثر ڏيکاري نه سگهيو. ساڳي نموني سان مطالعي هيٺ آيل دور جي آخر ۾ سنڌ جي انفرادي تشخص، قومي آزادي ۽ مذهبي رواداري کي بچائڻ ۽ قلم رکڻ جي ڪوشش ڪندي اسان جي وڏڙن قلمي پورهيو ڪيو. پر تاريخ جو وهڪرو بدلجي نه سگهيو. بلڪل اهڙيءَ طرح درجن ٻه درجن ڪتابن ڪن مپفليٽن ۽ اشتهارن تي ٻڌل“مسلم ليگي ادب” ڪري ڪو سنڌ ۾ “پاڪستان جي تحريڪ” ڪامياب نه ٿي، پر ان جا ٻيا سبب هئا.
بهرحال مٿي ڄاڻايل سببن ڪري سنڌي ادب وقت جون “وقتي تقاضائون” ضرور پوريون ڪيو ۽ پنهنجي اثر پذيري پڻ ڏيکاري، پر جيئن وقت ۽ حالتن ادب تي دور رس اثر ڇڏيا تيئن ادب ۽ قلمي پورهيو سماج تي اوترو اثر انداز ٿي نه سگهيو.
“وقت جي تقاضا” جو مطلب هرڀرو اهو نه آهي ته “جهڙو لڳي واءُ، تهڙو ڏجي منهن.” وقت جو ڏاهو انسان ته حالتن کي بدلائيندو آهي. حالتن بدلائڻ جي مراد آهي وري فاني قدرن، نظرين ۽ اصولن جو منهن مٿي ڪرڻ.
جڏهن ڪا به قوم پنهنجي قومي، تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن کي وڃائي ويهندي آهي، يا کانئن اهي قدر کسيا ويندا آهن. تڏهن دانشورن کي حالتن بدلائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي. سندن وقت ۽ دور کانئن اهڙي ئي تقاضا ڪندو آهي. گندين حالتن مان سچ، سونهن ۽ حق کي تلاش ڪرڻ شروع ڪندا آهن. پر پنهنجي طرفان ڪو هٿ ٺوڪيو سچ، ڪا سونهن يا حق دور تي نه مڙهيندا آهن. ڇو ته هو انهن قدرن جا خالق نه آهن. اڳ ئي موجود هوندا آهن. پر هو وقت ۽ حالتن مطابق انهن جي صورت، حيثيت ۽ حالت بدلائيندا آهن .
اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ته ڪنهن دور ۾ سمورا “قدر” انساني نظرن کان اوجهل ٿي وڃن. اهڙيءَ صورت ۾ ته ڪنهن قوم يا معاشري جو تصور به ختم ٿي وڃي ٿو. غلاميءَ جي دور ۾ به قومون قدرن کان وانجهيل نه هونديون آهن. اها قدرن جي سڪ ۽ ڇڪ ئي قومن کي ڌارين سان وڙهڻ ۽ آزادي وٺڻ تي آماده ڪندي آهي .
غلاميءَ جي دور ۾ زندگيءَ جو هر هڪ شعبو زنگ آلوده ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ “سياست” جو شعبوئي قوم جي ڇوتڪاري حاصل ڪرڻ جو دروازو بڻجي ويندو آهي.
اهڙو دور سمويءَ قوم کان آزاد حاصل ڪرڻ جي تقاضا ڪندو آهي .
آزاديءَ جي دور ۾ . قوم غفلت، سستي يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري زندگيءَ جي هڪ اڌ شعبي کي نظر انداز ڪري ويهندي آهي. اهڙو دور انهيءَ حساب سان قوم لاءِ “وقت جي تقاضا” مقرر ڪندو آهي.
جيئن ته قلم_ڌڻي يا ڏات_ڌڻي به پنهنجي قوم جو فرد هيٺ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب فقط “وقتي تقاضا” پوري ڪئي. جنهن ڪري وقت ۽ حالتن جي بدلجي وڃڻ کان پوءِ اهو ادب يا قلمي پورهيو پنهنيجي اهميت ۽ افاديت وڃائي ويٺو.
اهو سبب آهي جو ان دور ۾ پيدا ٿيل تبليغي، تائيدي ۽ وقتي ادب خود بخود ختم ٿي ويو.
سواءِ ان جي، جيڪو اهڙين حالتن يا مسئلن تي کيو ويو، جن ۾ هن وقت تائين اڃا تبديلي نه آئي آ هي. اهو ادب يا قلمي پورهيو اڄ به “تبليغي نوعيت” واري ساڳي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو .
پنهنجي هنن خيالن جي پڄاڻي انهيءَ اختصار سان ڪري سگهجي ٿي ته :
1- ادب، ڪنهن به قوم جي ثقافت ۽ ڪلچر جو جز ٿئي ٿو ۽ ان جي پنهنجي حيثيت، اهميت ۽ افاديت آهي.
2- ادب جا ٻه مقصد ٿين ٿا : پهريون دائمي مقصد ، جنهن مطابق اهو ڪنهن به قوم جي قومي، تاريخي ۽ ثقافي قدرن جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو ڪارج پورو ڪري ٿو. ادب جو ٻيو مقصد وقت ۽ حالتن جي تقاضا پوري ڪرڻ آهي. هرهڪ دور جي پنهنجي پنهنجي تقاضا ٿئي ٿي.“غلاميءَ جي دور” جو پنهنجو تقاضائون ٿين ٿيون ۽ “آزاديءَ جي دور” جون پنهنجون تقاضائون ٿين ٿيون.
3- وقت، حالتون، ماحول ۽ دور ادب کان اها تقاضا ڪندو آهي ته قوم جي قومي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن ي بنياد بڻائي نظرين ۽ اصولن کي متعين ڪري.
4- اهو ادب جيڪو پنهنجي دور جي تقاضائن پوري ڪرڻ وقت پنهنجي قومي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن کي ڌيان ۾ رکڻ بدران ٻين غير ڌرتيءَ وارن قدرن جي روشنيءَ ۾ نظريا ۽ اصول گهڙيندو، سو پنهنجي پڙهندڙن جي ذهني، فڪري ۽ نظرياتي رهبري ڪرڻ کان قاصر ٿي پوندو ۽ قوم کي صحيح دڳ ڏئي نه سگهندو . ٿئي ٿو، ان ڪري هو وقت ۽ حالتن جي تقاضائن کان منهن موڙي نه ٿو سگهي. هن کي اهي تقاضائون پوريون ڪرڻيون پون ٿيون. مطالعي هيٺ آيل دور ڌارين جي حڪمرانيءَ جو دور هو ست سمونڊ پار رهندڙ گوري فرنگيءَ اسان جي وڏڙن کي غلامي بنائي رکيو هو سندن پيداواري ذريعن ۽ وسيلن کي بيدردي سان لٽڻ ۽ تباهه ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندن قوميءَ ثقافي قدرن خواهه تشخص کي برباد ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندن قومي ۽ ثقافتي قدرن خواهه تشخص کي برباد ڪرڻ شروع ڪيو هو. هڙين حالتن ۾ تنهن دور، سنڌي ادب لاءِ ٿلهي ليکي هڪڙوئي مقصد متعين ڪيو، ۽ اهو ه ئو “ڌاريئي کان ڇوٽڪارو وٺڻ.” سنڌي ادب انهيءَ وقتي تقاضا پوري ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اديب، قلم، شاعر، ليکڪ ۽ صحافيءَ انهيءَ “مقصد” جي تشريح ڪرڻ، مقصد کي موڙ ڏيڻ پنهنجي ملطب جا ڪعبا قبلا آسمان ۾ تلاش ڪرڻ شروع ڪيا. هن پنهنجي جاگرافياڻي حدن کي اورانگهڻ شروع ڪيو جنهن جي تنيجي ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي مثبت خواهه منفي اثر مرتب ٿيا. جتي هڪ طرف نت نئيون صنفون “سنڌي زبان ۽ علم ادب” جي ميدان ۾ آيون، اتي مذهبي ڇڪتاڻ ۽ سياسي خلفشار پيدا ڪندڙ مواد جو اضافو پڻ ٿيو . هر ڪنهن دور ۾ ادب کي ٻه مقصد پورا ڪرڻا پون ٿا. پهريون مقصد، اها “تقاضا” آهي، جيڪا دور ادب لاءِ مقرر ڪري ، هن “مقصد” کي “وقتي تقاضا” پڻ چئي سگهجي ٿو. ادب جو ٻيو مقصد “دائمي تقاضا” آهي. “دائمي تقاضا” جو ملطب آهي قومي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جو تحفظ، ترقي ۽ تشريح . انهيءَ تقاضا کي پوري ڪرڻ لاءِ قلم_ڌڻيءَ کي پنهنجي قومي، تاريخي ۽ ثقافتي حدن ۾ رهڻو پئي ٿو. مطالعي مقصد ته موجود هئا ، ليڪن وقت، حالتن ۽ ماحول جي اثر
5- اهڙين حالتن ۾ ائين سمجهيو ويندو ته ماحول ادب تي اثر انداز ٿيو ۽ ادب “وقتي” ۽ ”گروهي” مفاد به پورا ڪيا. حالتن ۾ شدت به پيدا ڪئي، پر قوم جي آئيندي تي مثبت نموني سان اثر انداز پيدا ٿي نه سگهي.
6- قلم_ڌڻيءَ جون ٽي حيثيتون ٿين ٿيون : ذاتي، قومي ۽ انساني، هو هڪ ئي وقت تي پنهنجي ڏات ذريعي پنهنجا اهي ٽئي روپ ڏيکاري سگهي ٿو. اها سٺي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي انفرادي ۽ ذاتي جذبن، امنگن ۽ احساس کي پنهنجي ڏات ذريعي عوام تي نه مرهي. پر جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته ڪا اربعا خطا ڪانه ٿي هو پڻ معاشري جو جيئرو جاڳندو ۽ حساس فرد آهي. هن جي حالت پڻ معاشري جي حالت کي پڌرو ڪندي .
پر هو ڪنهن به صورت ۽ ڪنهن به حالت ۾ قومي، تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن کي نظر انداز ڪري ، پنهنجي ڌرتيءَ کان رشتو ٽوڙي ، پنهنجي قوم يا ڌرتيءَ لاءِ نظرين ۽ اصولن جا ڪعبا قبلا ڪائنات جي ڪنهن ٻئي ڪنڊ ۾ تلاش ڪري نه ٿو سگهي. هو پنهنجي گهر کي گندو رکي شهر جي صفائي جو ٺيڪو کڻي نه ٿو سگهي. هن جي ڏات تي سڀ کان پهريون سندس قوم جوئي حق آهي ۽ “قوميت” ئي هن جي وجود ۽ ڏات جي بقاءِ لاءِ امان جي جاءِ ٿئي ٿي. غير فطري طور تي جيڪڏهن هن پنهنجي ڌرتيءَ جون جاگرافيائي، لساني ۽ نظرياتي سرحدون اورانگهڻ شروع ڪيو ته اهو پنهنجي قوم ۾ فڪري ۽ ذهني خلفشار پيدا ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه خدمت نه ڪري سگهندو. اهڙو ڏات_ڌڻي بنهه اهڙي سورهيه برابر آهي جيڪو پنهنجي محاذ تي هوندي، پنهنجي قوم جو بارود (ٻولي، ڏات ۽ موقعا) ڪم آڻيندي ٻين لاءِ ويڙهاند ڪري ٿو.
انساني همدردي ۽ خير خواهي، ماڻهپي جو بنياد آهي . ان ڪري ٻين جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ الڳ آهي ۽ ٻين کي پنهنجي درد جي دوا سمجهڻ الڳ آهي.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بيشڪ هن دنيا کي هڪ گهر ۾ بدلائي ڇڏيو آ هي. ان ڪري عالمي حالتن جو اثر هرڪو ثر هرڪو مقبول ڪري ٿو . ليڪن اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻي آهي ته هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور انسان کي “اسپيشلائيزيشن” جو اصول پڻ ڏنو آهي . ڪوبه ڊاڪٽر هوندي به انسان جي سموري وجود جي مرضن ۾ مهارت رکي نه ٿو سگهي. هو فقط ڪن، نڪ يا جسم جي ڪنهن خاص حصي ۽ ان سان لاڳاپيل مرضن جو ماهر ٿي سگهي ٿو. اهڙي نموني سان قلم_ڌڻي ۽ ڏات_ڌڻي پڻ دنيا جهان جي مسئلن جو حل ڏئي نه ٿو سگهي . اڄ جو دور کيس پنهنجي “قوم” لاءِ ڏات کي وقفه ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿو. ڇو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي غريب، ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل قومن کي نئين نموني سان غلام ڪرڻ جو سبب بڻجي چڪي آهي. اڄ جسماني ۽ طبعي غلاميءَ وارو طريقو مدي خارج ٿي چڪو آهي . هن دور ۾ انسان کي “ذهني غلام” بنائڻ مان ئي پرماريت ڪندڙ طبقي کي فائدو پهچي ٿو. اڄ پرماريت تي ٻڌل نظام ۽ ان جا خالق ڪنهن فوم جي ڳاٽي تي چڙهي ويهڻ بدران، ان کي ذهني غلام بنائڻ ۾ پنهنجو خير ۽ فائدو سمجهن ٿا. ڇو ته هو ائين ڪرڻ سان پٺتي پيل ، مظلوم ۽ ذهني طور غلام قوم جي پيداواري ذريعن تي هٿ صاف ڪري سگهن ٿا ۽ کين پنهنجي تيار ڪيل اسلحي ۽ ٻين شين جي وڪري لاءِ منڊي طور ڪم آڻي سگهن ٿا .
ان ڪري هڪ قلم_ڌڻيءَ کي ههڙين حالتن ۾ بين الاقوامي نوعيت جي پرچار ڪرڻ وقت پنهنجي قومي، تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن جي مفادن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو . هو اکيون ٻوٽي انساني خير خواهيءَ جي ٺيڪيداري ڪندي پنهنجي مڏيءَ تان هٿ کڻڻ جو حق نه ٿو رکي. هن تي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جو وڏو حق ٿئي ٿو . اها ڪسوٽي ئي اديب ۽ سماج جي رشتي جو تعين ڪري ٿي.
انگريزن جي دور جو اديب ۽ ادب انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڪيتري قدر پورا پيا؟ تنهن جي جهلڪ هن ڪتاب مان ملندي . ان پنهنجي دور ۾ ڪهڙو ڪارج پورو ڪري رهيا آهيون؟ ان لاءِ پڻ اڳئين دور کي پنهنجي ۽ پنهنجي آئيندي جو آئينو بڻائي سگهون ٿا. هي دور به اسان جي ادب ۽ اديب لاءِ ڪي مقصد مقرر ڪري ٿو يا نه؟ انهيءَ لاءِ پڻ هن دور جي ڏات_ڌڻين کي سوچڻو آهي . ڇو ته “آئيندو” سندن پڻ حساب ڪتاب رکندو ، ڏسندو ۽ جاچيندو .
جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ انگريزي دور جي ادب ۽ ماحول ، قلم ۽ قلم_ڌڻي سان لاڳاپيل ڳالهين تي روشني وڌي وئي آهي، ان ڪري مون کي ڪو به حق نه ٿو پهچي ته موضوع تان هٽندي پنهنجي دور جي ادب ۽ ماحول تي به راءِ ڏيان يا انهيءَ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪريان ته هن دور ادب لاءِ ڪهڙا مقصد مقرر ڪيا آهن ۽ قلم_ڌڻيءَ کي اسان جي دور ۾ ڪهڙيون ذميواريون پوريون ڪرڻيون آهن . اسان جو قلم_ڌڻي پنهنجي جاءِ تي ڏاتڻي پڻ آهي. ان ڪري کيس ٻڌائڻ يا سمجهائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. اهو هرڪو ڄاڻي ٿو ته هن دور ۾ “اڀ_لڙائي” جي تياري مجموعي طور تي پوري انسان ذات لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. دنيا جي هرڪا قوم پنهنجن پنهنجن مسئلن ۾ منهجي پئي آهي . اسان اڳيان پڻ اڪيچار مونجهارا ۽ مسئلا منهن ڪڍيون بيٺا آهن. انهن مان ڪي اسان کي ورثي ۾ مليا آهن ۽ ڪي اسان جي پنهنجي دور جي پيداوار آهن. اسان وٽ جيترا آهن مسئلا، اوترا، بلڪ ان کان وڌيڪ آهن نظريا. بنهه حال اهو آهي جو چئي سگهجي ٿو ته “واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪي ئي ويا.” انسان جي ڏات ۽ سوچ کي ڏاوڻ وجهي نه ٿا سگهجن . فڪري آزادي ان جو بنيادي حق آهي. ليڪن قلم_ڌڻيءَ کي انهيءَ “حق” جي صدقي ڪي فرض به پورا ڪرڻا آهن. هر هڪ ڪنهن قلم_ڌڻي کي پنهنجي پنهنجي سگهه ۽ سوچ آهر انهيءَ ڏس ۾ اڳتي قدم کڻڻو آهي.
هن دور پنهنجي سماج جي تضادن ۽ اختلافن کي ڇڪي ۽ کنڀي آڻي جنگ جي ميدان تي پهچايو آهي . اڄ ڪلاشنڪوف قلم سان مهاڏو اٽڪائي رکيو آهي . ڏاڍي جي لٺ کي ٻن بدران ٽي مٿا ٿيڻ لڳا آهن . هڪ طرف آهن ڏاڍ ڏهڪاءُ ، غربت ، جهالت ۽ پر ماريت ته ٻئي طرف آهي هٿين خالي، بي پهچ ۽ ڏتڙيل ڏيهي . جن مان قلم_ڌڻي پڻ هڪ آهي. پر جيڪڏهن اهوئي قلم_ڌڻي پنهنجي قول، قلم ۽ قلم ۽ فعل سان “اتر ڊاهي ان جون ، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن” واري دانهن کي سچو ثابت ڪري ته دور ۽ دور جي انسان سان وڏي زيادتي ٿيندي .
قلم_ڌڻي ۽ سندس قلم ئي ڏيهه جي ڏکوئيل انسانن لاءِ آخري آٿٿ ۽ ڏڍ آهي . ڇو ته اهوئي صحيح معنيٰ ۾ ٻوليءَ جو وارث، تاريخ جو ملڪ ۽ ڪلچر جو محافظ آهي . هو انهن ذريعن ، ۽ وسيلن کي ڪم آڻي ، پنهنجي قلم کي تلوار بڻائي ٿو ۽ قوم جي تازه دم گوريلي وانگر عوام جي دلين تي ۽ عوام جي دشمنن جي ذهنن حڪمراني ڪري ٿو.
انگريز راڄ دوران ڪراچيءَ ۾ مختلف قومون اچي آباد ٿيون، جن جي تهذيب ۽ تمدن سنڌ واسين کي متاثر. ان کانسواءِ ڪراچي واسين پنهنجي ڌرتي تي جنم ورتل تحريڪن، بين الاقوامي حالتن ۽ برصغير جي وايومنڊل جو اثر به قبول ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي واسين جي سماجي حالتن ۾ انقلابي تبديليون آيون، ۽ انهن تبديلين وري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو.
ڪراچي جي سنڌي رهواسين مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن فردن کانسواءِ باقي ٻيا، “مڊل ڪلاس” ۽ “لوئر ڪلاس” سان واسطو رکندڙ هئا. انهن ٻنهي ڪلاسن جهڙي نموني علم ادب تي ڌار ڌار اثر ڪيو، تنهن جو الڳ الڳ خاڪو پيش ڪجي ٿو:
انگريزي راڄ کان اڳ ڪراچي جو “مڊل ڪلاس” زمينداري ۽ وڻج واپار ۾ مصروف هوندو هو، ۽ سندس سماجي حالتن ۾ تنهن وقت تائين ڪو خاص ڦيرو نه آيو، جيستائين ڌارين هن ڌرتي تي پير رکيا. انگريزن جي راڄ جي ابتدا ٿي ته مختلف قومن جي “مڊل ڪلاس” ۽ “اپر ڪلاس” جا ماڻهو ڪراچي اندر آيا. جنهن جي نتيجي ۾ هتان جي “مڊل ڪلاس” زنده رهڻ جي چڪر ۾ ڌارين جو مقابلو ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ اهڙي نموني هنن ۾ بيداري آئي.
جڏهن سنڌ جو بمبئي سان الحاق ٿيو ته هتان جي وچئين طبقي (Middle class)کي پوري برصغير ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ هو اتان جي سماجي حالتن کان متاثر ٿيو.
سنڌ جي بمبئي سان الحاق کان اڳ ۾ باقي برصغير جون سماجي حالتون پنهنجي ماضيءَ جي مقابلي ۾ بدلجي چڪيون هيون، جهانسي، ناگپور ۽ ائوڌن جو رياستون ڪمپني جي راڄ هيٺ اچي چڪيون هيون. جيتپور، ڀڳت، اڌيپور، بڊوالا، تانجور ۽ ڪرناٽڪ جي نوابن جا خطاب، القاب ۽ رعايتون ختم ٿي چڪيون هيون. “انعام ڪيش” جي روشني ۾ ويهه هزار جائدادون ضبط ٿي چڪيون هيون، ستي لڪڙي جو رواج سرڪاري طور تي بند ٿي چڪ هو، ۽ بيواهه هوندو عورتن کي ٻيهر شادي ڪرڻ جي قانوني اجازت ملي چڪي هئي. هندو فوجن کي سمنڊ پار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. 1771ع ۾ “ڪلڪتا مدرسو” ۽ 1792ع ۾ “هندو سنسڪرت ڪاليج” قائم ٿي چڪا هئا، ۽ تعليم جي ميدان ۾ لارڊ ميڪالي جي ڪٽر پاليسيتي عم ٿي چڪو هو. عيسائي مذهب جون تبليغون ڪيترن ئي هندواسين کي پنهنجي مذهب کان بدلائي چڪيون هيون، ۽ آريا سماج توڙي ربرهمو سماج جهڙيون تحريڪون جنم وٺي چڪيون.
ڪراچي جي “مڊل ڪلاس” انهي وقت برصغير ۾ قدم رکيو، جڏهن انگريزن خلاف نفرتون دلين مان نڪري هٿن ۽ چپنتائين پهچي چڪيون هيون. ستت ئي 1858ع وارو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳ کان اڃا به وڌيڪ تبديليون رونما ٿيون. هڪ طرف ڪمپني جو راڄ ختم ٿيو، ۽ ٻئي طرف مغل سلطنت جا باقي آثار به ميسارجي ويا. هنن حالتن ڪراچي جي “مڊل ڪلاس” کي به حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو.
انهي کانسواءِ ڪراچي جي “مڊل ڪلاس” هندستان کان ٻاهر به پير رکيا ۽ دنيا جون سماجي حالتون جاچي ڏٺيون. انهن سمورن ڪارڻ جو اهو اثر ٿيو، جو سنڌ جي سماجي جيوت ۾ تبديلي اچڻ لڳي. اهڙي نموني سان “مڊل ڪلاس” سماجي تنظيم ۽ جماعت سازي ۾ دلچسپي ڏيکاري.
ڪراچي جي “مڊل ڪلاس” سان واسطو رکندڙ اهڙين مکيه سماجي تنظيمن ۽ جماعتن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو، جن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو.
هيءَ جماعت 1882ع ۾ قائم ٿي. جنهن ۾ هندو، مسلمان، پارسي ۽ ڪرستان شآمل هئا، ۽ جن جو واسطو ڪراچي جي “مڊل ڪلاس” سان هو.
هن جماعت جو پهريون صدر سيٺ آتمارام ڀوڄواڻي ٿيو، ۽ سڀا جي ٻه روح روان هئا: ديوان ڏيارام ڄيٺمل ۽ ديوان ڏيارام گدو مل.(1)
هن جماعت “مڊل ڪلاس” جي مفادن جو وقت ۽ حالتن مطابق ڀرپور بچاءُ ڪيو. 1882ع ۾، هندستان جي وائسراءِ، لارڊ رپن جي ايامڪاريءَ ۾ ڏيهي ماڻهن کي مڪاني خود حڪومت جون اختياريون وڌائي ڏيڻ جي تجويز رٿي ويئي ۽ ميونسپالٽين توڙي لوڪل بورڊن جي چونڊن جو سرشو عمل ۾ آڻڻ جو بل تيار ڪيو ويو ۽ ان تي رايا گهرايا ويا. “سنڌ سڀا” ڪي عملي رايا تيار ڪري واسطيدار عملدارن ڏانهن موڪليا. (2)
انهي تبديلي سبب 1884ع ۾ ميونسپالٽين جون چونڊون ٿيون. چونڊن کان اڳ “سنڌ سڀا” چڱن ميمبرن جي چونڊجي اچڻ لاءِ عملي ڪم ڪيو ۽ ڪجهه ميمبر سندس ئي پسند جا چونڊجي آيا،(3)
“سنڌ سڀا” ساڳي ئي سال هڪ ٺهراءُ وسيلي لارڊ رپن کي مانپتر ڏنو، ۽ جماعت جو اهو عمل ئي ان ۾ هندو مسلم نفاق پيدا ڪرڻ جو باعث بڻيو.
ڪراچي جي پهرين سنڌي اخبار “سنڌ سڌار” هئي، جا تعليم کاتي رفان 1866 ۾ جاري ٿي. اخبار هر جمع تي شايع ٿيندي هئي، ۽ ان جو پهريون ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ هو. 1884ع ۾ هي اخبار “سنڌ سڀا” جي حوالي ڪئي وئي. (3) “سنڌ سڀا” وارن ساڌو هيرانند کي هن اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. جنهن نومبر 1887ع تائين هن اخبار جي ادارت ڪئي. ساڌو هيرانند جو تازو ڪلڪتي مان بي – اي جي ڊگري وٺي آيو هو، ۽ اتي هن کي برهمانند ڪيشب چندرسين توڙي ڪارم ڪرشن جهڙن سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن جي صبحت نصيب ٿي هئي.(4)، تنهن جي ايڊيٽري ۾ اخبار تي هڪ طرف سندس لياقت، ۽ بزرگن جي صحبت، ٻئي طرف “سنڌ سڀا” جي پاليسين ۽ اصولن جو رنگ چڙهيل هو.
“سنڌ سڀا” زمين جي مسئلن ۾ چڱو چاهه وٺندي هئي. انهي دلچسپي جو اثر “سنڌ سڌار” تي به پوڻ لڳو. “سنڌ سڌار” ۾ زمين جي مسئلن ۽ “روينيو جورسڊڪشن ايڪٽ” جي تاريخ تي ڪيترا سارا ليک ڇپيا. هن جو اهو اثر ٿيو جو اختياريءَ وارن مروج سيٽلمينٽ طريقي کي سڌارڻ جي ضرورت محسوس ڪئي.(5) ازنسواءِ هن اخبار ڊسمبر 1884ع وارين ميونسپالٽين جي چونڊن وقت به اهم پارٽ ادا ڪيو.
هي منڊل 1909ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، ۽ ان جي سرگرم ڪارڪنن ۽ ميمبرن ۾ موهن جي ورما، ڊاڪٽر ڪي بي پٽيل، رامجي وڏيرو، چمپڪلال، نندلال، حڪيم چند گانڌي، رنچوڙداس، وغيره جا نالا قابلِ ذڪر آهن. هن منڊل جي سال 1912ع جي عهديدارن جا نالا هن ريت آهن. (6)
صدر: نٿو ڀائي جيوراج
نائب صدر: وي والجي ميهتا
سيڪريٽري: بي ڀائيچند
دمجي پرڌان
خزانچي: ٽوپڻنداس آچورام
آڇ لال مڪن جي
هن منڊل جا ٽي شعبا هوندا: فيملي سرڪيوليشن لئبرري، ريڊنگ روم، ۽ سروس ليگ. (7)
فيملي سرڪيوليشن لئبرري جا انچارج ميمبرن جي در تي وڃي عورتن کي ڪتاب پهچائيندا هئا. مردن لاءِ وري بنڌو منڊل جي آفيس ۾ ڌار ريڊنگ روم هوندي هئي. جنهن ۾ مختلف اخبارون ۽ رسالا گهرايا ويندا هئا. ازنسواءِ هي منڊل وقت به وقت مذاڪرا ۽ تقريرون به ڪرائيندو هو.
هي هندن جي غير فرقيوار جماعت هئي، جا 1912ع ۾ قائم ڪئي وئي.(8) هن منڊليءَ سماجي خدمتن کانسواءِ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي وس آهر خدمت ڪئي.
“پريم منڊلي” شروعاتي ڏهاڙي ۾ فري ريڊنگ روم ۽ لئبريري قائم ڪئي هئي. ان کانسواءِ ميمبرن کي صحت جي سکيا ڏيڻ لاءِ هڪ ڌار هيلٿ سرڪيولٽنگ لئبرري قائم ڪئي هئي.
منڊلي طرفان شودرن لاءِ نائٽ اسڪول برپا ڪيو ويو، ۽ 1922ع کان وٺي ايڇ بي آڏواڻي جي ادارت هيٺ هفتيوار “دي ينگ بلڊر” رسالو جاري ڪيو.
جماعت منڊلي جي آفيس ۾ يا ڪن ٻين موزون هنڌن تي تقريرون ۽ مذاڪرا به ڪرائيندي هئي. هن ئي منڊليءَ طرفان 1922ع ۾ لعل چند امرڏنيمل “شاهه” جي موضوع تي تقريرن جو سلسلو شروع ڪيو. ان کانسواءِ منڊليءَ طرفان وڏا ڏڻ به ملهايا ويندا هئا، ۽ اهڙن موقعن تي ناٽ وغيره به ڪري ڏيکاريا ويندا هئا.
ڪڇي ميمڻ جو تعلق ڪراچي جي “مڊل ڪلاس” سان پئي رهيو آهي. هن برادري جا باقي برصغير ۾ مٽ مائٽ ۽ عزيز قريب به گهڻا هوندا هئا. هنن واپاري تجارتي ۽ سماجي رشتن جو تڪڙو اثر قبول ڪيو، ۽ ڪراچي ۾ سماجي ميدان ۾ وڌيڪ منظم ٿي پيا. ڪراچي ۾ “ڪڇي ميمڻ ائسوسيئيشن” ۽ “ڪڇي ميمڻ ڊبيٽنگ سوسائٽي” سندن مکيا جماعتون هيون.
“ڪڇي ميمڻ ڊبيٽنگ سوسائٽي” 1913ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن طرفان ڪچهري روڊ تي “فري لئبرري ريڊنگ روم” جي قيام کانسواءِ وقت به وقت مذاڪرا ۽ تقريرون به ڪرايون وينديون هيون. (9)
ان کانسواءِ هن سوسائٽيءَ سنڌي ٻولي ۽ تعليمطرف به جوڳو ڌيان ڏن. انهي سلسلي ۾ سوسائٽي طرفان 1914ع ۾ هڪ گرلس اسڪول قائم ڪيو ويو.(10) ساڳي سال سوسائٽي پنهنجي هڪ ٺهراءَ وسيلي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته “انجمن حمايت الاسلام” لاهور وارن جا لکيل ۽ مرزا قليچ بيگ جا ترجمو ڪيل ڪتاب جيڪي رڳو سنڌ مدرسي ۾ پڙهايا وڃن ٿا، سي ٻين تعليمي ادارن ۾ پڙهايا وڃن. (11)
هي اصل ۾ چئن الڳ الڳ منڊلين کي ضم ڪري بڻائي وئي هئي، اهي چار منڊليون هيون: “وڌوا فنڊ منڊلي”، برهم کشتري ويا کياڻ منڊلي”، “برهم کشتري مفت لئبرري”، ۽ برهم کشتري ڳلن ڀائرن لاءِ مدد ڪندڙ منڊلي”.
هن منڊلي جو پهريون بريزيڊنٽ مسٽر نائڻنداس وريرام ٿيو، ۽ مسٽر روچيرام گنگارام سڏاڻي شروعات کان ان جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. هن منڊلي جي مکيه ڪارڪنن ۾ نرسيداس پيتامبرس، تلسيداس، مگهومل، ڌرمداس، هرومل، موتي رام، چيلارام، پهلاج راءِ، هرومل، ليلا رام، گنگارام، تلسيداس، ڪيولرام ويڻسي مل جا نالا قابلِ ذڪر آهن. (12)
هن منڊليءَ جي ٻن شاخن “برهم کشتري وياکياڻ منڊلي”، ۽ ”برهم کشتري مفت لئبرري” جو سڌو سنئون تعلق سنڌي ٻولي ۽ ادب سان هو، ۽ انهن جو ڌار ڌار ذڪر ڪجي ٿو:
“برهم کشتري وياکياڻ منڊلي” جو بنياد اسڪولي شاگردن جي مدد سان وڌو ويو هو، هن منڊلي طرفان ڪراچي ۾ ڪيترائي جلسا ٿيا، جنهن ڪري شاگردن ۾ تعليمي توڙي سماجي جاڳرتا آئي. (13)
”برهم کشتري مفت لئبرري” 1916ع جي وچ ڌاري روچي رام سڏاڻي جي ڪوشش سان قائم ڪئي وئي. هن اوائل ۾ ٻه ڪٻٽ ۽ سوکن ڪتاب سرڳواسي عالمچند اڌنمل، سڏاڻي جي يادگيريءَ ۾ ڏنا. هن لئبرري جو بعد ۾ ”ڊاڪٽر سندرداس تلسيداس سوچا برهم کشتري ڇوڪرن جي مفت لئبرري” نالو رکيو ويو هو. (14)
هيءَ جماعت 1915ع ۾ پروفيسر شهاڻي جي سرپرستيءَ هيٺ بڻائي وئي. هن ليگ جا پهريان عهديدار هئا: (15)
سرپرست: پروفيسر شهاڻي
سيڪريٽري: شامداس – پي- گدواڻي
مئنيجنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر: روپچند، اچلسنگ، ڀيرو مل ليکراج، ڊاڪٽر خوبچند، ڊاڪٽر دولت رام آڏواڻي، ديوان وسڻمل، نربداس درگداس، تاراچند، ٽهلرام، ريواچند، ڀيرومل، مهرچند ۽ پرتاب سنگ شهاڻي.
مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو صدر: ايڇ – ميوارام
مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري: ايسرداس پارو مل
خزانچي: طورو مل
ڪراچي جي سماجي تاريخ مرتب ڪندي، هن جماعت کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. جماعت ڪيترن ئي موقعن تي اهم خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ ”سول مئريج بل”، “هائوس رينٽ الائونس” ۽ 1921ع واري مڪران جي ڏڪر وارن واقعن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو:
پي – ايل- واسواڻي هن جماعتن جو سالن جا سال سيڪريٽري ٿي رهيو. هو پاڻ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو استاد ۽ ڪراچي ميونسپالٽي اسڪولن جو ايڊمنسٽريٽر آفيسر ٿي رهيو هو. ان کانسواءِ هن پنهنجي قلم سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي به چڱي خدمت ڪئي. هن جي ايامڪاريءَ ۾ “سوشل سروس ليگ”. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو.
ليگ، تعليم ۽ خاص ڪري عورتن جي تعليم ڏانهن چڱو توجهه ڏنو. 1930ع ۾ ”سوشل سروس ليگ اي – وياسڪول ۽ بعد ۾ “ پرائمري اسڪول” کوليا. (16)
هن ليگ طرفان نه رڳو لئبرري قائم ڪئي وئي، پر “فيملي سرڪيولٽنگ لئبرري سسٽم”. رائج ڪيو. (17) ان کان سواءِ “ليگ” جي دفتر ۽ ٻين مکيه جاين تي وقت به وقت مذاڪرا توڙي تقريرون به ڪرايون وينديون هيون، نه صرف ايترو، پر ڪڏهن ڪڏهن ليگ طرفان سنڌي ۾ سماجي موضوعن تي مشتمل ننڍا ننڍا ناٽڪ به ڪرايا ويندا هئا.
“ليگ” سنڌي ٻولي ۾ اشاعتي سلسلو به جاري ڪيو ۽ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا، جن ۾ “ٻارن جا حق”، ”اورگ ڪايا”، ”اپارمار”، “دل جو دور”، ۽ “شيواڌرم” قابل ذڪر آهن. اهي سمورا ڪتاب پي - ايل- واسواڻي جا ترجمو ڪيل يا لکيل هئا. (18)
هن جماعت سنڌي ٻولي کي تعليمي ادارن ۾ صحيح مقام تي ڏيارڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪئي. جماعت جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ 27 فيبروري 1922ع تي سڏايل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءَ پاس ڪيو ته:
“گجراتي ۽ مراٺي جيان سنڌي به بي – اي ۽ ايم – اي جي امتحان ۽ سيڪنڊ لئنگويج طور منظور ڪئي وڃي.” (19)
هي ٺهراءَ پوءِ واسطيدارن ڏانهن موڪليو ويو.
هن جماعت جو بنياد 22 فيبروري 1920ع تي حاجي محمد صديق، مالڪ “اسلاميه هوٽل” جي پراڻي هوٽل واري جاءِ تي سڏايل هڪ ميٽنگ ۾ رکيو ويو، ۽ جماعت جو پهريون صدر حاجي هارون کي منتخب ڪيو ويو.(20)انهيءَ کانپوءِ سليمان ولد ڇتن، فيض احمد، محمد رمضان، فضل احمد، ۽ غلام احمد “نظاماڻي” ۽ عبدالرزاق محمد سليمان هن جماعت جا صدر ٿيا.
هن جماعت جي سرگرم ڪارڪنن ۾ سيٺ احمد موسيٰ، اوسته حاجي، حبيب الله “فڪري”، مستري محمود، علي محمد آدم، ڊاڪٽر محمد صديق ۽ عبدالرحمان جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
هيءَ جماعت شڪارپور محلي ۾ رهندڙ مسلمانن جي سماجي، علمي ۽ تعليمي بهبود لاءِ ٺاهي وئي هئي. جماعت جي انهن شعبن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جو تعلق سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سان رهيو آهي.
جماعت طرفان ابتدائي ڏهاڙن ۾ “نائيٽ اسڪول” جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ فارسي، اردو، سنڌي، انگريزي ۽ قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي هئي. (21)
هن جماعت طرفان “بزم ادب” به قائم ڪئي وئي، جنهن سالن جا سال سنڌي عروضي شاعريءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪيو، ۽ مشاعرا ڪرايا.
ڪراچي جي “مڊل ڪلاس” سان واسطو رکندڙ سماجي تحريڪن ۽ تنظيمن مجموعي طور تي به سنڌي ٻولي ۽ ادب تي به اثر وڌو. متاثر ٿيل اهڙين ادبي تخليقن جو مختصر وچور هن هيٺ ڏجي ٿو:
نمبر عنوان مترجم سال
1. “سيڻ ڪي ويڻ” لعلچند امر ڏنو مل 1906ع
2. “آنند سندريڪا” ڀيرو مل مهر چند 1910ع
3. “نقد رقم” لعلچند امر ڏنو مل 1911ع
4. “آفت تي آفت” سنسار چڪر 1917ع
طرفان شايع ڪرايل
5. “ستي شيلا” هيرو مل پريم چند 1918ع
6. “گلابي گل” خانچند دريائي 1920ع
7. “ڊينسري آڪهه جو قصو” هيري ووڊ/ليلا رام ولايتراءِ 1921ع
8. “موتي جي مکڙي” خانچند درياڻي 1923ع
9. “پدمڻي” ايضا 1923ع
10. “ڏيتي ليتي” آسانند ڇتورام 1923ع
11. “ملڪجا مدبر” هينرڪ ابسن/خانچند درياڻي 1924ع
12. “رتنا” خانچند درياڻي 1923ع
13. “جيئري تي جيئري” ايضا 1927ع
14. “پنگتي مقدمو” ڀيرو مل مهر چند 1927ع
15. “ڏيتي ليتي ايڪٽ” ايضا 1928ع
16. “برازين جو ناٽڪ” ايضا 1928ع
17. “ٻه باهيون” منگهارام ملڪاڻي 1932ع
18. “پنگتي پڙدا” منگهارام ملڪاڻي 1938ع
19. “شانتا” ميٽرلنڪ/منگهارام ملڪاڻي 1933ع
20. “ديوانه” هينرڪ ابسن/چاڳلا 1943ع
ڪراچي جي لوئر ڪلاس جنهن انداز سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪري نئون موڙ بخشيو آهي، تنهن کي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو مقدس ورثو چئي سگهجي ٿو. سنڌي علم ادب کي هن نئين موڙ ڏيڻ ۾ ماضيءَ جي ڪيترين ئي سماجي، سياسي ۽ علمي تحريڪن جو هٿ رهيو آهي. انهن مان ڪيترين ئي تحريڪن خود سنڌ جي ڌرتي تي جنم ورتو، ۽ ڪيتريون تحريڪون عالمي ۽ بين الاقوامي نوعيت جون هيون. انهن مڙني ڪراچي جي “لوئر ڪلاس” کي متاثر ڪيو، جنهن سبب هڪ منظم سماج جو عمل تشڪيل ۾ آيو. انهي منظم سماج وري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي متاثر ڪيو، جن وري “ترقي پسند ادب” کي جنم ڏنو. انهي تاريخي پس منظر جو خاڪو هيٺ ڏجي ٿو.
مغربي معاشري جاگيرداري جو ويس بدلائي اڃا نئين سرمائيدار ڪارخانيداري نظم جو روپ ئي مس اختيار ڪيو ته هن طرف سائنس جي ترقيءَ به منهن ڪڍيو. سائنس جي اها اڃا پهرين ترقي هئي. انسان کي فقط ٻاڦ ۽ ڪل جي استعمال ڪرڻ جي ڄاڻ پئي هئي. هن سائنسي ترقيءَ مغربي ملڪن جي وچ ۾ باهمي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. اها باهمي ڇڪتاڻ ٻن قسمن جي هئي: هڪ روايتي ۽ اندروني، ٻي جديد ۽ بيروني. هن ترقيءَ هڪ طرف انهن ملڪن ۾ اندروني طور تي قديم جاگيدار ۽ نئين ڪارخانيدار، سرمائيدار ۽ مزدور جي وچ ۾ مفادي ڇڪتاڻ پيدا ڪئي ته ٻئي طرف بيروني طور تي سستي اگهه تي ڪچو مال حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجون ٺاهيل شيون وڏي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ طاقتور ملڪن جي وچ ۾ ڪمزو ملڪن کي غلام بنائڻ جي باهمي وٺ پڪڙ جي صورت اختيار ڪئي. هن باهمي ڇڪتاڻ رنگ لاتو. جنهن سبب هڪ طرف نوان فلسفا ۽ نظريا وجود ۾ آيا ۽ ٻئي طرف سائنس جي ترقي جي رفتاري وڌي وئي. هن باهمي وٺ پڪڙ، ڇڪتاڻ ۽ چٽا ڀيٽي آخرڪار ڀيانڪ موڙ اختيار ڪيو. بين الاقوامي طور تي سامراجي مفادن ۾ ٽڪر پيدا ٿيو جنهن ڪري حسين ۽ دلڪش دنيا پهريون دفعو فوجي ڇانوڻي بنجي وئي، ۽ کيس پهرين مهاڀاري لڙائي جو منهن ڏسڻو پيو.
مهاڀاري لڙائي دنيا جو حليوئي بگاڙي ڇڏيو. هڪ طرف روس، چين ۽ جرمني جون شهنشاهيتون پاش پاش ٿي ويون، ٻئي طرف روس ۾ دنيا جي پهرين عظيم ڪميونسٽ حڪومت، ۽ اٽليءَ ۾ ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿيون. پوري دنيا هن لڙائي جو اثر ورتو: ترڪي ۾ خلافت جو خاتمو ٿي ويو ۽ آمريڪا ۾ وري هڪ هٽيءَ واري سرمائيداري، ننڍن ۽ آزاد سرمائيدارن کي پنهنجي تابع بنائي ملڪ کان ٻاهر هٿ پير هلائڻ لڳي. فرانس ۽ جپان ۾ وري ڪارخانيدار ۽ سرمائيدار جهوني جاگيرداري نظام تي غالب پئجي ويا، چين ۾ وري بادشاهيت ختم ٿيڻ کان پوءِ خارجي طور تي جپان جي آبادگاري طبقي جي خلاف ۽ اندروني طور تي زمينداري ۽ جاگيرداري جي خلاف تحريڪن جنم ورتو. برطانيا تي هن لڙائي جا جيڪي اثر پيا انهن جو ذڪر اڳتي هلي موزون ۽ مناسب وقت تي ڪيو ويو آهي.
سنڌ تي هن لڙائي چئن طرفن کان اثر وڌو: بين الاقوامي حالتن جي وسيلي، برطانيه جي وسيلي، برصغير پاڪ و هند جي وسيلي، ۽ اندروني طور تي. انهن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
برطانيه، هن لڙائي ۾ هڪ فريق هو، انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته برطانيه هن جنگ ۾ جرمني کي شڪست ڏني. پر حقيقت ۾ هن جي اها جنگي جيت سندس معاشي، سماجي ۽ سياسي هار هئي. هن جنگ جو برطانيه تي اهو اثر پيو جو هڪ طرف ان جون معاشي حالتون ابتر ٿي ويون ۽ ٻئي طرف هو سائنسي ترقي ۾ پٺتي پوڻ لڳو. خاص ڪري جنگي هٿيارن جي ترقي ۽ پيداوار ۾ ته هي ملڪ گهڻن کان پوئتي رهجي ويو. هن جي مقابلي ۾ روس، جپان، جرمني ۽ امريڪا پيداوار ۽ ان جي ذريعن کي ترقي ڏيارڻ ۾ مثال قائم ڪرڻ لڳا. نتيجو اهو نڪتو جو روس خود ڪفيل ٿيڻ لڳو ۽ امريڪا ۾ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار ٿيڻ لڳي. هنن حالتن برطانيه جي معاشري، سماج ۽ سياست کي نئون موڙ ڏنو. حڪمراننن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ انقلابي تبديليون آئيون جن جو اثر سنڌ توڙي باقي برصغير پاڪ وهند تي پوڻ لازمي امر هو.
1918 ع ۾ برطانيه جي چونڊن واري مهم جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت برطانيه مسئلن جو گهوارو بڻجي چڪو هئو. انهي انتخابي مهم ۾ لارڊ جارج پنهنجي عوام سان ايترا ته وڏا واعدا ڪيا جن کي هو پاڙي نه سگهيو. ان کان پوءِ جڏهن “ڪوئيليشن پارٽي” اقتدار ۾ آئي ته هن به، نه “قيصر” جو مسئلو حل ڪيو ۽ نه وري ڪو جرمني کان جنگي قيدي واپس وٺي سگهي. هنن حالتن “ليبر پارٽي” کي سوشلزم جي نظريه ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو. وڏي مزي جي ڳالهه ته اها آهي جو خود “ليبر پارٽي” 1924 ع ۾ اقتدار ۾ آئي. ان کان هڪ سال اڳ سنڌ ۾ سوشلزم جي موضوع تي گرماگرم بحث مباحثا ۽ تقريرون ٿيڻ لڳيون. هن سلسلي ۾ ٻاويهين آڪٽوبر 1923ع تي “ينگ مين ڪرسچن ائسوسئيشن” جي “لٽرري سوسائٽي” طرفان اي_ايل پرائيس کي ڪراچي ۾ سوشلزم جي موضوع تي تقرير ڪندي ڏسجي ٿو. (21)
برصغير تي سنڌيءَ ۽ اڻ سنڌيءَ طرح پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ ان جي نتيجن جو اثر پيو. برطانيه هندوستان جي صحت مند نوجوانن کانسواءِ جنگي ڏهاڙن ۾ برصغير جي ڪچي مال ۽ کاڌ خوراڪ جي وسيلن کي پنهنجي جنگي مفادن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. انهي ڪري شين جي اڻاٺ ۽ قيمتن ۾ وڏو واڌارو اچي ويو. بدقسمتيءَ سان 1918 ع ۾ 1919 ع ۾ وري پوري برصغير ۾ هڪ طرف ڏڪر ۽ ٻئي طرف ويا منهن ڪڍيو، جنهن هڪ ڪروڙ ويهه لک انسانن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو. (22)
جنگي ڏهاڙن ۾ برصغير جي ڏيهي توڙي پرڏيهي واپارين جو مڪو مچي ويو. ان ڪري خانگي شعبي ۾ ڪي قدر نوان ڪارخانا کليا. جنگ کانپوءِ شين جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ فرنگي سرڪار کي هندستاني صنعت تي توجهه ڏيڻو پيو. هنن حالتن برصغير ۾ ڪارخانيدار، سرمائيدار ۽ مزدور طبقي کي جنم ڏنو. بهراڙين مان شهرن جي طرف لڏپلاڻ شروع ٿي وئي ۽ پورهيت طبقو هڪ قوت اختيار ڪندو ويو. سياسي محاذ تي واعدا ڪيا هئا. جڏهن انهن جو پورائتو نه ڪيو ويو ته سڄي برصغير جي سياسي دنيا ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي. برصغير جي انهي حالتن سنڌ تي به اثر ڪيو.
برصغير سان گڏ سنڌ به هنن حالتن جو اثر قبول ڪيو. سنڌ، انگريزن جي دور ۾ هڪ ملڪ جي حيثيت کان ڪري، هڪ صوبي حيثيت به وڃائي ويٺو. انگريزن سرڪار طرفان سنڌ تي ڪو خاص توجهه نه ڏنو ويندو هو. ويتر جنگ کان پوءِ واري زماني ۾ اها ڄڻ سرڪار جي رحم ۽ ڪرم واري نظر کان به ڪري پئي. ٻين اهم واقعن کي نظرانداز ڪندي، 1922 ع واري بجيٽ ۽ ان جو سنڌ تي اثر جو مطالعو ڪجي ٿو ته لونءَ ڪانڊرا جي وڃي ٿي. ٻين کوٽ وارين بجيٽن جيان هن سال جي بجيٽ سنڌ تي وڏا اثر وڌا. ڪيترن ئي خانگي اسڪولن جون گرانٽون بند ڪيون ويون، تعليمي ادارن جون فيون وڌايون ويون. اڻ ڳڻيان ماڻهو نوڪرين مان ڪڍيا ويا. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ حضور ڊپي ڪليڪٽرن جا عهدا ختم ڪيا ويا. رتيديري ۽ شهداد پور ڊويزن کي ٽوڙيو ويو، لاڙڪاڻي، ميهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي جاءِ ختم ڪئي وئي. (23)
فرنگين لاءِ ڪراچي بندر، هندستان ۾ مغرب کي سڀ کان ويجهو بندر هو. هي بندر جنگي ڏهاڙن ۾ فوجي ڇانوڻي بڻجي ويو. ڏيهي پرڏيهي واپارين جنگ جو سونهري موقعو ڏسي سنڌ جي ڪچي مال ۽ کاڌ خوراڪ جي شين کي ڊوهڻ شروع ڪري ڏنو. هن جو اهو نتيجو نڪتو ته هڪ طرف شين جي کوٽ ٿي، ۽ ٻئي طرف قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. هنن حالتن ڪراچي جي سماج کي بي حد متاثر ڪيو. باقي سنڌ جيان طبقاتي ڇڪتاڻ جو عمل ۽ ردعمل تيز ٿي ويو. “لئنڊ اونرس ائسوسئيشن” ٽيننٽس ائسوسئيشن” لئنڊ لارڊس ائسوسئيشن” ۽ رينٽ پيئيز ائسوسئيشن” انهي دور جون پيدا ٿيل جماعتون آهن.
سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ فرنگين جي افغانستان ۾ دلچسپي وٺڻ جو بنياد روس- دشمني تي ٻڌل هو. مهاڀاري لڙائي کان پوءِ روس وري نظرياتي طور تي به فرنگين لاءِ خطري جو نشانو ثابت ٿي پيو. انگريز سرڪار پنهنجي ننهن ۽ چوٽيءَ جو زور لڳائي سڄي برصغير جيان سنڌ کي به روس جي اندرين حقيقتن کان غير واقف رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي موڙي پنهنجي سامراجي مفادن جو رنگ چاڙهي ٿي پيش ڪيو. ليڪن هن طرف هندستان ۾ مڪمل طور تي سياسي سجاڳي اچي چڪي هئي. پورو برصغير فرنگين کان متنفر ٿي چڪو هو. انهي جو نفسياتي اثر هي نڪتو ته برصغير جيان سنڌ واسين به روسي نظام جي مطالعي ۽ مشاهدي ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي . اهڙي نموني سان سنڌ ۾ ماڪس وادي ۽ سماجوادي نظرين جي اوسر لاءِ زمين هموار ٿي.
هن هموار زمين تي وري برصغير جي حالتن به ٻج ڇٽڻ جهڙو اثر وڌو. روس ۾ ڪميونسٽ نظام جي فتح برصغير جي سياسي، سماجي، عملي توڙي ادبي حالتن تي گهرو اثر وڌو برصغير جون اخبارون وڏي واڪي هن نئين تبديلي جو خيرمقدم ڪرڻ لڳيون. بمبئي مان شايع ٿيندڙ “خلافت بليٽن” روس جي نئين ماڪس وادي نظام تي تبصرو ڪندي لکيو ته:
“سوويٽ طريقو ئي اصلي حڪومت جو اهو قديم مشرقي طريقو آهي، جنهن کي وڌيڪ موزون ۽ جديد بڻايو ويو آهي. سوويٽ طريقو اڄ به مشرق جي خمير ۾ موجود آهي.
اهو مشرق جو فطري جمهوري طريقوآهي جو صدين جي لٽ پوڻ باوجود تباهه ٿي نه سگهيو آهي. اسان جي ايماندارانه راءِ آهي ته مشرق انهيءِ کانسواءِ ڪڏهن به رهي نه ٿو سگهي.”
برصغير جي سياسي پارٽين جڏهن ڏٺو ته دنيا ۾ پهريون دفعو پورهيتن جي مدد سان نئون مارڪسوادي نظريو عملي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ته انهن به پورهيتن جي فوت جو اعتراف ڪندي، سندن مسئلن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
اهوئي سب هو جو 1922 ع واري ڪانگريس جي سالياني اجلاس کان اڳ ان جي چونڊيل صدر کي هڪڙو جاري ڪرڻو پيو ته ڪانگريس کي هاڻي هارين نارين، پورهيتن ۽ مزدورن ۾ تنظيم پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي مسئلن ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي.
برصغير جي پورهيت طبقي هن روسي انقلاب جو وڏو اثر قبول ڪيو. هن زماني ۾ ڪيترين ئي پورهيت جماعتن ۾ مارڪسوادي نظريو پکڙجڻ لڳو، تن ڏينهن ۾ برصغير جي “ٽريڊ يونين ڪانگريس” آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي“ کي هڪ اپيل ڪئي، انهي اپيل جي متن پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پورهيت ۽ مزدور طبقو پاڻ سڃاڻڻ واري منزل طرف تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. هتي انهيءَ اپيل جو اقتباس ڏيڻ مناسب ٿيندو:
“ياد رکو ته پورهيت طبقو ئي اصلي طاقت جو سرچشمو آهي. پورهيت طبقي جي طاقت کان سواءِ، اوهان جو هر عمل بي سود ۽ اوهان جو هر منصوبو مکڻ جي ماڙي آهي. ڇوته اوهان جي آزادي لاءِ هر ڪوشش پورهيت جي منظم قوت کان سواءِ رڳو خواب آهي. اسان اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿا گهرون ته هندستاني پورهيتن جي آزادي کان سواءِ ڪا ٻي آزادي ٿي نه ٿي سگهي، ڇو ته اوهان جي اها آزادي رڳي هڪ سياسي تبديلي هوندي، جنهن ۾ پورهيت طبقي جي استحصال ڪرڻ کان سواءِ اوهان ٻي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندا. اهو پورهيت طبقوجو اوهان جي آباديءَ جو اٺانوي سيڪڙو ٿئي. (26)
1922 ع تائين برصغير ۾ مارڪسوادي نظريو ۽ فڪر عروج تائين پهچي چڪو هو. هن سال بمبئي مان “ دي سوشلسٽ” نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي. نيٺ اڳتي هلي دسمبر 1925 ع ۾ گڏيل هندستان ۾ پهرين ڪميونسٽ پارٽي قائم ٿي. (27)
سنڌ ۾ مارڪسوادي نظريئي کان متاثر ٿي سياستدانن ۽ پورهيتن جي طبقي پنهنجي نئين سر تنظيم توڙي جماعت سازيءَ ڏانهن توجهه ڏنو. هن ڏس ۾ سنڌ ۾ پهريون دفعو 1930 ع ۾ جي-ايم-سيد، جمشيد مهتا، گوڪلي، ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالقادر جي ڪوشش سان “هاري ڪاميٽي” جو بنياد رکيو ويو(28). هن پارٽي کي اڳتي هلي حيدربخش جتوئي، عنايت علي، ڊاڪٽر هاسارام، مولوي محمد معاذ، قاضي فيض محمد، بنارام ۽ جمال الدين بخاري جهڙا سرگرم ڪارڪن مليا.
هن ئي زماني ۾ سنڌ ۾“ڪميونسٽ پارٽي” قائم ٿي. مگر جيئن ته اها گڏيل هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ شاخ هئي ان ڪري سندس ڪارڪردگي چٽي طرح ظاهر نه ٿي ٿئي. هن جماعت “لوئر ڪلاس” کي بيدار ڪرڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو.
ساڳي ئي دور ۾ سنڌ ۾ پروفيسر ڪارواڻي جي سيڪريٽريشپ ۾ “فرينڊس آف سوويٽ يونين” نالي هڪ جماعت قائم ٿي، جنهن جون سنڌ جي وڏن شهرن ۾ شاخون به کليون.(29)هن پارٽيءَ سنڌ جي نئين نسل ۽ شاگرد طبقي کي مارڪسوادي فڪر طرف راغب ڪيو.
1932 ع ۾ پاٽنسا ۾ جڏهن “ڪانگريس سوشلسٽ پارٽي” قائم ٿي ته ان جي شاخ سنڌ ۾ به کولي وئي. ان کان پوءِ 1927 ع ۾ محمد يوسف ۽ مبارڪ ساگر جي ڪوشش سان “دي سوشلسٽ پارٽي” جو قيام عمل ۾ آيو.
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب برصغير ۾ “ڪميونسٽ پارٽي” جي قيام ، بين الاقوامي حالتن ۽ سنڌ جي “لوئر ڪلاس” جي مسئلن جو تڪڙو اثر قبول ڪيو. ڄيٺمل پرسرام پهريون سنڌي اديب هو جنهن 1926 ع ۾ “ساميه داد” نالي ڪتاب لکيو.
ان کان هڪ سال پوءِ وشنو شرما “بي انصافي ڪيئن دور ڪجي” ڪتاب لکيو. انهي ٻنهي ڪتابن ۾ سوشلزم تي تفصيل سان روشني وڌي وئي هئي. ٻنهي ليکڪن جو تعلق مارڪسوادي ۽ سماجوادي مڪتب فڪر سان نه هو، مگر انهن سنڌي ٻولي ۾ نج سماجوادي ادب جي ابتدا ضرور ڪئي.
برصغير ۾ جڏهن “ترقي پسند مصنفن” جو بنياد پيو ته انهي جو به سنڌو واسين تڪڙو اثر قبول ڪيو.
1943 ع ۾ “ڊي جي سنڌ ڪاليج” ۾ پرسنپال ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪوششن سان “سنڌي ادبي سرڪل” قائم ٿي، جنهن جماعت جديد ادب کي سنڌ سان مانوس ڪرايو.
سال 1945 ع ۾ صوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ گوبند مالهيءَ جي ڪوشش سان “ترقي پسند مصنفين” جي انجمن ٺهي. جنهن سنڌي ادب کي نج مارڪسوادي موڙ ڏنو. هن کان پوءِ “سنڌي ادبي سنگت” قائم ڪئي وئي جا ترقي پسند مصنفين جي انجمن شايع ڪرايو.
ڪراچي اڄ جيان اڳ به سنڌ جي سياست ۽ علم ادب جو مرڪز هئي. هتان جي اڻڳڻين ادارن مان ڪجهه اهڙا اشاعتي ادارا به هئا، جن محض ترقي پسند فڪر ۽ ادب کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. اهڙن ادارن مان “زندگي پبليڪيشن” به هڪ هو. هن اداري طرفان شايع ٿيل ڪتابن مان هي قابل ذڪر آهن:
نمبر عنوان ليکڪ مترجم
1. “ساٿي“ پشپال گوبند مالهي
2. “زندگي“ پشپال گوبند مالهي
3. “نيا سنسار” خواجه احمد عباس بهاري لال ڇاٻڙا
4. “اڌورو سفر” ڪرشن چندر بهاري لال ڇاٻڙا
سنڌ ۾ جڏهن “ڪانگريس سوشلسٽ گروپ” جي شايع کلي ته انهي به ڪجهه ڪتاب شايع ڪرايا جن مان هي قابل ذڪر آهن :
نمبر عنوان ليکڪ مترجم
1. “ارونا جو آواز” ڀون پنجواڻي
2. “جئه پرڪاش” رامن مند مصرا لالجاڻي منهگو
جا ڀاڄ”
3. “آئينده جا اڳواڻ بهاري لال ڇاٻڙا
4. “ڪانگريس آچاريه نريندر ديو لالجاڻي منگهو
سوشلسٽ پارٽي
5. ڪانگريس پي_ بي سنها لالجاڻي منگهو
سماجوادي”
گوبند مالهي، شڪارپور ۾ “نئين دنيا ڪتاب گهر ” قائم ڪيو، جو پوءِ ڪراچي منتقل ڪري آيو. هن اداري طرفان شايع ٿيل ڪتابن مان مکيه هي آهن :
نمبر عنوان ليکڪ مترجم
1. “نيلم” خوجا احمد عباس گوبند مالهي
2. “بلوو” راهل سنڪر تياين گوبند مالهي
3. “وولگا کان گنگ” راهل سنڪر تياين گوبند مالهي
4. “سوويت روس ڊي_ ڪي منشاراڻي
5. “لنڊن جي هڪ سجاد ظهير ليکو تلساڻي
6. رات“
7. “هوءَ دنيا” پشپال گوبند مالهي
8. “اما” گورڪي صوڀو گيانچنداڻي
9. “تاج محل” ابراهيم جليس گوبند مالهي
حوالا
(1) تاراچند شوقيرام : راڄ رشي ديوان ڏيارام گدومل جيو
جيون چرتر، (حيدرآباد، 1932، ص 16)
(3) موتيرام رامواڻي : سنڌ ۾ پبلڪ جيوت جو اوائلي دور،
(بمبئي، هندواسي، 1969 .22.6 ، ص 5)
(2)ڏسو حوالو نمبر 1. ص 18
(4) Smyth. J.W: Gazetteer of the Sind Province
Karachi Distt, (Bombay, 1919, P.44)
(5) واسواڻي پي_ ايل : ساڌو هيرانند جي دئنڪ وهي، (حيدرآباد سن ؟ ص 2)
(6) ڏسو حوالو نمبر 2، ص 6
(7) The Daily Gazette (Karachi, dt: 15.9.1917, P.5)
(8) Ibid, (dt: 4.3.1914, P. 8)
(9) Ibid, (dt : 13. 10. 1922, P: 5)
(10)Ibid, (dt : 14. 1. 1914, P. 8)
(11) Ibid, (dt : 27. 1. 1914, P. 8)
(12) Ibid, (dt : 6. 2. 1914, P. I)
(13) روچيرام سڏاڻي: برهم کشتري سهائڪ منڊلي، (ڪراچي 1937، ص 2)
(14) روچيرام سڏاڻي : شري برهم کشتري سهائڪ منڊلي وڌوا
فند منڊلي جو روپوانسو، (ڪراچي، 1944، ص 2)
(15) حوالو ساڳيو ، ص، 2
(16) The Daily Gazette (karachi, dt : 7. 3. 1916, P. 4)
(17) Harrison : A hand bookof Karachi (Karaci, 1933, P. 77)
(18) The Daily Gazette, (Karachi, dt : 16, 3. 1916, P. 8)
(19) واسواڻي پي.ايل: ٻارن جا حق،(ڪراچي،سوشل سروس ليگ، 1925، ص ڪور پيج)
(20) The Daily Gazette, (Karachi, dt : 21. 3. 1922, P. 5)
(21) علي محمد آدم : جمعيت الاخوان، (ڪراچي، جمعيت الاخوان 1933، ص، 1)
(22) حوالو ساڳيو ، ص، 5
(23) The Daily Gazette, (Karachi, dt : 23. 10. 1923, P. 5)
(24) Mansfred :A Short History ef world-vol-II, (Moscow, Progress Publishers,1974, P- 132)
(25) Daily Gazette, (Karachi dt: 11- 2. 1992, P. 5)
(26) Ibid, (dt : 5. 12. 1922, P. 5)
(27) Ibid, (dt : 5. 12. 1922, P. 6)
(28) Manfred : A Short History of Word-vol II(Moscow. Progress Publisher, 1974 P. 186)
(29) ڏيپلائي محمد عثمان : “سيد غلام مرتضيٰ شاهه”
(مقالو مهراڻ سوانح نمبر، حيدرآبا، سنڌي ادبي بورڊ، 1957، ص، 681)
تعارف:
انگريزن جي دور جي تعليمي تاريخ جو ٻن زاوين کان مطالعو ڪري سگهجي ٿو: انتظامي فقطه نگاهه کان، ۽ ٻيو پاليسي جي فقط نگاهه کان سنڌ ۾ انگريزن جي تعليمي تاريخ کي انتظامي فقط نگاهه
کان ٽن دور ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو: ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي دور جي تعليم جي تاريخ، بمبئي سان الحاق واري زماني جي تعليم جي تاريخ ۽ صوبائي خود مختياري واري دور جي تعليم جي تاريخ. ليڪن انگريزن جي تعليمي پاليسي جي ارتقا کي سمجهڻ لاءِ پوري ننڍي کنڊ پاڪ و کنڊ جي تعليمي تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو.
جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ کان سواءِ باقي پوري ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي ٻيو نمبر تعليمي پاليس رائج هئي. جنهن جي ابتدا 1835 کان ٿي هئي. جيڪا تڏهوڪي گورنر جنرل جي ڪائونسل جي قانوني ميمبر ۽ بنگال جي “پبلڪ انسٽرڪشن ڪاميٽيءَ” جي پريزيڊنٽ، ٿامس بي ميڪالي جهڙي مشرقي علم ادب جي سخت ۽ ڪٽر دشمن جي فلسفي تي ٻڌل هئي. جنهن جو ايمان هو ته “مغريب جي هڪ سٺي ڪتبخاني جو فقط هڪڙو طاق، سموري هندستان ۽ عربستان جي سموري علم کان مٿي آهي ڇوته ان جي قيمت مغربي ادب تي ڪم آيل مس ۽ پني جيتري به مس آهي.”
هن پاليسي مطابق فارسي کي هميشه هميشه لاءِ خيرآباد چيو ويو، ۽ ان جي جاءِ تي انگريزيءَ کي سرڪاري ٻولي جي حيثيت سان رائج ڪيو ويو. سنڌ تي هن پاليسيءَ جو سڌو سنئون اثر پيو. پارسي مان ته جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مگر شروعات ۾ هتي انگريزي ٻولي سيکارڻ جا تجربا به ناڪامياب ويا ان ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌ جي واحد سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو.
جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته ميڪاليءَ جي تعليمي پاليسي 1835 ع کان لاڳو ڪئي وئي هئي، پر سنڌ 1843 ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي.
انهيءَ کانپوءِ جيئن جيئن مختلف وقتن تي فرنگي سرڪار طرفان تعليمي سڌارا ٿيندا رهيا، يا تعليمي پاليسيون مرتب ٿينديون رهيون، تن جو سڌو سنئون اثر سنڌ تي پڻ پيو. مطالعي هيٺ آيل دور تائين فرنگين جي تعليمي پاليسين جو مختصر خاڪو هيٺ ڏجي ٿو:
لارڊ ڊلهاسوي جي وقت ۾ برطانيه پارليامينٽ انڊيا ۾ “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي تعليمي ڪوششن ۽ خدمتن جي تحقيقات ڪرائي(1). جنهن جي روشني ۾ 1854 ع ۾ “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي انتظامي جماعت جي صدر چارلس ووڊ جو هندستان جي تعليمي سرشتي بابت هڪ مراسلو منظور ڪيو ويو. انهي مراسلي ۾ تعليم ڦهلائڻ، صوبن جي زبانن جي اهميت ۽ مذهبي تعليم متعلق سرڪار جي غير جانبدارانه پاليسيءَ بابت فيصلو ڪيل هو. مراسلي جي سفارشن ۾ تعليمي ميدان ۾ غير جانبدارانه پاليسي اختيار ڪرڻ بابت فيصلو ڪيل هو. ان کان سواءِ تعليمي انتظام ۽ تعليم لاءِ خانگي ڪوششن جي همت افزائي ۽ استادن جي تربيت لاءِ سفارشون ڪيل هيون. (2)
1882 ع ۾ تڏهوڪي سرڪار وليم هنٽر جي صدارت هيٺ هڪ تعليمي ڪميشن ويهاري ته جيئن چارلس ووڊ جي تعليمي سراسلي بعد ٿيل ترقيءَ جيو جائزو ورتو وڃي. هن ڪميشن سرڪار کي پرائمري تعليم تي توجه ڏيڻ لاءِ سفارشون پيش ڪيون
انهيءَ کانپوءِ بنگال پر ڳڻي جي “ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن” سر آلفرڊ ڪرافٽ کي 1888 ع ۾ هندستان جي تعليمي حالت جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو ويو. جنهن وري هنري تعليم تي توجهه ڏيڻ لاءِ سرڪار کي سفارشون ڪيون.
1901 ع ۾ وري لارڊ ڪرزن اعليٰ تعليمي آفيسرن جي هڪ ڪانفرنس سڏائي ته جيئن اعليٰ تعليم متعلق نئين پاليسي مرتب ڪري سگهجي. هن ڪانفرنس ۾ 150 ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. انهيءَ ڪانفرنس جي روشني ۾ 1902 ع ۾ وري هڪ ٻي ڪميشن ويهاري وئي، جنهن کي “يونيورسٽي ڪميشن” جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي. هن ڪميشن جي رپورٽ تي 1904 ع ۾ “انڊيا يونيورسٽي ائڪٽ” پاس ڪيو ويو. هن ائڪٽ تحت هندستاني يونيورسٽين جي انتظام، جوڙجڪ، ۽ سڌاري لاءِ بندوبست ڪيو ويو.
1917 ع ۾ لارڊ چيلمسفورڊ، مئڪل سئڊلر جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميشن ويهاري. جنهن تي پهريون دفعو ڏيهي ميمبر به کنيا ويا. هن ڪميشن ڪيتريون ئي رٿون ڏنيون جن ۾ :
ثانوي ۽ انٽرميڊئٽ تعليم لاءِ گڏيل تعليمي بورڊ ٺاهڻ، يونيورسٽين ۾ شاگردن جي رهڻ جي بندوبست ڪرڻ، يونيورسٽين کي خود مختياري ڏيڻ ۽ “سول سروس ڪميشن” مقرر ڪرڻ جون رٿون قابل ذڪر آهن.
1919 ع کان تعليم جو کاتو هڪ ڌار وزير جي هٿ ۾ ڏنو ويو هن دور ۾ ٿيل تعليمي ترقي جي جائزي وٺڻ لاءِ 1927 ع ۾ “هارٽاگ ڪميٽي” مقرر ڪئي وئي، جنهن تحقيقات ڪري رپورٽ ڏني. هن ڪميٽيءَ هندستان جي پوري تعليمي بندوبست کي ناقص بي اثر ثابت ڪري ڏيکاريو. ان کانپوءِ سرڪار تعليمي خرچ ۾ ڪمي آڻي ڇڏي، جنهن سبب ڪيترائي ڪارگر اسڪول ۽ رٿون ختم ٿي ويون.
1935 ع واري “انڊيا ائڪٽ” جي روشني ۾ ساڳي سال “مرڪزي تعليمي صلاحڪار بورڊ” ٺاهيو ويو. جنهن صوبائي حڪومتن وٽان آيل رٿن تي غور ڪرڻ بعد نئين تعليمي پاليسي مرتب ڪئي. هن ڪميشن ثانوي تعليم جي حد تائين تعليم کي: “ابتدائي تعليم” لوئر سيڪنڊري” ۽ “اپر سيڪنڊري” طبقن ۾ تقسيم ڪيو.
1936 ۾ سرڪار طرفان انگلنڊ کان هنري تعليم جا ٻه وڏا ماهر مسٽر ووڊ ۽ مسٽر ائبٽ گهرايا ويا. جن هندستان ۾ هنري تعليم جي ڦهلائڻ لاءِ پنهنجيون رٿون ۽ تجويزون.
1944 ع ۾ مرڪزي تعليمي صلاحڪار بورڊ “سارجنٽ اسڪيم” پڌري ڪئي. هيءَ اسڪيم جامع ته ضروري هئي، مگر انهي تي عمل. ڪرڻ لاءِ وقت توڙي دولت جو تخمينو اهڙيءَ طرح لڳايو ويو. جو هندستان جون حالتون اهي برداشت ڪرڻ کان قاصر هيون. هن اسڪيم تي چاليهن سالن جي عرصي ۾ عمل ڪرڻو هو ۽ هر سال 277 ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻا هئا. حالانڪ ان وقت پوري هندستان جو ساليانو خرچ 300 ڪروڙ روپيا هو. هن اسڪيم تي عمل ڪرڻ جي نوبت ئي ڪانه آئي، ڇو ته ستت تي پوءِ هندستان جو ورهاڱو ٿيو.
انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو تنهن وقت باقي هندستان ۾ ميڪالي جي تعليمي پاليسي رائج هئي. فرنگين انهيءَ پاليسي کي سنڌ به لاڳو ڪري ڇڏيو. پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي فرنگي سرڪار ميڪالي جي مشرق دشمني تي ٻڌل پاليسي جابه ليڪا لنگهي وئي. انگريزن کان اڳ سنڌ جا ڪيترا سيد تعليم ۽ تدريس جي ڪم ۾ رڌل هوندا هئا، کين وقت جي حاڪمن نه رڳو ڪجهه جاگيرون ئي عطا ڪيون هيون، مگر سندن مالي امداد به ڪندا هئا. انگريزن سنڌ ۾ ايندي سيدن جون جاگيرون ضبط ڪيون، ۽ کين ملندڙ مالي امداد بند ڪري ڇڏي. سرڪار جي هن نئين ۽ انوکي پاليسيءَ ٺٽي جهڙي علم جي گهواري شهر کي ڏاڍو متاثر ڪيو. کي همشه هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
ڌاري سرڪار پاڻ جيڪي وقت به وقت پاليسيون مرتب ڪيون، رپورٽون تيار ڪرايون ۽ سفارشون طلب ڪيون. تن جي ڪمي ته نظر نه ٿي اچي، پر انهن تي عمل خير ئي ڪيو ويو. “چارليس ووڊ“ جو تعليمي مراسلو 1854 ع سان واسطو رکي ٿو، مگر 1947 ع تائين انهي جي ڪيترن ئي سفارشن تي عمل ئي ڪونه ڪيو ويو. حقيقت ۾ فرنگين هميشه پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکندي، پئي وقت به وقت تعليمي پاليسي بدلائي. شروعات ۾ هنن برصغير ۾ مروج تعليمي پاليسي بدلائي. شروعات ۾هنن برصغير ۾ مروج تعليمي طريقي ۽ نظام جي پٺبرائيڪيئ، پوءِ جڏهن سندن پير پختا ٿي ويا ته ميڪالي جي پاليسي اختيار ڪري پوري هندستان تي تعليم وسيلي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪيائون. اڳتي هلي کين احساس ٿيو ته ماڻهو پنهنجي ئي مادري زبان ۾ ڍ چڱي طرح سوچي ۽ سمجهي سگهجي ٿو، ان ڪري مادري زبان کي تعليم جو واحد ذريعو تسليم ڪيائون. هن موڙ تي شعوري ڪوششن سان مادري ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب ترجمان ڪرايائون، ته جيئن هندستان جي رهواسين ۾ احساس ڪمتري ۽ غلاميءَ جو جذبو پيدا ٿئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به چال چلي وئي. ڊاڪٽر جانسن جي لکيل ناول “راسيلاس” جو ترجمون به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي هو.
جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته استحصالي حڪومت هندستان جو ڪچو مال ۽ پيداوار جا ذريعا پنهنجي لاءِ وقت ڪري ڇڏيا. ههڙين حالتن ۾ هندستاني، فرنگي حڪومت جون استحصالي گهرجون پوريون نه ٿي ڪري سگهيا. ان ڪري سرڪار کي هنري تعليم تي توجهه ڏيڻو پيو. آخر ۾ “انڊيا ائڪٽ آف 1935ع” کان پوءِ ته هر ڳالهه کان هٿ ڪڍي ويهي رهيا.
سنڌ تي انگريزن جي تعليمي پاليسي جو گهرو مگر خراب اثر پيو. هنن هڪ طرف سنڌ جي روايتي ۽ ڏيهي نظام جي هلائيندڙ سيدن جون جاڳيرون ضبط ڪيو ۽ سندن مالي امداد بند ڪئي، ۽ ٻئي طرف شروع ۾ خانگي اسڪولن کولڻ ئي بندش وجهي ڇڏي.
ڏيهي ماڻهن، خاص ڪري مسلمانن، فرنگين جي ٻولي سکڻ پڙهڻ کي پنهنجي مذهبي ۽ قومي غيرت جي خلاف ڄاتو. جنهن ڪري هو تعليمي ميدان ۾ پوئتي پوندا ويا. ان کانسواءِ 1857 ع کان وٺي 1947 ع تائين ڪيترين ئي تحريڪن جنم ورتو، ۽ هر موڙ تي ڏيهي ماڻهن کي پر ڏيهي حاڪمن خلاف وڙهڻو پيو. خاص ڪري “خلاف تحريڪ” ۽ “عدم تعاون” وارين تحريڪن ۾ ڪيترن ئي خانگي اسڪولن سرڪاري گرانٽو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن سبب سندن تعليم ڪوششن کي وڏو ڌڪ لڳو.
ان هوندي به ڪراچيءَ ۾ جا به تعليمي ترقي ٿي، ان ۾ ڏيهي ماڻهن ئي چڱي طرح پاڻ ملهايو. سرڪار طرفان ضلعي اندر هڪ “اين، جي، وي، هاءِ اسڪول” قائم ڪيو ويو، ۽ ڪجهه پرائمري تعليم تي توجهه به ڏنو ويو. باقي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سنڌ واسين جي ڪوششن سان قائم ٿيا.
انگريزن جي ابتدائي دور ۾ تعليم لاءِ ڪو ڌار کاتو هوندو هو، ليڪن تعليمي انتظام روينيو کاتي جي زير دستيءَ ۾ هلندو هو. ان لاءِ هڪ “ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر” مقرر ايس-آر نارائڻ جڳتناٿ وديا هو، جو 1972 ع تائين هن عهدي تي فائز رهيو.
جيئن ته اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي روينيو کاتي ۾ حد کان وڌيڪ مصروف رهندو هو، ان ڪري تعليمي انتظام ڏانهن ايترو توجهه ڏيئي نه سگهندو هو. هن ڪمي کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر کي ڏهن سالن تائين بمبئي سرڪار سان سنڌ ۾ ڌار ”ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر” مقرر ڪرڻ لاءِ لک پڙهه ڪرڻي پئي، جا نيٺ 1878 ع ۾ وڃي قبول پئي(12). جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ “ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر” مقرر ٿيڻ لڳا.
1900 ع ۾ تڏهوڪي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايجيمس جي ڏهاڙن ۾ تعليم جو ڌار کاتو کوليو ويو(13). هن کاتي ۾ 1939 ع ۾ ڊئريڪٽوريٽ قائم ڪئي وئي، ۽ شمس العلماءِ دائود پوٽو سنڌ جو پهريون “ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن” مقرر ٿيو. مطالعي هيٺ آيل دور جي تعليمي ترقيءَ جو مختصر خاڪو هيٺ ڏجي ٿو:
انگريزن جي تعليمي پاليسي جو وڏي کان وڏو اثر سنڌ ۾ اعليٰ تعليم تي پيو پرائمري تعليم، جا ملن ۽ برهمڻ طرفان ڏيڻ ۾ ايندي هئي سا وقت ۽ حالتن جون سٽون سهندي به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ پاڻ بچائيندي رهي. جنهن اڳتي هلي ملان اسڪولن کي جنم ڏنو. 1875 ع ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪجهه ملان اسڪول منظور ڪيا ويا، ۽ انهن کي مالي امداد ڏني وئي. 1907 ع “ملان اسڪول ڪوڊ” لاڳو ڪيو ويو ۽ سرڪار طرفان مڙهيل شرطن جي پورائي ڪندڙ ملان اسڪولن کي منظور ڪيو ويو، 1915 ع ۾ ملان اسڪولن لاءِ ڌار انسپيڪٽرن جي تقرر جو ڪوششون ڪيون ويون.
ڪراچي ۾ انهن ملان اسڪولن کان سواءِ نيم سرڪاري ادارن جهڙوڪ: “ڪراچي ميونسپالٽي”، “ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ” ۽ “ڪراچي پورٽ ٽرسٽ” به پرائمري تعليم جي ترقي ۽ اوسر لاءِ چڱو ڪجهه پاڻ پتوڙيو. ان کانسواءِ ڪراچي جي ڪيترن ئي سماجي جماعتن ۽ ادارن به پنهنجي طرفان پرائمري اسڪول قائم ڪيا.
ڪراچي ۾ 1930ع ۾ لازمي پرائمري تعليم جو نظام رائج ڪيو ويو. 48-1947 ع ۾ ضلعي اندر ڪل 186 پرائمري اسڪول هئا، جن ۾ 131 چوڪرن جا ۽ 55 ڇوڪرين جا اسڪول هئا. (15)
انگريزن جي راڄ ۾ سيڪنڊري تعليم، سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين منزل جي حيثيت رکندي هئي. هن ڏاڪي تي پهچڻ کان پوءِ ڏيهي ماڻهو انگريزي بوليءَ ۾ اعليٰ تعليم وٺڻ جي لائق ٿيندا هئا.
“چرچ مشنري اسڪول” ڪراچي جو پهريون خانگي سيڪنڊري اسڪول هو، جو 1845 ع ۾ ڪئپٽن پريڊي قائم ڪيو(16). هي اسڪول 1946 ع ۾ هڪ مقامي ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، جتان وري 1852 ع ۾ “چرچ مشنري سوسائٽيءَ” جي حوالي ٿيو(17)
1853ع ۾ جڏهن ٻوليءَ جي لپي ٺاهي وئي ته سرڪار اسڪول قائم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، ته جيئن ڏيهي ٻولي جي وسيلي ماڻهن کي آسانيءَ سان انگريزي زبان جي تعليم ڏئي سگهي. انهي ڪري ڊسمبر 1853ع ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو ويو. هي نه صرف ڪراچيءَ پر سڄي سنڌ ۾ پهريون سرڪاري اسڪول هو. 1874ع ۾هن اسڪول تي “اين _ جي _وي هاءِ اسڪول” نالو رکيو ويو.
ڪراچيءَ ۾1947 تائين جيڪي ثانوي اسڪول قائم ٿيا، تن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو. (19)
اسڪول جي نوعيت اسڪول جو نالو
بوائيز ائنگلو ورنيڪيولر (سرڪاري) “اين. جي. وي هاءِ اسڪول”
بوائيز ائنگلو ورنيڪيولر(ائڊيڊ )“ايڇ. ايل ڇٻلائي ماڊل هاءِ اسڪول”
ايضاَ “ايڇ. پي. ڪاريا هاءِ اسڪول”
ايضاَ “ايس. سي. شاهاڻي هاءِ اسڪول”
ايضاَ “آيل_ آر_ ڊي اي_ وي هاءِ اسڪول”
ايضاَ “ايم- ايم- وي ودياليه”
ايضاَ “بي-وي-ايس پارسي هاءِ اسڪول”
ايضاَ “پريمئر هاءِ اسڪول”
ايضاَ “چرچ منشري هاءِ اسڪول”
ايضاَ “خالصا هاءِ اسڪول”
ايضاَ “ سنڌ مدرسته الالسلام”
ايضاَ “ شري شو جي هاءِ اسڪول”
ايضاَ “شري مارواڙي هاءِ اسڪول”
ايضاَ “ ڪراچي اڪيڊمي”
ايضاَ “مراٺا هاءِ اسڪول”
ايضاَ “واڌومل بولچند هاءِ اسڪول”
ايضاَ “هيرا نند نولراءِ اڪيڊمي”
بوائيز ائنگلو ورنيڪيولر (ائڊيڊ ) “گرامر اسڪول”
ايضاَ “سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول”
گرلس ائنگلو ورنيڪيولر (ائڊيڊ “ايس- جي-ڊي مهاليه ودياليه”
اسڪول جي نوعيت |
اسڪول جو نالو |
ايضاَ |
“ڪارڊيريو انڊين گرلس هاءِ اسڪول” |
گرلس ائنگلو ورنيڪيولر (ائڊيڊ) |
“ماما پارسي گرلس اسڪول” |
ايضاَ |
“وي-اين- ڪنيا مها ودياليه” |
گرلس يورپين هاءِ اسڪول (ائڊيڊ) |
“سينٽ جوزف ڪنوينٽ هاءِ ا سڪول” |
ائنگلور ورنيڪيولر گرلس مڊ اسڪول (ائڊيڊ( |
“ايڇ- ايڇ- آغا خان گرلس اسڪول” |
ايضاَ |
“پرائيمر مڊل اسڪول” |
ايضاَ |
“ڌنپتمل آريا پتري پاٺشالا” |
ايضاَ |
“ڊي- بي- گرلس اڪيڊمي” |
ايضاَ |
“مسلم گرلس اڪيڊمي” |
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ انگريز سرڪار طرفان ڪراچي ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ڪوبه جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو. ليڪن سنڌ واسين پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان ئي ڪاليج قائم ڪيا ڪراچي جي سمورن ڪاليجن جو وچور هيٺ ڌجي ٿو :
“ڊي- جي سنڌ ڪاليج” 1887ع
“اين- اي- ڊي- انجنيرنگ ڪاليج” 1922ع
“صاحب سنگهه شاهاڻي لاءِ ڪاليج” 1925ع
“سنڌ مسلم ڪاليج” 1943ع
“بي- اي- اي ڪاليج ڪامرس” 1945ع
“دي- ڊوميڊيڪل ڪاليج” 1945ع
مطالعي هيٺ آيل دور جي آخرين مهينن ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، جيڪا سنڌ سرڪار جي ڪوششن جو نتيجو هئي.
مطالعيهيٺ آيل دور ۾ فرنگي سرڪار نالي ماتر ئي سنڌ جي تعليمي ترقي ڏانهن توجهه ڏنو. هوءَ هڪ سئو چئن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ سنڌ ۾ هڪ ڪاليج به کولي نه سگهي.
ڪراچي ۾ ثانوي تعليم جي ترقيءَ لاءِ رڳو هڪ “اين _ جي _ وي هاءِ اسڪول” قائم ٿي سگهيو. پرائمري تعليم به ميونسپالٽي ۽ لوڪبلورڊ جي هٿ هيٺ رهي. سرڪار رڳو پوري تعليمي نظام کي پنهنجي پاليسن مطابق هلائڻ لاءِ انهن تي تعليمي آفيسر مڙهي ڇڏيا.
ڪراچي جي تعليمي ترقيءَ لاءِ عوام پنهنجي مدد پاڻ ٿي ڪئي ۽ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جو هڪ صديءَ ۾ سرڪار به ڪري نه سگهي. عوامي ڪوششن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: سماجي جماعتون ۽ انهن جون تعليمي ترقيءَ لاءِ ڪوششون، تعليمي جماعتون ۽ انهن جو تعليمي ترقي لاءِ ڪوششون.
سماجي جماعتن جي تعليمي خدمتن جو مختصر خاڪو “سماجي حالتن جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر” واري باب ۾ ڏنو ويو آهي. ان کي هتي مختصر لفظن ۾ ائين بيان ڪري سگهجي ٿو ته مسلمانن مان خواجا ۽ ميمڻ جماعتن، غير مسلمانن مان آريا سماج، سناتن ڌرم، برهمو سماج، پريم منڊلي، ۽ سوشل سروس ليگ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ تعليمي ترقي لاءِ گهڻو ڪجهه پاڻ پتوڙيو. انهن سمورين جماعتن خاص ڪري پرائمري تعليم ڏانهن جوڳو توجهه ڏنو.
هن کانسواءِ ثانوي تعليم ۽ اعليٰ تعليم جي ترقي لاءِ ڪجهه تعليمي جماعتون به ٺاهيون ويون، جن مان “سنڌ مدرسه بورڊ” “سوسائٽي فار دي پروموشن آف سيڪنڊري ايڊيو ڪيشن” ۽ سوسائٽي فار دي فيميل ايڊيوڪيشن” قابل ذڪر آهن. هتي ڪراچيءَ جي مشهور ۽ تاريخي اهميت وارن ٽن تعليمي ادارن جو ٿورو ٿورو ذڪر ڏجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي لپي جي اصلاح کان پوءِ سرڪار سنڌ ۾ ورنيڪيولر ميڊيم اسڪول قائم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. آخرڪار ڊسمبر 1853ع ۾ “گورنمينٽ انگلش اسڪول” کوليو ويو.
هي اسڪول بمبئي سرڪار ۽ ميونسپالٽي جي گڏيل امداد تي هلندو رهيو.
1864ع ۾ هاءِ اسڪول جي عمارت ٺاهي وئي، جنهن جو نقشو ليفٽنيٽ چيمپن تيار ڪيو ۽ ان تي 4،816 روپيا لاڳت آئي.
مهاديو شاستري هن اسڪول جو پهريون انگريزي جو استاد، ۽ آخوند محمد حسين سنڌيءَ جو پهريون پارٽ ٽائيم استاد مقرر ٿيا. مئي 1857ع ۾ نارائڻ جڳنناٿ کي هن اسڪول ۾ ماستري ملي.
ان کان پوءِ نارائڻ جڳنناٿ سنڌ جو پهريون ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. جڏهن هن 1872ع ۾ لاڏاڻو ڪيو ته سندس تعليمي خدمتن جي صلي ۾، يادگار طور سندس نالي پويان هن اسڪول جو نالو “نارائڻ جڳنناٿ هاءِ اسڪول” رکيو ويو.
پر پوءِ نارائڻ جڳنناٿ جي پوٽي، بمبئي جي مشهوروڪيل سي _ ڊي ويديه جي درخواست تي، سنڌ سرڪار 1939ع ۾، سندس ذات پٺيان ذات ويديه پڻ ڳنڍڻ جي اجازت ڏني ۽ مٿس پورو نالو “نائڻ جڳنناٿ ويديه (اين _ جي _ وي) هاءِ اسڪول” رکيو ويو.
انگريزن جي “لڙايو ۽ ويڙهايو” واري پاليسي جا جڏهن اثر ظاهر ٿيڻ لڳا ته مسلمانن ۾ بيدار ٿيڻ جو جذبو پيدا ٿيو. ڪن مسلمانن، انگريزن جي انهيءَ پاليسي کي ناڪامياب بنائڻ لاءِ ۽ هندواسين کي ڌڙن ۾ تقسيم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪانگريس جو ساٿ ڏنو، ۽ ٻين وري “وڙهڻ ۽ لڙڻ” جي پاليسي ترڪ ڪري سمجهوتي بازي کان ڪم ورتو. ۽ ڪن وري سرڪار جي مدد سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. سر سيد احمد خان علي ڳڙهه ۾ ڪاليج درپا ڪيو، ۽ وري حسن علي افندي هن ڏس ۾ اڳتي قدم وڌايو. هن “مجمع محمدي” جي قائم ڪرڻ کانپوءِ “مدرسه بورڊ” تشڪيل ڏياريو، جنهن جي ڪوششن سان ٽيهن آگسٽ 1885ع تي “سنڌ مدرسته الاسلام” قائم ٿيو. (24)
“سنڌ مدرسته الاسلام” لاءِ اسڪول جي پنهنجي عمارت بروقت تيار ٿيل ڪانه هئي، ان ڪري “بولٽن مارڪيٽ” سامهون هڪ جاءِ (جنهن ۾ پوءِ “هندو هوٽل” قائم ٿيو) ۾ اسڪول جو ڪم جاري ڪيو ويو.(25)
مدرسي جي موجوده عمارت 1892ع ۾ ٺهي راس ٿي، ۽ ان جو نقشو جيمس اسٽريچن تيار ڪيو هو.(26) هن عمارت جي اڏاوت ۾ سرڪار صرف ٻن لکن روپين جي محمولي رقم جي امداد ڏني.
1882ع ۾ ڪلڪتي ۾ “ايڊيوڪيشن ڪميشن” جون گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون ته “سنڌ سڀا” جي ڪارڪنن انهيءَ ڪميشن جو توجهه سنڌ ۾ “اعليٰ تعليم جي سهولتن نه هئڻ ڏانهن ڇڪايو.(27)
انهيءَ کان پوءِ “سنڌ سڀا” وارن، سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جون عملي ڪوششون شروع ڪيون. ستت ئي پوءِ “ڪاليج فنڊ” قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏيارام ڄيٺمل، ميٺارام گدومل، شوقيرام آڏواڻي ۽ ٻين جي مدد سان نوي هزار روپيا ڪٺا ڪيا ويا.
1886ع ۾ “سنڌ ڪاليج ائسوسئيشن” ٺاهي جنهن جي ڪوششن سان 17 جنوري 1887ع تي “سنڌ آرٽس ڪاليج” قائم ٿيو. جنهن جو افتتاح تڏهوڪي بمبئي جي گورنر لارڊ ري ڪيو.
ڏيارام ڄيٺمل جي لاڏاڻي بعد، ڪاليج جو نالو “ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج” رکيو ويو.
ڪراچي جي تعليمي ترقي، ڏيهي ماڻهن جي جدوجهد ۽ ڪوشش جو نتيجو هئي، تعليمي ترقيءَ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي ٽن طريقن سان اثر وڌو، جن جو ڌار ڌار ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
نه صرف ڪراچي مگر پوري سنڌ جي ادبي ناريج جي جائزي وٺڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته تعليم کاتي وارن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا جيئن دل تي گهڙا ڀريا آهن، تنهن جو مثال ڪوبه ٻيو کاتو ڏئي نه ٿو سگهي. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا ناميارا ڏات ڌڻي هن ئي کاتي جي پيداوار آهن. نه صرف ايترو پر ڪيترا ليکڪ شاعر، عالم ۽ اديب هن ئي کاتي سان وابسته رهيا آهن.
ڪراچي جي علمي ۽ ادبي تاريخ، تعليم کاتي جي ملازمن ۽ تعليمي ادارن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن جو ٻيو نالو آهي. هن شهر جي تعليمي ادارن مان “سنڌ مدرسته الاسلام”، “اين _ جي _ وي هاءِ اسڪول” ۽ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج” اهڙا ادارا آهن جن جا استاد پنهنجي وقت جا وڏا ليکڪ، عالم، شاعر ۽ اديب تي گذريا آهن.
مولوي الله بخش اٻوجهو، مخدوم محمد صالح ڀٽي، لعل چند امر ڏنو مل، ڊاڪٽر دائود پوٽه ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ، قاضي عبدالرزاق ، مولانا نورنگ زاده ، مولوي عبدالرحيم ، نورمحمد نماڻو ۽ محمد ابراهيم جويو وغيره “سنڌ مدرسته الا سلام” جا استاد ٿي گذريا آهن ۽ سندن علمي ۽ ادبي خدمتن کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر لالسنگ اجواڻي، رام پنجواڻي جهڙا ناميارا ڏات ڌڻي “ڊي _ جي سنڌ ڪاليج” جا ئي استاد هيا. ازنسواءِ ڪرمچند هنڱوراڻي، ڏيرام وسڻمل ميرچنداڻي ۽ روچيرام سڏاڻي “اين _ جي _ وي هاءِ اسڪول” جا استاد هئا. نارائڻ جڳنناٿ جنهن جي نالي پٺيان هي اسڪول سڏيو وڃي ٿو، ۽ جو انگريزي دور جي ابتدائي ليکڪن مان هڪ هو سو به ڪيترو وقت هن اسڪول جو استاد ٿي رهيو.
ڪراچي جا مشهور شاعر ڌرمداس سڏاڻي ، سائين غني ، عبدالله “عبد” ۽ علي محمد “امير” به استاد هئا.
نه رڳو ڪراچي جي تعليمي ادارن جا استاد پنهنجي وقت جا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، پر سنڌ جي ڪيترن نامڪٺين ڏات ڌڻين مٿي ذڪر ڪيل مکيه تعليمي ادارن ۾ تعليم ورتي، ۽ انهن کي جيڪڏهن ڪراچي جي تعليمي ادارن جي پيداوار چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
سنڌ مدرسته الاسلام ڪيترائي نامور اديب، شاعر ۽ ليکڪ پيدا ڪيا جن اڳتي سنڌي ٻولي ۽ عالم ادب جي مثالي خدمت ڪئي. اهڙن ڏات ڌڻين مان آغا تاج محمد، علي خان ابڙو، آغا غلام نبي صوفي، غلام علي سرور ، سيد ميران محمد شاهه، سيد عطا حسين شاهه، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، مراد علي ڪاظم، عبدالحسين شاهه موسوي، احمد غلام علي چاڳلا، محمد اسماعيل عرساڻي، سرشار عقيلي، حبيب الله“فڪري” عبدالله “عبد” غلام حسين جلباڻي، صوفي دوست محمد “ساجد” سرشاري شمشيرالحيدري، رسول بخش پليجي، عبدالمجيد، “عابد”، علي احمد بروهي، حنيف صديقي، ساقي سجاولي مظهر حسين “جوش” عبدالحليم “جوش” مير علي نواز “ناز”، ۾ مرزا اسد بيگ اي _ ڪي بروهي، جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
اهڙي نموني سان “ڊي _ جي _ سنڌ ڪاليج” وري سنڌي علم ادب کي غير مسلم ليڪن، شاعرن ۽ اديبن جي کيپ ڏني. انهن مان آوڌسنگهه مهتاب سنگهه آڏواڻي، فتحچند مينگهراج آڏواڻي، پرمانند ميورام آڏواڻي، ربواچند دولترام آڏواڻي، مولچند ڏيارام، جئرامداس دولترام، جهامنداس دوراڪا داس، هشمتراءِ ڇٻلاڻي، خانچند درياڻي، تاراچند گاجرا ، عالم ٽيڪچند گدواڻي، نرملداس گربخشاڻي، آنند هنڱوراڻي ، لعلچند امر ڏنومل جڳتياڻي ، پريمچند آوتراءِ جهانگياڻي ، لوڪو مل ايسواڻي، منوهر داس ڪوڙومل کلناڻي، کيمچند ريواچند کلناڻي، ڪشنچند رامچند ڪرپالاڻي، رامداس لکاڻي، خانچند پرتاب راءِ لعلواڻي، تاراچند لعلواڻي، لالسنگ مدناڻي، هيرانند کيمچند ماکيجاڻي، ديال سنگهه ملڪاڻي ، گهنشامداس ملڪاڻي ، ڪنولسنگ پوهومل ، نارائڻداس رتن مل ملڪاڻي، آسانند مامتورا ، ڏيارام وسڻمل مير چنداڻي، ڀوڄرا ناگراڻي، ڄيٺانند ناگواڻي، ڪشنچند ناگواڻي ، ٺاڪرادس ناگراڻي، بولچند راجپال، منگلسنگ رامچنداڻي ، جمناداس سڏاڻي، روچيرام سڏاڻي، صاحب سنگهه شاهاڻي، تيجومل شاهاڻي، مولچند ٺڪر ۽ ليلارام پريمچند واڌواڻي جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
ڪراچي جي تعليمي ادارن نه رڳو ڪيترن عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو ، پر سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي اوسر ۽ ترقي لاءِ عملي ڪم به ڪيو.اين_ جي_ وي هاءِ اسڪول جي مسيلني،ڊي _جيسنڌ ڪاليج جي مسيلني ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جي مدرسه منٿليءَ کي ادبي تاريخ مرتب ڪندي ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.
ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ وقت بوقت علمي ۽ ادبي جماعتون برپا ڪيون وينديون هيون، جيڪي استادن توڙي شاگردن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو هيون. انهن علمي ۽ ادبي جماعتن نه رڳو سنڌي ٻولي جي اوسر ۽ ترقي ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو، بلڪ علم ادب کي نوان موڙ به ڏنا.
سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي جو بنياد به ڪراچي جي مکيه تعليمي مرڪز “ڊي _ جي سنڌ ڪاليج” طرفان وڌو ويو. انهيءَ ئي ڪاليج ۾ 1919 ۾ “انڊين مجلس” نالي “ادبي جماعت” قائم ڪئي وئي، هڪ سال کانپوءِ ان جو نالو بدلائي “انڊين لٽرري سرڪل” رکيو ويو (28). انهيءَ کان به ڏهه سال اڳ ساڳي ئي تعليمي اداري ۾ “لٽرري ائنڊ ڊيٽنگ سوسائٽي” سرگرم عمل هئي. هن سوسائٽي طرفان هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون. هن ئي اداري ۾ 1943ع ۾ “سنڌي ادبي سرڪل” قائم ٿي، جيڪا 1947 تائين فعال رهي. انهيءَ ادبي سرڪل جي سهاري هيٺ ادبي گڏجاڻيون ڪرايون وينديون هيون ۽ ڪيترن موقعن تي ڊراما پڻ اسٽيج ڪرايا ويندا هئا.
اهڙي نموني سان “سنڌ مدرسته الاسلام” جي تاريخ به ڊيٽنگ سوسائٽين ۽ ادبي جماعتن جي سرگرمين سان ڀري پئي آهي. سڀ کان پهريون 1886ع ۾ تڏهوڪي پرنسپال ولي محمد حسن علي جي ڪوششن سان “ڊيٽنگ سوسائٽي” قائم ٿي ، ۽ ان سلسلي جي آخري ڪوشش محمد ابراهيم جوئيي طرفان ٿي، جنهن اداري ۾ استاد هئڻ جي ناتي سان 1946ع ۾ “سنڌ مدرسه سنڌي لٽريري سوسائٽي” قائم ڪرائي.
حوالا
(1) Azimus Shan Haider: History of Karachi, (Karachi, Ferozsons, 1974, P.24)
(2) M. Hamiuddin: History of Muslims Education. Vol II, (Karachi, All Pakistan Educational Conference, 1973, P. 160)
(3) Gover B. L : Studies in Modern Indian History, (New Delhi, S. Chand & Co: 1963, P. 276)
(4) رحيم بخش: جديد تعليمي طريقا ۽ مسئلا،(حيدرآباد، آر.ايڇ .احمد ائنڊ برادرس ، 1967 ص 56)
(5) Izzatullah Shaikh: Indo- Pak- Education, (Lahore, Iqbal Company Ltd, P. 123)
(6) ظفر حسين خان: تاريخ تعليم، (ڪراچي الجعفر اڪيڊمي، 1973، 193)
(7) ڏسو حوالو نمبر 4. ص 62
(8) حوالو ساڳيو، ص، 66
(9) ڏسو حوالو نمبر 3، ص 283
(10) Sorely H. T. Geazetter of the Province of Sind, (Lahore, Govt: of west Pakistan 1933, P. )
(11) Harrison: A hand book of Karachi” (Karachi, 1933, P. 25, 1964 P. 25)
(12) Govt Publication : A Hand book of the Government Records, (Karachi, 1933 P. 25)
(13) Ibid, P. 41
(14) Daily Gazette, (Karachi dt: 30-8. 1922, P. 4)
(15) March of Education in Karachi, (Karachi, Directorate of Education, 1962, P. 18)
(16) ڏسو حوالو نمبر 1، ص 24
(17) ڏسو حوالو نمبر 11، ص 23
(18) حوالو ساڳيو، ص 49
(19) اها معلومات بمبئي ۽ سنڌ سرڪار جي مختلف ساليانه تعليمي رپورٽن مان ورتي وئي آهي.
(20) ڏسو حوالو نمبر 1، ص 26
(21) Smyth. J. W. Gazetteer of the Province of Sind Karachi Distt, (Bombay, 1919, P. 37)
(22) حوالو نمبر 1، ص 26
(23) حوالو نمبر 11، ص 49
(24) قاضي عبدالرزاق:سنڌ مدرسته الاسلام جي مختصر تاريخ”
(سنڌ مدرسه گولڊن جوبلي ڪرانيڪل، ڪراچي، 1935، ص 16)
(25) ڊاڪٽر ممتاز بخاري : سنڌ مدرسته الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو، (تحقيقي مقالو، ص 44)
(26) حوالو نمبر 1، ص 32
(27) حوالو نمبر 11، ص 39
(28) درمحمد پٺاڻ : ڪراچيءَ جو سنڌ ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو (تحقيقي مقالو،1979،ص 447)
ڪراچي، سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ مذهبن جا پوئلڳ رهن ٿا. انهن مذهبن وقت به وقت ڪراچي جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو آهي. انهن منجهان مکيه مذهبن تحريڪن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
ڪراچيءَ جي انهن اسلامي جماعتن جو احوال ڏجي ٿو، جن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو.
هيءَ انجمن ويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ قائم ڪئي ويئي، جيڪا اڪثر مذهبي ڏڻن تي واعظ ۽ مجلسون ڪرائيندي هئي. مولوي عبدالڪريم درس هن انجمن جو روح روان هوندو هو.
هيءَ انجمن 1910ع ۾ قائم ڪئي ويئي، انجمن جي ڪارڪنن مذهب اسلام جي چڱيءَ طرح خدمت ڪئي. انجمن ’جا نوجوان ڪارڪن روزانو شام جو ڇهين کان ستين وڳي تائين ڪراچي شهر جي مکيه هنڌن تي تبليغ ڪندا هئا (1) .
انجمن جي هال ۾ هر جمعي تي مذهبي موضوع تي تقريرون ڪيون وينديون هيون، اهڙين تقريرن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو:
نمبر موضوع |
مقرر جو نالو |
تاريخ |
“مسلمان ۽ ايثار جي اهميت” |
تاج محمد مير محمد |
10-5-1912ع |
“مسلمانن ۾ ذاتين جا ڀيد” |
محمد حسين ماستر |
17-5-1912ع |
“اسلام جا اڳيان هيرا” |
محمد رشيد |
24-5-1912 ع |
“مسلمانن جو قومي |
حڪيم مولوي |
28-6-1912 ع |
وڳو” |
تاج محمد |
|
“مسلمان ۽ بيداري” |
محمد علي |
29-3-1914ع |
”دوستي سان دوستي، |
عبدالرحمان |
17-4-1914 ع |
دشمن سان پيار” |
|
|
ان کان سواءِ هن انجمن “فري ريڊنگ لئبرري” به قائم ڪئي، جيڪا ميمبر توڙي غير ميمبر استعمال ڪري سگهندا هئا. انجمن وارا مختلف وقتن تي مسلمان شاگردن جي وچ ۾ تحريري مقابلو به ڪرائيندا هئا، ۽ کٽندڙ کي انعام ڏنو ويندو هو. هن انجمن 1912ع ۾ “سنڌ جا مسلمان رهبر” جي موضوع تي تحريري مقابلو ڪرايو (2). هيءَ انجمن غريب مسلمان شاگردن جي به مدد ڪندي هئي. انجمن جي اڳواڻن ۽ سرگرم ڪارڪن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، حافظ غلام رسول مير نبي بخش، ماستر محمد حسين، محمد خان ۽ تاج محمد جا نالا قابل ذڪر آهن.
هن کان اڳ ۾ لوئر سنڌ جي مسلمانن پنهنجي مذهبي ۽ اخلاقي ترقيءِ لاءِ هڪ جماعت ٺاهي هئي، جيڪا اڪثر ڪري پنهنجي تر جي مسلمانن جي خدمت ڪندي هئي. انهيءَ تنظيم متعلق پرڏيهي حاڪمز ۽ ڏيهي سرڪاري عالمن کي غلطفهميون پيدا ٿي پيون، ان ڪري ڪليڪٽر لارينس، مولوي حامد الله جي تعاون سان “انجمن معلم الشم” قائم ڪرائي، هيءَ انجمن سال ۾ به دفعا گڏجاڻي ڪندي هئي. (3)
هنن مکيه انجمن کان سواءِ ڪراچي جي مڪتبن ۽ مرسن به اسلام جي نشر و اشاعت ۽ تبليغ لاءِ اهم پارٽ ادا ڪيو.
ٿلهي ليکي ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته مسلمانن مذهب جي ميدان کان وڌيڪ سياسي، ۽ سماجي ميدانن ۾ منظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن اسلام تي ڌارين طرفان حملا ٿيندا هئا، ته ڪراچي جا مسلمان اجتماعي توڙي انفرادي طور تي ان جو جواب ڏيندا هئا.
ائين چئي سگهجي ٿو ته مذهب اسلام ٻن طريقن سان سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو.
هڪ داخلي طور، اڪثريت جي مذهب واري صورت ۽ ٻيو خارجي طور تي ڌارين مذهب طرفان ڪيل مذهبي حملن جي جواب جي رد عمل طور.
اسلام جو اثر مطالعي هيٺ آيل دور جي هر انهيءَ تصنيف ۾ نظر اچي ٿو، جا ڪنهن مسلمان جي زور قلم جو نتيجو آهي. الله بخش اٻوجهي جو ڪتاب “مسدس اٻوجهو” حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جون تصنيفون: “حيات النبي” “قرآن پاڪ جي تعليم”، “تنيوير الا ايمان”، “اخلاق محمدي”، “دل ۾ گهاءُ ڪندڙ مناجات”، ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ، مولانا دين محمد وفائيءَ جون تصنيفون:
“تاريخ محمد مصطفيٰ”، “صديق اڪبر”، “فاروق اعظم”، “سيرت حضرت عثمان”، “حيدر ڪرار”، “خاتون جنت”، مولوي عبدالرحيم، جا ترجمون ڪيل ڪتاب .
“تحفته المسلمين”، “دلائيل ايمان”، “تحفته المومنات”، “عقائد الاسلام”، “تحفته الصائين”، ۽ اسلام جو دنيا تي احسان”، قاضي عبدالرزاق جا ترجمو ڪيل ڪتاب : “دانائي جا سبق”، “اسوه حسنه” ۽ “مقاصد اسلام” کي نج مذهبي ادب يا مذهب اسلام جو ڪراچي جي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب تي داخلي اثر چئي سگهجي ٿو.
هن کان سواءِ رد عمل طور جو مذهبي ادب پيدا ٿيو، تنهنجو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو .
پهرين محرم1235هه تي شيراز ۾ حسيني خاندان ۾ سيد علي محمد نالي هڪ شخص پيدا ٿيو . سندس والد جو نالو سيد رضا محمد هو . جيڪو هڪ واپاري هو ۽ پٽ جي ولادت کان اڳ انتقال ڪري ويو . سيد علي محمد کي پنهنجي مامي پالي وڏو ڪيو (4) .
هن ئي شخص 1260هه ۾ اهو اعلان ڪيو ته دنيا ۾ هڪ اهڙي هستي اچڻ واري آهي ، جنهن لاءِ ديني ڪتابن ۾ بشارت ڏني ويئي آهي ۽ هن پوءِ پاڻ کي “باب” سڏايو (5) .
هن کان پوءِ “حسن علي” پاڻ کي بهاءُ اللهه سڏايو۽ دعويٰ ڪئي ته منهنجي اچڻ جي ئي بشارت ڏني ويئي هئي. هن جا پوئلڳ پاڻ کي “بهائي” سڏائيندا آهن.
ٿلهي ليکي بهائي تحريڪ جو دور 1844ع کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن سيد علي محمد “باب” هئڻ جي دعويٰ ڪئي هن تحريڪ جو اثر 182ع تائين ايران ، عراق ، عربستان ، ۽ هندستان تائين پهچي چڪو هو . هن تحريڪ جو ٻيو دور 1853 ع کان وٺي 1892ع تائين يعني “بهاءَ الله” جي دعويٰ کان وٺي ويندي سندس وفات تائين پورو ٿئي ٿو. هن دور ۾ بهائي تحريڪ برما ، لبنان ، سوڊان ، ترڪي ، فلسطين ، شام ، ۽ افغانستان تائين پکرجي ويئي . تحريڪ جي ٽئين دور کي “حضرت عبدالبهاءُ جو دور” چئجي ٿو. جنهن جي ابتدا 1892ع کان ٿي ، ۽ انتها عبدالبهاءُ جي وفات 1921ع سان ٿي . (6)
ڪراچي ۾ اسفند ياربختياريءَ جو نالو بهائي تحريڪ جي مکيه پرچارين ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو.
هيءُ ويهين صديءَ جو ٽئين ڏهاڪ، ۾ اچي ڪراچي ۾ سڪونت پذير ٿيو. پاڻ ايران جو هو ۽ اتي 1912ع ۾ بهائي ٿيو هو. هن کان اڳ 1911ع ۾ پروفيسر رضا شيرازي ڪراچي ۾ آيو ۽ اچي تبليغ ڪيائين (7) .
هن تحريڪ سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب کي به محدود حد تائين متاثر ڪيو. مرزا ڪليچ بيگ 1917ع ۾ بهائي الله جي ڪتاب “هفت وادي ۽ چهار وادي” جو سنڌيءَ ۾ “اسرار جو خزانو” نالي، سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ 1938ع ۾ وري سوڀراج نرملداس “بهاء جو زمانو” جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جو ڊاڪٽر جي اسلمينٽ جي تصنيف “Bahaullah & the New Era” جو ترجمو هو.
(ب) ٿيا سافيءَ جو اثر:
ٿيا سافيڪل سوسائٽي 1875ع ۾ نيويارڪ ۾ قائم ڪئي ويئي جنهنجو هيڊ ڪوارٽر 1882ع ۾ مدارس ڏانهن منتقل ڪيو ويو. (8)
هن سوسائٽي جي بانيڪار ميڊيم بلوٽسٽڪي هئي، جيڪا اصل ۾ روس جي رهواسيڻ هئي (9) . ميڊيم بلئوٽسڪي ٻڌمت کان بيحد متاثر ٿي، ۽ اهو ساڳيو رنگ ٿيا سافيڪل سوسائٽي ۾ پڻ ڀريائين .
اهو عجيب اتفاق آهي ته “ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ جو بنياد هڪڙي عورت وڏو ۽ ٻيءَ عورت وري هن مڪتب فڪر کي هندستان ۾ مشهور ڪيو . اها ڊاڪٽر ائني بيسنت ، ائيني بيسنت 21 مئي 1889ع تي انهيءَ جماعت ۾ شريڪ ٿي، ۽ ان جي ڪارڪنن کيس جماعت جي خدمت ڪرڻ لائق سمجهي هندستان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو . هوءَ پوءِ ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ جي پهرين پريزيڊنٽ، جي وفات بعد 1907ع ۾ دنيا جي ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ جي پريزيڊنٽ چونڊي . ان وقت سوسائٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر اديار ۾ هو . ان منصب تي هن 26 سال ڪم ڪيو ، ۽ 1933ع ۾ وفات ڪيائين(10)
1875ع کان وٺي 1937ع تائين هن مڪتب فڪر گهڻي ترقي ڪئي، دنيا جي ستيتاليهن ملڪن ۾ هن سوسائٽي جا مرڪز کلي چڪا هئا. هندستاني مرڪز ۾ ڪل 300 شاخون هيون (11) .
ڪراچي ۾ “ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ” ڊسمبر 1896ع ۾ قائم ڪئي ويئي . جيڪا سڄيءَ سنڌ تي هن مڪتب فڪر جي اثر وجهڻ جو باعث بڻي . ديوان دولترام ڄيٺمل هن سوسائٽيءَ جو پهريون پريزيڊنٽ ۽ ڊي _ پي ڪوٽوال ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو (12) .
هيءَ سوسائٽيءَ پوري مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سرگرم رهي . سوسائٽيءَ کي پنهنجو هال، لئبرري ۽ ريڊنگ روم هئي جنهن جي وسيلي هن فڪر منظم نموني سان پنهنجو اثر وڌايو .
“ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ” طرفان هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون رهيون، جن ۾ چوٽيءَ جي هندو مسلمان ۽ عيسائي اديبن ۽ شاعرن به ٻئي شرڪت ڪئي .
ائني بسنت 1919ع ۾ سنڌ جو دور ڪيو . ۽ حيدرآباد ۾ سڏايل “سنڌ ٿيا سافيڪل ڪانفرنس” جي صدارت ڪئي (13)
ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ جو فلسفو مذهبي حيثيت ته نه وٺي سگهيو ، پر هندستان انهيءَ کي چڱي اهميت ڏني . انهي چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هن فلسفي هندن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ سندن مذهبي فلفسي کي مغرب تائين رسائڻ ۾ ڏاڍو ڏڍ ڏنو . هن مڪتب فڪر ڪرشن مورتي کي “جڳت گرو” ڪري پيش ڪيو جنهن ڳالهه هندن ۾ روحاني اعتماد پيدا ڪيو .
سنڌ ۾ هن فلسفي چڱيءَ طرح پاڙون پختيون ڪيون ۽ انهيءَ جو انتظامي مرڪز ته ڪراچي ۾ رهيو پر نشر و اشاعت جو سلسلو حيدرآبادين جي هٿ ۾ رهيو. حيدرآباد ۾ ڄيٺمل پرسرام “ٿيا سافيڪل سوسائٽي” جي باني جي نالي (بلئوٽسڪي) پٺيان پريس قائم ڪئي ، ۽ اتان “برهم ويا ادب” جي اشاعت شروع ڪئي .
انهن ڪتابن جي تصنيف توڙي ترجمن ۾ حيدرآباد سان گڏ ڪراچي جي سنڌي عالمن ، اديبن ۽ ليکڪن جو به وڏو هٿ هو.
ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اهڙن اديبن جي گڏيل ڪوشش سان جي ڪتاب لکيا ۽ ترجمون ڪيا ويا ، تن ۾ ڪرشنا مورتي جا : “وديا ته شيوا”، “گيان سر” “آنند ٻار”، “سچ ڪير ٿو آڻي”، “ستگر جي چرنن ۾”، “سچا ستگر” ۽ ڊاڪٽر ائني بيسنت جا لکيل ڪتاب : “ڀڳو گيتا”، “اپنشد گيان”، “يوگ جي سمجهائي”، “شري ڪرشن”، “اسلام” ۽ “جي ڀائين ته جوڳي ٿيان”، وغيره قابل ذڪر آهن .
انهيءَ کانسواءِ ڄيٺمل پرسرام جي ايڊيٽريءَ هيٺ نڪرندڙ ماهوار “روح رهاڻ” ۽ جمشيد سهتا جي ايڊيٽريءَ هيٺ نڪرندڙ ماهوا “ستاره”، هن ئي مڪتب فڪر جا ترجمان رسالا هئا .
هنن رسالن سالن جا سال سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي “برهم وديا” لٽريچر سان مالا مال ڪيو .
سنڌ ۾ عيسائيت جا آثار پارٽي راڄ جي دور ۾ ملن ٿا سينٽ ٿامس (وفات 18هه) پهريون حواري هو، جنهن جي تبليغ تي سيستان جي پار ٿي راجا گندو فيرس عيسائي مذهب اختيار ڪيو (14) .
هڪ حاڪم جي مذهبي تبديلي لازمي طور تي سيستان جي عوام کي به متاثر ڪيو هوندو ۽ “جهڙو راجا ، تهڙي پرجا ” جي مصداق ، ڪيترن ماڻهن عيسائي مذهب اختيار ڪيو هوندو .
ماضي قريب جي دور ۾ محمد بن قاسم جي ڪاهه (712) وقت ، سنڌ ۾ ڪليسائين جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا . هن دور جون ڪليسائون ايتريون ته ڪمزور هيون ، جو سنڌ جي معشري تي ڪوبه اثر وجهي نه سگهيو (15) . اهوئي سبب هئو جو نئون مذهب اسلام سنڌين لاءِ قابل قبول ٿيو .
برصغير ۾ پورچيگيزن جي بيٺڪن جي قائم ٿيڻ سان گڏ سنڌ ۾ عيسائيت پنهنجا پير پختا ڪرڻ لڳي. سنڌ جي تاريخ ۾ 1555ع وارو سال وڏي اهميت رکي ٿو . هن سال گوا جي وائسراءِ فرنسڪو بريٽو سنڌ جو واپار جيڪو ايراني نار ۽ گجرات سان هلندو هو، سو پرچيگيزن جي هٿ هيٺ هو . 1612ع ۾ جڏهن انگريزن پهريون دفعو لاڙي بندر ۽ ٺٽي ۾ پهتا هئا ته اتي ان وقت واپار جا مالڪ پورچيگز هئا، جن عيسائيت جي تبليغ لاءِ لاڙي بندر تي هڪڙي ديول به تعمير ڪرائي هئي .
جنهن جي ديوارن تي تثليث جون تصويرون پڻ نڪتل هيون(16) .
1620ع کان پوءِ واري زماني ۾ سباٽن مانرڪ پورچيگزي پادريءَ جون ڪاروايون نظر اچن ٿيون . جنهن آگستينن مشن جي نگرانيءَ هيٺ لاڙي بندر واري ديول کي سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ جو مرڪز بنائي ڇڏيو ، هن ديول کي شهزادي خرم ٺٽي اچڻ وقت ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو . وري جڏهن خرم “شاهجان” جي لقب سان تخت تي ويٺو ته ساڳيوئي پادري هن کان لاڙي بندر ۾ ديول قائم ڪرڻ جو پروانو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو (17) .
لاڙي بندر کان سواءِ تنهن زماني ۾ ٺٽو به عيسائيت جي تبليغ جو مرڪز رهيو . هن شهر ۾ جن پادرين وفات ڪئي سي آهن . فادر لوئي فرانس (وفات1622) فادر پئٽرڪ آف سينٽ لوئس (وفات آگسٽ 1633ع) فادر مچل آف سينٽ سائمن (وفات جولاءِ 1657 ع) ۽ فادر پيٽر (وفات جولاءِ 1657ع ) (18) .
عيسائيتن جي موجودگيءَ متعلق سلسلي جون ڪڙيون اچي انگريزن جي دور سان ملن ٿيون.
انگريزن جي دور ۾ منظم نموني سان عيسائيت جي تبليغ ٿي . انگريزن جي آمد سان گڏ “چرچ مشنري سوسائٽي” پنهنجون سرگرميون جاري ڪيون . 1853ع ۾ ڪيئپٽن پريڊي جو قائم ڪيل اسڪول هن جي حوالي ڪيو ويو . ان کان سواءِ “بائيبل سوسائٽيءَ”، “دي ڪراچي ڪٿولڪ پروپيگنڊا ڪميٽي”، “اسٽوڊنٽس مشنري ليگ”، ۽ بين ڪيترن ئي عيسائي مذهب جي تنظيمن پنهنجي مذهب جو تبليغي ڪم شروع ڪري ڏنو .
ڪراچي ۾ “سينٽ پئٽرڪ چرج” (1845 ع)(دي ٽرنٽي چرچ (1855) ، “چرچ مشنري سوسائٽي چرچ” (1856ع) ميٿوڊسٽ اپسڪول چرچ (1975ع) ، ۽ “اسڪائٽش چرچ” (1888ع) قائم ٿيون، جن به عيسائيت جي تبليغي ڪم کي وڏي هٿي ڏني .
عيسائي مذهب منظم تحريڪ جي وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو . ڪراچي جي “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي” طرفان ڪيترائي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب شايع ڪرايا ويا .اهڙن ڪتابن جو جيڪڏهن مختصر وچور ٺاهيو ته اهو هن ريت ٿيندو:
”سانجهي جي دعا” (1916)، “انجيل” (1922) ، “متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل” (1930) ، “مسيحي مسافر جو احوال” (1933) ،” “هڪڙي جاپانيءَ جو قصو” (1934) “سچو سڄڻ” (1934) ، “ڪگاوا جا آتمڪ آزمودا” (1936) “دلپسند زندگي” (1936) ، “معرفت جو راز” (1939) ، “مسيح جي حقيقت” (1940) ، “شروعاتي مٺا ميوا” (1943) ،“اڳڪٿين جي تڪميل” (1943) ،“خدا جو خاندان” (1944) ، “جئسنگهه بهادر” (1945) ، “پهڻ ڪنهن هٽايو” (1945) ، “ناتال” (1946) ،“پرماتما جي بادشاهت ۽ ان جا فائدا” (1946) ، “موت کان پوءِ ڇا ٿيندو” (1946) ، “هڪڙو عجيب خواب” (1946) ، ڪاشيءَ جي ٻن تيرٿ واسين جو قصو” (1947) ، “دنيا جي اميد” (1947) ، “افضل راز” (1947) ، “خدا جي هستي” (1947) ، “دعائن جو گلدستو” (1947) ، “ههڙو عجيب ڪرڪيٽئر” (1947) ، “جهاد جو سوجهرر” (1947) ، “هڪڙو عجيب مڪاشفو” (1947) ، ”پتا جو پيار” (1947) ، “مقدس لوق جي معرفت پاڪ انجيل” (1947) ، “رڻ پٽ جي مسافريءَ” (1947) ، “هدايت نامو” (1947) ۽ “پنڊت تاراماٻائي” وغيره، (19)
ازنسواءِ 1896ع کان شايع ٿيندڙ “جوت” اخبار ته رڳو ڪراچي جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي پر تنهن دور جي سموري علم ادب ، صحافت ۽ ٻوليءَ کي متاثر ڪيو .
“گل ڦل” ۽ “بهادر” جهڙا ڪتاب “جوت” ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ ڪهاڻين جي مشمتل آهن ، ۽ انهن کي اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آهي . کيمچند ، پرمانند ۽ فادر ڪوٽواڻي سنڌي عيسائي هئا ، ۽ انهن سمورن ليکڪن مان پرمانند ميوا رام ۽ فادر ڪوثواڻي جن پنهنجي فلم جي وسيلي عيسائيتن جي تبليغ لاءِ گهڻو ڪجهه پتوڙيو ، سندس ڪتاب “ڪرست جي پيروي” ۽ اپائڻهار جي هستي عيسائي ادب جو بهترين سنڌي ترجمو آهن .
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪوبه اهڙو دور نه آيو آهي ، جنهن ۾ سنڌ ۾ هندن جي غير موجودگيءَ جا اهڃاڻ مليا هجن. ويدڪ زماني کان وٺي اڪثريت ۽ حڪومت انهن جي هئي. محمد بن قاسم جي ڪاهه وقت سنڌ جا ڪيترائي هندو مسلمان ٿيا.جن اسلام قبول نه ڪيو تن مان ڪي پنجاب لڏي ويا، ۽ ڪي اتي ئي رهي پيا .
سنڌ جي هندن کي هر دور ۾ زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ اڳواڻي پئي حاصل رهي آهي. ليڪن انگريزن جي دور ۾ هو گهڻن ڳالهين ۾ باقي سنڌ واسين کان گوءِ کڻي ويا ، عربن جي آمد کان پوءِ هي دور سندن نئين سر بيداري جو دور هو . هن عرصي ۾ انهن سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي ميدان ۾ منظم ٿي ترقيءَ جا معراج ماڻيا . سندن ڌرم اڻ ڳڻين تحريڪن کي جنم ڏنو . سنڌ واسي هندن هر تحريڪ کي پنهنجن مفادن جو محافظ ڄاڻي اوج تي رسايو . سندن مذهبي تحريڪن نه رڳو هننن جي دنيا سڌاري ۽ سنواري ، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب تي به ڀرپور اثر ڇڏيو . هن هيٺ مکيه تحريڪن جو ذڪر ڪجي ٿو.
آريا سماج جي تحريڪ مغربي تهذيبن جي اثر جو رد عمل هئي . هن تحريڪ جو بنياد سوامي ديانند وڌو. جنهن جو جذبو پيدا ڪيو . هندن هن تحريڪ کان متاثر ٿي ويدن کي “علم ڪل” جي حيثيت سان مطالعو ڪيو ۽ انهن کي ائين دنيا اڳيان پيش ڪيو . تحريڪ جي پوئلڳن سماجي سڌاري ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ چڱي طرح پاڻ پتوڙيو .نه صرف ايترو پر هن تحريڪ لال هنسراج ، پنڊت گرودت ۽ لالڄپتراءِ جهڙا سياسي اڳواڻ به پيدا ڪيا .
هن تحريڪ ڪن اڳواڻن ڪٽرپڻي جي بنياد ٿي مسلمانن ۽ ڪرستانن خلاف هندن کي ڀڙڪايو ۽ کين “هندستان هندن لاءِ” جو نعرو ڏنو . شدي تحريڪ به هن ئي مڪتب فڪر جي پيداوار هئي (20) .
آريا سماج جي تنظيم 1875ع ۾ بمبئي قائم ڪئي وئي . ان کان پوءِ هندستان جي ٻين علائقن ۾ تنظيم جون شاخون قائم ٿيڻ بڳيون . ڪراچي ۾ هي تنظيم 1896ع ۾ قائم ٿي .
ان کان سواءِ ڪراچي ۾ “دي آريا ينگ مينس ائسوسيئشن” به هوندي هئي . جا پڻ هن تنظيم جي ذيلي شيخ هئي .
هن تنظيم طرفان ڪراچي ۾ “پتري پات شالا” ۽ “ڊي _ اي وي اسڪول” قائم ڪيو ويو (21).
ان کان سواءِ “دي آريا ينگ منس ائسوسيئشن” طرفان وقت به وقت مذڪرا ۽ تقريرون وغيره ٻه ڪرايون وينديون هيون (22) .آريا سماج جي برصغير جي نامڪٺين اڳواڻن کي به سڏايو ويندو هو .
هن تحريڪ جي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو.
تحريڪ داخلي طور تي تقرير ۽ تعليم جي ترقيءِ جو باعث ٿي ۽ خارجي طور تي هندو مسلم نفاق کي هوا ڏيڻ جو ڪارڻ بڻي . جنهن وري تنهن دور جي سنڌي علم ادب کي به متاثر ڪيو . مسلمان عالمن اديبن ۽ شاعرن رد عمل طور آرين جي جواب ۾ قلم کنيو .ماهوار “ترقي”، توحيد“۽ ڪاميابي” جا پرچا اڄ به اهڙي ادب سان ڀريا پيا آهن . مولانا دين محمد “وفائي” منظم نموني سان هن تحريڪ جو مقابلو ڪندو رهيو . هن هيٺ “توحيد” ۾ شايع ٿيل اهڙِ مواد جو مختصر وچور پيش ڪجي ٿو :
نمبر |
عنوان |
ليک |
سال |
|
آريه اخبار جي غلط بياني |
محمود شاهه راشدي |
آڪٽوبر1925ع |
|
“آريه ڌرم ۽ عقل” |
دين محمد وفائي |
فيبروري 1926ع |
|
“آرين جي اعتراض جا جواب |
محمد بخش واصف |
آڪٽوبر1934ع |
|
“آريه ڌرم جو اصولي مسئلو |
حاجي محمود هالائي |
مارچ 1935ع |
|
“ويد ڇا آهن؟” |
محمد بخش واصف |
فيبروري 1936ع |
برهمو سماج جو بنياد 1830 ع ۾ رام موهن راءِ وڌو . رام موهن راءِ ڪيتريون ئي ڏيهي پرڏيهي ٻوليون ڄاڻيدو هو . مغربي تهذيب جي اثر جي رد عمل کيس هندستان ۾ “برهمو سماج” رائج ڪرڻ تي آماده ڪيو . هن جي وفات بعد ٽئگور ۽ برهانند ڪيشب چندرسين انهيءَ نطرئ کي چوٽ رسايو (23) .
هن تحريڪ هندن کي مذهبي ، سماجي ۽ سياسي ميدانن ۾ نون موڙن اختيار ڪرڻ جي قوت بخشي ۽ کين عيسائيت جي تبليغي چنگل کان آزاد ڪيو . ان کان سواءِ هندن مان پردي جي اجائي رواج ۽ ٻالپڻي ۾ شادي ڪرڻ جي رسمن جي پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين ذات پات جي چڪر مان جند ڇڏائڻ جو رستو ڏسيو .
سنڌ ۾ ساڌو نولراءِ هن تحريڪ جو پايو وڌو، ۽ سندس ڀاءُ شوقيرام نولراءِ سندس جو ساٿ ڏنو .
تنهن کان پوءِ ديوان ڪوڙيمل، ڀڳت روپ چند، ديوان ڌرمداس، ديوان ٽهلرام ڊاڪٽر ربن ۽ ساڌو واسوائيءَ هن مڪتبه فڪر کي گهر گهر پهچائڻ جو ڪم ڪيو .
ڪراچي ۾ ساڌو هيرانند جي ڪوشش سان برهمو مندر قائم ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڀڳت روپ چند هن تنظيم طرفان نائٽ اسڪول کوليو (24) .
ڪراچي جي تعليمي تاريخ جو مطالبو ڪرڻ سان “برهمو سماج” طرفان قائم ڪيل هڪ ٻئي اسڪول “نولراءِ ٻالڪ ودياله” جو پتو پوي ٿو (25) .
ڪراچي ۾ “برهمو سماج” کي ساڌو هيرانند ، نند لعل سين ۽ ڊاڪٽر ربن ڦهلايو .سيٺ هرچند راءِ به “برهمو سماج” سان دلچسپي رکندو هو ۽ مرڻ گهڙي تائين ان جو ٽرسٽي ٿي رهيو.
“برهمو سماج” جي سالياني جلسن ۾ ڏينهن جا ڏينهن مذاڪرا ٿيندا هئا ۽ مقرر پنهنجا معلوماتي مقالا پڙهندا هئا. ان کان سواءِ هن تحريڪ جي وسيلي ئي “نشي راشڪ” ڪانفرنسون ٿينديون هيون .
سنڌ ۾ “آس جي ٽولي” جهڙي شاگرد جماعت جو بنياد “برهمو سماج” جي ڪري پيو ، جنهن طرفي وقت به وقت ناٽڪ ڪري ڏيکاريندا هئا .
“برهمو سماج” ڪراچي جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي به کان وڌيڪ متاثر ڪيو . هن سماج جون حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ شاخون هونديون هيون ، جن طرفان ڪيترائي سنڌي ۾ ڪتاب شايع ڪرايا ويا جن ۾ هي ڪتاب قابل ذڪر آهن .
نمبر |
ڪتاب جو نالو |
ليک/ مترجم |
سال |
1 |
“نئون وڌان جي اصليت” |
ڪرپالسنگهه |
1914ع |
2 |
“جيون ويد” |
ڊاڪٽر پريتمداس |
1921ع |
3 |
“راجا رام موهن راءِ جو نرملداس جيون چرتر” |
گربخشاڻي |
1930ع |
4 |
“برهمانند ڪيشب چندرسين جوجيون چرتر” |
نرملداس گربشاڻي |
1931ع |
5 |
“ساڌو نولراءِ جو جيون چرتر” |
ايضاَ |
1932ع |
6 |
“ساڌو هيرانند جو جيون |
واڌو مل مولچند |
1963ع |
7 |
“مهارشي ديوند رناٿ جو جيون تر” |
نرملداس گربخشاڻي |
1938ع |
8 |
“نئون سنهتا” |
ريواچند ميراڻي |
1938ع |
9 |
“براهمو ڌرم ساڌن” |
ايضاَ |
1940ع |
10 |
“پرلوڪ جو پيغام” |
ايضاَ |
1941ع |
11 |
“ديوان موتيرام جو چرتر” |
جيون واڌو مل مولچند |
1942ع |
“آريا سماج” ۽ “برهمو سماج” جيان “سناتن ڌرم سڀا” به هندن جي مکيه مذهبي تنظيم هئي، جنهن ڪراچي جي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي متاثر ڪيو. “سناتن ڌرم سڀا” مٿي ذڪر ڪيل تحريڪن سان گڏ قائم ڪئي وئي . هن جماعت جون ڪراچي کانسواءِ شڪارپور ۽ سکر ۾ به شاخون هيون .
هن سڀا طرفان ڪراچي ۾ “سناتن ڌرم اسڪول (26) ۽ “سنڌ سناتن ڌرم ڪنياشالا” (27) قائم ٿيل هئا . ڪراچي جو آڳاٽو سنڌي شاعر ڌرمداس سڏاڻي به انهي “سناتن ڏرم اسڪول” جو ئي استاد هو.
هن سڀا طرفان 1901ع کان وٺي “سناتن ڌرم سڀا پرچارڪ پتر” نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو، جيڪو 1947ع تائين نڪرندو رهيو. ان کان پوءِ سڀا طرفان ڪيترا ئي ڪتاب شايع ڪرايا ويا .
انهن مان ڪن ڪتابن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو :
“هندو ڪٽنب” (1909) ، “ڪٿا شري نارائڻ سوامي”، (1910) ، “امرات ڦل” (1911)، “آتم رس” (1911)، “مختصر مهاڀارت” (1912) ، “نئٽو” (1915) ، “اڄ ڪلهه جو سڌارو” (1915) ، “مختصر تلسي ڪرت رامائڻ” (1916) ، “يوگني ۽ سرسوتي جي جيوت جي خوشبوءِ” (1919) ، “بگڙي جو سڌارو” (1924) ، “سشيل جمنا” (1934) ، ”گرڙ پراڻ” (1925) ، “ڀاپ پرائشچت” (1931) ، “سندري” (1934) ، “هندو ناري” (1935) ، “ستي لکشمي” (1936) ، “هندو مارشل لا” (1936) ،“ڀڳت مالا” (1936) ، “آنند ڀون يعني ٻهروپي مهت” (1937) ، “منورما” (1939) ، “لتا للتا” (1939) ، ۽ “ستي ساوتري” (1947) (28) .
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ علم ادب ۽ سنڌي ٻولي جي نشر و اشاعت گهڻي قدر هندن جي ئي هٿ ۾ هوندي هئي . مسلمان جيڪڏهن انفرادي ڪوشش ڪندا هئا ته اها موڙي جي ڪمي ۽ مسلمان جي غربت جو شڪار ٿي ويندي هئي .
جيڪڏهن ائين چئجي ته مطالعي هيٺ آيل پوري دور تي هندو جي اشاعتي ادارن ڌرم حاوي رهيو ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو . “سناتن ڌرم سڀا”، “سندر ساهتيه منڊل”، “آشا ساهته منڊل”، “رتن ساهتيه منڊل” ۽ “هندستاني ساهتيه منڊل” سالن جا سال سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي گهڙن ڀرڻ کان سواءِ ، پنهنجي ڌرم جي خدمت ڪئي.
هنن اشاعتي ادارن طرفان شايع ڪيل هر هڪ ڪتاب جي صفحي صفحي تي هندو ڌرم جي ڇاپ لڳل آهي. ڪراچي واسي هندو عالمن، اديبن ۽ شاعرن هر تخليق لاءِ پنهنجي ڌرم کان ٻولي مواد ۽ فڪر پئي اڌارو ورتو آهي .
ڪراچي ۾ شايع ٿيل نج هندو ڌرم جي ادب لاءِ تيجورام شرما، هوتچند سنگومل ٽيڪواڻي، آسانند ڇتورام، سوامي هيمراج، سوامي پرمانند ، لڇيرام ڀاٽيه ، روچيرام سڏاڻي، وئيداج برهمچاري دولهه، ڏنومل ۽ جي _ آءِ _ ڀاڳيا باقي ليکڪن ۽ اديبن کان وڌيڪ قلمي پورهيو ڪيو۔
انگريزن جي آمد کان اڳ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف مذهبن جي پوئلڳن ۾ ايتري ڇڪتاڻ ڪانه هئي. هندو ۽ مسلمان پنهنجي پنهنجي مذهب ۽ ڌرم جي مطابق زندگي بسر ڪندا هئا . انهي ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ انفرادي نوعيت وارا جهڳڙا به ٿيندا هئا . مگر انهيءَ انفرادي نوعيت جي مذهبي ڇڪتاڻ ڪڏهن به قومي ڪٽرپڻي جو رنگ نه ورتو. انگريزن پنهنجي استحصالي حڪومت جو بنياد ”ويڙهائيو ۽ حڪومت ڪريو” جي حڪمت عملي تي رکيو. انهن هڪ سازش ذريعي هڪ طرف عيسائيت جي تبليغ جي همت افزائي ڪئي ۽ ٻئي طرف هندستان ۾ وسندڙ مختلف مذهبن جي پوئلڳن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرايون ، کين ڌار ڌار منظم ٿيڻ جي راهه ڏيکاري . نتيجو اهو نڪتو ته هندستان جا اهي مذهب جي امن ۽ سلامتي ، سک ۽ سڪون جي پرچا ڪندا هئا ، سي انسانن کي هم وطن انسانن جي رت وهائڻ جا ذريعا بنجي پيا . جيئن ته سنڌ به فرنگي سلطنت جو هڪ حصو هئي. ان ڪري هيءَ ڌرتي به اهڙي گندي فضا کان آلوده ٿي پئي . مذهبي ڇڪتاڻ سنڌ واسين کان به قتل و غازت ، دنگل ۽ فساد جهڙي واهيات قرباني ورتي . هن ڀڙڪندڙ باهه سنڌي ٻولي ۽ ادب کي به لوساٽي ڇڏيو .
ڪراچي جو علم ادب مذهبي ڇڪتاڻ جي هر موڙ جا اثر قبول ڪندو رهيو، جنهن جو مختصر خاڪو هيٺ ڏجي ٿو.
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ اسلام ۽ هندو ڌرم جي وچ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ ، انگريزي راڄ جي پاليسي جو نتيجو هئي، ۽ هن جي ابتدا عيسائين کان ٿي . “چرچ مشنري سوسائٽي” عيسائين جا ٻيا تبليغي ادارا هندن توڙي مسلمانن جي مذهب تي کلي طرح علمي ۽ ادبي وار ڪرڻ لڳا .
1896ع ۾ “جوت” اخبار جاري ٿي ۽ انهي وسيلي سنڌ ۾ عسيائين جي تبليغ ٿيڻ لڳي .
عيسائين طرفان “قرآن جو بنياد” نالي هڪ ڪتاب لکي ڇپرايو ويو. جنهن جي جواب ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1911ع ۾ “فتح محمدي” ڪتاب لکيو .
ٻئي طرف هندستان اندر جي هندن جون مذهبي تحريڪون جنم وٺنديون ٿي رهيون ، تن جون مقامي شاخون ڪراچي ۾ به کوليون ٿي ويون . انهن سمورين تحريڪن مان “شدي تحريڪ” سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي گهڻو متاثر ڪيو .
هن تحريڪ جو بنياد سوامي شرڌانند رکيو، جنهن آگري ۾ “ڀارتيه هندو شدي سڀا” قائم ڪئي ، هن سڀا جي شاخ 1903ع ۾ ڪراچي ۾ کولي وئي. انهي سلسلي ۾ “هندو يووڪ سڀاڪ” ڪراچي طرفان 16 مارچ 1923ع تي هندن جي هڪ گڏجاڻي ٿي ، جن ۾ ڪيترين ئي آريا سماج جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي .
هن گڏجاڻي ۾ ئي “شدي سڀا” جو بنياد رکيو ويو . گڏجاڻي جي ڪارروائي پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته “شدي سڀا” انهي ڪري ٺاهي وئي ته جئين “ڪراچي ۾ وسندڙ ٽن سو مسلمان گهراڻن کي ٻيهر هندو بڻائي سگهجي” (29)
هن تحريڪ جي رد عمل ۾ نو مسلم ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون، جن جي سڏائڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي سڀني کان پيش پيش هو. انکانسواءِ ٻئي طرف مولانا محمد صادق کڏي واري جي سرپرستي ۾ “سنجوڳي تحريڪ” جي ابتدا ٿي . “توحيد” جا ڪيترائي پرچا نون مسلمان ٿيندڙ ماڻهن جي نالن سان ڀريا پيا آهن .
هن تحريڪ سڌ ٻولي ۽ ادب کي متاثر ڪيو. هندن طرفان ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو شروع ٿيو ۽ مسلمانن سندن موٽ ۾ جوابي ڪتاب لکيا ، اهڙن ڪتابن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو :
هندن طرفان لکيل |
مسلمانن طرفان لکيل |
مسلمان ليکڪ |
ڪتاب |
ڪتاب |
|
“قرآني الله ميان جي تصوير” |
“لاجواب تحرير” |
مولانا دين محمد وفائي |
“قرآني الله ميان جي صنعت” |
“قرآني صداقت |
ايضاَ |
“علماءِ اسلام کان سوال” |
“آرين جي سوالن جا جواب” |
ايضاَ (توحيد1933ع |
”معراج ڇا آهي” |
“معراجي جسماني تي اعتراض جا جواب” |
ايضاَ |
“هفتيوار چاند |
“دنيا جي پيدائش” |
ايضاَ |
مولانا دين محمد وفائي جيان حڪيم عبدالخالق “خليق” مورائي به پنهنجي قلم کي ساڳي ئي مقصد لاءِ استعمال ڪيو. سندس تصنيفون “سندري (ناول) “شدي جو سانگ” (ناٽڪ) ساڳي ئي رنگ ۾ رتل ڪوششون آهن .
هن مذهبي ڇڪتاڻ نه رڳو علم ادب ۽ سنڌي ٻولي کي متاثر ڪيو، پر ڪيتريون انساني جانيون به ورتيون. دهلي ۾ عبدالرشيد سوامي شرڌانند کي قتل ڪيو. ڪلڪتي ۾ ڀولانات کي مارڻ جي عبدالله نالي هڪ نوجوان مسلمان ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ لاهور ۾ علم الدين تيز چاقو سان راجپال کي ماري وڌو.
سنڌ ۾ وري عبدالقيوم نالي هڪ مسلمان نٿورام کي ڪورٽ اندر ماري وڌو. نٿورام لاهور واري راجپال جي لکيل اڙدو ڪتاب جو 1935ع ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليڪم جي شان ۾ گستاخي ٿيل هئي.
ڪتاب جي شايع ڪرائڻ تي نٿورام تي ڪيس هليو ۽ کيس حيدرآباد جي سيشن جج سزا ڏني. ساڳيو ڪيس اپيل ۾ جڊيشنل ڪمشنر ڪراچي وٽ پيش ٿيو. ڪورٽ ۾ ڪاروائي هلندي ئي عبدالقيوم نٿورام کي ماري وڌو. ان کان پوءِ عبدالقيوم تي ڪيس هليو ۽ کيس ڦاسي ڏني وئي . عبدالقيوم جي لاش حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ خوني هنگامو برپا ٿا ويو ۽ مسلمانن جي جلوس تي انگريز حڪومت گولي هلائي ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسلمان مري ويا.
ٻين مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ڪندڙ تحريڪن جيان ، هن واقعي به ڪراچي جي قلم ڌڻين کي متاثر ڪيو. هندن پنهنجي سورمي ۽ مسلمانن پنهنجي شهيد جي شان ۾ قلم کان نثر خواه نظم جي تخليق ڪرائي. اهڙو ادب جيڪو اسان جي سونهري ورقن تي بدنما داغ ٿي بيٺو آهي، ان جي نشاندهي ڪرڻ نه صرف بيڪار آهي بلڪ بي سود پڻ .
حوالا
(1) Daily Gazette, (Karachi, dt: 14-10-1919, P.5)
(2) Ibid, (dt: 21-5- 1912, P. 5)
(3) Ibid, (dt: 12.1- 1912, P. 5)
(4) ڏسو، آئين بهائي پر ايڪ نظر، (ڪراچي، بهائي پبلشنگ ٽرسٽ، 1963ع، ص 4)
(5) ايضاَ. ص 5
(6) رياض احمد : “امر بهائي ڪي ترقي” (مقالو، ڪتاب تجلي، ڪراچي، بهائي پبلشنگ ٽرسٽ، 1973ع ص 71)
(7) انيس الرحمان : پاڪستان ۾ دين بهائي ڪي پيش رفت (مقالو، ڪتاب تجلي، ڪراچي، بهائي پبلشنگ ٽرسٽ، 1973ع، ص 29)
(8) The India and pakistan year book, (bombay, Times of india press 1948, P. 1014)
(9) Simth, The Oxford History of india, (London, Oxford press, 1961. P. 732)
(10) جي. ايم. سيد : جديد سياست جا نورتن، (ٻنو، 1967ع، ص 9)
(11) ڏسو حوالو نمبر 8
(12) Thadhani J- J: Sourvernir- Sind Multan Balochistan fedration, (Karachi, Theosophical Society 1943, P. 20)
(13) Daily Gazette, (Karachi, dt: 5- 2- 1919, P. 3)
(14) رحيم داد خان مولائي : جنت السنڌ، (حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 49)
(15) برڪت الله: قرون وسطيٰ ڪي ايشائي اور هندستاني
ڪليسيائين، (لاهور، ص 450)
(16) رحيم داد خان: تاريخ تمدن سنڌ ، (سنڌ يونيورسٽي، 1959ع ص 143)
(17) Sorly, H- T: Shah Abdul Latif of Bhit, (Karachi, Oxford university press, 1969, P. 72)
(18) See, In the land of the Sindhi and Balochi, (Karachi, 1947, P. 19)
(19) در محمد پٺاڻ : “سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم ادب” (متالو، ٽه ماهي مهراڻ ، ڄامشورو، 4/1981 ۽ 1-2/ ع، مختلف صحفا)
(20) Grover B. L: Studies in Modern Indian History, (New Dehli, S- chand and Co: 1963. P. 10)
(21) See, Daily Gazette, (Karachi, dt: 20.9. 1922, P. 10)
(22) Ibid, (dt: 22. 2. 1912, P. 5)
(23) ڏسو حوالو نمبر 20، ص 244
(24) ٽهلرام آسودومل : سنڌ جا مڻيا، (حيدرآباد ، ڪوڙومل ساهتيه منڊل، 1932، ص 29)
(25) See Daily Gazette, (Karachi, dt: 18. 1. 1912, P. 5)
(26) ڏسو، “سناتن ڌرم پرچارڪ پتر”، (ڪراچي، ماهه مارچ ۽ اپريل، 1903، ص 29)
(27) See Daily Gazette, (Karachi, dt: 18. 1. 1912, P.5)
(28) درمحمد پٺاڻ: “ڪراچيءَ ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو” (پي. ايڇ . ڊيءَ جو مقالو ص: 499-498)
(29) See, Daily Gazetter (Karachi, dt: 19. 3. 1923. P. 5)
انگريزن جي راڄ واري عرصي جي سياسي تاريخ کي پنجن مکيه دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين دور کي “بيزاريءَ جو دور”، ٻئي دور کي “بيداري جو دور”، ٽئين دور کي “هنگامي جو دور”، چوٿين دور کي “ڇڪتاڻ جو دور” ۽ آخري دور کي “نئين احساس” جو دور چئي سگهجي ٿو.
پهرين، يعني “بيزاري جي دور” جو آغاز 1843ع کان ٿئي ٿو، جڏهن سنڌ واسين پنهنجي قومي آزادي وڃائي، دنيا جي وڏي حصي تي حڪمراني ڪندڙ فرنگي سامراج کان بيزار ۽ متنفر ٿي چڪا هئا. سنڌ واسين جو ملڪ ، جو فرنگي راڄ جي اثر هيٺ اچڻ کان اڳ پوري ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾“گڏجي حڪومت ڪرڻ” جو هڪ ڪامياب تجربو ڪري چڪو هو، سو، نڀاڳي نيپئر جي اچڻ کانپوءِ پهريون ملڪي حيثيت وڃائي هڪ صوبو بڻجي ويو، پوءِ اها صوبائي حيثيت به وڃائي بمبئي پرڳڻي جو حصو بڻجي ويو هو. هيءَ هيڏي ساري تبديلي سنڌ واسين کي فرنگين کان بيزار ڪرڻ جو باعث بڻي. ڪن ماڻهن انهيءَ بيزاريءَ ۽ نفرت ۾ پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي ڏنا ، باقي هتي رهيل ماڻهن انهيءَ بيزاريءَ سبب پنهنجي نئين پود کي فرنگي سرڪار جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
اهو “بيزاري وارو دور” 1857ع ۾ پهچي “بيداريءَ واري دور” ۾ بدلجي ويو. انهيءَ سال جڏهن سموري ننڍي کنڊ ۾ بغاوتون ٿيون ته سنڌ به انهيءَ ڏس ۾ سيپٽمبر 1857ع تي حيدرآباد جي فوجين بغاوت جو منصوبو سٽيو، ليڪن اڳ ۾ ئي سرڪار کي خبر پئجي وئي، جنهن اٺن ڄڻن کي گولين جو نشانو بڻايو ۽ باقي ملوث سپاهين کي مڪ بدر ڪري ڇڏيو.
13 سيپٽمبر 1857ع تي وري ساڳي ئي نموني ڪراچيءَ ۾ سپاهين کي پڪڙيو ويو، جن مان يارنهن ڄڻن کي انهيءَ هنڌ تي توب جي منهن ۾ ڏنو ويو، جتي امپريس مارڪيٽ اڏيل آهي. شڪارپور ۽ سکر جي باغي سپاهين کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي ، جن مان چئن کي ڪورٽ مارشل ڪري گوليون هنيون ويون هيون.
هن جنگ ۾ رڳو سپاهين ئي بهرو نه ورتو هو، ليڪن سنڌ واسي به ساڳي نموني سان ساڻن ڀاڱي ڀائيوار رهيا ، نه رڳو ايترو پر هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سپاهي ته پوءِ صبر ڪري ويٺا ، پر سنڌواسي سسيءَ ساهه جي پرواهه نه ڪندي فرنگين جو مقابلو ڪندا رهيا. جيڪب آباد جي مير دريا خان ۽ مير دلمراد خان انهيءَ ئي سبب ڪري ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڪاٽي . 1857ع جي انهن واقعن کانپوءِ جو کين هڪ اڌ دفعو ڪراچيءَ ۾ فرنگين تي حملو ڪيو، هن طرف وري ڪرڻ سنگهه ٻن هزار ڪولهين جو جٿو ٺاهي. ڀرپارڪر ۾ مختيارڪار جي ڪورٽ ساڙي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو.
جيئن ته آزاديءَ جي هن ويڙهه ۾ عوام کي ايتري ڏٺي وائٺي فتح حاصل نه ٿي، ان ڪري هن بندوق، بدران ذهن جي گوليءَ کي استعمال ڪرڻ گهريو ۽ ائين سنڌ توڙي هن ۾ سياسي جماعتن ٺهڻ جو رواج پيو .
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي پهرين جماعت “سنڌ سڀا” ٺهي ، جيڪا آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي کان به اڳ تعني 1882ع ۾ جڙي ، ان کان پوءِ سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ “هنگامي دور” جو آغاز ٿيو.
هن “هنگامي دور” جي سياست اڳتي هليءَ ڪيترائي رنگ بدلايا، وقت جي حڪومت “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. انهيءَ سبب رنگ نسل، ذات بات دين ڌرم جهڙا عنصر اسان جي سياسي تي اثر انداز ٿيڻ لڳا ۽ سنڌ جي سياست “ڪمشڪش ۽ ڇڪتاڻ جي دور” ۾ رسايو، جنهن ۾ ڏني وائٺي ڪاميابي مسلم ليگ کي ملي .
جڏهن پاڪستان جي قيام جو تصور هڪ حقيقت بڻجي چڪو هو، تڏهن سنڌ جي هڪ طبقي ۾ هڪ “نئون احساس” پيدا ٿيڻ لڳ، ۽ ان الڳ حيثيت سان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ شروع ڪئي، ليڪن وقت جي وهندڙ ندي کي روڪڻ ناممڪن هو. “نئين احساس جي دور” ڪرئي نه موڙيا ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ائين انگريزي راڄ واري عرصي جي سياسي تاريخ جو پويون باب به پورو ٿي ويو.
جيئن ابتدا ۾ انگريزي دور جي سياسي تاريخ کي مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي، تيئن انهن مختلف دورن جو، مختلف روپن کان به مطالعو ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ دور جي سياسي کي اسان ڪيترن ئي حصن ۽ قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا، جيئز:
“جاگيردارن جي سياست”، “غير فرقيوارانه سياست”، “مسلمانن جي سياست”، “هندن جي سياست”، “سرڪاري سياست” ۽ “مارڪس وادي سياست”. اچو ته پنهنجي وڏن جي سياست جا اهي روپ به ڏسندا هلون.
انگريزي راڄ کان اڳ سنڌ “غير منظم جاگيرداري نظام” جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هئي . انگريزن انهيءَ غير منظم گروهه کي منظم ڪري ، سنڌ جي مٿان هڪ مصيبت مڙهي ڇڏي .
24 مئي 1843ع وارو ڏينهن سنڌ جي تاريخ جو اهو منحوس ڏينهن هو، جڏهن نيپئر کي سنڌ تي قبضي ڪندي اڃا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏيهن ئي مس گذريا هئا ، جو سنڌ ۾ برطانيه جي راڻيءَ جي سالگره ملهائ وئي . هن موقعي تي سرچارلس نيپئر حيدرآباد ۾ هڪ درٻار ڪوٺائي ۽ سنڌ جي جاگيردارن ، وڏيرن ۽ پيرن کي پنهنجي سامراجي حڪومت جي سياسي بيعت ڪرڻ جي آڇ ڏني .
انهيءَ موقعي تي وقت جي سرڪار طرفان اهو به اعلان ڪيو ويو ته “فقط انهن جاگيردارن کي زمين جي قبضي رکڻ جي اجازت ڏني ويندي ، جيڪي اچي درٻار ۾ حاضري ڀريندا ، باقي ٻين جاگيردارن جون جاگيرون صبط ڪيون وينديون ” هن درٻار ۾ سنڌ جا ڪيترائي جاگيردار، پير ۽ وڏيرا شامل ٿيا ، ۽ ائين پهريون دفعو سنڌ جو مٿيون طبقو عوام کان ڇڄي ڌار ٿيو .
هن طبقي مطالعي هيٺ آيل دور ۾ رڳو ٻن مفادن جو بچاءُ ڪيو : پهريون سرڪاري مفادن جو ، ۽ ٻيو پنهنجي طبقي جي مفادن جو. انهن مفادن جي حفاظت لاءِ هنن پنهنجو الڳ پارٽيون به ٺاهيون ،
جيتوڻيڪ سنڌ جا جاگيردار، زميندار، وڏيرا ۽ پير شروع کانوٺي سياست تي حاوي رهيا ، پر جڏهن سياست “عام” ٿي وئي ته هنن کي “خاص” ٿيڻ لاءِ نج پنهنجو جماعتون به ٺاهڻيون پيون .
انهيءَ سلسلي ۾ 1920ع ۾لاڙڪاڻي ۾ هڪ هڪ گڏيل “سنڌ زميندار ائسوسيئشن” ٺاهي وئي ۽ اڳتي هلي سنڌ جي هن طبقي ۾ معاشي خواهه اقتصادي مفادن ، ۽ اعزاز، عزت يا شهرت جهڙن مسئلن تي ڏڦيڙ پيو ته هن پنهنجي الڳ الڳ هڪ سر جي مسيت ٺاهڻ شروع ڪئي، تان جو اها هڪڙي جماعت “لوئر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن ۽ ” اپر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن” ۾ ورهائجي وئي . هن اختلاف جو ڪارڻ قومي خدمت نه پر گروهي مفاد يا عزازن جو حصول ئي هو.
ڳالهه وڃي اتي دنگ نه ڪيو ليڪن جيئن جيئن معاشرو دين ڌرم ، ذات پات ۽ رنگ نسل جي ويا ۾ وڪوڙيو ويو تئين تيئن اهي جاگيردار به ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳا ، تان جو خير سان “سنڌ هندو زميندار سڀا” به پاڻ پڌرايو .
انهيءَ کان اڳ ، جو اسان “جاگيردارن جي سياست” جو، سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب تي ٿيل اثر جي نشاندهي ڪيون، سٺو ٿيندو ته هن طبقي سان واسطو رکندڙ تنظيمن جو تعارف پيش ڪيون :
هيءَ جماعت اپريل 1921ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سڏايل سنڌ جي زميندارن جي هڪ ڪانفرنس جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ بڻائي وئي . ائسوسيئيشن جو پهريون صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ٿيو .
هن جماعت جو مرڪز حيدرآباد هو. هن جماعت 1922ع ۾ سکر بئراج جي تعمير خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي، ڇو ته جماعت جي خيال ۾ بئراج جي تعمير مان اپر سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي اجايو فائدو رسڻو هو. مکي هرڪشنداس، سيد ڪمال شاهه، اڌارام ۽ شيوڪرام هن، جماعت جا مکيه اڳواڻ هئا.
هي جماعت سڌ جي مٿئين طبقي جي ڪوششن جو نتيجو هئي، جماعت جي قيادت لاڙڪاڻي جي زميندارن جي هٿ هيٺ هئي. جماعت جا خاص مقصد هئا پنهنجي تر جي مٿئين طبقي جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ ۽ “لوئر سنڌ زميندارز ائسوسيئيشن” جي مخالفت ڪرڻ، جيڪا وري ان ڪري ٺاهي وئي هئي ته جيئن سکر بئراج جي ٺهڻ خلاف تحريڪ هلائي وڃي.
هيءَ سنڌ جي قديم جماعتن سان هڪ هئي، جيڪا سرهندي پيرن جي ڪوششن سان قائم ٿي. جماعت سياسي نقطه نگاهه کان مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي اثر هيٺ هوندي هئي.
هي سڀا 30 اپريل 1927ع تي قائم ڪئيوئي، جماعت جو پهريون صدر پرنسپال شهاڻي ۽ پهريون سيڪريٽري منوهرداس ڪوڙو مل هو ان کانسواءِ هن جماعت جي پهرين “ڪاروباري ڪميٽي” هيٺين ماڻهن تي مشتمل هئي:
ڪراچي: سيٺ سوڀراج چيتومل، راءِ بهادر شيوا رام ۽ سيٺ هرچندراءِ وشنداس.
حيدرآباد : مکي ڄيٺانند ، ديوان همت سنگهه ، اڌرام شيوڪرام ۽ اڌن مل مينگهراج .
نوابشاهه : اڌارام چانڊومل، آسنداس ليلارام.
سکر : مکي موٽڻداس .
ٿرپارڪر : ٺاڪر ونگهراج ۽ سيٺ پرتا براءِ .
لاڙڪاڻو : ريجهو مل لاهوري ، ڪشنچند واڌو مل ۽ سيٺ گوڪلداس نولداس .
هي جماعت سنڌ جي هندو زميندارن جي مفادن جي حفاظت ڪندي هئي .
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪراچيءَ جي مٿئين طبقي تي به فرنگي سرڪار نوازشون ڪيون ۽ اتان جي ڪيترن ماڻهن کي “فرسٽ ڪلاس” ۽ “سيڪنڊ ڪلاس” جاگيردار بڻائي ڇڏيو . پر جيئن ته ڪراچيءَ پنهنجي بندر ڪري تجارتي ۽ صنعتي مرڪز ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ، ان ڪري هتي جاگيرداري پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهي. ان جي ڀيٽ ۾ اندرون سنڌ ۾ هن طبقي پنهنجي اثر رسوخ کي قائم رکيو ۽ ان جو اثر سنڌي ٻولي خواهه علم ادب تي به پيو. “سانگي”، شمس الدين “بلبل” ۽ مرزا قليچ بيگ جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا.
“سانگي” وڏ گهراڻي جو ماڻهو هو. شمس الدين “بلبل” جاگيردار ائسوسيئيشن جو سرگرم ميمبر هو ۽ مرزا قليچ بيگ پڻ سرڪار کان جاگير (زمين) وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪيو.
ان ڪري اهي ٽئي شاعر ذهني طور تي مٿئين طبقي جا ماڻهو هئا. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي سماجي قدرن ۾تبديليون اچڻ لڳيون . اصلي خاندان انهيءَ انقلاب جو نشانو بڻيا . تعليم ۽ تجارت هوشيار ۽ غريب محنتي ماڻهن کي ڌن _ ڌڻي بڻائڻ شروع ڪيو ته اها تبديلي وڏ گهراڻي سوچ رکندڙن کي پسند نه آئي اسان کي انهي تبديل تيندڙ سماج خلاف شڪايتن جي جهلڪ انهن ٽنهي شاعرن جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿي .
انهن سماجي قدرن جي تبديليءَ کان وڌيڪ هن طبقي جا مفاد زراعت ۽ زرعي زمينن وابسته هئا، ڇو ته اهي ئي سندن ڪمائي جو ذريعو، عزت ، حيثيت ۽ رتبي جو سبب هئا .
سکر بئراج جي کوٽائي ۽ تڪميل واري عرصي دوران هي طبقو پنهنجي مختلف فارمنن ذريعي “مقامي ۽ انفرادي مفادن” جي بچاءِ ۽ باهمي اختلاف واريءَ ڇڪتاڻ جي ڏک ڏيندو هو.
انهيءَ عرصي دوران سندن مفادن ۽ مقصدن جي ترجماني ڪندڙ اخبارون ۽ رسالا پڻ جاري ٿيا. جن جي اجراع ۾ سندن ئي هٿ هو. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب انهن اخبارن ۽ رسالن جي ذريعي پڻ هن طبقي جي سياست جو اثر ۽ رنگ قبول ڪيو . اهڙن رسالن ۽ اخبارن مان “دي سنڌ ڪو آپريٽر” (ڀڳوانداس ڪراچي)، “زميندار گزيٽ”، (حڪيم ڌرمسنگهه حيدرآباد) . “سنڌ زميندار” (مختلف ايڊيٽڙ _ سکر) ۽ “سنڌ ڪو آپريٽو” (پريتمداس _ حيدرآباد) جا نالا ذڪر لائق آهن .
ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي عوام ۾ جڏهن سياسي بيداري اچڻ لڳي ته انگريز سرڪار “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، هن ڪن موقعن تي لڪي ڇپي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي پتليءَ جيان نچايو به ۽ ڪن صورتن ۾ ڏٺو وائٺو سياست ۾ مداخلت به ڪئي.
فرنگي سرڪار پنهنجي مفادن جي بچاءَ ۾ پنهنجي نظرين جي ڦهلاءُ لاءِ ڪيتريون ئي جماعتون ٺهرايون. 1857ع جي واقعي کانپوءِ جتي “ڪانگريس” پارٽي ٺهي، اتي نج سرڪاري جماعت “برٽس امپائر ليگ” به قائم ٿي . هن پارٽي جي شاخ 1906ع ۾ سنڌ ۾ به کولي وئي، جنهن جي پليٽ فارم تان سنڌ جي سرڪار پرست مسلمانن ، هندن، پارسين ۽ عيسائين انگريز سامراج جي خدمت ڪئي. 1919ع ۾ جڏهن “خلافت تحريڪ” باهه بڻجي فرنگي سرڪار کي وڪوڙي وئي ته سرڪار جي ڪوششن سان هتي “امن سڀا”، “سوراج سڀا”، “دي نيشنل سروس ليگ” ۽ “ائنٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي” نالي جماعتون ٺهيون ، جن عوام جي مفادن خلاف وقت جي سرڪار جو ساٿ ڏنو . وقت جا سرڪار ڪامورا انهن پارٽين جي گڏجاڻين جي صدارت ڪندا هئا، ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺهراءَ بحال ڪرائيندا هئا.
اهو سلسلو سنڌ جي بمبئي کان علحدگي تائين هليو.
جڏهن سنڌ جدا ٿي ته هتان جي سياست جو آغاز نئين نموني سان ٿيو. وقت جي سرڪار سياسي اصولن کي ٽوڙي پنهنجي مرضيءَ مطابق وزارتون ٺاهيون ۽ چونڊون ڪرايون ننڍي کنڊ ۾ سنڌ ئي هڪ واحد خطو هو ، جنهن ۾ اڪثريتي پارٽيءَ کي نظر انداز ڪندي وقت جي گورنر ٽن ميمبرن واري جماعت کي سنڌ جي پهرين وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڏني ، ان کانسواءِ پوري ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پهريون سنڌ جي وڏي وزير کي ئي ڊسمس ڪيو ويو هو. ائين ابتدا کانوٺي انتها تائين سرڪار پنهنجي سامراجي سڀاءُ جي ساک ڀريندي ، سنڌ جي سياست کي آلوده ڪندي رهي .
انهي کان اڳ جو “سرڪاري سياست” جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي ٿيل اثر جي چٽائي ڪجي ، سٺو ٿيندو ته انهيءَ سياست سان لاڳاپيل ڪن پارٽين جو مختصر ذڪر ڪيو هلجي .
1919ع ۾ “خلافت تحريڪ” جي ابتدا فرنگي سرڪار خلاف رڻ ٻاري ڏنو، انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت جي سرڪار پنهنجو لٺ ۽ چٺ جي زور تي “امن سڀائون” قائم ڪرايون انهن سڀائن کي سنڌ جي وڏيرن، پيرن ۽ آفيسرن گڏجي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هي جماعتون سنڌ جي ڳچ شهرن ۾ بڻايون ويون .
هيءَ سوسائٽي اپريل 1921ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جي سابق پريزندنٽ ٺاڪرداس کيمچند جي ڪوششن سان قائم ٿي. سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد “امن سڀا” جهڙو هو، هن سوسائٽيءَ جا پهريان عهديدار هئا .
صدر : ديوان ليلارام سنگ وطڻمل
سيڪريٽري: ٺاڪرداس کيمچند
ڪاروباري ڪميٽي: ديوان هشمتراءِ (چيئرمين)،
مرزا قليچ بيگ، محمد احسان،
مگي هر ڪشنداس،
لوڪومل گوبند بخش،
ڄيٺسنگ نارائڻ،گوپالداس،
علي اڪبر ايٽ لا ۽ مسٽر غني بار ايٽ لا.
هيءَ جماعت 1921ع ۾ شڪارپور ۾ قائم ڪئي وئي. جماعت جي ٺهرائڻ ۾ شڪارپور جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٽانٽن جي وڏو هٿ هو. جماعت جي مکيه ميمبرن مان ميان علي بخش ، ڀڳوانداس، شيخ تاج محمد ، مولوي رحمت الله ، پير ضياءَ معصوم شاهه ۽ مرليڌر جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن. جماعت جو مقصد بنهه امن سڀا جهڙو هو.
“امن سڀا” ۽ “ائنٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي” کي “خلافت تحريڪ” جيتري مقبوليت ته ڪانه ملي .
پر انهن جي محدود تعداد واري ليکڪن ماحول ۾ ايترو ته مانڌاڻ وڌو جو ان جي جواب ۾ اڻ ميو ادب پيدا ٿي پيو . سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو بي بدل قلم _ ڌڻي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ “ائنٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي” جي قيام ۽ ڪارڪردگي ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. دوان ليلارام سنگ وطڻمل جهڙو مشهور غير مسلم شاعر پڻ انهيءَ ڪم ۾ سندس سنگ سچو ساٿي ٿي بيٺو، اهڙن قلم _ ڌڻين جي قلم جي مس پڻ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي “امن سڀائي” ڇاپ هنئي ۽ اهڙي جهلڪ سندن تخليق خواهه تحريرن مان ڏسي سگهجي ٿي .
“ائنٽي نان ڪو آپريش سوسائٽي” کي اهي ليکڪ مليا ، جن و ٽ“مذهبي علم” جي سنڌ ڪانه هئي . ان جي برعڪس “امن سڀا” جا سمورا ليکڪ ديني عالم هئا . انهن جا قلم نج “امن سڀائي ادب” تخليق ڪيو. جنهن مان هي ڪتاب نڪر لائق آهن :
“تحقيق الخلافت” (مولوي فيض الڪريم) “خلافت جي مسئلي تي خيالات” (محمد عبدالغني)، “ازالته الاريتات عن تجارت الثياب” (مولوي عبدالقيوم مختيارپوري) ۽ “ترڪ موالات ۽ قرآن شريف جا احڪام” (سرڪار طرفان) .
“خلافت تحريڪ” جي زماني ۾ وقت جي سرڪار “سچائي” اخبار پڻ جاري ڪئي . ان کان سواءِ “سنڌ سڌار” اخبار پڻ “امن ساڀئي ادب” پيدا ڪرڻ ۾ ٻين اخبارنن کان اڳري رهي .
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سند جي سياست ۾ مذهبي جذبي ۽ جنون رکندڙ ماڻهن کي وڏو هٿ پئي رهيو آهي ، ليڪن تاريخي حقيقتن ۽ نتيجن سندن ڪڏهن به پٺڀرائپ، تائيد يا تصديق نه ڪئي آهي .
انگريزي راڄ جي ابتدا ٿي ته حالتن جو ويهي مقابلو ڪرڻ بدران وطن جا وڻ ڇڏڻ وارا به عالم هئا. هنن ئي ڪيترو وقت پنهنجي پوئلڳن ۽ باقي عوام کي انگريزي زبان کان پري رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جا ٻه طبقا پيدا ٿي پيا. هڪڙن کي نوڪريون مليون ۽ ٻيا ملازمتن جو تصور به ڪري نٿي سگهيا . هڪڙن کي دولت به جهڪي سلام ٿي ڪيو ۽ ٻين باقي پاڻ جهڙن انسانن اڳيان جهڪي سلام ڪرڻ باوجود پيٽ جي دوزخ جي باهه وسائي نٿي سگهي.
“سنڌ سڀا” مان جڏهن حسن علي آفندي رسي ٻاهر نڪتو ته ان کان اڳ مولوي الله بخش “اٻوجهو” ئي سندس ساٿي ثابت ٿيو، ۽ ائين هڪ مذهبي جي ڪوششن سان مجمع محمدي” قائم ٿي.
“ريشمي رومال تحريڪ” هلي ته ان کي به مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سنڌ جي ٻين عالمن ڪلهو ڏنو .
ان کانپوءَ “خلافت تحريڪ” هلي ته هتان جي عالمن “عدم تعاون”، “ترڪ موالات” ۽ “هجرت تحريڪ” جو بنيدا رکي انگريز سامراج کي نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو . سنڌ جا عالم، سنڌي عوام ۾ مذهبي جوش ۽ جذبو ته پئدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ، پر ان کي ڪا سنئين راهه ڏئي نه سگهيا، هي ءَ هڪ حقيقت آهي، ته جڏهن مذهب عوام جي ذهنن ۽ خيالن جي پٿر تي ليڪ بڻجي چڪو هو ۽ “خلافت تحريڪ” جو خاتمو ٿيو ته الهه آباد واري اجلاس ۾ “مسلم ليگ” کي “پاڪستان” جي تصور پيش ڪرڻ ۾ آساني ٿي، جنهن کي عوام خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو .
هونءَ نه ته هي جماعت ڪيتري عرصي کان وٺي “هندو مسلم اتحاد” لاءِ ڪم ڪندي ٿي رهي، ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪوبه واڌارو ڪونهي ته عالمن زمين تيار ڪئي پر ٻج مسلم ليگ ڇٽيو .
“خلافت تحريڪ” جي زماني ۾ انگريزن جي “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي حڪمت عملي سنڌ جي عالمن کي اهڙي دڳ تي اچي بيهاريو جو هو نانگ بدران نوڙي ڪٽڻ ۾ مشغول ٿي ويا. سندن ڪيترو وقت هڪ ٻئي تي فتوائون صادر ڪرڻ ۾ صرف ٿي ويو. “خلافت” جو خاتمو ٿيو ته ڪن عالمن “جمعيت العلماء” جيو جهنڊو بلند ڪيو، ائين سنڌ جي علحدگي تائين اسان جا عالم سياست جو ميدان ڇڏي رڳو مذهب تائين محدرد ٿي ويا، ليڪن سکر جي “مسجد منزل گاهه جي تحريڪ اک ڇنڀ ۾ کين آڻي ”مسلم ليگ” جي صفن ۾ بيهاريو . جيتوڻيڪ “مسلم ليگ” کين اسيمبلين جي ايوانن تي نه آندو، پر پوءِ به هو مبلغ بڻجي “مسلم ليگ” جي مستقبل جو اهو منظر چٽيندا رهيا، جنهن جو ذڪر ته ڇا پر عڪس به ان جماعت جي ڪنهن قرار داد ۾ ملي نٿي سگهيو.
انهيءَ “سياست” مان هتي “خلافت تحريڪ” ۽ “جمعيت العلماء سنڌ” جو مختصر ذڪر ۽ انهن جو سنڌي ٻولي تي اثر ڏجي ٿو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ سنڌ ۽ هند جي اقتصادي ۽ سماجي حالتن تي جئين اثر وڌو، ان جي جهلڪ هن ئي ڪتاب جي اڳئين صفحن ۾ ڏني وئي آهي. هتي فقط ان جي سڀائي اثر ڏانهن اشارو ڪرڻو آهي. ڇوته “خلافت تحريڪ” ان اثر جي پيداوار اهي.
ترڪي، مطالعي هيٺ آيل دور ۾ “اسلامي دنيا” جو مرڪز هو. ڇو ته، نه فقط اهو ملڪ وڏن سلطنتن مان هڪ هو، بلڪ مسلمانن جي خلافت جو مرڪز به هو. هن مهاڀاري لڙائي ۾ ترڪيءَ جون اهي ٻئي حيثيتون ختم ٿي رهيون هيون. هندستان جا مسلمان، جيڪي اڳ ئي ملڪ جي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي حالتن کان مايوس ٿي چڪا هئا، ترڪي جي مسئلي سندن ڏکن جي ڦٽن تي لوڻ برڪڻ جهڙو ڪم ڪيو. هندستاني مسلمانن پنهنجا پنهنجا ڏک سور وساري ترڪيءَ جي بچاءَ ۽ خلافت جي مسئلي کي پنهنجي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙين حالتن ۾ سنڌ ۾ سيپٽمبر 1919 ۾ “خلافت تحريڪ” جو آغاز ٿيو . (1)
“سنڌ خلافت ڪاميٽي” جو مرڪز ڪراچي ۾ هو ۽ ان جون تڏهوڪي ستن ضلعن (ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه ڀرپارڪر، سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻو) ۾ ضلعي ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون . ان کان سواءِ سموريءَ سنڌ ۾ ان جون اڍائي سو کان مٿي شاخون قائم ٿيون.
“سنڌ خلافت ڪاميٽي” پنجن ڇهن سالن جي سرگرم عرصي ۾ سنڌ اندر انگريزن خلاف نفرت جو بي مثال طوفان برپا ڪيو. خلافتين وقت جي سرڪار طرفان ڏنل لقب، القاب ، ڪرسيون، اعزاز ۽ امدادون واپس ڪري ڇڏيون . سرڪار سان هر مسئلي تي سهڪار نه ڪرڻ حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ مذهبي جوش ۾ اچي پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي افغانستان طرف هجرت ڪئي .
جيئن ته انهيءَ عرصي دوران سنڌ ۾ ٻي ڪابه سياسي تنظيم سرگرم عمل ڪانه هئي. ان ڪري تنهن زماني جي سياسي سوچ رکندڙ هرهڪ سنڌ واسيءَ هن تحريڪ ۾ حصو ورتو.
“خلافت تحريڪ” سان جن سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جو واسطو رهيو. اهي پنهنجي دور جا عالم، ليکڪ ، شاعر يا اديب پڻ هئا. انهن مان مولوي احمد ملاح ، مولوي احمد علي “مجذوب”، اسد الله شاهه “فدا”، مولانا سيد تاج محمد امروٽي مولوي خير محمد نطاماڻي، مولوي درمحمد “خاڪ”، مولانا دين محمد “وفائي”، مولانا دين محمد “اديب”، مولانا دين محمد “اديب”، مولانا ظهورالحسن درس، مولانا پير آغا عبدالله جان “شائق”، مولانا عبدالحق رباني، مولانا “خليق” مورائي، مولانا پير عبدالستار جان “پير” مولوي عبدالغفور سيتائي، مولانا عبدالڪريم درس، مولانا عبدالڪريم ڏيرو، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا عبدالڪريم ڪورائي، مولانا سيد علي اڪبر شاهه، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا مخدوم غلام حيدر هالائي ، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ، مولانا فيض محمد ، “واعظ”، مولانا پير حاجي مٺل شاهه راشدي، مولانا محمد ٻنوي، مولانا پير آفا سرهندي، مولانا آقا محمد حسينجان سرهندي، محمد سليمان “واعظ”، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا محمد صالح ”عاجز“ مولانا محمد عاقل“عاقلي” مولانا محمد عظيم“شيدا” ۽ محمد هاشم“مخلص”جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
انهن قلم _ ڌڻين فلمي ڪاويشن تي “خلافت تحريڪ” جو اثر نمايان طور تي نظر اچي ٿو. جيئن ته هن تحريڪ ۾ “مذهب” ۽ “سياست” جا گڏيل عنصر مودجو هئا، ان ڪري اها سنڌ واسين جي سوچ ۽ عمل ۾ جوڳي جاءِ وٺي بيٺي . اهوئي سبب آهي جو تنهن کان متاثر ٿي شاعري پڻ ڪئي.
“خلافت تحريڪ” سڀ کان پهريون “صحافت” جي ذريعي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿي.
ائين چوڻ ذريعي صحيح ٿيندو ته سنڌي سلمانن جي صحافت جو آغاز ئي “خلافت تحريڪ” جي اثر هيٺ ٿيو. سنڌي مسلمانن جي مشهور اخبار “الوحيد” انهيءَ دور جي پيدار وار آهي. هن اخبار “خلافتي ادب” پيدا ڪرڻ کان سواءِ “سنڌي بغاوتي ادب” جي تخليق ۾ به حصو ورتو. اهوئي سبب آهي جو هن اخبار جا مکيه ۽ مشهور ايديٽر جيل جي دورازي تائين پهتا. “خلافت تحريڪ” جي شروعات کان وٺي پڄاڻي تائين، هن اخبار ۾ نثر خواهه نظم جي صورت ۾ سنڌ جو بي مثال سياسي ادب پيدا ٿيو.
سنڌي زبان ۾جيڪو “خلافتي ادب” پيدا ٿيو ان کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . هڪڙو“خلافت تحريڪ” جي حق ۾ ۽ ٻيو “خلافت تحريڪ” جي مخالفت ۽ سرڪار جي فائدي ۾. ٻنهي ڌرين طرفان مختلف پمفليٽ، اشتهار ۽ رپورٽون به شايع ٿيل ڪن ڪتابن به پڌرا ٿيا. انهن مان خلافت جي حق ۾ شايع ٿيل ڪن ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
“فص الخطاب في رد ازالته الارياتب” (مولانا وفائي)، “لاجواب تحرير” (مولانا وفائي)، “مولوي معين الدين جي محاڪم جي حقيقت” (مولانا وفائي) “اظهار الڪرامته في مقاصد الخلافته والامامته” (انجمن جمعيت علماء سنڌ) “امن سڀا ۾شامل ٿيندڙن لاءِ متفق فتويٰ” (جمعيت علماء سنڌ)، ”ترڪ موالات” (جمعيت خلاف اسلاميه)، “ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي منع هجڻ واري فتويٰ” (جمعيت العماء سنڌ)، “پيغام پروفيسر ساڌو واسواڻي جو بطرف مسلمانان سنڌ” (ساڌو واسواڻي) “صوبه سنڌ پراونشل خلافت ڪانفرنس اجلاس ٻيو” (جمعيت خلافت سنڌ) ، “ياد جانان” (مولانا وفائي) “خلافت ۽ سمرنا فند جي آمدنيءَ جو تفصيل” (جمعيت خلافت سنڌ) “۽ ناله خلافت” (غلام احمد نظاماڻي)
هيءَ جماعت نومبر 1919ع ۾ دهليءَ واري “ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس” جي موقعي تي جوڙي وئي، ۽ ان جي قيام ۾ سنڌي عالمن: سيد اسدلله شاهه ٽکرائي، مولانا تاج محمود امروٽي، پير محمد امام شاهه راشدي، مولانا عبدالله ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري به اهم پارٽ ادا ڪيو. ڇو ته سنڌ جا اهي بزرگ عالم انهيءَ موقعي تي موجود هئا (2)
سنڌ ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هن جماعت جي شاخ کولي وئي ۽ ان پهريون سيڪريٽري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کي مقرر ڪيو ويو (3).
مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان پوءِ مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ سيد اسدلله شاهه ٽکرائي ان جا صدر ٿيا. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کان پوءِ مولانا دين محمد وفائي هن جماعت جو سيڪريٽري ٿيو.
سنڌ ۾ “جمعيت العماء” جي ترتيب ۽ تنطيم مذهبي بنيادن تي ٿي ۽ ان جا اڳواڻ سياسي طور تي “خلافت تحريڪ” جا اڳواڻ پڻ هئا، “جمعيت العماء” ڄڻ ته خلافتي سياستدان ، اڳواڻن ۽ ڪارڪن جو “مذهبي گروپپ” هو . هن ۾ اهي خلافتي شامل نه هئا ، جن وٽ مذهبي علم جي سنڌ ڪانه هئي . مذهبي علم جي سند رکندڙن ۽ علم ڪارڪن جي خلافتين کي “جمعيت خلافت” سڏيو ويندو هو . “خلافت تحريڪ” جي عهديدارن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي ٻڌل ميڙ کي “خلافت ڪاميٽي”چيو ويندو هو.
“خلافت تحريڪ” جي خاتمي کان پوءِ “جمعيت العماء سنڌ” جي اڳواڻي انهن عالمن جي هٿ هيٺ آئي، جيڪي ڪن سياسي ڳالهين جي ڪانگريس حڪمت عملي سان متفق هئا ، سنڌ ۾ هن پارٽي “خلافت ڪاميٽي” جيان زور نه ورتو. فقط سنڌ جي پنجن اٺن شهرن تائين محدود رهي، جتي ان جون شاخون کوليون ويون .
“جمعيت العلماء سنڌ” جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن مان سوفي صد لکيا پڙهيا ۽ عالم هئا. انهن مان ڪيترا شاعر، اديب ۽ ليکڪ پڻ هئا. هيءَ پارٽي انهن جي قلمي ڪاوشن ذريعي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿي.
جيتوڻيڪ هن پارٽيءَ جو ڪو نج سياسي ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع نه ٿيو، پر ان هوندي به ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ٽه روز. “اصلاح” (حڪيم فتح محمد سيوهاڻي) ، ماهوار “توحيد” (مولانا دين محمد “وفائي”) ۽ “الجامع” (حڪيم فتح محمد سيوهاڻي) اخبارن ۽ رسالن جي شايع ٿيل مواد ۾ پارٽيءَ جي حڪمت عملي، فڪر ۽ ڪارڪردگيءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
1884ع ۾ حسن علي آفندي ۾ ڏيارام گدومل جي وچ ۾ “سنڌ سڀا” جي هلندڙ اجلاس دوران لارڊ رپن کي مانپتر ڏيڻ جي سوال تي اختلاف پئدا ٿيو ۽ حسن علي آفنديءَ وڃي “مجمع محمدي” کي مضبوط ڪيو ۽ ائين سنڌ جي سياست ۾ مذهب جي بنياد تي الڳ ڌڙي بندي ٿي، انهيءَ اختلاف کانپوءِ 1885ع ۾ “ڪانگريس ڪميٽي” ٺهي ۽ سنڌ جا هندو ان طرف راغب ٿيا. “ڪانگريس” جي قيام کانپوءِ سنڌ جي هندن کي هڪ وڏو پليٽ فارم ملي چڪو هو، ان ڪري “سنڌ سڀا” عملي طور تي ختم ٿيندي وئي، تان جو اڳتي هلي جڏهن “مسلم ليگ” ۽ “هندو مها سڀا” جهڙيون پارٽيون ٺهيون ته سنڌ جي هندن پنهنجي وطن جي حالتن کي نظر ۾ رکي“سنڌ هندو سڀا” قائم ڪئي. هن جماعت جو “هندو مها سڀا” سان ڪو ماءُ ڌيءَ جهڙو رشتو ڪونه هو. هن جماعت جو صدر دفتر ڪراچي ۾ هوندو هو ۽ ان جون شاخون باقي سموريءَ سنڌ ۾ هونديون هيون، هيءَ جماعت به سنڌ جي بمبئي کان علحدگي تائين سرگرم عمل رهي.
سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ هندن جون مکيه ٽي جماعتون هيون. جيرامداس دولترام ۽ ڊاڪٽر چوئٿرام “ڪانگريس” جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، جنهن جو مرڪز سنڌ کان ٻاهر هو. “سنڌ هندو سڀا” ان وقت ٽيڪمداس وڌو مل جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهي هئي. “سنڌ هندو پئنچات” کي وري مکي پريتمداس هلائي رهيو هو. انهن جماعتن کانپوءِ ٻيون جماعتون به ٺاهيون ويون . نمبر 1936ع ۾ سوامي گووندانند “سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪميٽي” ٺاهي، ان کان اڳ 1935ع کان هندن جي هڪ ٻي جماعت “سنڌ نئشنلسٽ پارٽي” به ڪم ڪري رهي هئي.
سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ٿي، ۽ هن طرف ننڍي کنڊ جي سياست ۾ انقلابي تبديليون آيون ، خاص ڪري پاڪستان جو تصور هڪ حقيقت جو روپ وٺڻ لڳو ته سنڌ جي هندن کي نئين تبديلين مطابق پنهنجي مفادن جي بچاءَ لاءِ منظم ٿيڻو پيو، ائين “سنڌ منارٽيز ائسوسيئشن” ۽ “منارٽيز پروٽيڪشن بورڊ” قائم ٿيا.
سنڌ جي هندن جي سياسي تاريخ ۾ “سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ جي” مخالفت کي به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهو ڏکوئيندڙ واقعو آهي جو 1908ع ۾ پهريون هرچندراءِ وشنداس سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي ڳالهه چوري ۽ پوءِ اڳتي هلي کيس انهيءَ جي مخالفت ڪرڻ پئي. نه رڳو “سنڌ هندو سڀا” ۽ “سنڌ هندو پئنچائت” جهڙين پاٽين هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي، پر ان لاءِ اندروني طور تي سنڌ ۾ “ائنٽي سيپريشن ڪميٽي” ۽ “مها سڀا” کي به هن مسئلي ۾ ٽنگ اڙائڻ تي مجبور ڪيو ويو، ان کان سواءِ سنڌ جي هندن لنڊن ۾ به ڪن گورن ماڻهن کي سنڌ جي جدائي خلاف مبلغ طور ڪم آڻڻ جي به ڪوشش ڪئي. “هندن جي سياست” مان هتي فقط “هندو سڀا” ۽ خواهه علم ادب تي پيل اثر جي جهلڪ پيش ڪجي ٿي:
“سنڌ سڀا” جڏهن اختلافن جو شڪار ٿي وئي ۽ سنڌ جي سياست تي مذهبي رنگ چڙهڻ لڳو ته سنڌ جي هندن “سنڌ هندو سڀا” ٺاهي. هن سڀا جون سنڌ جي مکيه شهرن ۽ مرڪزن ۾ شاخون هونديون هيون. هي جماعت مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سنڌ جي هندن جي هڪ فعال سياسي جماعت هئي.
ڪانگريس ئي فقط سنڌ جي هندن جي واحد سياسي جماعت ڪانه هئ . ڪيترن سنڌي هندن کي ڪانگريس جي ڪيترين ڳالهين سان اختلاف هو. ڇو ته هيءَ جماعت ڪن حالتن ۾ سندن نج مذهبي نوعيت وارا مطالبا ۽ مسئلا مڃڻ کان قاصر هئي ان ڪري سنڌي هن کي مذهب گاڏڙ سياسي پارٽيون پڻ ٺاهڻيون پيون. ان جو سلسلو “سنڌ هند و سڀا” جي قائم ٿيڻ کان شروع ٿيو “منارٽيز پروٽيڪشن بورڊ” ٺهڻ تي ختم ٿيو.
اهڙين پارٽين سنڌ ۾ ڪٽرپڻي واري سياست جي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نه فقط ايترو پر سنڌي زبان ۽ علم ادب تي ته اثر وڌو. انهيءَ اثر هيٺ جڪي ڪتاب لکيا ويا، تن مان هي ذڪر لائق آهن :
“هندو قوم جي ڪماليت” (دوارڪا پرساد _ 1926) ، “هندو هندستان” (ڪوي رامچند _1936) ، “وير گرجنا” (1936) ، “سنڌ جي هاڻوڪي حالت” (گرڏنومل_1939) ، “اسين موت کان ڇو ٿا ڊڄون” (گرڏنومل_1940) ، “هندو سامواد ڇا آهي؟” (گرڏنومل _ 1940) ، “هندو قوم جي بيداري” (گرڏنومل _ 1940) ، “هندو سوراج” (مترجم طوطارام هنگوراڻي _1940) ، “هندو نوجوانن جو فرض” (هندو سنگت _ 1941) ، “قوم جي ننڊ” (گرڏنومل _1941) ، ديش ڀڳت ويرومل بيگراج جي سندر جيوني” (لکميچند _1943) “هندستان جي آزادگيءَ جي تحريڪ تي سرسري نظر” (گرڏنومل) ، “الٽ پاليسي” (مهراج ليکارام) ، “هندو قومي گيت” (ڪشور اين اجيت) ، “انتيءَ جا اپاءَ” (ديوان چترڀڄ) ، “ماتا جو سنڏ” (هوندو منگهارام) ، “جنم ڀومي” (مهراج تلسيرام) ، “هندو جاتيءَ جي حالت” (گاگنداس) ، “هندو سڀيتا تي حملو” (پنڊت رگهونندن) “هندو جاتيءَ جو ڀيانڪ ڀوم” (گنگا پرشاد) ، ۾“هندن ۾ جاڳرتا” (ڀائي ماڌو مل) ۽ “هندن کي منهنجي اپيل” (ساوتري)
مطالعي هيٺ آيل درو ۾ سنڌواسين “سياسي هوش” کان وڌيڪ “مذهبي جوش” کان ڪم ورتو . ان ڪري سندن سياست مذهب جو ٻل بڻجي وئي. ان ڪري “مذهبي سياست” سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي گهرا اثر وڌا . مطالعي هيٺ آيل دور ۾ ان ڪري “نج ادب” جي ڀيٽ ۾ “مذهب گاڏڙ سياسي ادب” ڪثرت سان پيدا ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي غير مسلم رهواسيءَ جو قدم اڳرو رهيو. جيئن ته “مذهب گاڏڙ ساسي ادب” وقت جي پيداوار هو، ان ڪري وقت گذرڻ سان گڏ ان جو پڻ خاتمو ٿي ويو ۽ اهڙو ادب اسان جي “ادبي تاريخن” ۾ جوڳي جاءِ وٺي نه سگهيو، هونءَ نه ته انهيءَ دور ۾ سنڌ ماتا جي هندو ۽ غير مسلم ٻالڪن “مذهب گاڏڙ سياست ۽ تاريخ” جي هر هڪ پهلوءَ تي قلم کنيو ۽ ڪتابن جا انبار لڳائي ڇڏيا .
هي جماعت تڏهوڪي رٽائرڊ سول آفيسر مسٽر هيوم جي ڪوششن سان 1885 ۾ قائم ٿي. جيتوڻيڪ ڪانگريس جي پهرين اجلاس ۾ سنڌ مان وشنداس ۽ ساڌو هيرانند شرڪت ڪئي ۽ جماعت جي قيام خواهه ڪارڪردگيءَ ۾ سنڌ جو حصو به ڳڻايو ، پر پوءِ به سنڌ ۾ هن جماعت 1913 کان پوءِ پير پختا ڪيا. تنهن سال ڪراچي ۾ “آل انڊيا نئشنل ڪانگريس” جو ساليانو ميڙ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هندستان جي ڪانگريسي اڳواڻن کي سنڌ ڏانهن متوجه ٿيڻ جو وجهه مليو.
سنڌ ۾ 1915 ۾ هن جماعت جي شاخ کُلي (4) . ان کان پوءِ پورا ٻٽيهه سال هن جماعت سنڌ جي هندن جي سياست قيادت ڪئي.
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ “ڪانگريس ڪميٽي” سنڌ جي هندن جي نمائنده سياسي پليٽ فارم جي حيثيت رکندي هئي. سنڌ جي مکيه شهرن ۾ جتي به اثر رسوخ وارا غير مسلم رهندا هئا ، هنن اتي هن پارٽيءَ جي شاخ کولي. (4) .
هن پارٽيءَ جن مختلف طريقن ۽ طرفن کان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو، انهن مان صحافت جو رستو مکيه حيثيت رکي ٿو. انگريزي دور ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان اهڙيون اخبارون جاري ٿيون، جن ڪانگريس جي پيغام ۽ لٽريچر کي عام ڪيو. اهڙين ۽ ايترن اخبارن ۽ رسالن جو اجراع سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي پڻ اثر انداز ٿيو .
انهن اخبارن ۽ رسالن جو الف _ بي وارا وچور هن ريت ٿئي ٿو:
”آزادي” (رامچند موٽواڻي_ لاڙڪاڻو) “آشا” (ديو سڀائي_ ڪراچي) “انتي” (هيرانند ڪرمچند _ حيدرآباد) ، “ڀارت” (ڀوڄراج اجواڻي _ سکر) ، “ڀارت واسي” (مختلف ايڊيٽر _ حيدرآباد) ، “ٽنڊو آدم گزيٽ” (ڪوڙومل ابيچنداڻي _ ٽنڊو آدم) “ٽنڊو الهار گزيٽ” (ڀڳوانداس_ ٽنڊو الهيار) ، “پرڀات” (ليکراج تلوڪ چند_ حيدرآباد) ، “پرتاب” (تاراچند گاجرا_شڪارپور) ، “پرتاب” (دوار ڪاداس_ حيدرآباد) ، “پرچا سماچار” (آتمارام لعلواڻي_ سکر) “پرڪاش” (مختلف ايڊيٽر_حيدرآباد) ، “پئسا” (دولترام_ شڪارپور) ،
“جنم ڀوسي” (ڊاڪٽر گووندرام_ راڻيپور) ، “جنم ڀومي” (هرداس واسواڻي_ ميرپورخاص) ، “جئه ڀارت” (هوتچند آسناڻي _ميرپورخاص) “جئه هند” (ڪشن گرناڻي_نوابشاهه)،“چڪرورتي” (کيٽارام_جيڪب آباد) “چوڏس” (آسودومل_ ڪراچي)، “حيدرآباد گزيٽ” (دليپ سنگهه_حيدرآباد)، “ديپڪ” (چندر ڀاٽيه_ شڪارپور) ، “دي سنڌ ٽرائيبو” (منگهارام لعلچند_ لاڙڪاڻو) ، “ديش متر” (کيمچند _ ڪراچي)
“ڊيلي گزيٽ” (مائيداساڻي _حيدرآباد) ،“ڊيلي نيوز”(ٽهلرام تنجواڻي _حيدرآباد) ”رتن” (پارومل_ ڪراچي)
“روشني” (روشن جڳتياڻي _حيدرآباد)، “سيتاگرهه بليٽن” (ڀوڄراج پارواڻي_ ڪراچي) ، “ستيه سماچار” (رامچند بچاڻي_ ٽنڊالهيار) ، “ستواديه” (تارا چند گاجرا_ شڪارپور) ، “سجاڳي” (نرسيمل_ سکر)،
“سکر گزيٽ” (بيک چند_ سکر)، “سماج” (سوامي گووندانند_ سکر) ، “سنڌ پئنچات” (ڊاڪٽر گوونندرام_لاڙ ڪاڻو) ، “سنڌ تائيمس” (روچيرام آڏواڻي_ حيدرآباد)، “سنڌ ٽربيون” (منگهارام لالچند_لاڙڪاڻو) ، “سنڌ درشن” (دوارڪاداس_ حيدرآباد) ، “سنڌ سماچار” (مولچند_نواب شاهه) ، “سنڌ سماچار” (پنڊت طوطارام ڪراچي) ، “سنڌ شيوڪ” (تولارام ٻالاڻي_ حيدرآباد) ، “سنڌو” (بولچند راجپال_ شڪارپور) ، “سنڌ واسي” (ڪنول سنگهه_ حيدرآباد) “سنڌ واسي” (ڄيٺمل پرسرام_ حيدرآباد) ، “سنڌ ڀاسڪر” (لوڪرام شرما_ حيدرآباد)، “سنڌو هندو” (لکميچند لاهرتي_ سکر) “سنڌي” (ويرو مل بيگراج_ سکر) “سنسار پتريڪا” (مائيداساڻي_ ڪراچي) “سنسار سماچار” (مختلف ايڊيٽر_ ڪراچي)، “سوديش” (ٺاڪرداس_ سکر) “سوراج” (وليجا_ سکر) “شڪارپور سماچار” (سچانند_ شڪارپور) “شڪارپور گزيٽ” (سچانند_شڪارپور) “شڪي” (کيمچند_ نواب شاه)، “شيوڪ” (رامچند ويرومل_ شڪارپور) ، “شيوا” (مهراج شنڀورام_ شڪارپور) ، “فتح” (ليلارام ماکيجاڻي_ حيدرآباد) ، “قرباني” (رامچنداڻي_ شڪارپور) “ڪانگريس” (ٺاڪرداس_ سکر) “ڪرانتي” (هيرانند ڪرم چند_ ڪراچي) “ڪرانتي” (موهن ماڻڪ_ ميرپورخاص) ، “ڪرم وير” (سچانند_ نوابشاهه) “ڪوٽڙي گزيٽ” (پرتمداس_ ڪوٽڙي)،“ڪنيا” (خوبچند ڏاسواڻي_ حيدرآباد) ، “ڪهاڻي” (جڳت آڏواڻي_ حيدرآباد) “گلستان” (دادا ڀوڄراڄ_ ڪراچي) “ڳوٺ سڌار” (واسديو شرما_ ٽنڊو باگو) “لاڙڪاڻه گزيٽ” (ٽهلرام_ لاڙڪاڻو)، “لوڪ شيوڪ” (ڊاڪٽر گوونندرام_ راڻيپور)، “ماتا” (ديپچند_ نوشهره فيروز)، “ميرپورخاص_ گزيٽ” (گرڏنومل_ ميرپورخاص)، “ميلاپ” (تاراچند گاجرا_ شڪارپور) “ناري سنسار” (ديپچند_ نوشهره فيروز)، “نواب شاھ گزيٽ” (ديپچند _نوشهره فيروز)، “نو ڀارت” (سچانند_ نواب شاهه) “نياسنسار” (شيوانند_ نواب شاهه) ، “نيو جيون” (لڌارام_ نواب شاهه) ، “وطن” (وطڻمل گدواڻي_ ميرپورخاص) ، “وطن” (ليلارام ڦيرواڻي_ شڪارپور) “وطن خدمتگار” (ڊاڪٽر گوونندارام_ لاڙڪاڻو) “همدرد” (رامچند ڀاوناڻي_ جيڪب آباد) ، “همدرد” (رام_بي موٽواڻي_ شڪارپور) ، “هندستان” (هيرانند ڪرمچند_ ڪراچي) ، “هند سماچار” (جيوترام_ نواب شاهه) ، “هندو” (مختلف ايڊيٽر_ حيدرآباد) ، “هندو” (راڌا ڪرشن_ جيڪب آباد) ، “هندو” (جئرامداس_ ڪراچي) ،“هندواسي”(ڄيٺمل پرسرام_حيدرآباد)،“هندواسي”(مختلف ايڊيٽر_ ڪراچي) “هندو جاتي” (آريه سپوت_نواب شاهه) ،“هندو جاتي” (نارائڻ چئتراءِ_ڪراچي) “هندو جاتي” (وشنو شرما_ڪراچي)
“هندو سماچار” (ڏامواڻي_ نواب شاهه) “هندو جاتي” (ريجهومل اگناڻي_ ڪراچي)، “هندو گزيٽ” (آوتراءِ_سکر) ، “هندو وير” (گوپالداس_ سکر) ۽ “هندو هستي” (لعلچند امر ڏنومل_ حيدرآباد) .
انهي اخبارن ۽ رسالن سالن جا سال سنڌواسين جي فڪر ۽ سوچ کان سواءِ ڪوشش ڪئي. ۾ علم ادب تي ڪانگريسي رنگ چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. لڳ ڀڳ اڌ صدي کان به مٿي جي عرصي ۾ انهن اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪو ڪجهه شايع ٿيندو رهيو، ان کي هتي ورجائي نه ٿو سگهجي . ان هوندي به هتي فقط هفتيوار “هندو” جي 28 ڊسمبر 1935 واري پرچي ۾ شايع ٿيل مواد جو وچور مثال طور پيش ڪجي ٿو:
نمبر عنوان ليکڪ
1. “ناروي جي ڏورانهن ديس ۾ ادارو
ڪانگريس لاءِ چاهه”
2. “ڪانگريس جون قربانيون ۽ ايضاَ
ڪاميابيون”
3. “ڪانگريس جي مختصر تواريح” ايضاَ
4. “سنڌ جي هڪ قومي سپاهيءَ جو لڇمڻ
جيون چرتر”
5. “ٽيهه ورهيه اڳ ڇا ڏٺم،” ڊاڪٽر چوئٿرام
6. “1885ع ۾ پهرين ڪانگريس ۾ ادارو
ڇا وهيو واپريو”
7. “ 1930ع جي هلچل جي ڊائري” ايضاَ
8. “ڇا هو ۽ ڇا آهي” پروفيسر گهنشام
9. منهنجي جيوت ۾ راڄنيتي طرف وشنو شرما
ڦيرو ڪيئن آيو؟”
10. “ڪانگريس زالن جي سوتنترتا لاءِ ڪملا ديوي
ڇا ڪيو آهي”
11. “ڪانگريس ۽ ساميه واد” ادارو
12. “ڪمال جي ڪماليت-ترڪي ايضاَ
۾ ڦيرو”
13. “گانڌي اورن ٺاهه ڪيئن ٿيو؟” ادارو
14. “سنڌ جو فخر” (ڀرڳڙي) جيرامداس دولترام
15. “سنڌ ۾ قومي ويچار پهريائين پريداس برهمچاري
ڪنهن ڦهلايا؟”
16. “آزاديءَ جي هلچل جي شروعات ڊاڪٽر چوئٿرام
ڪيئن ٿي؟”
17. “ڪانگريس جي گڏيل پنجاهه سالن شيخ عبدالمجيد سنڌي
جي هلايل هلچل جو نتيجو”
18. “امنگ جي اڇل” (ڪانگريس چوئٿرام وليڇا
ڪارڪن جي آکاڻي”
19. “چار ڳالهيون ڪريو” ادارو
20. “پرلوڪ پڌاريل سنڌ جا شيوڪ” ايضاَ
21. 1932ع ۾ ڇا ٿيو” ايضاَ
22. “آزادي جي آهوتي” ايضاَ
23. “هندستان ۾ جلدي ميلاپ ايندو” حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي
“سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي” کي جيڪي به اڳواڻ ۽ ڪارڪن مليا ، انهن مان ڪو به اڻ پڙهيو ڪونه هو. ويتر انهن جي گهڻائي ليڪن ، اديبن ۽ شاعرن تي ٻڌل هئي . جن علم ادب کان سواءِ صحافت جي محاذ تي به پنهنجي فڪر ۽ سوچ جي حفاظت ڪئي . صحافت تي هيءَ پارٽي ڪيئن اثر انداز ٿي ؟ ان جي جهلڪ مٿي ڏنل اخبارن ۽ رسالن جي نالن جي وچور مان ملي سگهي ٿي. علم ادب ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ ڪانگريسي ليکڪن پڻ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريا آهن .
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سنڌي زبان ۾ ڳچ جيترو “ڪانگريسي ادب” شايع ٿيو . پمفليٽن ، اعلان ، پوسٽرن ۽ مختلف اڳواڻن جي تقريرن کان علاوه ڪيترا ڪتاب پڻ لکيا ۽ ڇپيا ويا . مثال طور ڪن ڪتابن جا نالا هن هيٺ ڏجن ٿا :
“ناگپور ڪانگريس جو قطع تعلقات ٺهراءُ” (مترجم ڊاڪٽر چوئٿرام_ 1921) ، “احمد آباد ڪانگريس جو فرمان” (مترجم ڊاڪٽر چوئٿرام_ 1922) ، “ائٽ جي اوٽ” (مترجم جهمٽ مل _1922) ، “ترنگ جي تيرٿ” (ڄيٺمل پرسرام) ، “چرخي جو راز” (ليکڪ مهاتما گانڌي) ، “هنر وارو الله کي پيارو” (حڪيم لکي سنگهه) ، “سنڌ جا هنر” (نارائڻداس ملڪاڻي) “گانڌي طريقو” (آچاريه ڪرپالاڻي 1925) ، “جيلي جيوت” (نارائڻداس ملڪاڻي_1931) “آتم ڪٿا مهاتما گانڌي” (مترجم نارائڻداس ملڪاڻي _ 1932) ، “مهاتما گانڌيءَ سان ڪي ڳالهيون” (مترجم نارائڻداس ملڪاڻي_ 1935) “سنڌ پرانتڪ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جا قائدا ۽ قانون” (ڪانگريس پارٽي_ 1935) “ڪانگريس غريبن، دکين ۽ بکايلن لاءِ ڇا ٿي ڪري” (چوئٿرام وليڇا_ 1935) ، “هريجن جي اهنجن درو ڪڻ لاءِ ڪانگريس جي لاثاني شيوا” (چوئٿرام وليڇا_ 1935) ، “سوراج جي لڙائي” (ليکڪ جواهر لعل_1935) ، “ڪانگريس سلور جوبلي”، (ايم_ آر_ مائيداساڻي_ 1935) “چونڊن جا آلاپ” (دکايل_1937) ، “ڪانگريس وزارتن جون خذمتون” (ماڌوداس_ 1940) ، “جواهر جيوني” (مترجم تيرٿ وسنت_1941) ، “قومي لڙائي ۽ گانڌي وار” (صداقت ادبي سوسائٽي 1941) ، “هن سمي جو سوال” (منوهرداس_ 1941) “جواهر جيوني” (مترجم تلسي مورجاڻي_ 1941) ، “ڪئٽ انڊيا” (زندگي پبلڪيشن_ 1942) ، “ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو جنگ جي باري ۾ ٺهراءُ” (سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي_ 1943) ، “ٽاڻڻ تڻ ۽ پڃڻ” (رام مهتاڻي_ 1943) ، “منزل گاهه ۽ هندن جو فرض” )ريجهومل) ، “هندو مسلم مسئلو” (ديوتا سروپ) ، “شمع آزادي” (ڀيرومل ايسرداس) ، “سوديشي سنديش” (ڀيرومل ايسرداس_ 1944) ، “گانڌي سوتر” (روشنداس_ 1944) ، “قومي پروانا” (وشن جڳياڻي_ 1944) ، “هندو قم کي چتاءَ” (مترجم منوهرداس ڪوڙومل) ، “ڀارت جون ديويون” (ميلارام واسواڻي_ 1945) ، “انقلابي نهرو” (هندوستاني ساهتيه_ 1945) ، “گانڌي ويچار” (ديپچندر_ 1945) ، “سنڌ ڏانهن سنيها” (مترجم گهنشامداس_ 1946) ، “ڪانگريس ڪهاڻي” (پرڀداس برهمچاري_ 1946) ، “گانڌي سان هڪ گفتگو” (مترجم پي_ آر_ پنجابي_ 1946) ، “ڪانگريس ڪهاڻي” (ديپ چندر_ 1946) ، “قومي سپاهي” (موهن پنجابي_ 1946) ، سباش ڪئڻ ڀڳو” (لالا اتم چند_ 1946) ، “وندي ماترم” (ديپچندر_ 1946) ، “پاڪستان” (آسانند مامتورا_ 1946) ، “هندو مسلم فساد” (مترجم منوهرداس_ 1946) ، “چلو دهلي” (مترجم موهن پنجابي_ 1946) ، “آئيندي جا اڳواڻ” (بهاري ڇاٻڙا_ 1946) ، “قومي بلوو” (مترجم موهن پنجابي_ 1946) “سوشلسٽ پاڪستان” )هوتو بلاڻي_1947) ، “جئه هند” (پرنسرام ڀاٽيا_ 1947) ، “جئه پرڪاش نارائڻ” (ڄيٺانند ڀاونداس_1947) ، “نڀتاجي جرمنيءَ ۾” (ڄيٺانند ڀاونداس_1947) ، “آزادي جي لڙاڪن ڏانهن” (هندستان ساهتيه آستان_1947) ، “ڀارت جو بلوو” (ڀڳوانداس ماکيجا_1947) ، “وير گرجنا” (پارومل_1947) ، “ارونا ن جو آواز” ، “راشتر پتي گرجنا” (وير ڀارت) ، “سنڌ جون نازڪ حالتون” (چندو لعل) ، “ڀارت ماتا جو سينهو” (جميعتراءَ) ، “نيتاجي هندستان کان ٻاهر ڪيئن ويو.” (لال اتم چند) ، “سباش چندربوش” (ارجنداس) ، “سردار ڀڳت سگنهه گيتانجلي” (خوبچند) “گانڌي سنگيت” (ڀيرومل ايسر داس) ، “قومي جهنڊو” (مٿرانند) ، “جوڌو جواهر” (لوڪرام) ، “سوراج سوديشي ۾” (جي_ جي_ سنگهارام) ، “جليانوالاڪوس” (نند گدواڻي) ، “انقلاب جو آواز” (پيسو ناشاد) ، “قومي ڀڄناولي” (پرسومل) “وسند لڪشمي” (موٽومل) ، “گانڌي جيون رهيه” (دوارڪا پرساد) ، “سرڪار سان لڙائي” (گهنشام ڄيٺانند) ، “مهاتما گانڌي جي جيل جو تجربو” (وشنو شرما) ، “وندي ماترم ڀارت پشپ مالها” ، “نيتاجي بوس” (رتن ساهتيه)
انهيءَ نج سياسي ادب کان سواءِ علم ادب جي مختلف صنفن ۾ لکيل ڪتابن جي به نشاندهي ڪري سگهجي ٿي، جن تي سڌو سنئون ڪانگريسي فڪر جو اثر نظر اچي ٿو.
مثال طور ڪن ڊرامن ۽ ناولن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
ڊراما:
نمبر |
عنوان |
ليکڪ |
مترجم |
سال |
|
“ڀارت ڄاوا اٿ اٿي جاڳ” |
لعلچند امر ڏنومل |
______ |
1919 |
|
“آزاد ڀارت” |
جي- اين ناگراڻي |
______ |
1920ع |
|
“عملدار ڪين آزاد رعيت |
لعلچند امرڏنومل |
_______ |
1921ع |
|
“افسانه الور” |
جي- اين ناگراڻي |
_______ |
1926ع |
|
“ديش صدقي” |
مئٽرلنڪ خانچند |
درياڻي |
1967ع |
|
“ايڪتا جو آلاپ” |
زئنگول منگهارام |
ملڪاڻي |
1930ع |
|
“مڪت ڌارا” |
ٽئگور |
چوهڙمل |
1930ع |
|
“گانڌي” |
لعلچند امرڏنومل |
______ |
1937ع |
ناول .
نمبر |
عنوان |
ليکڪ |
مترجم |
سال |
|
“آشرير واڌ” |
شيوڪ ڀوڄراج |
______ |
1926ع |
|
“ننڊ ڪمار کي ڦاسي” |
چندي چرڻ |
سيلا رام |
1938ع |
|
“آزدي جا اپلڪ” |
ٽئگور |
چوهڙمل |
1940ع |
|
“ديش ڀڳت” |
پرل بڪ |
تيرٿ سڀاڻي |
1945ع |
|
اسان جو گهر” |
رام ڀنجواڻي |
______ |
1926ع
|
سنڌ ۾ مسلمانڪي سياست جو آغاز “مجع محمدي” جي قيام سان گڏ ٿيو، جيڪا 16 مارچ 1884ع ٿي قائم ٿي، ۽ ٿوري وقت اندر انهيءَ جون سنڌ جي مختلف هنڌن تي شاخون به کليون. هن جماعت ئي اڳتي “سنڌ محمدن ائسوسيئشن” جو روپ ورتو، جيتوڻيڪ جماعت جي حڪمت عملي سرڪار کان هٿ ٻڌي پنڻ تي ٻڌل هئي، پر پوءِ به سنڌ جي سياسي ارتقا ۾ هن جماعت جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ تعليمي خدمتن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي جماعت اڳتي هلي سرڪار جي “جي حضوري” جو نادر نمونو “سنڌ محمدن ائسوسيئشن” جڏهن عوام جو اعتماد وڃائي ويٺي ته ان جي ضد ۾ 1917ع ۾ “سنڌ مسلم ليگ” قائم ٿي هي ليگ هڪ الڳ ۽ خود مختيار جماعت هئي، جنهن جو عملي طور تي “آل انڊيا مسلم ليگ” سان تر جيترو به واهپو يا واسطو نه هو. “سنڌ مسلم ليگ” جي تاريخ ۾ به ڪيترائي دور آيا، ان کي 1920ع، 1925ع ۽ 1934ع ۾ نئين سر منظم ڪيو ويو.
هيءَ جماعت 1934ع تائين فعال رهي.
“سنڌ محمدن ائسوسيئشن” ۽ “سنڌ مسلم ليگ” کانسواءِ سنڌ جي مسلمان اڳواڻن ٻيون به جماعتون ٺاهيون جن ۾ “سنڌ پيپلرز پارٽي” “سنڌ آزاد پارٽي” “يونئسٽ پارٽي”، “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي”، سنڌ مسلم نئشنلسٽ پارٽي”، “پروگريسو مسلم ليگ” ، “سنڌ ساگر پارٽي” ۽ “مسلم نئشنلسٽ پارٽي” جا نالا ڳڻائڻ لائق آهن.
سنڌي مسلمانن جي سياسي تاريخ ۾ “سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ” کي به نمايان حيثيت حاصل آهي. ابتدا ۾ جيتوڻيڪ هي مسئلو سنڌ جي هندو توڙي مسلمانن جو گڏيل مسئلو هو ۽ ان کي “سنڌ پراونشل ڪانفرنس” 1908ع، 1917ع، 1918ع ۾ بحث هيٺ آڻڻ وارا به هندوئي هئا، پر پوءِ اڳتي هلي هندن توڙِ مسلمانن هن مسئلي تي الڳ الڳ دڳ ورتي، تان جو انهيءَ مسئلي تي 1932ع کان وٺي. مسلمانن کي خاص ڪانفرنسون سڏرائڻيون پيون. جيڪي “سنڌ آزاد ڪانفرنس” جي نالي سان مشهور آهن. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس 18، اپريل 1932ع تي ڪراچيءَ ۾، ٻي 15، نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾، ٽين 21، اپريل 1934ع تي سکر ۾ ۽ چوٿين 27، جولاءِ 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ سڏائي وئي. هنن ڪانفرنسن مان ٻي نمبر ڪانفرنس جي موقعي تي “سنڌ آزاد ڪانفرنس” سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي تحريڪ”، “مسلم ليگ” ۽ “خاڪسار تحريڪ” “سنڌ ساگر پارٽي” جو ذڪر ۽ انهن جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر ڏيکارجي ٿو:
1943ع ۾ سنڌ ملڪ پنهن جي آزادي ۽ خود مختيار وڃائي، “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جو هڪ صوبو بڻايو ويو. چئن سال جي مختصر عرصي ۾ ان جي صوبائي حيثيت به ختم ڪري کيس “بمبئي پريزيڊينسي” سان ملايو ويو.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته بمبئي سان الحاق واري زماني ۾ سنڌ واسين کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، پر اها حقيقت به نظرانداز ڪري نه ٿي سگهجي ته هن تحريڪ کي مٿي کڻڻ ۾ سنڌ جي “مٿيئن طبقي” جو هٿ هو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جو خيال پڻ انهن کي وقت جي حالتن ڏنو . ٿيو ائين جو 1905ع ۾ بنگال جو ورهاڱو ٿيو. اهو ورهاڱو وقت جي سرڪار پنهنجي انتظامي سهولتن ڪاڻ ڪيو هو. پر ان مان وقتائتو فائدو پڻ اتان جي مسلمانن کي به ٿي مليو. بنگال جي ورهاڱي هندن پسند نه ڪيو ۽ ان خلافت تحريڪ هلائي، سنڌ جي هندن مان گهڻن پڻ انهن سان آواز ۾ آواز ملايو. سڄي ننڍي کنڊ ۾ هن مسئلي تي هندن خواهه مسلمانن جي وڃ ۾ غلط فهميون پيدا ٿيڻ لڳيون. تان جو ڪن مسلمانن ۾ آيل اها تبديلي انهن هندن کي ڏکي لڳي، جيڪي هندستان ۾ ڀائپي ۽ ڀائيچاري سان رهڻ کي ترجيح ڏين پيا. ان ڪري اهڙن هندن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ رواداريءَ جي جهلڪ ڏيکاري تن ڏهاڙي سنڌ ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس کي سنڌ جي ناميارن سياسي اڳواڻن جي حيثيت حاصل هئي. هن محسوس ڪيو ته بنگال جي ورهاڱي واري مثال ۽ قدم کي آڏو رکي ڇو نٿ سنڌ جي علحدگيءَ جي ڳالهه ڪجي. ان مان کيس ۽ سندس هم مذهب سائين کي ٻه فائدا ٿي رسيا. هڪ طرف اهي سنڌ جي مسلمانن جون همدرديون ٿي حاصل ڪري سگهيا ۽ ٻئي طرف سنڌ جي علحدگي واري صورت ۾ کين پڻ فائدو رسڻو هو. هنن کي فائدو ان ڪري ٿي رسيو جو سنڌ جا هندو انهيءَ وقت تائين تعليم، تجارت ۽ ملازمتن ۾ سنڌي مسلمانن کان اڳتي وڌي چڪا هئا. سندن ئي بارن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دور دراز بمبئي جي ڪاليجن ڏانهن وڃڻو پوندو هو. هنن کي سرڪار لکپڙهه اُڪلائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻو پوندو هو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڏک سنڌي مسلمانن کي به ڏسڻا پوندا هئا، پر هندن لاءِ به آزار گهٽ ڪونه هو . انهيءَ پس منظر ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس 1908 ۾ “سنڌ پراونشل ڪانفرنس” جي موقعي تي سنڌ جي جدائيءَ جي ڳالهه ڪئي.
ان کان پوءِ 1913 ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ “آل انڊيا نئشنل ڪانگريس “جو ساليانو ميڙ ٿيو ته ان ۾ به هن ساڳيءَ ڳالهه کي ورجايو. ساڳي ئي سياستدان پوءِ سنڌ جي هندن جي اثر هيٺ اچي ساڳي تحريڪ جي پاڻ مخالفت ڪئي. ۽ ان خلاف ڪيترائي اعتراض اٿاريا. پر تير سندس ڪمان مان نڪري چڪو هو ۽ مسلمانن جي مٿئين طبقي هن مسئلي کي “تحريڪ” ڪري هٿ ۾ کنيو . تا جو 1936 ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ڪيو ويو.
هن تحريڪ جي مواقفت خواهه مخالفت ۾ جن سياست ڪيو ڪيو. انهن مان ڪيترا اديب، ليکڪ ۽ شاعر پڻ هئا. مثال طور مسلمانن جي ڌر ۾ ميران محمد شاهه، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قاضي عبدالرحمان، جي_ ايم_ سيد ، علي محمد شاهه راشدي، محمد ايوب کهڙو، جمشيد ميهتا ، مولوي عبدالڪريم چشتي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا دين محمد “وفائي” جهڙا قلم ڌڻي موجود هئا. ٻئي ڌر ۾ وري ويرومل بيگراج، پروفيسر ڇٻلاڻي، جيرامداس دولترام، ڊاڪٽر چوئٿرام، وشنو شرما بولچند راجپال ۽ ٻين ڪيترن هندو ليکڪن اديبن ۽ شاعرن جي وڏي کيپ موجود هئي.
1908 کان وٺي اپريل 1936 تائين، چوٿائي صديءَ جي انهيءَ عرصي ۾ ٻنهي ڌرين جي ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن هن تحريڪ جي مخالفت خواهه مواقفيت ۾ گهڻو ڪجهه لکيو.
هندن جي اخبارن ۽ رسالن ۾ تحريڪ جي مخالفت ۾ مواد شايع ٿيو. انهيءَ ڏس ۾ فقط “سنڌي” (ويرو مل بيگراج) ۽ “سنڌو” (بولچند راجپال) ۾ شايع ٿيل مواد جو وچور ٺاهبو ته صفحا ڀرجي ويندا. اهڙي نموني سان مسلمانن طرفان “الامين” ۽ “الوحيد” ۾ تحريڪ جي حق ۾ نثر خواهه نظم شايع ٿيو.
۽ “الوحيد” اخبار ته سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ واري موقعي تي “اسپيشل نمبر” ڪڍيو. جيڪو هن تحريڪ جي هڪ ڌر جي ڪوششن جي قلمي تصوير جو تاريخي دستاويز چئي سگهجي ٿو.
انهيءَ ئي عرصي دوران محمد ايوب کهڙي جي نالي ۾ “مصائب سنڌ” نالي ڪتاب شايع ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي جدائي واري مسئلي جي انگن اکرن سان وڪالت ڪئي وئي هئي. جمشيد ميهتا پڻ ساڳي ئي عرصي ۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس ۽ پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جي اٿاريل اعتراضن جي جواب ۾ “سنڌ جي بمبئي کان علحدگي” نالي هڪ چوپڙي لکي. اهي ٻئي ڪتاب ۽ “الوحيد” جو “اسپيشل آزد نمبر” هن ئي دور ۾ ٻيهر ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان کان سواءِ مذهبي سوچ ۽ سياسي شعور رکندڙ مسلمان سنڌي شاعرن پڻ هن تحريڪ جو اثر قبول ڪيو. انهيءَ اثر جي جهلڪ سنڌي شاعريءَ مان پڻ ملي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ ميران محمد شاهه، شيخ عبدالله “عبد”، غلام احمد نظامي، محمود “خادم” ۽ محمد هاشم “خاص” جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
“بنگال جي ورهاڱي” تي هندستان جي هندن مخالفت جو رويو اختيار ڪيو ته رد عمل طور مسلمانن پڻ پنهنجي اجتماعي مفادن جي بچاءَ جا طريقا سوچڻ شروع ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ آڪٽوبر 1906 ۾ هزهائنس آغا خان جي اڳوائيءَ ۾ مسلمانن جو هڪ وفد هند جي تڏهوڪي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل لارڊ منٽو سان شملي ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. (5)
انهيءَ ملاقات کان ستت پوءِ ڊسمبر 1906 ۾ ڊاڪا ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” قائم ڪئي ويئي ته جيئن: (الف) هندستاني مسلمانن ۾ انگريز سرڪار لاءِ وفاداريءَ جو جذبو پيدا ڪيو وڃي،
(ب) مسلمانن جي سياسي حقن جو بچاءُ ڪيو ويو وڃي،
(ت) مسلم ۽ غير مسلم طبقي جي باهمي اختلافن کي ختم ڪري، ڀائيچاري جو ماحول پيدا ڪيو وڃي. (6)
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته “آل انڊيا مسلم ليگ” جو پهريون (هزهائيش آغا خان) ۽ آخري (محمد علي جناح) صدر سنڌي بڻيو. اهڙي نموني سان هن پارٽي جو پهريون (1907) ۽ آخري (1943) ساليانو ميڙ به سنڌ ۾ ٿيو. پر ان هوندي به سنڌ ۽ “آل انڊيا مسلم ليگ” جي ڪهاڻي نرالي آهي.
چيو ويندو آهي ته رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 1917ع ۾ سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ کولي هئي ، ليڪن حقيقت ائين نه آهي، اصل ڳالهه هن ريت آهي ته “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جا ان وقت سرڪار جي پاليل جماعت بڻجي چڪي هئي، انهيءَ کان ڪيترائي آزادي پسند ۽ قوم پرست اڳواڻ بيزار ٿي چڪا هئا. انهن گهٽن مان جند ڇڏائڻ لاءِ “سنڌ مسلم ليگ” ٺاهي وئي، جنهن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هن جماعت جو آل انڊيا مسلم ليگ سان ڪوبه واسطو ڪونه هو ۽ اها پنهنجي جاءِ تي هڪ خود مختيار سياسي جماعت هئي. اهوئي سبب آهي جو 1917ع ۾ جڏهن مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ هندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاءِ هندستان جي دوري ٿي آيا ته “سنڌ مسلم ليگ” الڳ ۽ خود مختيار حيثيت ۾ انهن اڳيان پنهنجو ميمورنڊم پيش ڪيو.
“سنڌ مسلم ليگ جو پهريون صدر يوسف علي علي ڀائي هو ۽ غلام علي چاڳلا ۽ حاجي عبدالله هارون انهيءَ جا سيڪريٽري هئا. اپريل 1920ع ۾ هن جماعت جي واڳ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي حريفن بدران مذهبي نوعيت جي ماڻهن جي هٿ ۾ اچي وئي. اپريل 1920ع ۾ سڏايل سکر واري گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت به “سنڌ مسلم ليگ” جا ڪرتا ڌرتا “آل مسلم ليگ” کي وقت جي سرڪار جي ٺاهيل جماعت تصور ڪندا هئا. انهيءَ زماني ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، جان محمد جوڻيجو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولوي تاج محمد، ڊاڪٽر نور محمد، ڊاڪٽر حاجي ۽ سيٺ امين الدين ساڳيءَ طرح جيان ليگ جا قائد رهيا.
1925ع ۾ “سنڌ مسلم ليگ” کي منظم ڪيو ويو. ان وقت سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر، سيد محمد ڪامل شاهه کي نائب صدر، ڊاڪٽر نورمحمد کي سيڪريٽري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کي خزانچي مقرر ڪيو ويو. 1934ع ۾ وري هن جماعت جي قيادت ۽ تنظيم ۾ تبديلي آڻي ۽ حاتم علوي جي صدارت ۾ ان ڪري نئين سر منظم ڪيو.
سنڌ ۾ ،آل انڊيا مسلم ليگ” جو ته پهريون چوندن وقت به ڪو عملي وجود ڪونه هو. حقيقت ۾ سنڌ ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” آڪٽوبر 1938ع ۾ سڏايل “پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس” کانپوءِ ئي سنڌ ۾ پير پاتو. انهيءَ کان ستت پوءِ مسجد منزل گاهه واري سياسي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي، جنهن هن جماعت کي هڪ ئي انهيءَ تحريڪ ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو، ڇوته رياضت مذهبي اڳواڻن ڪئي ۽ قيادت آل انڊيا مسلم ليگ کي ملي وئي. (7)
جيئن ته “آل انڊيا مسلم ليگ” صحيح معنيٰ ۾ 1938 جي آخر ۾ سنڌ ۾ زور ورتو. ان ڪري پاڪستان جڙڻ تائين هن جماعت کي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ٿورو وقت مليو.
“خلافت تحريڪ” جي خاتمي ۽ “جمعيت العلماءُ سنڌ” جي پڄاڻي کان پوءِ سنڌ جي عالمن جو ڳچ حصو “سنڌ مسلم ليگ” جي حلقي ۾ اچي ويو. انهن مان ڪيترا قلم_ ڌڻي به هئا. انهن سان مولوي خيرمحمد اوحدي، مولوي خيرمحمد نظاماڻي، مولوي درمحمد “خاڪ”، مولانا دين محمد “وفائي” مولانا ظهورالحسن درس، مولوي عبدالغفور سيتائي، مولانا سيد علي اڪبر شاهه، مولانا غلام احمد ملڪاڻي، مولانا مخدوم غلام حيدر هالائي، مولانا پير آقا محمد اسماعيل جان “روشن”، مولانا محمد حسن جان سرهندي، مولانا محمد عظيم “شيدا”، جا نالا ذڪر لائق آهن.
ان کان سواءِ “سنڌ مسلم ليگ” کي پنهنجيءَ ڪيمپ ۾ پڻ اهڙا سياستدان موجود هئا. جن جو قلم اڳ ئي ادبي دنيا ۾ شهرت وٺي چڪو هو. انهن مان محترم جي_ ايم_ سيد علي محمد شاه راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاتم علوي، قاضي عبدالرحمان ۽ علامه آءِ_ آءِ_ قاضي جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
“مسجد منزل گاهه” جي ڏکوئيندڙ واقعي کان پوءِ مسلم ليگي اديبن ۽ ليکڪن ۾ ڪيترن اهڙن شاعرن جو به اضافو ٿيو، جيڪي عملي يا نظري طور تي اسلام پسند هئا.
انهن سمورن اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن جي قلم ۽ ذهن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي اثر انداز ڪيو. ان هوندي به سنڌي ٻوليءَ م ايترو “ليگي ادب” پيدا ٿي نه سگهيو، جيڪو “ڪانگريس ادب” اسان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي. انهيءَ دور ۾ شايع ٿيل “ليگي ادب” جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو:
“قائد اعظم جي سنڌ گورنمينٽ کي اپيل” (اسلاميه سنگت، هالا) “صوبه سنڌ مسلم ليگ” (1938) ، “سنڌ ۾ مسلم ليگ جي ضرورت” (حاجي عبدالله هارون_1938) ، “مسلمان، ڪانگريس ۽ ليگ” (شيخ عبدالحڪيم_1938) ، “هندو ڀائرن ڏانهن” (محمد عمر) “هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان” (مترجم جي_ايم_ سيد) ، “سنڌ جي سياست جو تازو چڪر” (حڪيم عطا محمد) “قائد اعظم جناح” (طاهره اعجاز آغا_1946) ، “اسان جو پاڪستان” (طاهره اعجاز آغا_1946) ، “اسان جو پاڪستان” (طاهره اعجاز_ 1946) ، “مسلمانن جو نصب العمين پاڪستان” (قاضي محمد اڪبر) ، “پيغام حق” (غلام احمد نظامي)
مٿي ڏسيل ڪتابن مان فقط هڪ ڪتاب معياري چئي سگهجي ٿو. جيڪو هو “هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان”. هن ڪتاب اصل ۾ پنجابي مسلمانن جي اخبار “ايسٽرن ٽائيمز” ۾شايع ٿيل مضمونن تي ٻڌل هو. جنهن ۾ پاڪستان جي زوردار نموني سان وڪالت ڪئي وئي هئي .
جيئن ته “ڪانگريس پارٽي” هن جماعت کان اڳ سنڌ جي تخليق ٿيڻ لڳي، ته ان جي جواب ۾ ڪانگريسي اديبن پڻ پنهنجي قلم کي نئين مس سان تازو ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ جيڪي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان ڪي هي آهن:
“جناح کي جواب” (پنڊت چندر گپت_1941) ، “پاڪ هند جو خيالي خاڪو” (نذير حسين-1942) ، “پاڪستان منصوبو”(ليکڪ؟_ 1945) ،“پاڪستان” (آسانند مامتورا_1946) ۽“سوشاسٽ پاڪستان”(هوتو بدلاڻي _1947)
“صحافت جي ميدان ۾ سڀ کان پهريون ۽ توڙ تائين “الوحيد” اخبار“آل انڊيا مسلم ليگ” جو آرگن ٿي رهي. ان کان سواءِ 1938 ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار “مسلم ليگ” اخبار پڻ جاري ٿي، جيڪا ٿورو وقت هلي بند ٿي وئي. (8)
انهيءَ کان سواءِ مولوي خيرمحمد نطاماڻي، مولويدين محمد “وفائي” ۽ مولوي عبدالغفور سيتائي پڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽر جي حيثيت سان پنهنجي قلم سان “مسلم ليگي ادب” پيدا ڪندا رهيا. البت مولانا دين محمد وفائي جي رسالي “توحيد” ۾ هن جماعت جي مواقفت خواهه مخالفت ۾ مواد ملي ٿو. هنن کان سواءِ محمد عثمان ڏيپلائي جون قلمي ڪاوشون پڻ مسلم ليگ جي اثر واري کاتي ۾ شمار ڪري سگهجن ٿيون. ليڪن انهن کي نج “مسلم ليگي ادب” چئي نه ٿو سگهجي.
سنڌ ۾ هن تحريڪ کي مانوس ڪرائڻ واروهو حيدرآباد جو وڪيل نصير محمد، ان کانپوءِ ڊاڪٽر قاضي محمد اڪبر هن تحريڪ کي مقبول بنايو. پير الاهي بخش جي ڪوششن سان هن جماعت جون لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ شاخون قائم ٿيون. ڪراچيءَ ۾ وري قاضي عبدالرسول وڪيل ۽ سيد حضرت شاهه ان کي اتي مقبول بڻايو.
“خاڪسار تحريڪ” پڻ سنڌي ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن کان وانجهيل ڪانه هئي . نصير محمد نظاماڻي، مير الله بخش ٽالپر، قاضي محمد اڪبر، مولوي احمد علي “مجذوب”، مولوي خيرمحمد نظاماڻي، مولوي شفيع محمد نظاماڻي ۽ لطف الله پلي هن پارٽيءَ جي سرگرم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان سواءِ قلم_ڌڻي پڻ هئا.
مير الله بخش ٽالپر سالن جا سال“خاڪسار سپاهي” رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي هن پارٽيءَ جي اثر جي رنگ ۾ ريٽو ڪيو. نصير محمد نظاماڻي، مولوي شفيع محمد نظاماڻي ۽ لطف الله پلي انهيءَ رسالي جا مستقل ليکڪ هئا.
ٻارهن سال جي عرصي دوران وقت به وقت هن پارٽيءَ جو سياسي ادب پڻ شايع ٿيندو هو. جن مان “تحريڪ خاڪسار جا مختصر اصول”(نصير محمد نظاماڻي_1935)،“سپاهيانه زندگي”(سنڌي ترجمو_ 1963) “اعلان حق عرف ڪوڙ مو پول” (لطف الله پلي 1939) ، “خاڪسار تحريڪ ۽ ڪانگريس” (مير غازي خان) ۽ “گجرات ڪئمپ ۾ علامه مشرقيءَ جو خطاب” (سنڌي ترجمو) ذڪر لائق آهن.
هن پارٽيءَ جي رد عمل طور ان جي مخالفت خواهه مواقفت ۾ ٻين سنڌي رسالن خواهه اخبارن ۾ پڻ مواد شايع ٿيو جن مان “توحيد” ۽ “الوحيد” جا نالا ڳڻائڻ لائق آهن .
جلاوطنيءَ جي خاتمي کانپوءِ مولانا عبدالله سنڌي ، سنڌ ۾ آيو ته هن 1939ع ۾ “جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي” ٺاهي. هي پارٽي هندستان کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ بدران لساني بنيادن تي تقسيم ڪرڻ جي حق ۾ هئي.
عجيب اتفاق آهي جو “سنڌ ساگر پارٽي” ۽ “مسلم ليگ” همعصر سياسي پارٽيون هيون. جيتوڻيڪ “ساگر پارٽي” جي قيادت تڏهوڪي دور جو مڃيل باغي سياستدان مولانا عبيدلله سنڌي ڪري رهيو هو، پر ان هوندي به وقت ۽ حالتون اچي اهڙي موڙ تي پهتا هئا. جو هئي پارٽي تڏهوڪي “سياسي ماحول” ۾پنهنجي جاءِ وٺي نه سگهي . ان جا ڪيترائي ڪارڻ هئا . سڀ کان وڏو ڪارڻ هي هيو ته مولانا عبدالله سنڌي ستت ئي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس جا مختصر مهلت ملي، ان ۾ هو خاطر خواهه ڪم نه ڪري سگهيو. ڇو ته سنڌ ۽ هند جون حالتون بدلجي چڪيون هيون. ماڻهو “سياسي شعور” کان وڌيڪ “مذهبي عقيدت” جي حق ۾ ٿي چڪا هئا. سڄو هندستان ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهائجي چڪو هو. جن مان “آل انڊيا نئشنل ڪانگريس” ماڻهن جي گهڻائي کي پنهنجي پنهنجي ڪئمپن ۾ آڻي چڪي هئي.
مولانا عبيدالله سنڌي “جذباتي سياست” بدران سنجيدگيءَ واريءَ سياست جي بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي پارٽيءَ ۾ ميمبرن جي اڪثريت ڏسڻ بدران ميمبرن جي ذهني، علمي ۽ سياسي تربيت تي توجهه ڏنو. ان لاءِ مدرسه مظهر العلمو ڪراچي ۾ “بيت الحڪمت” ۽ پير جهنڊي جي مدرسي ۾ “ساگر انسٽيٽيوٽ” قائم ڪيو. ڏينهن رات ڪم ڪيائن ۽ هم خيال مذهبي عالمن کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر حياتيءَ وفا نه ڪيس ۽ پاڻ گذاري ويو.
“ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا” مصداق هن پارٽيءَ کي جيتوڻيڪ سنڌ مان ٿورا سياستدان ۽ ڪارڪن نصيب ٿيا. پر اهي لکڻ پڙهڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. انهي مان مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا عبدالحق رباني جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن ٽنهي قلم_ڌڻين مان مولانا دين وفائيءَ “توحيد” رسالي جي ايديٽر جي حيثيت سان، پر ان کي سنڌي ٻولي خواهه علم ادب تي اثر انداز ٿيڻ جو موقعو به فراهم ڪيو . “توحيد” رسالي ۾ مولانا عبدالله سنڌيءَ ۽ ساگر پارٽيءَ بابت ڪيتروئي مواد شايع ٿيو. مولانا محمد صادق کڏي جا مضمون ۽ مقالا پڻ ان ۾ شايع ٿيندا هئا.
هي پارٽي 1930ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو پهريون صدر پرنسپال گوڪلي کي مقرر ڪيو ۽ ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي_ايم_ سيد ان جا سيڪريٽري ٿيا. هن پارٽيءَ جي سهاري هيٺ هارين جون ڪانفرنسون ٿيون، ۽ سنڌ اسيمبلي سندن مسئلن ڏانهن متوجه ٿي.
هيءَ پارٽي 1935ع ۾ درگداس بي، آڏياڻيءَ قائم ڪئي، پارٽيءَ جو بنياد غير فرقيوارانه حڪمت عمليءَ تي رکيو ويو ۽ انهيءَ جي آئين مطابق سنڌ جو ڪوبه ماڻهو، جو ترقي پسند خيالن جو هجي سو ذات، پات ، رنگ ، نسل ۽ دين ڌرم جي فرق کانسواءِ هن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي سگهي پيو. پارٽيءَ کي مقبوليت بدران شروع کان وٺي مخالفت جو ڳرو بار کڻڻو پيو.
هيءَ پارٽي 1936ع ۾ نارائڻداس آنند جي . بيچر جي قيادت ۾ ٺهي. هن جماعت سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ ڪانگريس سان الحاق ڪيو.
هيءَ پارٽي جون 1936ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي . ڊاڪٽر تاراچند هن جماعت جو پهريون صدر ۽ اي_ ايم خان ۽ عبدالرحمان انهيءَ جا پهريان سيڪريٽري ٿيا . هيءَ جماعت ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جي جاگيردارانه نظام جو خاتمو آندو وڃي ۽ بئراج زمينون آسان قسطن تي هارين کي ڏياريون وڃن.
هي جماعت مطالعي هيٺ آيل دور جي پوئين ڏهاڪي ۾ قائم ٿي . ڪراچي ۽ حيدرآباد انهيءَ جا مکيه مرڪز هوندا هئا. پروفيسر ڪارواڻي هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري هو.
جڏهن پاڪستان جو قيام هڪ حقيقت جو روپ وٺڻ تي هو ته سنڌ جي ڪميونسٽ اڳواڻن هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کان ڇڄي جولاءِ 1947ع ۾ “سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ” پارٽي” ٺاهي، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري ٿي رهيو، ساڳي دور ۾ محمد يوسف ۽ مبارڪ ساگر جي ڪوششن سان سنڌ ۾ “دي سوشلسٽ پارٽي” قائم ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل پارٽين جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ ڪجهه نالا پاڻ کي اهڙا به نظر اچن ٿا، جيڪي سياست کان سواءِ قلم_قبيلي سان به واسطو رکندڙ هئا. جهڙوڪ : ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي ، جي_ ايم_ سيد ، قاضي فيض امين کوسو، حيدربخش جتوئي، سيد جمال الدين بخاري، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي ۽ مبارڪ ساگر وغيره.
انهن قلم_ڌڻي سياستدانن مان ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪاوشن صحافت جي سر زمين تي “هاري پارٽي” جي اثر جو ٻج ڇٽيو. ان جي سنڀال ، پاڻي ۽ ڀاڻ جو ڪم 1947 کان پوءِ ٿيو . ورهاڱي بعد هاري پارٽيءَ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي نمايان اثر ڇڏيا آهن .
جيتوڻيڪ “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” فرنگي سرڪار جي سياسي حڪمت عمليءَ جو بنيادي اصول هو، ۽ انهيءَ اصول جتي ڪٿي پنهنجا رنگ به ڏيکاريا، پر ان باوجود سنڌ جي سر زمين تي اهڙين پارٽين به جنم ورتو، جن غير فرقيوارانه بنيادن تي ڪنهن وقت تائين عوام کي متحد پليٽ فارم مهيا ڪيو :
“سنڌ سڀا” انهيءِ قسم جي پهرين جماعت هئي، جيڪا 1886ع ۾ قائم ڪئي ويئي. سنڌ ۾ انهيءَ کانپوءِ “سنڌ سوراج سوسائٽي”، “سنڌ ليگ آف پروگريس”، “نيشنل ڪنويشن ڪلب” “سنڌ پوليٽڪل ڪلب” ۽ “سنڌ اسيمبلي ڪوئيليشن پارٽي” جهڙيون پارٽيون غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺهيون. جن ڪنهن حد ۽ ڪنهن وقت تائين سنڌ مان مذهبي ڪٽرپڻي، سياسي تنگدليءَ جون پاڙون پٽي رکيون.
انهي سياسي پارٽين، ڪلبن ۽ سوسائٽين کانسواءِ ، “سنڌ پراوشنل ڪانفرنس” کي به اسان غير فرقيوارانه سياست جي حصي ۾ شامل ڪري سگهون ٿا. هنن ڪانفرنسن جو آغاز 1896ع ۾ سڏايل “نائين بامبي پراوشنل ڪانفرنس”، منعقد ڪراچي کان ٻارنهن سال پوءِ يعني 1908ع کان ٿيو، هي ڪانفرنسون پنهنجي دور ۾ هندو مسلم اتحاد جو عملي مظهر هيون، انهن ڪانفرنسن ۾ هندو، مسلمان، سک ۽ پارسي وغيره شامل ٿيندا هئا .
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ “غير فرقيواريت” سنڌواسين جي زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي تي پنهنجو رنگ چاڙهي، سگهي. اهوئي سبب آهي جو انهيءَ دور جو سنڌي ادب اهڙي اثر کان وانجهيل آهي .
ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ ڪن هندو خواهه مسلمان اديبن ايڪي، الفت ۽ اتحاد جي ڳالهه ته ڪئي، پر تاريخ پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي هئي ۽ اهو آواز فقط شاعريءَ جي بياضن، رسالن ۽ اخبارن جي ورقن ۽ ڪتابن ۾ دٻجي ويو. گلي سدا رنگاڻيءَ جو ناول “اتحاد” ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب “اسان جي سنڌ” انهيءَ دور جي پيداوار آهن .